سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 2/ 1990ع

 

صفحو :19

ساري ساري رات ڀوڳ چرچا، کل مشڪريون، پيار پريت ۽ پوءِ صبح جو دير دير سان بستري مان نڪرڻ ۽ ان دير سان سجاڳ ٿيڻ تي پوڙهيءَ جو جهونگارڻ.

وجهه ڪيِر ڪُمر ۾، منهنجا مور لاڏا

وهندين ته ٺهندين، منهنجا مور لاڏا

وجهه ڪير ڪمر ۾، وجهه ڪير ڪمر ۾.....

”اڙي مڙهي، هن عمر ۾ وري ڪهڙو سوز جاڳيو ٿي!؟ ياد ته نه پيو ٿي مرحيات ماسڙ، هَههَ هَههَ هَههَ......“ هوءَ پوڙهيءَ جي جهونگارڻ تي بسترو ڇڏي آرس ڀڃي هلڪڙا هلڪڙا ٽهڪڙا ڏيندي ڪمري کان نڪرندي چوندي، تڏهن پوڙهي سڳڙن واري عينڪ اکين تي چاڙهيندي جلدائيءَ ۾ کيس سڏيندي.

”مئي ماري، ڇڏاءِ ته جند عينڪ جا سڳڙا ته ٻڌ. ڏينهون ڏينهون نطر کي به الائي ته ڇا ٿو ٿيندو وڃي“ پوڙهي پنهنجي پڇاڙيءَ جي نور جي شڪايت ڪندي ۽ هوءَ اڳتي وڌي پوڙهيءَ جي عينڪ جا سڳڙا سندس ڪياڙيءَ کان ٻڌندي. سڳڙا ٻڌڻ کان پوءِ پٺتي ٿيندي. هڪ ڪرسيءَ تي پاڻ ڇڏيندي. اوٻاسي ڏئي آرس ڀڃي ٻيهر به چوندي ”ماسي، اهو اڳوهڙي ڇا پئي چَيئهِ، وري ته ٻڌائجانءِ؟“

”اڙي هاڻي ته ڍاپي نٿي ڍاپين... چوانءِ ٿي رکي رکي کاءُ، رکي رکي کاءُ.“

”توکي ته وڏو سور آ، چوانس ڪري تنهنجا به هڏ پاڪ“ هوءَ پوڙهيءَ کي پسرائڻ خاطر چوندي.

”اڙي، مان ڏيانس باهه.“

” هَههَ هَههَ هَههَ.... هاڻي پئي سَڙ پچ، تون ڀي پنهنجي جواني گهاري آئي آن.“

”اڙي، اها به دعا ڪر منهنجي سِرَ کي جنهن سون جهڙي ڏنڊي ڏوٽي اڪن پٽ کي نوڙائي ڏنئه، منهنجو ته جيڪر هڪ ٿورو نه لاهين. آئون ڀائين، نه ته هن وهيءَ ۾ ڪير کنگهئي به نه ها.“

۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين ئي سندن طعنا تنڪا ڏيڻ جي سمي جي کڻي اوچتو اقبال اچي نڪرندو ته پوڙهي خوشامد جي انداز ۾ چوندي.

”اڙي پٽڙا.... تنهنجي به ڪا وڏي ڄمار آهي، اصلي هاڻي هاڻي پئي توکي سنڀاليوسي.“

”اڄ ڪيئن سائينءَ جن ساجهر ساجهر نڪتا آهن!؟“ راحت پنهنجون خماريل اکيون سندس اکين سان چار ڪندي مرڪندي سوال ڪندي.

”تنهنجي سڪ جو ستايو، چئُه ڪو آرام ايندو.“ هو پاڻ مرڪ سان مرڪ ملائيندي جواب ڏيندو.

”ٻچڙا چڱو چڱو، پر ٽانگو ڪنهن جي حوالي ڪري آئين؟“

”ماسي، هو ٻڌين نٿي هڻِڪار، گهر ٻاهران بيهاري آيو آهيان. لڳي وئي هئي پاڙي جي سواري“ چوندي چوندي گهوڙي جي هڻڪارن ڏانهن اشارو ڪندو، ۽ پوڙهي کيس ڪجهه ياد ڏياريندي چوندي ”ٺهيو ٺهيو پر پٽڙا، هو منهنجو ڪمڙو ڪيو آئين؟“

”ماسي، ناس“ ڪجهه ياد ڪندي کيسي ۾ هٿ هڻندي ”اڄ تنهنجي لاءِ اهڙي ته فسڪلاس ناس آندي اٿم جو اصلي دنيان خاب“ هو کيسي مان ناس جي پلاسٽڪ واري ٿيلهي ڪڍندي چَپٽي وڄائيندي چوندو.

”اڙي پٽڙا شل اَلهه اها جواڻي بشڪي ڏيندءِ“ چوندي چوندي هوءَ خوش خوش ٿي ٿيلهيءَ کي کوليندي ”سچ به ابا ناس ڪا آلستي ٿي ڏيکارجي، اصلي نئون نمونو.“ پوڙهي ناس کي چتائي هلڪي چپٽي ڀريندي ”ماريا اسان پاڙي وارا دکاندار ته الائي ڇا ٿا هَٽ تي رکن. اصلي اوَئين به گهوري.“

”ماسي مان ٿو چوان، امام سئون اهڙي ناس عمر ۾ نه ڏني هوندءِ. اها ناس ته رڳو اسان وارو مرشد سڳورو ئي ڏيندو آ، ڏسينس ٿي خوشبوءِ.“

”سچ به ابا خشبوءِ ڏاڍي ٿس.“

”ماسي، تون به ڇا ياد ڪندينءَ، هُجني ٿورا، روزانو نيون نيون ناسان، نوان نوان نمونا، نوان نوان قسم“ راحت مرڪندي پوڙهيءَ کي پنهنجا احسان جتائيندي چوندي ۽ پوڙهي چپٽي ناس جي نڪ کي ڏيندي چوندي.

”او هاءِ هاءِ.... اصلي مڳز ئي کلي پيو“ ناس ڏيڻ سان پوڙهيءَ کي نڇ ايندي، جنهن تي اقبال ٽهڪن کي روڪيندي کيس گهڻي ناس واپرائڻ کان منع ڪندو.

”ماسي گهڻي نه ڏجانءِ، گهڻي نه... ناس آ آگري، متان....“

۽ پوءِ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ناس پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڏيندي. پوءِ هڪ، ٻه، ٽي، تنهن بعد نڇن اچڻ جوهڪ ڊگهو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويندو.

”اوڇون.... اوڇون.... اوڇون.... ابو مڳز ئي، اوڇون... اوڇون.... اوڇون.....“.

پوڙهيءَ تي ڇڪن جا دؤرا پوڻ لڳندا، تڏهن ٻئي زال مڙس کلي کلي کيرا ٿي پوندا ۽ ان ٽهڪن جي گونجار ۾ ئي هڪ ٻئي کي ٻکجي ويندا.

۽ هنن جا اهي ٽهڪ ئي سندن زندگيءَ جو بي بها سرمايو هئا. هنن جا اهي اڪير مان هڪ ٻئي کي وڌل ٻَکَ ئي ته سندن زندگيءَ جو نه کٽندڙ خزانو هئا، جن جي سهاري هو زندگيءَ جا ڪسارا ۽ ڪڙا پل به سرور ۽ سڪون ۾ گذاريندا رهيا. ۽ انهن ٽهڪن ڏيندي ئي ڪڏي ڪڏي پوڙهيءَ کي پنهنجي جوانيءَ وارا ٽهڪ ياد اچي ويندا، تڏهن ريس ۽ هيِس جي آگ ۾ جلندي پنهنجو پاڻ تي کِلون ۽ ٺٺوليون محسوس ڪندي چڙي پوندي هئي.

”ڏاڍا ته هاڻي ٽهڪڙا ٿا ڏيو. اٿوَ رڳو ٽهڪ ڏيڻا، ڪن ٻيو به ڪجهه سُجهئي ٿو. اهي خالي ٽهڪ به.“

”ماسي، سچ پڇين ته هي اسان جا ٽهڪ خالي نه پر زندگيءَ جو سمورو سرمايو آهن ۽ اهڙو سرمايو جنهن کي سوين جيپون موٽرون ۽ ريل گاڏيون به نٿيون ڍوئي سگهن.“

پوءِ جڏهن ويٺي ويٺي ٽهڪن جي گونجار ۾ ئي راحت، آڏو ٽيبل تي پيل ننڍڙو آئينو کڻي پنهنجو منهن ڏسڻ لڳندي، تڏهن پوڙهي وڌيڪ ڇوهه ڇنڊڻ لڳندي.

”اڙي هاڻي ٺهيو ٺهيو، تنهنجو ته ٻوٿ ٺهي نٿو. توبهه، مائي توبهه. جڏي ڏس تڏي آئيني آڏو. اهو ڪنو پونڊر آئون سُرخي منهن تي مَلي مَلي ڇا ته پنهنجي شبي بنائي ٿي. هاڻي اچي اڇي مٿي ۾ کفت کنيو ٿس. ڇورا اهي سبق تنهنجا ته ڏنل نٿس، سچي ڇو نه ٿو ٻڌائين؟“

”صدقو ڪيانءِ ڏائڻ، درديلي ساڙسڙي، توکي ڇو ٿو سور ٿئي. اڳي ڏهاڙي ڏهاڙي هڻندي هيس تڏي نه، هاڻي جڏي ڇٺيءَ ڇهه ماهيءَ هنيم ته توکي ڇو ٿو ساڙ ٿئي. هجي ڪو ڀاڙي جيڪو تو کولي ڏي اک کڻي ڏسي. پوءِ ڏس ته ان ڳوهه جهڙيءَ کل کي کاٻر هڻي هڻي ڪيئن نٿي چمڪائين، چلڪائين.“

”اڙي ڇاتي ٿي ٻه ٻه هٿ اڏامي. مان نه جڏي وهيءَ ۾ هئس ته تو پارن کي ساڻ به نه کڻندي هيس. ڀلي سردار سنؤن، تون لوڪ پڇائي ڏس، خانوءَ واري کوهه تان، جڏهن نه پاڻيءَ جي گهاگر ڪڇ ۾ ڪري ٽي دلا مٿي تي رکي، ٺونٺ تائين عاج جي ٻانهين واري ٻانهن هڻندي هلندي هيس، تڏهن خداءِ ۾ پَتِ ڪرين ته ڀَلُ ڀليرن جي واڇ گودو هڻي ويندي هئي. سندن پيرن ۾ پنجوڙ پئجي ويندا هئا.“

”جنهن جي ڄم جو واقف تنهن جا ڏند ڇا ڏسجن، مانکي خبر آهي ڇا تنهنجي جوانيءَ جي. جوانيءَ ۾ وري ڪهڙا پَرَ لڳل هُيئي. وهيءَ ۾ به اهائي دانگيءَ جو تَرو هُئينءَ. وهيءَ ۾ وري ڪهڙو....“

”اڙي هاڻي ٺهيو، ماسيءَ مان پئي وِڏان ڪڍين. قرآن سنئون ماسي اڃا وڳ مينهن جو لهي.“

اقبال وچ ۾ ڳالهائيندي کلندي کلندي پوڙهيءَ جو پاسو کڻندي چوندو.

”ائين ٻچڙا، تون ڪو بَدَ رُ ڀَرِ، باقي هيءَ رنڙي ته اصلي دشمن ٿي بيٺي آهي.“

”مان ته ڪو اهڙو ٽانڊو ڏنو اٿمانءِ جو جڏي تڏي پئي ڪوسا پاڻي هارين.“ راحت سچ پچ چڙي، روسامي جي انداز ۾ چوندي، جنهن تي پوڙهي ناس جي دٻلي تريءَ تي هڻندي دٻلي کولي چپٽي ڀريندي چوندي.

”اڙي هاڻي ٺهيو ٺهيو، ڇو ٿي پاڻ پڻائين. قرآن سنئون، مان آهيانءِ جو اصلي بازن کان به بڇڙي.“

”چڱو هاڻي ڇڏيو ان ٻڙڌڪ کي، ڇا چوندا پاڙي وارا.“ هو ٻنهي کي خاموش ڪرائيندي، راحت جي هنج ۾ پيل هٿ کڻندي چوندو.

”مِٺي ڇڏ ته وڃان، ٻاهر گهوڙو بيٺي بيٺي بليکَمُ ٿيندو هوندو.“

ائين ئي هڪ ڏينهن ويو ته وڃڻ کي ويو. نه ٻڌائڻ نه سُڌائڻ، بس يڪي ٽٻي. هن جي يڪي ٽٻيءَ ساڻس بي انتها محبت ڪندڙ راحت کي بي چين ڪري ڇڏيو. ان بي چينيءَ مان هوءَ ويچاري ڪافي وقت انتظار اوسيئڙي ۾ گهر جي آڳر ۾ اجايون ڦيريون پائيندي رهي هئي ۽ پوءِ به جڏهن هو نه آيو هو تڏهن بيزاريءَ ۽ خوف کان ٻاهرئين دروازي ڏانهن وک کڻندي:

”اڄ الائي ڇو اَويرَ ڪئي ٿئين؟- چوڻ به ٿس ته سج لٿي کان پوءِ ڪاڏهن نه ويندو ڪر. کڻي ڪو هزار روپيا ڏئي.“

پوڙهيءَ ڪرسيءَ تي آرام سان ليٽي ليٽي ناس جون چپٽيون ڏيندي اڳڙيءَ سان آڱرين کي اگهندي چيو هو:

”اڙي سڪيلڌي، تون ايڏي پساري ۾ پئي ڇو آهين. اصل دم ٿو نڪري ئي دم. ائين ڀائين، جيڪر هڪڙي جهٽڙي به توکان پري نه ٿئي. لڳي هوندس ڪا پري جي سواري يا ڪنهن رَهلي ۾ اچي ويو هوندو. مڙس ماڻهو آهي. ڪو ڇوڪري ٿورو ئي جو ڪو ڪنن مان والا لاهي ويندس.“

هن پوءِ ٻاهرين در کان جهاتي پائي واپس اچي پنهنجو پاڻ کي ڪرسيءَ تي سٽيو هو. پوءِ هٿن کي مهٽِ آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍندي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو هئائين:

”ڏس ته زمانو ڪهڙو نه ظَهيرُ لڳو پيو آهي. آهي ڪو ڪنهن جو سڄڻ؟ ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪپڙن تي به اِتبار نه رهيو آهي ۽ هي وري.... ڳالهه به پاڻ ٿي ڪيائين ته ڪيئن ڪي شاهينگ ڊرائيور کي ماري جيپ ڪاهي هليا ويا.“

”جائي به خدا ته خير ڪري پر جي... اسان مسڪينن جو روزڪار ان بگيءَ تي.“ پوڙهيءَ اوچتو ڪجهه ياد ڪندي چيو.

”ماسي ٻيو ته سُکُ آهي، اٿي رڳو بگيءَ جي هاتِ تاتِ ڪن ڪا ٻي به اٿئي.“

”هاءِ هاءِ.. هيءَ ڏس وري ٻوگهڙ پر مڙس تنهنجو آهي. سک توکي ٿو ڏي ڪن...... منهنجو ڇا، مان نه موڙيءَ جي مالڪياڻي.“

”چڱو چڱو، هاڻي اهو چِڀ جهڙو وات ته بند ڪر. سڄو وات ۽ نڪ ناس سان ٿڦيو پيو آهي. جيءُ جيرا تنهنجا جو بُڇان به نٿي اچئي.“

پوءِ جيئن جيئن شهر جو گوڙ شور جهڪو ٿيندو ويو هو، تيئن تيئن راحت جي بيزاريءَ ۽ آنڌ مانڌ ۾ واڌ ايندي رهي هئي. ڪيتري ويچارڻ ۽ اوسيئڙي کان تنگ اچي هوءَ پوءِ ڪرسيءَ تان اٿي وڏا وڏا قدم کڻندي اندران برقعو کڻي آئي هئي، تنهن بعد برقعو پهريندي ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڃا وک مس کنئي هئائين، جو پٺيان پوڙهيءَ هڪلايو هو.

”رن، هن آويڙي وکت تون وري نڀاڳي کي ڪاٿي وڃين ڳوليندينءَ.“ اڃا به وڌيڪ انديشو ظاهر ڪندي چيو هئائين: ”ڪٿي ڏنائين ته نه سچ بگيءَ سوڌي گهوڙي کي مُٺ. ڪيائين نه بَر منهن، ٿي نه وئي کِل مان ذِل؟“

”چڱو هاڻي وائي ته سڻائي ڪڍ.“ راحت پريان بيٺي ئي بيٺي چيو هو ۽ پوڙهي پير سوئڻ لڳي هئي.

”چئو؟ ڪو اٿس هنڌ ٺڪاڻو، پيران پير ان وسن جهڙي بگيءَ ڏي خير ڪجانءِ، اسان کي به ڪهڙيءَ ڪاريءَ کاڌو جو...“

”مڙهي اٿي ڪو پير مرشد، ڪن.... منهنجو ٿو لُڪ خامي، توکي وري ڪاڪڙي تي زور. ڏاڍو ته الڪو ٿي، گهر ڀاتي هن وکت تائين ڇو الائي نه آيو.“

”امڙ، منهنجي وات ۾ ته ڪي ڪنڊا آهن، مان ته ويچاري اصل وڻان ئي ڪا نه ٿي. هونئه به سچ چئو ڏور ٻَهه، اڄ سچ چوڻ جو ته زمانو ئي ناهي.“

”ماسي، وسيلي ڏي ڏس، ماکي اجايو تاراج نه ڪر. منهنجو اڳي ئي مڳز جاءِ ناهي.“ راحت ٻاهرئين دروازي طرف وڌندي چيو هو. پوڙهيءَ کيس ٽوڪيندي چيو هو:

”عقل جي اڪابر ته ڏس. ڪٿي پنهنجي عمر، ڪٿي وات مان کير وهندڙ ڪالهوڪو ٻار. ڪڇ ۾ تون آئون ٻڏڻ هاڻي پئي مان ٿيس. پر جي هاڻي... الاهه ته ڏي امان!، جي سچ به ڪاڏهن ڏنائين مُٺ پوءَ ته تنهنجا الائي ڪهڙا پِرڪار ٿيندا.“

”مڙهي ڏس پنهنجي دستگير ڏي، اجايو ڇوٿي هروڀرو مانکي پاڻيءَ کان ڪڍين. ڏيانءَ نه گهر کي تيلي.“ هوءَ چوندي چوندي ٻاهر نڪري وئي هئي ۽ پٺيان پوڙهيءَ عينڪ کي درست ڪندي ڪيترو ئي وقت عجب ۽ پريشانيءَ وچان ٻاهرين در ڏانهن نهاريندي ئي رهي هئي، تنهن بعد چيو هئائين:

”هئي ڙي مومل هئي، وڃي جک مار. کُهه گهر سندءِ، منهنجو اڌ جان ٽِهائي، نه جو جهل جهلينءَ ساڳوئي لوڙ لوڙين ٿي نه.“ پوءِ پنهنجي منهن راحت وارا ئي لفظ دهرائيندي:

”’پاڻيءَ مان، پاڻي مان.‘ پوءِ نه نڪر پاڻيءَ مان. ڪير ٿو ڪڍي پاڻيءَ مان پر هي سينڌ تي هٿ آ، جي ان گونگي پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻي هڻي ٻڏي نه مئينءَ ته ڏٺي نه کيڪارجانءِ.

هُرن مير ماريو ٿم.“ پوڙهيءَ سندس اوائلي لفظ دهرائيندي ٽوڪزني ڪندي چيو: ”وڃڻ واري جو دڳ هڪڙو ڳوليندڙ جا دڳ سوين. هن وڃي الائي ڪهڙا وڻ وسايا ۽ هيءَ نِنائين وري هاڻي ڳولڻ نڪتي اٿس.“

ان ڳولڻ ۽ جاچڻ واري حالت ۾ نه رڳو هڪ وڏو عرصو لڳي ويو هو، پر گهر جو به وايو منڊل بلڪل بدلجي ويو هو. جنهن گهر ۾ پيار پلبو هو، خوشيون ورهائبيون هيون، اتي ان گهر تي نراسائي ۽ اداسي پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيا هئا. پوڙهيءَ کي پنهنجي ٻن پيسن جي ٽانگي ۽ پيٽ قوت جي ڳڻتي ڳاريندي رهي هئي ۽ راحت جا پور پچايل پهه کن پل ۾ چڪناچور ٿي ويل انهيءَ صدمي، انهيءَ پيڙا ۾ راتيان ڏينهان روڄ راڙو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جڏهن ڪوئي ڪانگ ڪهي سندن اڱڻ آيو هو. ان وقت راحت ٿانـﺆ  ٿپا ملي رهي هئي، ۽ سندس چهري تي هڪ قسم جي پريشاني پسجي رهي هئي ۽ پوڙهي ناس چپٽي ڏيندي کيس تسلا ۽ دلداري ڏيڻ جي ڪوشش ۾ کيس ٻيهر پنهنجي ڌنڌي شروع ڪرڻ لاءِ به منٿ ڪري رهي هئي: ”ڌيءَ، جيڪو باب لکيل هوندو سو ضرور پَڙندو. روڄ راڙي، منهن سڄائڻ سان آخر ڇا حاصل؟ سياڻي ٿيءُ، ٻئي جي به ٻُڌ. ڀڳي پٺيان آخر ڪيترو ڀڄبو. چوندا آهن مرَ مردن لاءِ واٽا واهن لاءِ ڇا مَرجي. جي مڙسيءَ جي هڪ به انگ هجيس ها ته جيڪر ائين ڀاڙي ٿي نه ڀڄي ها ۽ هاڻي جي ڀڄي به ويو ته ڀڄڻ ڏينس. پر مان هي رئو ٿي پيرن تي رکانءِ. شروع ڪري ڏي پنهنجي ڌنڌي کي..... اڄ ڏسين ٿي! ” جيڪي ٻه ڏوڪڙ گهر ۾ ٽريل هئا، سي به مُئي کي هڻي ٽانگو خريد ڪري ڏنوسي ۽ هاڻي....“

پوڙهيءَ چوندي چوندي راحت جي چهري جا تاثرات ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ راحت پارو ٿو ڀت ديڳڙيءَ مان ڪڍي پري ڪانؤ آڏو اڇلائيندي چيو هو:

”ماسي، ايترو ڌوندي مٿو سور نٿو ڪرئي. پر توکي وڌو ڪنهن آ ان ڌونڪي ۾.“

”اڙي مانکي ته بس تنهنجي ڳڻتي آ، آهي ڪو ٻيو آنديءَ نينديءَ وارو.“

”تون ماٺڙي ڪيو پئي ناس ڏي، خداءِ ڪندو اها تنهنجي ناس ڪا نه کٽندي. باقي هاڻي مانکان اهڙو ڪُڌو ڪم ڪيو ڪو نه پڄندو ۽ نه ئي ٻيهر مانکي چئجانءِ ئي.“ هن کيس خاڪ لڳل هٿ ٻڌندي چيو هو، تڏهن پوڙهيءَ غصي جو اظهار ڪندي چيو هو:

”ته پود پئي پورائو ڪجانءِ.“ چرندي چوندي پوڙهي اٿڻ لڳي هئي.

”ها ها، مان پني پني پورائو ڪندس. آهي رڳو تنهنجو ڇَنڀُ ڀرڻو ٻيو وري.... اجايو ٻئي کي به بيزار ڪرڻو.“

ان وير ئي ٻاهران دروازي جو ڪڙو کڙڪيو هو، تڏهن ٻنهي ڪنائيندي ٻاهرين دروازي ڏانهن ڏٺو هو. تنهن بعد پوڙهي در تي نڪري آئي هئي. در ٻاهران ٽپاليءَ کي بيٺل ڏسي پوڙهيءَ چيو هو:

”ابا، ڪنهن ۾ ڪم آهي.“

”پوڙهي، هي اوهان جو ڊرافٽ آيو آهي.“ پوسٽ مين پوڙهيءَ جي هٿ ۾ هڪ چٽ ڪمرو لفافو ڏيندي چيو هو.

”پر پٽ! آهي ڪٿان جو؟“ پوڙهيءَ لفافي کي نهاريندي عجب ۽ ڳڻتيءَ وچان چيو هو.

”سعوديءَ مان، سعوديءَ مان“ ٽپالي چوندي چوندي اڳتي وڌي ويو هو.

”سعوديءَ مان!؟ هون ڪهڙو وري نئين مان اچي مائٽ پيدا ٿيو آهي.“ پوڙهي چنتا ڏيکاريندي پنهنجي منهن ڀڻڪندي واپس گهر آئي هئي. اندر اچي هن لفافو راحت ڏانهن وڌايو هو.

”ڀائين مديني مان آيو آهي، الائي وري ڪهڙا....“

”مانکي ڇا ٿي ڏين، ايڏهن پڙهائي وٺينس ڪنهن کان“ راحت ڀنل اکين کي رئي جي پلاند سان اُگهي، ٿانون جو کارو کڻندي چيو هو.

۽ پوءِ خط ٻڌندي جيڪا خوشي محسوس ڪئي هئائون، ان تي بي انتها خوشي ۽ مسرت جي جذبي وچان ٻئي هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڪري چنبڙي پيون هيون. ايستائين جو ان خوشيءَ جي گهڙيءَ کان پوءِ ۽ ڳچ ڳچ تائين راحت جي ڳلن تي ڳوڙها ٽِمندا رهيا هئا.

۽ ان مُسرت ڀريل ڳوڙهن ڳاڙڻ لاءِ به انسان کي ڇا ڇا نٿو سهڻو پوي. ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي. ڪهڙا ڪهڙا نٿا رند راهه پڇڻا پون. ڪيترا نٿا ڪانگ اُڏائڻا پون.

۽ ائين ئي هڪ شام، ٻين جي گهر ڪم ڪار ڪري، کين سُک رسائي، پنهنجو سُک ڦٽائي، جيئن ئي پنهنجا سست ۽ بي سُرتا قدم کڻندي پنهنجي ڳوري جسم کي گهليندي، مڇي مارڪيٽ واري سڃي اونداهي ٿيندڙ روڊ تي پهتي هئي، تيئن ئي کيس پريان هڪ پراڻو ٽانگو ڏٻرو گهوڙو پاڻ ڏانهن ايندي نظر آيو هو. هن پوءِ ٽانگو سڏيو هو.

ٽانگي ويجهي اچڻ تي هن جيئن تيئن ڪري پنهنجو پاڻ کي ٽانگي جي هودي ۾ هنيون هو، تنهن بعد مس مس پاڻ کي گَدن جي ٽيڪ تي پختو ڪندي سک جو ساهه کنيون هئائين. سڄي ڏينهن جي روڊ لتاڙڻ ۽ ماڻهو ڍوئڻ کان پوءِ ٿڪل گهوڙو سست رفتاريءَ سان پنهنجا ٿڪل ۽ بي ساها قدم کڻندو آخري سواري کڻي اڳتي رڙهيو هو.

ٽانگي کي، ويهن پنجويهن سالن کن جو هڪ بت ۾ پَترو ڀورڙو نوجوان هلائي رهيو هو. هو چرس ڀريل سگريٽ مان سوٽا هڻندي وڏو لطف وٺي رهيو هو ۽ ڪڏي ڪڏي گهوڙي کي ٿڦڪي ڏيندي هڪلائي به رهيو هو. راحت، کن لاءِ پنهنجي دک کي ڀلائي پاسيرو ٿي، گدي کي ٽيڪ ڏيندي هڪ پراڻي بنگلي جي سڃي اونداهيءَ واري ماحول تي نظر وجهندي مرڪي چيو هو:

”تهان ٽانگي وارا به وڏا ڪم ٿا اُٿلايو.“

”ٽانگو هلائڻ، هنِن ملائڪن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ به ته سٿرو ڪم ناهي“ هن پوءِ گهوڙي کي ٿڦڪي ڏيندي بغير ڪنهن رڪاوٽ يا بناوٽ جي نشي ۾ ڌُتِ ڳالهايو هو.

”روز گهڻو ڪمائيندو آهين!؟ ”هن تجسس ڀريل نگاهن سان کيس چتائيندي چيو هو.

”چار ساوا نوٽ، عيد براد، ميلي ملاکڙي تي اڃان به سَبيل ۽ ڪڏي ڪڏي ته اهڙي گهمري جو گهوڙي جو داڻو به ڪنڌ ۾ “ هن سندس ٿڪل چهري ۾ اکيون کپائيندي چرس ڀريل سگريٽ مان سوٽو هڻي ڏانهس دونهون اڇلائيندي مرڪي چيو هو.

”ايڏا پيسا ڪيئن کپائيندو آهين!؟“ هن عجب مان سوال ڪيو هو.

”ڏَهڙي گهوڙي جي، پنڌرهن مالڪاڻا ۽ باقي پنهنجي کيسي ۾.“ هن ڪجهه خاموشيءَ کان پوءِ ڳالهايو هو.

”پرڻيل آهين؟“

”نه“ گهوڙي کي ڳٽڪر ڏيندي، کيس تيز ڪندي چيو هئائين.

”پٺيان ڪير ٿي!“

”هڪ پوڙهي هئي سا به پروڪين سردين ۾ وڃي پنهنجي ڏيهه پهتي. هاڻ آءٌ ۽ ڪانءُ.“

”پيسا پوريندو ٿو وڃين ڇا!؟ ايترن پيسن هوندي ههڙا حال جهڙو ڪَٽيءَ جي دڪان مان نڪري آيو هجين“ هن پوئتي ور وڪڙ هڻندڙ چلڪڻي روڊ تي نظر ڊوڙائيندي چيو هو، ۽ پوءِ ٽانگي واري خرچ جو وچور پيش ڪندي چيو هو.

”ميڙڻ تي پئجي ها ته هن وکت جيڪر غنياءُ هجان ها. مان ته بس هڪ گولي، پيٽ، فلم جي ٽڪيٽ.“

اوچتو ٽانگو، روڊ جي اڊڙيل پلستر سبب ذري گهٽ ڪلٽي کائيندي کائيندي بچي ويو هو، جنهن تي راحت پاڻ کي سوگهي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ۽ پوءِ ٻيهر ٺيڪ ٿيندي چيو هو.

”چڱيان، منهنجو ته ساهه ئي ڪڍي ڇڏيو هُيئهِ“

”ڀلا گهوڙا آهن ملائڪ خداءِ جا، انهن جا اهي ته لوڏا آهن.“

”آهين ڪٿان جو؟“ راحت پڇيس.

اهو ئي ڪرما باغ واري محلي جو ۽ هاڻي ته عظيم شاهه تي.“

”شادي ڇو نه ٿو ڪرين؟ ايڏي عرصي کان بگي ٿو هلائين، ڪجهه ته ميڙيو هوندءِ؟“

هن الائي ڇو اهو سڀڪجهه پڇڻ چاهيو هو. تڏهن اقبال صاف صاف لفظن ۾ جواب ڏنو هو:

”نه، ڪا ٽيڊي پائي به حرام.“

”پوءِ، جي ڪو سڱ ڏيئي به ته ڪيئن ڪندين؟“

”جڏي نه ڄائي، تڏي ڏٺو ويندو.“ هن مرڪندي چيو هو ۽ پوءِ ڪجهه خاموشيءَ کان پوءِ راحت دور ڏسندي چيو هو.

”مائٽ ٻائٽ ته هوندءِ؟“

”نائين لڇ لک پاراتو، ڪل ئي ڪا نه ته ڪير مئو ڪير بچيو.“ هن وڊبائين جو سگريٽ دکائيندي چيو هو ۽ راحت جو چهرو ڪنهن آڄاتي خوشيءَ کان ٻهڪي پيو هو. هن کي پهريون ڀيرو ئي اندر ۾ اٿيل هلچل جي ڄاڻ پئجي وئي هئي. پهريان ته هوءَ خود به سمجهي نه سگهي هئي. انهن سوالن جوابن ۽ هڪ اوپري ٽانگي واري سان بي حجاب ٿيڻ جو سبب هن آخر ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه پيش ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪندي چئي ڏنو هو.

”پوءِ ڌَڻِڪو ڇو نه ٿو ٿئين. نِڌڻڪو ته ڪتو به چڱو ناهي.“ تنهن بعد پاڻ ئي پنهنجي چُڪ تي پڇتائيندي تيزيءَ ۾ ڦڙتي کاڌي هئائين. ”ڀلا، جي سڄي ڏينهن لاءِ ٽانگو گهرجي ته ڇا وٺندين؟“

”جيڪو ڏنئَه، سائڻ سان ڪهڙا ليکا. اسان به ساسي ساهه ٿا ماريون، پوءِ انصاف نه لهڻوسي. ڀلا جي نه ته ڏنئه ته سمجهندس ڄڻ گهوڙو جوٽيو ئي نه هُئم.“

”ائين ته ڪَسُ لڳي ويندءِ.“

”پوءِ لڳي ته لڳڻ ڏينس، پر جاني هلبو ڪٿي، اهو ته تو.....“

”صوفي رانجهن شاهه تي.“

”اتي ڇو؟....“

”اڙي نه چريا، اتي پنهنجو گهر اٿم. مان اتي ئي رهندي آهيان.“

”پوءِ ته هيڏهن اجايو وڪڙ ڪرڻو پيو.“

آخر ۾ ٽانگو اچي صوفي رانجهن شاهه جي پڙ تي پهتو هو.

هوءَ لڄي ٿي جيئن ئي ٽپ ڏئي ٽانگي مان لٿي هئي، تيئن ئي پائدان ۾ پاچو وچڙي ويو هوس ۽ ان تڪڙ ۾ ڪِرڻ کان ته بچي وئي هئي پر ڌڪ زبرو لڳو هوس، ۽ ٽانگو ٻيهر پنهنجي منزل طرف ڊوڙڻ لڳو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com