اهي معجزو ڏيکاري سگهن ٿا. اهي ٻين کان متاثر ٿيڻ
کانسواءِ، رڳو پنهنجي تجربي مان، سکڻ جي بدقسمت
لاڙي تي فتح حاصل ڪري سگهن ٿا. هڪ شخص کان ٻئي شخص
تائين، هن سرزمين تي مختصر وٿيءَ جي عيوض، فن ڪنهن
ٻئي جي طويل زندگيءَ جي تجربن جي هڙ، پنهنجي
سختين،رنگن ۽ تواناين سميت منتقل ڪري ڇڏيندو آهي.
هڏ ۽ ماهه ۾ انهن تجربن کي ٻيهر جيئرو ڪري ٿو ڇڏي،
جي ٻئي ڪنهن جا هوندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح انهن کي
ذاتي تجربن ۾ وجهي ٿو ڇڏي.
انهيءَ کان به اهم ۽ وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته
ملڪ بلڪه سمورا کنڊ ڪجهه مدت کانپوءِ هڪ ٻئي جي
غلطين کي ورجائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته صديون گذري
وڃڻ کانپوءِ، جڏهن ته ٿيڻ ته ائين گهرجي جو هر
شيءِ چٽي هجي، پر نه، ڪي قومون جن مرحلن مان گذري
چڪيون آهن ۽ جن خيالن کي سوچي رد ڪري چڪيون آهن،
اهي هڪدم ٻين قومن ۾ جديد ترين فڪر جي حيثيت حاصل
ڪري وٺنديون آهن. انهيءَ ۾ به انهن تجربن جو بدل،
جن مان اسان گذريا ناهيون، محض فن ۽ ادب هوندو
آهي. انهيءَ ۾ هڪ قوم کان ٻيءَ قوم تائين- زبان،
رسم ۽ سماجي جوڙجڪ جي فرق جي باوجود- عملي تجربي
جي ابلاغ جي، ورهين جي سختين جي انهيءَ قومي تجربي
جي ابلاغ جي بي پناهه صلاحيت هوندي آهي، جنهن سان
ٻي قوم جو بلڪل واسطو ئي نه پيو هجي. ڪڏهن ڪڏهن
اهو سموري قوم کي خطرناڪ يا غلط يا چٽيءَ طرح
تباهه ڪُن رستي کان بچائي سگهي ٿو ۽ ائين انساني
تاريخ جي ور وڪڙ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو.
اڄ نوبيل ليڪچر جي هن پليٽفارم تان، مان فن جي انهيءَ عظيم ۽
ڪارائتي خصوصيت جي اهميت ٻڌائن چاهيان ٿو:
ادب ناقابلِ ترديد انساني تجربن جي نچوڙ کي ٻئي بي بها طريقي
سان يعني هڪ پيڙهي کان ٻي پيڙهي تائين منتقل ڪري
ٿو. اهڙيءَ طرح اهو قوم جي زنده ياداشت بڻجي وڃي
ٿو، يعني جيڪي ڪجهه تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويندو آهي،
اهو ادب ۾ تر ۽ تازو رهي ٿو ۽ اهڙي شڪل ۾ برقرار
رهي ٿو، جنهن ۾ انهيءَ جي مسخ ٿيڻ يا انهيءَ ۾ ڪوڙ
کي شامل ڪرڻ جي ڪا گنجائش نٿي هجي. اهڙي طرح ادب
زبان سان گڏوگڏ، ڪنهن قوم جي روح کي برقرار رکندي
انهيءَ جي حفاظت ڪري ٿو.
هن زماني ۾ قومن جي اختلاف جي خاتمي ۽ جديد تمدن
جي ڳار – وٽيءَ ۾ مختلف قومن جي گم ٿي وڃڻ جي
گفتگو ڪرڻ جو رواج پئجي ويو آهي. مان انهيءَ جي
مخالفت ڪريان ٿو. پر اها هڪ الڳ ڳالهه آهي. هتي
جيڪا ڳالهه چوڻ جوڳي آهي، اها اِها آهي ته قومن
جون قومون پوري طرح گم ٿيڻ سان اسان هونئن ئي مفلس
ٿي وينداسين، جيئن جيڪڏهن سڀيئي ماڻهو هڪجهڙا
ڪردار ۽ هڪجهڙن چهرن سان هڪجهڙا ٿي وڃن. قومون
انسانيت جو سرمايو ٿينديون آهن ۽ انهن جون عمومي
شخصيتون، انهن مان سڀ کان گهٽ حيثيت کي به پنهنجو
مخصوص رنگ هوندو آهي ۽ پنهنجي ذات ۾ کيس صنعتِ
خداوندي جو هڪ خاص پهلو هوندو آهي.
پر افسوس انهيءَ قوم تي آهي، جنهن جو ادب طاقت جي
مداخلت سان منقطع ڪيو وڃي. اهو فقط پريس جي
آزاديءَ جو خاتمو ناهي، اهو قوم جي دل جي ڌڙڪن کي
روڪڻ آهي ۽ سندس يادن کي رهڙڻ جي برابر آهي. قوم
پنهنجي ياداشت وڃائي ڇڏي ٿي، روحاني اتحاد ختم ٿي
وڃي ٿو ۽ مشترڪه قومي زبان جي مفروضي جي باوجود،
قوم جا فرد هڪ ٻئي کي سمجهڻ کان قاصر ٿي وڃن ٿا.
گونگيون پيڙهيون پيدا ٿين ٿيون ۽ پنهنجي باري ۾
پنهنجي عهد کي يا پنهنجن وارثن کي ڪجهه ٻڌائڻ
کانسواءِ مري وينديون آهن.
اها ڳالهه ته اخمتوا ۽ زمياتن
(Akhmatova and Zamyatin)
جهڙا عظيم ليکڪ سموري زندگي چوديواري اندر دفن
رهيا ۽ قبر به ٺهي ته خاموش تخليق جي لاءِ. انهن
جيڪي ڪجهه لکيو، انهيءَ جو پڙاڏو به نه ٻڌو ويو.
اهو رڳو انهن جي ذاتي بدقسمتي نه بلڪه پوري قوم جو
دک - ناٽڪ آهي ۽ سڀني قوميتن جي لاءِ به هڪ حقيقي
خطرو.
انهيءَ مسئلي تي ڌار ڌار وقتن ۾ ڌار ڌار هنڌن تي
گرما گرم، ڪاوڙ ڀريل ۽ نرم بحث ٿيا آهن ته ڇا فن ۽
فنڪار جي پنهنجي زندگي هئڻ گهرجي يا کين سماجي
ذميدارين کي هميشه پيش نظر رکڻ گهرجي ۽ سماج جي
خدمت ڪرڻ گهرجي، پوءِ ڀل کڻي اها ذهني لاڙي
کانسواءِ ئي هجي. منهنجي لاءِ اهو ڪو مسئلو ناهي ۽
مان ٻيهر انهيءَ بحث ۾ نه پوندس. هن موضوع تي هڪ
تمام شاندار تحريڪ البرڪاميو جي نوبيل ليڪچر جي
هئي، تن جي نتيجن جي مان خوشيءَ سان پٺڀرائي ڪريان
ٿو. حقيقت ۾ روسي ادب هڪ عرصي کان اها ئي ڏس
اختيار ڪئي آهي. هن نه ته پنهنجي واکاڻ ۾ وڌيڪ وقت
کپايو آهي؛ ۽ نه اجاين ڳالهين ۾ ويو آهي ۽ مان
انهيءَ روايت کي جيترو ممڪن ٿي سگهيو، اڳڀرو ڪرڻ ۾
شرمندو ناهيان. روسي ادب ۾، گهڻو اڳي کان اهو تصور
لڪل رهيو آهي ته ليکڪ پنهنجي عوام لاءِ گهڻو ڪجهه
ڪري سگهي ٿو ۽ کيس ڪرڻ به گهرجي.
اسان فنڪار جو اهو حق نه کسينداسين ته هو هر شيءِ
کان نظر بچائي رڳو پنهنجي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جو
اظهار ڪري. اسان فنڪار کان ڪا گهُر نه ڪنداسين پر
اسان کي اها اجازت هوندي ته اسان کيس سست چئون،
کيس عرض ڪريون، کيس اپيل ڪريون ۽ کيس برو ڀلو
چئون. نيٺ هو پنهنجي صلاحيتن جو رڳو هڪ ئي حصو پاڻ
تشڪيل ڏئي ٿو. ان جو گهڻو حصو ته کيس ٺهيل ٺڪيل
پيدائش جي وقت ملي وڃي ٿو، جنهن سان گڏ کيس اختيار
جي ذميداري به ملي ٿي. جيڪڏهن اهو قبول به کڻي ڪجي
ته فنڪار تي ڪنهنجو ڪو قرض نٿو هجي، تڏهن به اهو
مشاهدو اذيت ناڪ آهي ته هو پنهنجي تخليق ڪيل دنيا
۾ سموئجي، يا پنهنجي تخليق ڪيل دنيا جي وسيع ۽
ويڪري علائقي ۾ داخل ٿي، اصل دنيا کي، خودغرض
مٿاڇرن ۽ جنوني انسانن جي هٿن ۾ سونپي ڇڏي.
اسان جي ويهين صدي گذريل صديءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ظالم
ثابت ٿي آهي. انهيءَ جي دهشتناڪي پهرئين اڌ سان
ختم نه ٿي آهي. قديم غارن جي رهواسين جا احساس،
لالچ، حسد، تشدد ۽ هڪٻئي کان نفرت، جن هوريان
هوريان باعزت لقب حاصل ڪري ورتا آهن؛ مثال طور
طبقاتي ڪشمڪش، نسلي ڪشمڪش، عوامي جدوجهد، مزدورن
جي جدوجهد وغيره، اسان جي دنيا جا ٽڪر اڏائي رهيا
آهن. غارن جي رهواسين جي ڪنهن سان ٺاهه کان انڪار
هاڻي هڪ نظرياتي اصول بڻجي ويو آهي، جنهن کي متعصب
ذهن جي خوبي سمجهيو وڃي ٿو. اهو سلسلوگهرو ويڙهين
۾ لکين جانين جي بَک گهُري ٿو. اهو اسان جي دلين ۾
اهو خيال ڀري ٿو ڇڏي ته نيڪي ۽ انصاف جا آفاقي
انساني تصور مقرر ناهن. اهي متحرڪ ۽ تبديليءَ
ڏانهن مائل آهن، ۽ بس اسان کي هميشه اهو ڪم ڪرڻ
گهرجي جو اسان جي جماعت لاءِ فائديمند هجي. هر
پيشه ور جماعت، جيئن ئي کيس آسانيءَ سان هڪ ٽڪر
ڪپي وٺڻ جو موقعو ملي ٿو، خواهه اهو حصو پاڻيهي
وڌي ويو هجي يا نه وڌيو هجي، فالتو هجي يا نه هجي،
هڪدم ڪپي وٺي ٿي، چاهي انهي عمل سان سمورو سماج
ڊهي ڇو نه پوي. ٻاهران ڏسو ته مغربي سماج ۾ اجايو
سجايو انبار ايترو وڌي ويو آهي جو انهيءَ کانپوءِ
سموري سماج ۾ بيماري ڪاهي پوندي ۽ اهو ختم ٿي
ويندو. تشدد، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ قديم قانوني ڍانچو
روڪي ٿو، سموري دنيا ۾ فتحمند قدم وڌائيندو پيو
وڃي. انهيءَ ڳالهه سان سندس ڪو واسطو ناهي ته
تاريخ ڪيترا ڀيرا انهيءَ بي اثريءَ کي پڌرو ڪري
چڪي آهي. اها ننگي قوت جي فتح نه بلڪه انهيءَ جي
حق ۾ جواز جي ڍنڍوري جي فتح آهي. سموري دنيا
انهيءَ شرمناڪ يقين ۾ مبتلا آهي ته قوت سڀڪجهه ڪري
سگهي ٿي، انصاف ڪجهه نٿو ڪري سگهي. دستو وسڪي جا
ڀوت، جيڪي گذريل صديءَ ۾ ڊيڄاريندڙ علاقائي خواب
هئا، ائين ٿو لڳي ته اڄ اسان جي اکين اڳيان سموري
دنيا ۾ سُري رهيا آهن، انهن ملڪن ۾ به جتي انهن جو
تصور به نٿي ٿي سگهيو. ۽ اهي هوائي جهاز اغوا ڪرڻ،
ماڻهن کي يرغمال ڪرڻ، بمن جي ڌماڪن ۽ اڄ ڪالهه جي
باهه لڳائڻ جي مظاهرن ذريعي انهيءَ ارادي جو اظهار
ڪري رهيا آهن ته اهي تمدن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيندا
۽ کيس برباد ڪري ڇڏيندا. ۽ اهو ٿي سگهي ٿو ته اهي
ڪامياب ٿي وڃن. نوجوان عمر جي انهيءَ حصي ۾ هوندا
آهن، جڏهن ته کين جنسي تجربي کانسواءِ ٻيو ڪو
تجربو نه هوندو آهي، جڏهن ته اڃا انهن جي پويان
ذاتي تڪليفن ۽ ذاتي عقل ۽ شعور جي ڪارمدت نه هوندي
آهي، ڏاڍي جوش ۽ خروش سان اڻويهين صديءَ جا اجايا
۽ فضول روسي سبق ورجائيندا رهندا آهن ۽ اهو
سمجهندا آهن ته ڪا نئين دريافت ڪري رهيا آهن. چين
جي سرخ محافظن جو مثال، جن ماڻهن کي ذليل ڪري بي
حقيقت بڻائي ڇڏيو، انهن لاءِ وڏو شان رکي ٿو.
انسانيت جي اصلي جوهر کي سمجهڻ لاءِ سطحيپڻو ۽
نااهلپڻو، دلين جي ساده لوح خود اعتمادي، اسان
انهن خوفناڪ، حريص ظالمن، انهن حاڪمن ۽ ان جي
ساٿارين کي ڪڍي ٻاهر ڪنداسين (اسان!) پوءِ اسان
پنهنجي دستي بم ۽ مشين گنن کي رکي ڇڏينداسين ۽
انصاف پسند ۽ رحم دل بڻجي وينداسين. ها، بيشڪ!
انهن ماڻهن ۾ جيڪي زندگي گذاري چڪا آهن ۽ فراست
حاصل ڪري چڪا آهن، اهڙو ڪير آهي جو نوجوانن کي
ڪوڙو ڪري سگهي. گهڻا ماڻهو ته انهن جي خلاف
استدلال جي جرئت نٿا ڪري سگهن. انهيءَ جي خلاف اهي
انهن جي خوشامد ڪندا آهن ته کين ڪٿي قدامت پسند نه
سمجهيو وڃي. پوءِ اها ئي اڻويهين صدي جي روسي
صورتحال، جنهن کي دوستو وسڪي نيم پخته ترقي پسند
خيالن جو نالو ڏنو هو.
ميونخ جو روح ڪنهن طرح به ماضيءَ جو حصو بڻيو
ناهي. اهو ڪو مختصر واقعو نه هو. مان ته ايتري قدر
چوندس ته ميونخ جو روح ويهين صديءَ تي ڇانيل آهي.
ڊپ ۾ ڀريل مهذب دنيا وٽ ڪر کنيل زهريلن نيشن واري
بربريت کان بچڻ لاءِ رڳو مرعات ۽ مرڪن کانسواءِ
ٻيو ڪجهه به ناهي. ميونخ جو روح خوشحال ماڻهن جي
بيماري آهي. اها انهن ماڻهن جي روزمرهه جي ڪيفيت
آهي، جن پاڻ کي بهرحال خوشحال هئڻ جي خواهش جي
سپرد ڪري ڇڏيو آهي ۽ مادي خوشحالي کي انهن زمين جي
زندگي جو خاص مقصد بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙا ماڻهو ۽
اهڙا ماڻهو اڄ دنيا ۾ گهڻا آهن، جي شڪست ۽ فرار جي
چونڊ ڪري وٺن ٿا. ڪنهن اهڙي شيءِ جي چونڊ، جا
زندگيءَ کي، جنهنجا اهي عادي ٿي چڪا آهن، هلائيندي
وڃي. ڪا اهڙي شيءِ جنهن سان کين سخت ڪوشيءِ ڏانهن
وڃڻو نه پوي، ائين جو سڀاڻي هر شيءِ ٺيڪ ٿي ويندي
(پر ائين ڪڏهن نه ٿيندو. بزدليءَ جو محاسبو وڌيڪ
سخت ٿيندو. همت ۽ فتح حاصل ڪرڻ جي قوت اسان ۾ ان
وقت ايندي جڏهن اسان ۾ قرباني ڏيڻ جي جرئت هوندي.)
اسان کي هڪ ٻي تباهي جو خطرو آهي ۽ اهو هيءَ آهي
ته جسماني طور تي نپوڙيل ۽ ڏاڍ جي ڏهڪايل هن دنيا
کي روحاني طور تي به متحد ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي. علم ۽
همدرديءَ جي ذرڙن کي دنيا جي هڪ اڌ کان ٻئي اڌ
تائين وڃڻ نٿو ڏنو وڃي.اها وڏي خطرناڪ ڳالهه آهي
ته، گرهه جي مختلف حصن ۾ اطلاع نٿا پهچايا وڃن.
جديد سائنس کي اها خبر آهي ته انهيءَ قسم جي رنڊڪ
ڪل پُرزن جي لاءِ طاقت جي رنڊڪ آهي ۽ اها سموري
دنيا جي تباهي جي برابر آهي. اطلاعن جي رنڊڪ، بين
الاقوامي صحيحن ۽ صلحنامن کي بي حقيقت ڪري ٿي ڇڏي.
بي حسي خاموشيءَ جي منطقي ۾ ڪنهن ٺاهه جي پنهنجي
مرضي مطابق نئين توضيح ٿي سگهي ٿي يا وڌيڪ سادن
لفظن ۾ ائين چئجي ته انهيءَ جي اهڙي پردي پوشي ٿي
سگهي ٿي ڄڻ انهيءَ جو ڪو وجود ئي نه هجي. (ارويل
Orwell
اها ڳالهه ڏاڍي خوبصورتيءَ سان سمجهيو هو.) بي حسي
خاموشيءَ جي منطقيءَ ۾ انسان، ڄڻ اهي زمين جا واسي
نه هجن، مريخ جي جنگي قوت بڻجي وڃن ٿا، ڄڻ کين
باقي دنيا جي باري ۾ ڪا خبر ئي نه هجي ۽ هر وقت
انهيءَ اعتقاد سان ته اهي آزادي بخشي رهيا آهن،
دنيا کي پائمال ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا هجن.
صديءَ جو چوٿون حصو اڳ انسانيت جي اعليٰ اميدن سان
اقوام متحده جو وجود عمل ۾ آيو، پر افسوس جو
بداخلاق دنيا ۾ بداخلاق دنيا ٿي وئي. اها اقوام
متحده نه بلڪه متحده حڪومتون آهن، جن ۾ اهي جيڪي
آزادانه چونڊيا ويا آهن، ۽ اهي جيڪي زبردستي حاوي
ٿي ويا ۽ اهي جن فوجي قوت جي مدد سان طاقت کسي
ورتي، سڀيئي هڪجهڙا ڳڻيا وڃن ٿا. اڪثريت جي موقعي
پرست تعصب جي ذريعي اقوام متحده ڪن قومن جي
آزاديءَ لاءِ ته شديد فڪرمندي ظاهر ڪندي آهي، جڏهن
ته آزادي جي بلڪل پرواهه نٿي ڪري.بيجا مداخلت جي
ووٽ وسيلي هن فردن جي شڪايت تي غور ڪرڻ کان انڪار
ڪري ڇڏيو. فردن جا سڏڪا، رڙيون ۽ ڪيهون عام ۽ سڌن
سادن ماڻهن جون، معمولي جيتامڙن جون، اقوام متحده
جو ڌيان ڇڪائي نه سگهيون. اقوام متحده جي رڪنيت جي
شرط جي طور تي ’انساني حقن جي اعلان‘ کي، جو
انهيءَ جو پنجويهن ورهين جو سڀ کان اعليٰ مسودو
آهي، حڪومتن سان لاڳو نه ڪيو. هونئن اقوام متحده
عام انسانن کي انهن حڪومتن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي
ڏنو، جن کي انهن پاڻ نه چونڊيو.
ڪو اهو به سوچي سگهي ٿو ته جديد دنيا جي تشڪل
سائنسدانن جي هٿ ۾ آهي، جواهي انسانيت جي ٽيڪنيڪي
قدم جو تعين ڪن ٿا. اهو به سوچي سگهجي ٿو ته دنيا
تي جيڪي ڪجهه وهندو واپرندو، انهيءَ جو انحصار
سياستدانن تي نه بلڪه خصوصيت سان سائنسدانن جي بين
الاقوامي اشتراڪ تي آهي. خاص طور تي هينئن ته فردن
جو مثال اهو ظاهر ڪري ٿو ته گڏجي ڪيترو ڪم ڪري
سگهجي ٿو. پر نه! سائنسدانن اهڙي ڪا واضح ڪوشش ئي
نه ڪئي آهي جو اهي انسانيت جي هڪ اهم ۽ آزادانه
باعمل قوت بڻجي وڃن. ڪڏهن ڪڏهن انهن جو سموري جو
سمورو ميڙ ٻين جي مصيبتن کان پاسيرو ٿي ويندو آهي.
سائنس جي حدن ۾ قائم رهڻ وڌيڪ آرام ده آهي. ميونخ
جي روح ڪيتري قدر انهيءَ تي به پنهنجي ڪمزوري ڪندڙ
پَرن جي ڇانوَ ڪري رکي آهي.
هن ظالم، متحرڪ ۽ ڌماڪي سان ڦاٽڻ واري دنيا ۾، جا
ڏهن تباهين جي ڪناري تي آهي، ليکڪ جو مقام ۽ سندس
ڪردار ڇا آهي؟ اسان راڪيٽ نٿا اڇليون،معمولي ريڙهو
نٿا ڌِڪيون ۽ فقط مادي قوتن جي تعظيم ڪندڙ اسان تي
چڙن ٿا. ڇا اسان لاءِ اها فطري ڳالهه ناهي ته اسان
به پوئتي هٽون، نيڪيءَ جي استحڪام تي ۽ سچائي جي
منقسم نه ٿي سگهڻ تي اسان جو ايمان قائم نه رهي ۽
رڳو هڪ تماشائي وانگر پنهنجا اهي تلخ مشاهدا دنيا
تائين پهچائيندا رهون ته انسانيت ڪيتري قدر زوال
پذير ٿي ويئي آهي؛ انسان ڪيترو ڪِري پيو آهي ۽
اڪيلي، حساس ۽ خوبصورت روح لاءِ فضا ڪيتري
ناخوشگوار آهي؟
اسان جي لاءِ اهو رستو به کليل ناهي. هڪ ڀيرو جنهن
’لفظ‘ کنيو، کانئس بچي نڪرڻ جي ڪا صورت ناهي. ليکڪ
پنهنجي سهيوڳين ۽ هم وطنن جي لاءِ ڪناري تي بيٺل
منصف نٿو هجي. هو به انهن بدڪارين جو، جي سندس ملڪ
۾ ڪيون وينديون آهن يا سندس هموطن ڪندا آهن، ڏوهي
هوندو آهي. جيڪڏهن سندس ملڪ جا ٽئنڪ ڪنهن ٻئي ملڪ
جي گاديءَ جي هنڌ تي رستن تي رت جون ڦينگون اڏارين
ٿا ته اديب جي چهري تي هميشه ڀورا داغ پئجي ويندا.
جيڪڏهن اوچتو رات ۾ سندس ڪو وفادار دوست هنڌ ۾ موت
جي حملي جو شڪار ٿي وڃي ٿو ته رسيءَ جا نشان ليکڪ
جي هٿن تي هوندا هئا. جيڪڏهن اسان جا نوجوان هم
وطن تن آساني خاطر اهو اعلان ڪن ته بدڪاري محتاط
محنت کان افضل آهي، يا پاڻ کي نشي جي حوالي ڪري
ڇڏين، يا ماڻهن کي يرغمال ڪرڻ لڳن ته انهن اعمالن
جي بدبوءِ ليکڪ جي ساهن ۾ رچي ويندي آهي.
ڇا اسان نڪ - ڏڍائي سان اهو اعلان ڪري سگهون ٿا
ته اسان اڄ دنيا جي پونءِ وهندڙ ڦٽ جا ذميدار
ناهيون؟
مون کي بهرحال عالمي ادب جو شديد احساس تقويت
پهچائي ٿو، ڄڻ اها هڪ وڏي دل هجي، جا اسان جي دنيا
جي پريشانين ۽ مصيبتن تي ڌڙڪي رهي هجي، جيتوڻيڪ
جنهن جو هر حصو انهن جو مشاهدو ۽ تجربو مختلف طور
تي ڪندو هجي.
ماضيءَ ۾ به ڊگهي عرصي جي قومي ادب سان گڏوگڏ
عالمي ادب جو به هڪ تصور ضرور موجود هو، جو قومي
ادب جي چوٽين جي وچ ۾ هڪ تعلق تي مرتسم ڪيل ادبي
اثرن جو مجموعو هو. البت زمانن جو تفاوت موجود هو.
پڙهندڙ ۽ ليکڪ ٻاهرين ليکڪن کان گهڻي وقت کانپوءِ
واقف ٿيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته صدين کان پوءِ -
جنهن جو نتيجو اهو هو ته هڪٻئي کان متاثر ٿيڻ ۾
دير لڳي ٿي ۽ قومي ادب جي اوچاين جا مجموعا همعصرن
جي بدران ايندڙ نسلن کي ڏسڻ ۾ آيو ٿي.
اڄ هڪ ملڪ جا ليکڪ ۽ ٻئي ملڪ جا پڙهندڙ ۽ ليکڪ هڪ
ٻئي کان تاثر وٺن ٿا، جنهن جو مان پاڻ شاهد آهيان.
منهنجا ڪتاب،افسوس جو منهنجي پنهنجي ملڪ ۾ شايع ٿي
نه سگهيا؛ جُلد ٻڌل ۽ ڪي خراب ترجمن جي صورت ۾،
سموري دنيا جي سڄاڻ پڙهندڙن تائين پهتا- جن جو
تنقيدي تجزيو هائنرخ بال
(Hienrich Boll)
جهڙن وڏن ليکڪن ڪيو. انهن موجوده ورهين ۾، جن ۾
منهنجو ڪم ۽ منهنجي آزادي ٻئي ختم ٿي نه سگهيا، جو
ظاهري طرح ڪشش ثقل جي قاعدي جي خلاف لطيف هوا ۾
بيٺل رهيا، ڄڻ انهن جو ڪو بنياد نهه جي، ۽ رڳو
همدرد ماڻهن جو ڏسڻ ۾ نه ايندڙ خاموش ۽ مٿاڇري تي
پيدا ٿيندڙ تاڻ، انهن جو بنياد هجي. اهڙيءَ حالت ۾
هڪ گرم جوش شڪرگذاريءَ جي عالم ۾ مون وڏي تعجب سان
عالمي برادري جي پٺڀرائي پنهنجي حق ۾ ڏٺي. مون کي
ڏاڍي حيرت ٿي جڏهن مون پنهنجي پنجاهين جنم ڏينهن
تي مشهور يورپي ليکڪن کان واڌايون وصول ڪيون.
هاڻي مون تي پوندڙ ڪو دٻاءُ به اهڙو نه هو، جنهن
کي نظرانداز ڪيو وڃي. انهن خطرناڪ ڏينهن ۾، جڏهن
مون کي ليکڪن جي يونين مان ڪڍيو پئي ويو، دنيا جي
اهم ليکڪن ۽ فنڪارن، ملڪ کان منهنجي جلاوطني جي
صورت ۾، مهماننوازي طور منهنجي لاءِ پناهه گاهه جو
بندوبست ڪيو. سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اهو ته نوبيل
انعام جي لاءِ منهنجي نامزدگي انهيءَ سرزمين تان
نه ٿي، جتان جو مان رهواسي آهيان، ۽ جتي مان لکان
ٿو، بلڪه اهو ڪم فرينڪوا مارياڪ
(Francois Mauriac) ۽ سندس ساٿين ڪيو. انهيءَ کانپوءِ ليکڪن جي قومي تنظيمن اتفاق
راءِ سان منهنجي پٺڀرائي ڪئي.
جيئن مون سمجهيو آهي ۽ پاڻ تجربو ڪيو اٿم ته عالمي
ادب هاڻي ادبي نقادن جو ايجاد ڪيل رڳو هڪ تجريدي ۽
عمومي تصور جو مجموعو ناهي، بلڪه هڪ مشترڪه جسم،
هڪ روح، هڪ زندهه ۽ دلي هيڪڙائي آهي جا انسانيت جي
وڌندڙ ڦهلجندڙ روحاني هيڪڙائي جو عڪاس آهي. رياستن
جون سرحدون اڃا به بجليءَ جي تارن جي حدبندين ۽
اُلن سان ٻرندڙ اَڱر تي وڃن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن گهرو
معاملن جون وزارتون اڃا به اهو فرض پورو ڪن ٿيون
ته ادب، انهن ملڪن جو، جي سندن اختيار ۾ آهي، ’هڪ
اندروني معاملو‘ آهي ۽ اخبارن جون سرخيون اڃا به
اهو پيغام ڏين ٿيون: ’انهن کي اسان جي اندروني
معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي‘. انهيءَ وچ
۾ ’اندروني معاملن‘ جي قسم جي ڪا شيءِ اسان جي
آباديءَ سان ڳتيل دنيا ۾ بچي ناهي. انسانيت جو
ڇوٽڪارو هاڻي انهيءَ ۾ آهي ته هر شخص هر شيءِ کي
پنهنجو مسئلو ٺاهي. اوڀر وارا جيڪي چاهين سو ڪن،
پر اولهه جي فڪر کان بي نياز نه رهن؛ اولهه وارا
جيڪي چاهين پر اوڀر ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، انهيءَ
کان بي پرواهه نه هجن. ادب، جيڪو انساني وجود جو
سڀ کان وڌيڪ حساس ۽ متاثر ٿيندڙ اوزار آهي، انهيءَ
سڀ کان اڳ انسانيت جي وحدت جي تصور کي کنيو،
پنهنجو ڪيو ۽ هضم ڪيو. انهيءَ ڪري مان نهايت ڀروسي
سان اڄ جي عالمي ادب ڏانهن ڏسان ٿو ۽ انهن سوين
دوستن ڏانهن ڏسان ٿو جن سان منهنجي ملاقات نه ٿي
آهي ۽ نه ٿي سگهندي.
منهنجا دوستو! جيڪڏهن اسان ڪنهن لائق آهيون ته اچو
ته هڪٻئي جي مدد ڪريون. اسان جي ملڪن ۾، جيڪي
جماعتن، تحريڪن، قومن ۽ گروهن جي اختلافن ۾ ورهايل
آهن، ڪير آهي جو هڪ ڊگهي عرصي کان اختلافي قوت جي
بدران اتحادي قوت جي حيثيت رکي ٿو؟ اها ئي ليکڪن
جي اصل حقيقت آهي. اهي قومي زبان جا ترجمان ٿيندا
آهن. قوم جي لاءِ، بلڪه انهيءَ سرزمين جي لاءِ،
جنهن تي ماڻهو رهن ٿا، سڀ کان اهم ٻنڌن ٿيندا آهن،
۽ بهتر حالتن ۾ قوم جو روح پڻ.
منهنجو خيال آهي ته هن خوفناڪ دور ۾ عالمي ادب ۾
اها قوت آهي جا انسانيت کي سندس صحيح شڪل ڏيکاري
سگهي ٿي، خواه جماعت پرست ۽ جماعتون ڪجهه به
چونديون رهن. انهيءَ ۾ اها قوت آهي جو هڪ علائقي
جي تجربن جي نچوڙ کي ٻئي علائقي تائين پهچائي سگهي
ٿي، جيئن قدرن جي مختلف معيارن کي پاڻ ۾ مربوط ڪري
سگهي. جيئن هڪ قوم ٻيءَ قوم جي صحيح تاريخ کي صحت
۽ اختصار سان شناخت ۽ عرفان جي اهڙي قوت سان سڃاڻي
ڄڻ اها انهيءَ تاريخ مان گذري آهي ۽ اهڙي طرح
پراڻين غلطين کي ورجائڻ کان بچي پوي. انهيءَ سان
گڏ ئي شايد اسان فنڪار خود پنهنجي عالمي تناظر کي
وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، انهيءَ شخص وانگي
جنهن جي اک جو مرڪزي نقطو ته اهو ڪجهه ڏسي ٿو جو
ويجهو آهي پر نظر جو دائرو، باقي دنيا ۾ جيڪي ڪجهه
وهي واپري ٿو، انهيءَ جو مشاهدو به ڪري ٿو. ائين
اسان پنهنجا تلازمات ٺاهينداسين ۽ عالمي معيار
قائم ڪنداسين.
ليکڪن کانسواءِ ٻيو ڪير آهي جو پنهنجي ناڪام
حڪومتن ۽ سماج جي مذمت ڪندو. (ڪن رياستن ۾ اهو پيٽ
پالڻ جو آسان ترين ذريعو آهي. هر اهو شخص جو گهڻو
سست ناهي، اهوڪم ڪندو آهي.) خواهه اها بزدليءَ جي
ذلت جي مذمت هجي يا اجائي خوداعتماديءَ جي ڪمزوري
جي؟ نوجوانن جي بي مغز آزاديءَ جي مظاهرن جي، يا
ڇُرا لهرائيندڙ ننڍيءَ عمر وارن جي لاقانونيت جو
ڪير فيصلو ڪندو؟
اسان کي اهو چيو ويندو ته ننگي تشدد جي بي رحم
حملن جي خلاف آخر ادب ڪري به ڇا ٿو لڳي؟ اسان کي
اهو وسارڻ نه گهرجي ته تشدد نه پنهنجي طور تي فروغ
ٿو حاصل ڪري، نه حاصل ڪري سگهي ٿو. انهيءَ جو تعلق
لازمي طور تي ڪوڙ سان هوندو آهي. منجهن انتهائي
ويجهو، انتهائي گهرو ۽ فطري رابطو هوندو آهي. تشدد
کي ڪوڙ کانسواءِ ٻي ڪا شيءِ نٿي لڪائي، ۽ ڪوڙ کي
قائم رکڻ لاءِ تشدد جو استعمال ٿيندو آهي. جنهن به
هڪ ڀيرو تشدد کي پنهنجو طريقه ڪار بنائڻ جو اعلان
ڪيو، اهو ڪوڙ کي بنا هٻڪ پنهنجي اصول جي طور تي
منتخب ڪندو آهي. شروع شروع ۾ ته تشدد کُلي طرح ۽
ڪجهه قدر غرور سان عمل پيرا هوندو آهي، پر جيئن ئي
اهو طاقتور ۽ مستحڪم ٿي ويندو آهي، تيئن هو محسوس
ڪرڻ لڳندو آهي، ته آس پاس جي هوا پٽڙي ٿي ويئي آهي
۽ هو ڪوڙ جي مٺي خطابت کي پنهنجي چوڌاري ويڙهي
اڳتي نٿو وڌي سگهي. عام طور تي اهو پنهنجي شڪار
سان رڳو ڪوڙ جي تابع داري ۽ ڪوڙ ۾ شامل ٿيڻ گهرندو
آهي.
هڪ عام باهمت شخص جو سڌو سادو عمل اهو آهي ته هو
ڪوڙ جي پٺڀرائي نه ڪري، انهيءَ ۾ شامل نه ٿئي.
جيڪڏهن ڪوڙ هن دنيا ۾ اچڻو ئي آهي ته اچي. جيڪڏهن
ٿي سگهي ته هن دنيا تي حڪومت ڪري، پر منهنجي حوالي
سان نه اچي. ڪوڙ جي خلاف جنگ ۾ فن هميشه فتح ياب
رهيو آهي ۽ هميشه رهندو، چٽي طرح ۽ بنا ترديد هر
شخص لاءِ. ڪوڙ دنيا ۾ ڪيترن ئي شين جي خلاف بيهي
سگهي ٿو پر فن جي خلاف نه.
هڪ ڀيرو جڏهن ڪوڙ جو جادو ٽٽي پوي ته تشدد جي نفرت
ڀريل اوگهڙ به پڌري ٿي پوندي، ۽ پوءِ خالي تشدد
ڊهي پوندو.
انهيءَ سبب ڪري، منهنجا دوستو! مان اهو سمجهان ٿو
ته اسان هن ٻرندڙ وقت ۾ دنيا جي مدد ڪري سگهون ٿا.
انڪار جي ڪلمن سان نه ته جنگي هٿيارن نه هئڻ جو
بهانو ڪريون، نه ئي تن آساني جي زندگي ۾ وڃائجي.
بلڪه جنگ جي ميدان ۾ للڪاريون.
روسي ٻوليءَ ۾ سچائي جي باري ۾ گهڻائي مثال آهن،
اهي هر ڀيري ماڻهن جا غور طلب ڪؤڙا ۽ گنڀير تجربن
جا، ڪڏهن ڪڏهن تعجب خيز حد تائين، اظهار ڪندا آهن.
’سچائي جو هڪ لفظ به دنيا لاءِ ڳورو آهي‘
مادي ۽ توانائي جي بقا جي قانون جي بظاهر ايڏي
عجيب و غريب خلاف ورزي تي مون پنهنجي ڪار گذارين
جي ۽ سموري دنيا جي ليکڪن کي پنهنجي هن اپيل جو
بنياد بڻايو آهي.
جديد سنڌي ادب جو اڀياس
نيڻ مهٽي خيال جاڳيا
.
(اياز گل جي غزلن جو
اڀياس)
تاج جويو
سنڌي شاعرن، جدا جدا دورن ۾، نون لاڙن، نون
تجربن،نون خيالن ۽ نون پيچرن کي تلاش پئي ڪيو آهي.
اهي ڪڏهن به دائمي طرح لڪير جا فقير نه رهيا آهن.
ها، جيڪڏهن وقتي طرح سنڌي شاعريءَ جي تلاءَ ۾
ماٺار ۽ سڪوت اچي به پئي ويو آهي، ته ڪنهن نه ڪنهن
سجاڳ ذهن شاعر، ان بيٺل پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ پٿر
اڇلائي، زندگي ۽ تحرڪ پئي پيدا ڪيو آهي.
ڪلا ۽ فن ۾ يڪسانيت ۽ ورجاءُ، وقتي طرح ان جي حسن
۽ ارتقا کي روڪي ڇڏيندا آهن، ان ڪري اها ڳالهه
ضروري آهي ته وقت بوقت ڪلا ۽ فن ۾ نواڻ آندي وڃي،
۽ ان ۾ نون تجربن ۽ نين واٽن جي تلاش ڪئي وڃي. ان
لحاظ کان اسان سنڌي شاعريءَ جو تجزيو ڪنداسون ته
معلوم ٿيندو ته اسان جي شاعرن، منڍ کان وٺي خيالن
۽ سوچن جي دنيا ۾وقت ۽ حالتن جي تقاضائن موجب جدت
۽ انقلاب پئي آندو آهي. سمن ۽ سومرن جي دور ۾
سرجيل عشقيه ۽ رزميه ”ڳاهن“ واري شاعري، قاضي
قاضن، شاهه ڪريم، ميين شاهه عنات، لطف الله قادري،
شاهه لطيف، سچل، روحل فقير، سامي ۽ خليفي نبي بخش
لغاريءَ جي دور تائين پهچندي نه رڳو موضوع ۽ مواد
جي لحاظ کان ارتقا ڪئي، پر هيئت، اسلوب ۽ فارم جي
خيال کان به وڏي ترقي ڪئي آهي. دوهي، ڏوهيڙي، بيت،
نڙ-بيتن، وائي، ڪافي ۽ جهولڻن جي شعري صنعتن جي
جوڙجڪ، ان ارتقائي عمل جو چٽو ثبوت آهي. ان سموري
ڪلاسيڪي دور ۾ اسان کي ڪجهه اهڙا شاعر به ڏسڻ ۾
ايندا، جيڪي لڪير جا فقير، درٻاري روايتن جا
پوئلڳ، ”واهه واهه“ ۽ داد جا طالبو، نامانوس ۽
اجنبي خيالن ۽ گهاڙيٽن جا پيروڪار رهيا آهن. پر
اهڙن شاعرن جا نالا ۽ سندن شاعري، صرف ۽ صرف
”مقالات الشعراء“ جهڙن روايتي تذڪرن ۾ ئي ملندي،
پر عام ماڻهن وٽ انهن کي ڪا به اهميت حاصل نه رهي
آهي، ڇو ته انهن شاعرن نه رڳو عوام جي امنگن ۽
احساسن کان مُنهن ڦيريو هو، پر پنهنجي ڌرتيءَ جي
ٻوليءَ سان به ناتا ڇني ڇڏيا هئا. ڪو به شاعر،
پنهنجن خيالن ۾ نواڻ ۽ فن ۾ تجربا، صرف ۽ صرف
پنهنجي مادري زبان ۾ ئي پوري خوبيءَ سان ڪري سگهي
ٿو.
سنڌي شاعريءَ جو مطالعو، اسان تي واضح ڪري ٿو ته
اسان جي شاعرن، نه رڳو پنهنجيءَ ڌرتيءَ جي کير
جهڙين پاڪ ۽ مکڻ جي چاڻن جهڙن نرم، نج ۽ خوبصورت
صنفن کي پنهنجو ڪيو آهي، پر هر ان بهتر خيال ۽ صنف
تي به قلم کنيو آهي، جيڪا ٻاهر کان آئي آهي، ۽
سنڌي شاعريءَ جي مزاج سان ڀِچي ۽ ٺهڪي بيٺي آهي.
غزل به هڪ اهڙي صنف آهي، جيڪا اسان وٽ غلاميءَ جي
دور ۾، مغلن جي زماني ۾ مروج ٿي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن
جي دور ۾ سنڌي شاعرن ان جو ڪجهه نه ڪجهه اثر قبولڻ
شروع ڪيو ۽ انگريزن جي دور ۾ غزل جي شاعري، سنڌي
شاعرن جي ذهن تي واسو ڪري ويئي. پر اها ڳالهه ظاهر
آهي ته هن دور جي شاعرن، فارسي غزل جي اثر هيٺ
اچي، ڌارئين غلاميءَ، ڌارئين سٽاءَ، ڌارين خيالن،
ڌارين تشبيهن ۽ ڌارئين ماحول جو ايترو ته اثر
قبوليو، جو سنڌي شاعريءَ جي صحتمند روايت، ڌرتيءَ
جي خوشبوءِ ۽ محبت واري سوچ کان هٽي، پاڻ کي ايران
جي درٻارن ۾ پهچائي ڇڏيو. نه رڳو ايترو، پر هنن
سنڌي شاعريءَ کي گل ۽ بلبل،تُرڪ ساقيءَ جي حنائي
هٿن،جام و مئي، ساغر و صراحيءَ واري اجنبي ۽ اڻ-
ڀونئي ماحول ۾ وڃي لاٿو- ۽ ان نموني ان دور ۾ جيڪو
سنڌي غزل سرجيو ويو، ان ۾ نه سنڌ جي مٽيءَ جي
خوشبوءِ هئي، نه سنڌي حسن موجود هو ۽ نه ئي سنڌي
دل جا جذبا ۽ احساس ئي ڏسڻ ۾ ٿي آيا. سنڌي شاعرن ۽
سنڌي شاعريءَ جومحبوب، ”سروقد“ بڻجي ويو،جنهن جي
کاڏيءَ ۾ کوهه (چاهه زنخدان) موجود هو ۽ جنهن جي
رُخسارن تي ”ڪارا حبشي“ تلوارون کنيو بيٺا هئا. پر
ان دور ۾ به ڪيترا سڄاڻ – ذهن شاعر پيدا ٿيا جن ۾
خليفي گل هالائي ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ جا نالا
اهم آهن. هنن روايتي فارسي غزل جي زمين تي طبع
آزمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ موضوع، مواد ۽ ٻوليءَ ۾ جدت
آندي. هنن سنڌي غزل کي سنڌي مزاج جي ويجهو آڻن ۽
غزل جي شاعريءَ ۾ نج سنڌي قدرن پيش ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. فارسيت جي جاءِ تي سنڌيت کي ڪم آڻي روايتي
ٽيڪنڪ ۾ تبدييل آڻڻ جي ابتدا ڪئي. اهڙيءَ طرح گل ۽
سانگي، سنڌي غزل ۾ نئون آواز بڻجي آيا. ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جي راءِ موجب ”خليفي گل، غزل جو
مجمسو تيار ڪري، ان ۾ ساهه وڌو، پر اهو لباس جي
زيب زينت کان محروم هو.“ (1) ۽ منهنجي راءِ موجب
سانگيءَ ان ٻارڙي (غزل) کي ڪپڙا پارائي، آڱر کان
وٺي هلڻ سيکاريو. سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾
اهي ٻه پهريان پٿر هئا. پر ارتقا جي اصول موجب ان
فارسي زده شاعريءَ جي سحر کي ٽوڙي، سنڌي شعر جي
”نئين سجاڳي“ (نشاة ثانيه
(Reniasance
جو بنياد ڪشنچند بيوس وڌو. هن نه رڳو ڪلاسيڪي
دورجي صحتمند روايتن سان ناتو جوڙي، سنڌي شعر جي
تاريخ جي ٽٽل ڪڙين جو تسلسل ملايو، پر جديد
شاعريءَ جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. ائين ڪشنچند
بيوس جي ڪوتا - گُلابي واٽ کي شيخ اياز، عبدالڪريم
گدائي، نارائڻ شيام، هري دلگير، نياز همايونيءَ،
تنوير عباسيءَ، ذوالفقار راشديءَ، شمشير الحيدريءَ
۽ استاد بخاريءَ پنهنجو ڪيو. اڳتي هلي سنڌي جديد
شاعريءَ جي دنيا ۾ گهڻ- پهلوئي انقلاب اچي ويو. نه
صرف بيت ۽ وائي جي شاعري، نئين انداز، نئين موضوع
۽ نون مسئلن کي ساڻ کڻي زنده ٿي ويئي، پر نين شعري
روايتن ۽ نين صنفن به جنم ورتو. اهڙيءَ طرح سنڌي
غزل به نئون روپ ۽ نئون جنم ورتو. اهو ٻارڙو، جنهن
کي سانگيءَ آڱر کان وٺي هلائڻ جي شروعات ڪئي هئي،
ان ڳڀرو جوان جي صورت اختيار ڪري ورتي، ۽ اڄ سنڌي
غزل جي حُسن جي هاڪَ ”وِلاتون واسي“ ڇڏيون آهن. اڄ
سنڌي غزل، فارسي زمين ۽ بندشن، وزنن ۽ تشبيهن
خيالن ۽ موضوعن جي اونداهي جهنگ مان نڪري، روشنين
۽ سچاين جي دُنيا ۾ پهچي چُڪو آهي. اڄ ان مان ڪفن
۽ ڪافور جي بُوءِ بدران زندگيءَ جي بهارن جي
خوشبوءِ اچي رهي آهي. اڄ جديد غزل جي آسمان جي
ڪهڪشان
(Milky way)
۾ هڪ طرف شيخ اياز، نياز همايوني شمشير الحيدري،
تنوير عباسي، ذوالفقار راشدي، استاد بخاري،
عبدالحليم جوش، وفا ناٿن شاهي، عبدالحڪيم ارشد،
راشد مورائي، امداد حسيني ۽ مير محمد پيرزادو تارن
وانگر چمڪي رهيا آهن، ته ٻئي طرف نارائڻ شيام، هري
دلگير، ايم –ڪمل، پرڀو وفا ۽ ارجن حاسد، جوت جا
ڦوهارا برسائي رهيا آهن. سنڌي جي سڄاڻ دانشور،
سائين محمد ابراهيم جويي جي راءِ ۾: ”اڄ سنڌي غزل،
پنهنجي سنڌي ادا سان، اسان جو پنهنجو غزل بڻجي چڪو
آهي.“ (2)
1970ع کان اڄ تائين سنڌي شاعرن جي جيڪا نئين ٽهي
پيدا ٿي چڪي آهي، ان مان گهڻن جو لاڙو نئين ڪوِتا
ڏانهن رهيو آهي. نئين ڪَوِتا ۾ ايم-ڪمل چوڻي:
”ٻنڌن ڪونهن، سِٽن جو سٽاءُ، لفظن جي ٽوڙَ يا
جوڙَ، سڀُ شاعر جي شعري تجربي جي اظهار ۽ سندس
جذبي جي شدت تي منحصر آهي. ڪي به ليڪا يا حدبندي
هن لاءِ ناهن. پر غزل ۾ اها آزادگي ناهي.“(3) غزل
لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. نوجوان شاعرن،
نئين ڪوِتا جي کيتر ۾ نهايت خوبصورت روايتن کي جنم
ڏنو آهي، پر ڪجهه اهڙين بيقاعدگين کي به پيدا ڪيو
آهي، جن شعر جي حُسن کي جهڪو ڪري وڌو آهي. غزلَ،
سنڌي روايتن کي پنهنجو ڪري، اجنبيت گنوائي، جيڪو
نج سنڌي صنف وارو روپ اختيار ڪري ورتو هو، هن دور
۾ ان جي موت جا آثار نظر اچڻ لڳا هئا، پر ڪجهه
نوجوان شاعر اهڙا به پيدا ٿيا، جن سنڌي غزل کي مرڻ
نه ڏنو ۽ شيخ اياز جي هن شعر جو روپ بڻجي آيا ته:
اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،
متان ائين سمجهين مُئا مورَ سارا!
اهڙن نوجوان شاعرن ۾ ٻين ڪيترن همعصرن سان گڏ،
جيڪو نالو ڪوِتا- اُڀ تي صبح جي تاري جيان اڀري
آيو، سو آهي اياز گل! اياز گلَ، سنڌي شاعريءَ جي
هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن بيت ۽ وايون به
چيون آهن، ترائيل ۽ دوها به لکيا آهن، پر سندس
سڃاڻپ نئين ٽهيءَ ۾ خاص ڪري ”غزل“ جي شاعريءَ جي
ڪري نمايان آهي. هن نوجوان شاعر وفا ناٿنشاهيءَ
کان پوءِ، غزل کي بنهه نئين واٽ ڏيکاري آهي ۽سندس
لاڳيتو غزل لکڻ جي مشق، ڪيترن سينئر شاعرن کان ڇرڪ
ڀرائي ڇڏيا آهن. اياز گل جي غزل جي شاعري، بيان جي
انوکي انداز ۽ نرالي اسٽائيل جي خيال کان ٿورڙي
وقت ۾ پاڻ مڃائي چڪي آهي. هن غزل جي بنيادي فني
ضرورتن، وزن، قافيي، رديف ۽ ربط کي قائم رکندي،
خيال ۽ وزن جا سٺا تجربا ڪيا آهن.
1978ع ۾ ڇپيل، اياز گل جي پهرئين شعري مجموعي
”سوچون سرها گل“ جي مهاڳ ۾، سنڌ جي برک شاعر تنوير
عباسيءَ لکيو هو: ”اياز گل، نئين ٽهيءَ جو اڳرو
شاعر آهي. هن جي شاعري ان موڙ تي پهتي آهي، جتان
اڏام شروع ٿي ٿئي. ائين به آهي ته اياز گل اڏام جي
شروعات ڪري چڪو آهي.“(4) اياز گل پنهنجيءَ ان اڏام
۾ 1978ع کان 1986ع تائين ڪهڙي ارتقا ڪئي آهي، ان
جو پتو 1980ع ۾ ڇپيل سندس ٻئي شعري مجموعي ”پيلا
گل پلاند ۾“ ۽ 1984ع ۾ ڇپيل ٽئين مجموعي ”ڏينهن
ڏٺي جا سپنا“ مان ۽ ان کان پوءِ اڄ تائين سندس ڪيل
ڇپيل شاعريءَ مان پئجي سگهي ٿو.
اياز گل جو غزل، نئين ڪوتا وانگر خيال جي لحاظ کان
”نئون غزل آهي“، پر هن نئين غزل جي زمين ۾ ڪامياب
تجربا به ڪيا آهن. شمشير الحيدريءَ، منهنجي شاعري
تي 1978ع ۾ راٰءِ ڏيندي لکيو هو ته ”سندس (تاج جي)
گروهه جي شاعرن لاءِ دراصل موضوع ۽ لفظن جي چونڊ ۽
استعمال جو مسئلو آهي. نوان مسئلا، نوان لفظ ۽
لفظن جا نوان مفهوم گهرن ٿا.“ (5) اڄ اياز گل جي
شاعريءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته اڄ
هن وٽ نه موضوعن جي کوٽ آهي، نه ئي ان لاءِ لفظن
جي چونڊ، استعمال ۽ نئين مفهوم جو ڪو مسئلو آهي.
اياز گل کي پنهنجي دور جا مسئلا نه رڳو منفرد
انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ڏانءُ آهي، پر ان لاءِ گٺل
پيٺل لفظ به ڪم نه ٿو آڻي. بلڪه تنوير عباسيءَ جي
لفظن ۾: ”هن وٽ گٺل پيٺل اکرن وارا سِڪا نه ٿا
ملن. ائين ٿو لڳي ته اياز گل نئين ضرب خاني جي
شروعات ڪري، نوان سِڪا پلٽيا آهن.“(6) ان ڳالهه جي
ثبوت طور اياز گل جي شاعريءَ مان ڪجهه مثال پيش
ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
هر شاعر، ”ياد“ جي سهاري جيئندو آهي. يادون ئي هن
جو بي بها سرمايو هونديون آهن. اُن ”ياد“ لفظ کي
اياز گل مختلف موقعن تي مختلف ذهني ڪيفيتن جي
دٻاءَ هيٺ ڏسو ته ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو
آهي:
يادون، سپنا، خطَ، اوهان جا،
جيئڻ ڪاڻ سهارا ٿي پيا!
---
مُنهن ياد ائين رهندئي ڄڻ،
ذهنن تي ڪا لوڪ ڪهاڻي!
---
ذهن کي ياد چنبڙي چميون ٿي وتيون،
آس اوسئيڙي جا ٿي ڳوڙها اگهيا!
---
يادون بارود جي سُرنگن جان،
ذهن ۾ هر طرف ڌماڪا هِن!
---
سڀ وڃن خيال جڪڙبا اُن ۾،
ذهن تي ياد جو ڄارو هوندو!
---
ذهن جي بُڪ شيلف ۾ آهن،
يادون بند ڪتابن وانگي.
مٿين مثالن ۾ يادن کي جيئڻ ڪاڻ سهارو سڏڻ،ياد کي
لوڪ ڪهاڻيءَ سان ڀيٽڻ، ياد جو ذهن کان چنبڙي
چُميون وٺڻ، يادن کي بارود جي سرنگهن سان ڀيٽ ڏيڻ،
ياد جي ڄاري ۾ خيالن جو جڪڙجڻ، ۽ يادن جو بند
ڪتابن وانگر بڪ شيلف ۾ هجڻ، جهڙا فقرا، تشبيهون ۽
محاورا ڪم آڻي، اياز گل ثابت ڪيو آهي ته هن وٽ
موزون لفظن جي چونڊ ۽ انهن جي استعمال جو ڪو مسئلو
نه رهيو آهي.
هند جي سنڌي اديب واسديو موهيءَ، سنڌي جي مشهور
غزل گو شاعر ارجن حاسد جي مجموعي ”ميرو سج“ جي
شاعريءَ تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”هن نون پيچرن
۽ لفظن کي معنائن جون نيون سمتون ڏنيون آهن“(7).
اها به هڪ سٺي شاعر جي ڪسوٽي آهي. اياز گل جا غزل
پڙهبا ته معلوم ٿيندو ته هن نوجوان شاعر به نه رڳو
لفظن کي نيون معنائون بخشيون آهن، پر معنائن کي
نوان رُخ به ڏنا آهن. جهڙوڪ:
چمپا! منهنجي غزلن کي،
پنهنجي ٿوري خوشبوءِ ڏي.
---
پنهنجي ڪمري جي گند ڪچري جان،
ڪو ذهن مان ٿو ٻُهاري مون کي!
پهرئين شعر ۾ اياز گل، محبوب جي حسن جو ذڪر ڪيو
آهي، پر ”چمپا“ لفظ ڪم آڻي، حُسن ۽ هڳاءَ جي اُن
هستيءَ جو روايتي نانءَ (دلبر، سڄڻ، پرين، محبوب
وغيره) وٺڻ کان سواءِ بيان ڪري ڪمال ڪيو آهي. ٻئي
شعر ۾ ڪنهن جي بيرخيءَ ۽ وساري ڇڏڻ جي پيڙا جو ذڪر
ڪيل آهي. پر ان لاءِ شاعريءَ ۾ عام طور استعمال
ٿيندڙ لفظن کي ڪم آڻڻ بدران هن ”ڪمري جي گند ڪچري
جيان ذهن مان ٻهاري ڇڏڻ“ جو محاورو ۽ ترڪيب ڪم
آڻي، لفظن کي نئين معنيٰ نئون رُخ عطا ڪيو آهي.
جديد شاعرن، نئين غزل ۾ اڄ جي دور جي احساسن،
انسان تي پيل ذهني دٻائن ۽ بندشن ۽ انساني مسئلن
کي نون اشارن، نين علامتن ۽ نون لفظن جي جامي ۾
پيش ڪيو آهي. ان ڏس ۾ به اياز گل جي پيش قدمي
وڻندڙ آهي. اچو ته ڏسون ته هن ان ڏس ۾ ڪهڙي وک
وڌائي آهي:
ڪچي مٽيءَ مان جوڙي زندگي کي،
تِکي برسات ۾ نڪري پياسي!
---
مان ڪنهين پيار جوقِصو آهيان،
ڄڻ ته بيروت جو حصو آهيان.
---
منهنجي اندر ۾ بغاوت آهي،
ٽينءَ دنيا جو مان نقشو آهيان!
---
اَمن جي جيئري لاش تي ٿي ڏئي،
جنگ جي کوڳ ڳِجهه لامارا!
---
دُک، انتظار، تجسس ۽ وري دُک،
جيون ٿو هاڻ ڊرامو لڳي قسطوار ڪو!
---
گهُٽ کي گهٽائڻ ڏيو،
ڪي گهڙيون ته ڳائڻ ڏيو!
هن ڊٺل شهر تي ئي،
نئون شهر اڏائڻ ڏيو!
اياز گل داخلي نوعيت جي گهڻي ۽ خوبصورت شاعري ڪئي
آهي، پر سندس داخليت صرف من – پيڙائن تائين محدود
نه آهي ۽ نه ئي هو ذاتي احساس ۽ جذبا ٻين تي مڙهڻ
گهري ٿو. هن جي داخليت ۾ به وسعت ۽ ڪشادگي آهي ۽
هو اُن ۾ خارجي ماحول جي اثرن کان جند ڇڏائڻ جي
ناڪام ڪوشش نه ٿو ڪري، پر پنهنجي اظهار ۾ بلڪل
چِٽو آهي. مسئلن کي ۽ پنهنجي من- وارتائن کي
منجهائي ۽ تجريدي انداز ۾ پيش نه ٿو ڪري. مثال طور
ڏسو هي ڪجهه شعر:
توکان پوءِ دل تي دلبر،
اُڀري آيا ڄڻ ٿُوهر.
---
انڊلٺ جهڙا سُپرين تو بن،
جيون پاڻيءَ جيان بيرنگ!
---
هڪڙي ئي پينگهي ۾ جهوليا هون،
غَمُ ڀي منهنجو ئي سنُ آهي!
---
درد به دل جو ساٿ ڇڏي ويا،
راڄن جي غدارن وانگي!
---
سنگِ ساٿي نه ڪو ئي ٻيلي آ،
زندگي ڄڻ خدا جئن اڪيلي آ!
---
درد ٻارن جيان ٿا رانديون ڪن،
پڪسري، گهَر جو پڌر آهيان.
---
لُڙڪ ته گهر جا ڀاتي آهن،
ٽهڪ ته ٻاهر جا ماڻهو!
اياز گل، پنهنجن جذبن، احساسن ۽ سوچن جي اظهار
لاءِ هروڀرو حسين ۽ مترنم لفظن جي چونڊ ڪو نه ٿو
ڪري، پر پنهنجي ماحول ۽ دؤر جي مروج ٻوليءَ ۾،
پنهنجن مشاهداتي تاثرن کي تخليقي انداز ۾ پيش ڪري
ٿو؛ جيڪا ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته هن وٽ لفظي بازيگري
۽ مصنوعيت پڻو نه آهي. مثال طور:
اوهان جي در تي ائين بيٺا رهياسي،
گهٽيءَ جي نانوَ جو ڄڻ بورڊ هاسي!
او پرين! زندگيءَ جو هر هڪ پلُ،
تنهنجيءَ شاديءَ جو ڪارڊ آهي ڄڻ!
اڄڪلهه پنهنجو جيون ائين ڄڻ،
ٻين بجي کان پوءِ ڪئمپس!
دنيا ڀي بيزار ڪيو آ،
ٽي – ويءَ جي اشتهارن وانگي!
اياز گل جي غزلن جي ٻولي پيچيدي، ڳوڙهي ۽ ابهام
واري نه آهي، پر ان ۾ سادگي آهي، ليڪن سندس ٻولي
ايتري سادي به نه آهي، جنهن مان سطحي پڻي جو احساس
ٿئي. هن جون تشبيهون پڻ سندس سڌي ساديءَ مروج
ٻوليءَ وانگر ساديون ۽ سندس آسپاس واري ماحول مان
ورتل آهن. سندس شعر جي سادي ٻوليءَ ۽ عام فهم
تشبيهن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا:
رِم جهم رنگ رچايا آهن،
ڪورا نينهن اُپايا آهن.
---
ڇير ٻڌي جذبن جي مُون،
پنهنجا گيت نچايا آهن!
---
سوچ نئينءَ کان ڌار ڪَلا ائين،
ڌَپ ڪيل جيئن بيٺل پاڻي!
---
درد ڪو جنهن ۾ ناهي دوست!
سا دل پٿر آهي دوست!
---
لوڪ سارو سُمهي پيو آهي،
نيڻ مهٽي خيالَ جاڳيا هن!
---
تنهنجو چهرو قرآن،
تنهنجا هٿڙا رحل!
---
شهر ماڻهن سان ڀريل ڪو به خريدار نه پر،
لُڙڪ پنهنجا به ٿيا سنڌي ڪتابن وانگي!
---
بدنُ اوهان جو چوڏهينءَ - چنڊ،
بــــادلُ، مـــلـــمــــل جــــو پــــهـــراڻ.
---
گُل خوشبو ڦهلائي پوءِ،
ٽُٽندو ٽاريءَ مان ڇڻندو!
شاعري ته تمام گهڻا شاعر ڪن ٿا، پر شاعريءَ ۾ آرٽ
(ڪلا
Art) ڪوڪو شاعر پيدا ڪري ٿو. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز ئي هڪ
اهڙو شاعر آهي، جنهن شاعريءَ ۾ ڀرپور آرٽ پيدا ڪيو
آهي. هن جي ”ڀونئر ڀري آڪاس“ کان وٺي ”چنڊ
چنبيليءَ ول“ تائين يا ان کانپوءِ ڪيل سموري
شاعري، آرٽ جو بهترين مثال آهي. جڏهن ته سندس
همعصر شاعرن مان ڪيترن جي شاعريءَ مان آرٽ ختم
ٿيندو پيو وڃي. نئين ٽهيءَ جي شاعرن مان، شاعريءَ
۾ آرٽ پيدا ڪرڻ جي ڏسِ ۾ اياز گل، پنهنجي ڪافي
همعصرن کان اڳتي نڪري چڪو آهي. هن جي غزلن ۾ سماجي
شعور ۽ قومي جاڳرتا جون ڳالهيون، پروپيگنڊا بدران
آرٽ جو بيحد حسين نمونو پيش ڪن ٿيون. ٻانهپ جي
احساس ۽ آجپي جي آس کي جنهن دل پذير انداز ۾ اياز
گل بيان ڪيو آهي، سو سڀڪنهن جي وس جي ڳالهه نه
آهي:
ڪوڙ، اونداهه سان نه ٺاهه ڪبو،
اهڙو نُڪتو به ٺاهه ۾ رکجانءِ!
---
پويان اوندهه جي وَر چڙهي نه وڃن،
ديپُ ٻاري ڪو راهه ۾ رکجان!
---
ڪيئن ڪرڻ بي قومو ڏيندو،
ڌرتيءَ ۽ قومن جون ڳالهيون!
---
تُون ڀلي کيس سُک-وستي چئه،
هيءَ ڌرتي ته روڄ راڙو آ!
---
روپُ وٺي نئون آءُ وري روپا ڪولهي!
ٿاريليون ۽ ٿَرُ، ٻُڏي ويو اوندهه ۾.
---
سج جو موت ڪوئي ٿيڻو آ؟
ڏِسُ نئين تاوَ سان ٿو اُڀران مان.
---
اڄ به مهراڻ سڄو مياڻي آ،
لاٽَ جون ٻاٽَ تي ڪاهون ساڳيون!
حوالا
1.
سنڌي غزل: شيخ عبدالرزاق ”راز“.
2.
م. ا. جويو-مهاڳ ”پيلا گل پلاند ۾“، ص1.
3.
ايم. ڪمل-”نئين غزل تي مختصر نوٽ“، ”روشن
راهون ڌنڌلا ماڳ“، ص 67.
4.
تنوير عباسي- ”نوان پلٽيل سڪا“ (مهاڳ) ”سوچون
سرها گل، ص 7-8.
5.
شمشير الحيدري-”وڄ وراڪا سوچ“ (مهاڳ) ”سوچون
سرها گل“، ص 52.
6.
تنوير عباسي- ”نوان پلٽيل سڪا“ (مهاڳ) ”سوچون
سرها گل“، ص 8.
7.
واسديو موهي-”نئون محاورو“ (مهاڳ) ”ميرو سج“،
ص 8.
صفحا ساروڻين جا
شام جي ستاري ڏانهن
.
]ماڻڪ
جي ياد۾ [
نصير مرزا
·
زندگيءَ جي ڪنهن انتهائي نويڪلي گهڙيءَ ۾ مون
پنهنجي آفيس جي لان تي ليٽي، ماڻڪ جي نالي ارپيل
تاج بلوچ جو هي نظم ڪاغذ تي اتاريو:
تون به چؤ واٽي تان موٽئين ساٿي
آئنيا چُور ٿيا
هار سينگار ڦِٽا
عڪس رنگين هئا، جيڪي ٽُٽي پيا سارا.
سارو مانڊاڻ ٿي
زهر آب ويو
عارضي طور سهي
درد بيتاب ڪيو
ڏاڍو بيتاب ڪيو.
نظم اتاري، ڪتاب بند ڪرڻ جي خيال کان، نظم تي
پيپرويٽ رکي کيس تيز هوا ۾ ڇڻيل پنن سان گڏ اڏامي
وڃڻ کان بچائڻ چاهيم پئي، تڏهن مون کي سارتر جي
چيل هڪ ڳالهه شدت سان ذهن تي تري آئي. ’مان جڏهن
لکندو آهيان تڏهن مايوسيءَ جي ڄار مان ڪنهن
خوبصورتيءَ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.‘ مون چپن
۾ ڀُڻڪڻ شروع ڪيو... ۽ جڏهن مان لکندو آهيان، تڏهن
خوبصورتيءَ جي ڄار مان مايوسيءَ کي پڪڙڻ جي ڪوشش
ڪندو آهيان. شايد تيز هوا جي زور تي نظم تان پيپر
ويٽ هٽي ويو هو. مون ڏٺو، منهنجو ڪاغذ ڪٿي پري پري
اڏامندو پئي ويو، ۽ وقت ڪيڏي نه تيزيءَ سان فل
اسپيڊ ۾ ڀرسان لنگهيو وڃي. مون کي لڳو، اچانگ
امرتا- پريتم، مون سان ڪنهن سپني ۾ ڊائلاگ شروع
ڪري ڏنو آهي. نظم لکڻ خدا جي باغ مان صوف چورائڻ
وانگر آهي. مون چيو: صحيح! پر بنهه پنهنجي ڪنهن
دوست کي ياد ڪري، ڪجهه لکڻ‘ ڪوفي ۽ شام جي بازار
مان، انبوهه ماڻهن جي وچ مان، بيمار ۽ قيدي امام
زين العابدين جيان اگهاڙين پيرين لنگهڻ وانگر آهي.
تڏهن اوچتو مون کي ليڊي ڊفرن اسپتال اڳيان لنگهندي
”ماڻڪ“ سان پنهنجي آخري ملاقات ياد آئي. مان تڪڙو
تڪڙو هلندو گاڏي کاتي ڏانهن ۽ هُو سامهون کان ڪوهه
نور سئنيما وٽان، نڪ جي سِڌَ ۾ هلندو پئي آيو.
ماڻڪ!
بي اختيار سامهون کان ايندڙ شخص کي ڏسي اوچتو
منهنجي چپن تي هن جو نالو لهر وانگر چڙهي آيو.
ڪوئي دوست به هن سان گڏ هو ۽ بريف ڪيس ٻنهي جي هٿن
۾ هئا.
وقت ڇا ٿيو آهي نصير!
ڀرسان لنگهندي اوچتو هن مون کان ٽائيم پڇيو.
]ڏاڍو
خوفناڪ! ڏاڍو خطرناڪ![
مون دل ۾ چيو ۽ واچ ڏسي ٻڌايم.
پوڻا ڇهه شام جا.
شايد حيدرآباد ۾ ماڻڪ جي اها آخري شام هئي.
ان کانپوءِ
پنڇي گم ٿي ويو.
نيري نڀ ۾
اوڻيهه سؤ نوي کان اٺ سال اڳ، هُو شخص ماڻڪ هو.
پنهنجي شناختي ڪارڊ ۾ (۽ شايد پاسپورٽ ۾ به)
اوڻيهه سؤ نوي تائين مِٽيءَجي مُٺ بڻجي چڪو. (۽
جنهن مٽيءَ جو هو ماڻڪ هو، ان ۾ ئي رک ٿي ويو) هن
جو سرير، هن جون ڳالهيون، هن جي وات مان نڪتل سڀ
لفظ، سڀ جملا، هوا ۾ هوا ٿي چڪا آهن. هن جو آواز،
الوپ ٿي ڪنن کان پري وڃي چڪو هو.... ۽ لاحاصل ۽
لڳاتار جستجو ڪرڻ جي باوجود، ماڻهو ويچارو ڇاهي؟
ڇا آهي ويچارو ماڻهو؟
سمونڊ جي سطح تي ڳرندڙ برف.
ڳرندڙ برف.
ڳرندڙ برف!
۽ 26- جنوري اوڻيهه سؤ ٻياسيءَ جو سج، ماڻڪ لاءِ
ڄڻ اڀريوئي ڪو نه. هو پنهنجي موهني بازار واري گهر
۾ ٻنپهرن جو اوچتو ڳالهيون ڪندي ڪندي خاموش ٿي
ويو، ۽ شام ٿيندي ئي هن جي وَني وِڌوا، پُٽ يتيم ۽
گهر- اڱڻ ويران ٿي ويو. درو ديوار تي ڄڻ ازلي ابدي
سناٽو ڪنهن پکيڙي ڇڏيو.
ياد ماضي
·
71-72ع جو زمانو.... ڦليلي واهه جي ڪناري سان
پرڀات آرٽس سرڪل جي آفيس هئي (الاس، اڄ اتي ڪڙهائي
گوشت، تِڪا ڪباب جي ماڊرن ريسٽارنٽ ’ڪيفي لبِ
مهراڻ‘ آهي). اُتي شام جو چانهه جي ڪوپ تي سائين
نثار حسينيءَ وٽ اديبن، شاعرن، انڊر گرائونڊ شاگرد
اڳواڻن ۽ فنڪارن جي سَڀا سجندي هئي. ان ئي سَڀا ۾
مون علي بابا، ڄام ساقي، بيدل مسرور، شوڪت شوري ۽
ماڻڪ کي پهريون دفعو ڏٺو هو. ڪنهن موڪل واري
ڏينهن، ته مان سائين نثار حسينيءَ سان گڏجي ٽنڊي
آغا جي اُن ننڍڙي ڪوارٽر تائين به ويو هئس، جتي
ماڻڪ ۽ سندس ساٿاري مير ٿيٻو گڏجي مسواڙ تي رهندا
هئا. ان ڏينهن، ماڻڪ مون کي پنهنجي گهر وانگر
ڊسٽرب، ٽڙيل پکڙيل ۽ وکريل لڳو هو. اڱڻ ۾ ورانڊي
کان رڌڻي جي دريءَ تائين تاڻيل رسي. رسيءَ تي
اونڌا سِڌا، چِٻا ڦِڏا ڪپڙا، ٽوال ۽ جوراب ٽنگيل.
وهنجڻ جي جاءِ جي در وٽ بالٽي ۽ ڇَل بي ترتيب
انداز ۾ رکيل. اونهاري جي اُس کان واڻ بچائڻ لاءِ
کٽ ديوار جي ڇانو ۾ اُڀ- کڙي بيٺل. ورانڊي جي
پِلرَ سان ڀڳل ٻانهن واري ڪرسيءَ تي شيو جو سامان
اس ۾ اڇليل. اندر ڪمري ۾ به اهڙي ئي ڪنڊيشن. ان
ڏينهن سائين نثار، مير ٿيٻي ۽ ماڻڪ الائي ڪهڙن
ڪهڙن موضوعن تي ويٺي ڪچهري ڪئي ۽ هر ڳالهه کان
لاتعلق ٿي، مون ان جاءِ جو جائزو پئي ورتو ۽
سوچيو: اڇا ته، ’حويليءَ جا راز‘ ۽ ’لڙهندڙ نسل‘
جو ارڏو ليکڪ، هن گهر ۾ ٿو رهي!؟
·
ماڻڪ جي شروعاتي ڳجهي ۽ گهريلو زندگي جي اِسٽڊي
ڪرڻ جو گهڻو وجهه ڪڏهن به ڪو نه مليو هو مون کي.
زندگيءَ جي جيڪي پل، گهڙيون، پهر مون هن کي ڏٺو ۽
مشاهدي هيٺ آندو هو، ان مطابق هو مون کي هميشه
’اِن سيڪيور‘ لڳو، لڳندو هو ڄڻ هو غير محفوظ آهي.
پنهنجي ناول ’ساهه مُٺ ۾‘ جي نائڪ وانگر هن کي شڪ
هو، ته ڪو ماڻهو هن کي فالو پيو ڪري. ڪو شخص هن جي
پويان آهي ۽ هُن سان ڳالهائيندي اوچتو لڳندو هو،
ته هُو زندهه رهڻ لاءِ ڪنهن
(Justification)
جي ڳولا ۾ آهي. (۽ ان ڳولا ۽ تلاش ۾ هلندي هو اڄ
ڪيڏو نه اڳيان نڪري چڪو آهي) هُن سڄي زندگي
اَنڊرٽون ڳالهايو. بحث ۾ ڳالهائيندي، هن جي انداز
۾ شدت ضرور پيدا ٿيندي هئي، پر آواز ۾ لائوڊنيس،
ڪاوڙ يا ڪروڌ جو اظهار هرگز نه. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾
هو اڪثر بهادري ۽ جرئتمندي جو به مظاهرو ڪندو هو.
باغيانه ڳالهين ۾، هن جون ڳالهيون اڪثر گمڀير سوچ
ڏيندڙ ۽ سَجيسٽو هونديون هيون. (۽ ٻلوان ۽ سگهه
ڀريون ڪهاڻيون لکندڙ ماڻڪ، شخصي زندگي ۾ هڪ الڳ
ماڻهو ۽ ڊنل شخص هو (ڊپ شايد ان ڳالهه جو به ته:
دل شڪني نه ٿئي ڪنهن جي. سندس ڳالهين مان ڪو ڏک نه
پهچي ڪنهن کي. ايذاءُ نه رسي ڪنهن کي). مون هن کي
واچُ ڪيو ۽ ڏٺو هو، ته هو اڪثر پنهنجي اندر ۾ شانت
۽ گمنام رهڻ پسند ڪندڙ شخص هو. وڏيون محفلون، وڏا
بيان ۽ وڏيءَ عمر جا بيوروڪريٽ ٽائپ اديب،شايد هُن
کي پسند ڪو نه هئا. اِن ڪري، مون هن کي وڏين
محفلن، وڏن ماڻهن جي فيئرويلس ۾ ڪڏهن به اُٿ ويهه
ڪندي ڪو نه ڏٺو
هو. (۽ بُل ڊاگ ماڻهن جي هِن سماج ۾، ماڻڪ هڪ يوگيءَ جي
زندگي بسر ڪندڙ شخص هو). اسٽيٽس جي لحاظ کان هو
قطار جي آخر ۾ بيٺل، مڊل ڪلاس جوپريشان ماڻهو هو.
ٺونٺيون پاسا هڻي، بي ضمير ماڻهن جي انبوهه ۾، نه
هُن ڪڏهن اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ نه ئي ڪا ڪرڻ
پئي چاهي: ’ائين ڪرڻ جي نه تربيت آهي ۽ نه مزاج‘
(ماڻڪ جي هڪ خط مان)... ۽ بي پناهه تخليقي صلاحيتن
هجڻ جي باوجود هو سڄي زندگي سترهين گريڊ جو آفيسر
بڻجي نه سگهيو. ها! هُن ايم ايڊ ۽ بي ايڊ ۾، اَي
گريڊ ضرور حاصل ڪري ورتا هئا.
·
۽ اوڻيهه سو ايڪاسيءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري، اِنهن زيادتين
جي پس منظر ۾، جڏهن ظفر عباسي هڪ انٽرويو ۾ هُن
کان پڇيو هو ته:
ڪنهن سان ڪا شڪايت؟
جواب ڏنائين: ڪنهن کا به نه.
ڀلا نفرت؟
صرف هِن ديس جي دشمن ۽ انسان جي دشمن کان سخت نفرت
اٿم.
·
ستاويهين جنوريءَ جي جنهن ڪوهيڙي ۾ ورتل شام جو،
نواب شاهه جي موهني بازار مان لنگهي، اسين ماڻڪ جو
پُرسو ڏيڻ لاءِ هُن جي گهر وارن ۽ گهر جو ڏس پتو
پڇڻ لاءِ واجهائي رهيا هئاسين، تڏهن مانڊِڻيءَ نما
هڪ هٽَ وٽ، سائيڪلن جا پنچر ٺاهيندڙ پوڙهي شخص
ڏانهن وڌي ويا هئاسين.
يا عزيز!
ماڻڪ صاحب جي گهر جو ڪو ڏسُ پتو؟
ماڻڪ!
ڪير ماڻڪ؟
جيڪو ڪهاڻيون لکندو هو ۽ ڪالهه ٻنپهرن جو رضا ڪري
ويو آهي.
ها.... ها ميمڻن وارو ڇوڪرو نه، جنهن خودڪشي ڪئي
هئي!
خودڪشي؟
۽ اسان سڀني دوستن جا چهرا، پوڙهي شخص جي ان اوچتي
اطلاع تي، سواليه نشان جو اسٽيڪر بڻجي، هڪ ٻئي جي
چهرن تي پنڊوليم وانگر لڙڪڻ لڳا.
·
ماڻڪ جي اِن دکدائڪ پڄاڻيءَ بابت، ۽ ڌچڪو رسائيندڙ
اِن ٻڌل خبر جي پس منظر ۾، سندس آپگهات جو ڪو ٺوس
ڪارڻ. ڪوئي مضبوط ثبوت، ان وقت بظاهر ته ڪنهن کي
به ڪو نه پئي سُجهيو. پر وفات کان ڏهه ڏينهن اڳ
سائين نثار حسينيءَ وٽ پهتل سندس آخري لکيل خط (۽
واقعي آخري خط مان) ان جا انديشا، ان مان چاهجن ته
ڪڍي سگهجن ٿا.
·
پيارا نثار! ههڙي قسم جا خط اڳ به لکي چڪو آهيان.
وري هڪ ڀيرو يقين ڪرڻ چاهيان ٿو. ڳالهه دراصل هيءَ
آهي ته هتي مون کان نڪو وڪالت ٿي هلي ۽ نه ڪو
ميڊيڪل اسٽور. تربيت ئي اهڙي ٿيل آهي جو ٻنهي ڌنڌن
۾ ٺڳي- جيڪا مون کي نٿي اچي. مان اِهو ڄاڻڻ ٿو
چاهيان ته ڇا اِتي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ڪا جاءِ
خالي آهي؟ مون وٽ ايم اي سوشالاجي ۽ ايم ايڊ جون
ڊگريون آهن.
ذهني ٿڪَ سبب في الحال لکڻ ڇڏي ڏنو اٿم. نصير جا
ڪهڙا حال آهن. جواب جو بي چيني سان انتظار رهندو-
اوهان جو پنهنجو منير (ماڻڪ) 16-جنوري 1982ع.
·
]
۽ خط جي جواب جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندڙ ماڻڪ-
سائين نثار حسينيءَ وٽان ڪو جوڳو جواب پهچڻ کان اڳ
ئي، مايوس ٿي زندگيءَ جي وشال منظر مان گم ٿي چڪو
هو[.
ڪا آس؟
ٻه واٽي تي بيٺل.
ڪا اميد؟
يا ته باغي ٿي اڀران.
يا جڏهن صبح جو سج اڀري ته منهنجو مُئل، اڻ ساهو
وجود کٽ تي پيل هجي.
(ماڻڪ جي ڏنل آخري انٽرويوءَ مان ڪوريل)
·
عُذر خواهيءَ جي بجا آوريءَ لاءِ، جنهن ڪمري ۾
ماڻڪ جي ننڍي ڀاءُ اسان کي آڻي ويهاريو، اُتان
پنهنجي آڻ- ساهي وجود سان ماڻڪ وڃي چڪو هو. کٽولي
تي اَن وقت ماڻڪ جو ضعيف، بيمار، ڏکويل ۽ بي وَسو
لاچار پوڙهو پيءُ ليٽيو پيو هو ۽ (افسوس! اهو به
هاڻ مرحوم بڻجي چڪو آهي).
... سڏڪن- هاڻي آواز ۽ اُڀ ساهي واري تڪليف جي
ڪري، ماڻڪ جي والد صاحب جي ڳالهين ۽ جوابن ۾ ڪئي
اشارا، ڪئي پارَ، ڪئي ڪامائون، ڪئي ڪٿائون هيون:
صبح جو هو پنهنجي ميڊيڪل اسٽور تي ويو هو. 12-
ڌاري موٽي گهر آيو. چيائين، طبيعت ٺيڪ ڪا نه اٿم.
کٽ تي ليٽي پيو. ليٽڻ سان اچي پيو اُلٽين ۾، بي
آرامي ايتري هئس جو ڏٺو نه پئي ٿيو... پوءِ الائي
ڪيئن آرام اچي ويس... پوءِ آرام اچي ويس... الائي
ڪيئن آرام اچي ويس....؟
·
]۽
منجهند ڌاري، ڪهاڻي ڪَٿا ٻڌائيندڙ ماڻڪ- پاڻ ڪهاڻي
بڻجي چڪو هو.[
·
ماڻڪ جديد احساس جو اُهو نمائنده ڪهاڻيڪار هو،
جنهن وٽ فن به هو ۽ فڪر به جيڪو پاڻ سميت سڀني جي
احساسِ جُرات کي، ستل ضمير کي جاڳائيندو رهيو ۽
انهيءَ کي هن پنهنجي اخلاقي ذميداري به سمجهيو هو.
هوڪميٽيڊ ليکڪ هو، آهي ۽ رهندو. (ممتاز مهر)
·
بي رحم. ظالم ۽ قاتل ليکڪ. سنڌي ليکڪن جي ڊگهي
قطار کان هٽيل ۽ الڳ. سنڌي ادب جا ٺيڪيدار، جنهن
کي مڃڻ لاءِ تيار نه- ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ
کان پوءِ گاريون ڏيندا آهن. (شوڪت شورو)
·
ايندڙ دؤر ۾ ماڻڪ جا پڙهندڙ وڌيڪ پيدا ٿيندا.
(امداد حسيني)
·
اسين سچ کي، حقيقت کي ڪپڙا پهرائي پيش ڪندا آهيون
۽ ماڻڪ جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي ئي اهو ته هُن
اگهاڙو سچ پيش ڪيو ۽ حقيقت تان ڪپڙا لاهي ڇڏيا.
اسان مان گهڻا اِن کي قبول نه ڪندا هئا. جي چاهين،
ته ماڻڪ کي دل کولي گاريون ڏئي سگهن ٿا. (شوڪت
شورو)
·
ڪهڙين حالتن اوهان کي اگهاڙي سچ لکڻ تي مجبور ڪيو هو؟
ننڍپڻ کان تجسس جي هيرَ. انساني لاڳاپن ۽ ناتن جي
مشاهدي جي عادت. ڪتابن جي اڀياس- ۽ سڌي سنواٽي
مزاج، گڏجي لکڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪيو.
]ماڻڪ جي آخري انٽرويو مان ڪوريل حصو[.
·
ماڻڪ نه فقط پنهنجي سڀاوَ ۽ مزاج جي لحاظ کان ئي
سڌو سنواٽو هو، پر هُن جا ظاهري ساروپا به نهايت
سٻاجها سمپل هئا. پنج فوٽ ڪجهه انچ قد، چهرو گول،
اکيون وڏيون ۽ ڪارين ماڻڪين واريون. ڀرؤن، روسي
ماڻهن جهڙا، گهاٽا ۽ گهنڊيدار، گهاٽيون ۽گولائيءَ
تي مائل بئلينس مڇون. آڱرين جي پٺين حصن ۽ ڇاتيءَ
تي پشم جهڙا نرم نرم وار (۽ هٿ ملائڻ وقت يا ڏسڻ
سان هٿن ۽ ڇاتي وارا اهي سندس وار، هميشه مون کي
پريشان پيا ڪندا هئا). هٿ تِريون پيازي ۽ انتهائي
ڪومل. هٿ ملائينس، ته لڳندو، هٿ ڪنهن آرام ده فوم
۾ هليو ويو آهي. اهائي نرمي ۽ ملائميت هن جي آواز
۾ به هئي ۽ مرڪ ۾ به، (مان هن وقت به، لکندي، ڄڻ
سندس آواز ڪنايان ويٺو.) هن جي ڀرسان ويهبو، ته
لڳندو، اسين پيار ۾ سرشار ٿي،هن ۾ سمائبا پيا
وڃون. سڀاوَ ۾ ايڏو اطمينان، ايڏو سڪون، ايڏي
اڪيلائي جو توهان هن جي ڀرسان لنگهي وڃو، يا هو
توهان جي ڀرسان- پتو ان جو ٻنهي کي ڪو نه پوندو.
هلڻ چلڻ نهايت شانائتو ۽ ايڏي شفقت سان جو ڀائين
ته هلندي تان ڌرتيءَ تي ٻُوجهه وڌيڪ نه پئجي وڃي..
۽ مان سنڌ جي هن بنهه ارڏي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار
جي اِنهن بظاهر ساروپن ۽ سڀاوَ کي ڏسي حيران ويٺو
ٿيندو ۽ سوچيندو هئس ته: اهڙي شخص وٽ اِهي
ارڏايون، ايڏيون بغاوتون آهن آخر ڪهڙي هنڌُ موجود؟
۽ عزيزو! ماڻڪ پنهنجي همعصرن ۾ محض ڪهاڻيڪار يا
ليکڪ ته هو ئي ڪو نه- هو ته باغي هو... باغي!
·
۽ ادب ۾ ماڻڪ جي پهرين بغاوت ڀري اعلان جو سِرو هو:
’حويليءَ جا راز‘. (۽ ماڻِڪ اِها ڪهاڻي لکي ڄڻ ته
سنڌ جي ڊهندڙ جاگيرداري نظام جي حويلين تي زبردست
شيل ڦٽو ڪيو هو. مون کي پڪ آهي ته جڏهن اِهو
جاگيرداري نظام، مُڪمل طرح سان ڊهي پوندو، تڏهن
حويليءَ جا راز ڪهاڻيءَ کي تعليمي نصاب ۾ ضرور
شامل ڪيو ويندو- ممتاز مهر). ان کانپوءِ، ماڻڪ جو،
سماجي قدرن ۽ انساني لاڳاپن جي اصليت کي ڏيکاريندڙ
ناولٽ ’لڙهندڙ نسل‘ پڌرو ٿيو. لڙهندڙ نسل کان ادب
۾ ماڻڪ جي حوالي سان بنهه شخصي فرسٽريسن واري ادب
تخليق ٿيڻ کي به ڄڻ هٿِي مِلي وئي. ممتاز مهر
چواڻي: ماڻڪ ون يونٽ جي ڊهڻ جي سُتت پوءِ واري دور
جي سنڌي نوجوان جي ذهني ڪيفيت کي هڪ حساس نوجوان
جي حوالي سان پنهنجي ناولٽ ’لڙهندڙ نسل‘ ۾ چٽيو
آهي... ان کان پوءِ، هڪ ٻئي پويان، ’ڇهه انام
ڪهاڻيون،‘ ناولٽ ’رڃ ۽ پڙاڏا‘... ۽ ’ساهه مٺ ۾‘
تائين ماڻڪ جي ڪهاڻين، ناولٽن جا موضوع ۽ اسٽائيل
اِنتهائي ڇرڪائيندڙ ( ۽ شايد چيڙائيندڙ به) رهيا.
وڏي ۽ اهم ڳالهه هي به ته: نورالهديٰ شاهه جي ڪجهه
ڪهاڻين کي ڇڏي ڪري، اهڙن موضوعن کي نه کائنس اڳ
ڪنهن ليکڪ اهڙي ريت ڇُهڻ جي جرئت ڪئي هئي ۽ نه
کائنس پوءِ، سنڌ ۾ پنهنجي اِن ارڏي ۽ سگهه ڀري
اسٽائيل جو هُو اڪيلو ۽ آخري ليکڪ هو.
·
ماڻڪ جيئن زندگيءَ کي سمجهيو ۽ محسوس ڪيو هو، تيئن
اُن کي پنهنجي تخليق ۾ پيش ڪيو. سندس پيشڪش جو
انداز اِن حد توڻي حقيقي هو جو انهن ۾ سماجي
حقيقتن ۽ بُڇڙاين جي عضون جا، انگَ انگَ ڌار ڌار
ڪري، ڪاڳرن تي ڄڻ ڍير ڪندو ويندو هو. ٻولي به
پنهنجي ڪهاڻين ۾ هو ڪا عام رواجي ۽ ڪهاڻين ۾ مروج
انداز واري ڪونه لکندو هو. حقيقتن کي چِٽڻ لاءِ،
هن ٻوليءَ جو نئون گهاڙيٽو اختيار ۽ ايجاد ڪيو هو،
ڊگهن ڊگهن ۽ بورنگ جملن جي ڀيٽ ۾، هُن واپرايا
ننڍڙا ننڍڙا پتڪڙا جملا. سِٽون مختصر- سٽن ۾ فل
اسٽاپ، ڪاما ۽ سيمي ڪولن جو پورو پورو خيال. انهن
ڳڻن تي عُبور سبب هن وٽ لکڻ جي اهڙي سگهه ۽ ٽِرڪ
هئي جو ڪهاڻين ۾ هو، جنهن قسم جي ماحول کي ڏيکارڻ
چاهيندو هو،
Create
ڪري ڏيکاريندو هو (مثال طور: ’گئس چئمبر ۽ ڪارو
ڪاري ڪهاڻي.‘ ناولٽ پاتال ۾ بغاوت. ساهه مُٺ ۾ ۽
ٻيا به) خاص ڪري ماڻڪ جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس
فيڪلٽي ۾ مون کي ’امداد چانڊئي‘ کان، پنهنجي ناول
’ساهه مُٺ ۾‘ جو اسڪرپٽ ’رِي ويوءَ‘ لاءِ وٺي ڏنو
هو.. ۽ جڏهن گهر پهچي آڌيءَ رات جو اُن کي مون
پڙهڻ شروع ڪيو، تڏهن ويهن پنجويهن صفحن پڙهڻ کان
پوءِ، اوچتو ناول جي ’نائڪ‘ جو ڀؤ، خوف، حيرتون ۽
اُڻ تَڻ ڄڻ منهنجي رڳن ۾ سرايت ڪري ويون هيون.
لڳم: اُهو انقلابي پروفيسر مان آهيان. بغاوتن سان
جنهن جو ذهن ٽمٽار آهي. اهو شخص مان ئي آهيان،
جنهن جي آمريت جا گماشتا، ’سي آئي ڊي‘ ۽ ’ايف آئي
اي‘ جا ڇاڙتا واگهه وانگر آدم بُو آدم بُو ڪندا
ڳوليندا پيا وتن. ناول پڙهندي محسوس ٿيو ڄڻ ڪوئي
سامهون ڀت تان مون کي گهوري پيو. هوا جا آواز، در
جو ٺڙڪو پري کان ايندڙ ريل جي ڪوڪ. گهٽيءَ مان
لنگهڻ سبب ڪنهن جي پيرن جو کڙڪو ۽ ٻيا اهڙا
ڊيڄاريندڙ ۽ پراسرار آواز پس منظر طور ناول پڙهندي
ڊيڄاريندا رهيا هئا ۽ مون محسوس ڪيو ڄڻ ڪو ئي
منهنجي سمهڻ جو پيو انتظار ڪري. جيئن ئي سمهان
آسانيءَ سان منهنجي نِڙيءَ تي هو پنهنجا نهن رکي
سگهي. ’ضيا- آمريت‘ واري دؤر کي جيتري فل سگهه سان
هن ناول ۾ ماڻڪ پيش ڪري ڏيکاريو آهي، ان جو ڪو ٻيو
مثال سنڌي ادب ۾ اڃا ظاهر نه ٿيو آهي. (ڪاش سنڌ ۾
به ڪو ادارو هن ناول کي ڇپائي پڌرو ڪري. هندستان ۾
ته اهو ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي).
·
’حويليءَ جا راز‘، ’لڙهندڙ نسل‘، ’رڃ ۽ پڙاڏا‘، ’ڇهه
آنام ڪهاڻيون‘، ’پڇتاءُ‘، ’پاتال ۾ بغاوت‘.... ۽
ادب ۾ ماڻڪ لکيو بي پناهه ۽ ڳالهايو بنهه گهٽ.
(ڏسڻ ۾ بنهه سادو، اَٻوجهه پر اصل ۾ ميسڻو؛ اڳ ۾
گرم گرم بحث ڪندڙ، پوءِ گهڻو ڪري خاموش رهندڙ-
ماڻڪ لاءِ شوڪت شوري جو تاثر) مون به ڏٺو هو، ته
سنگت جي سِٽنگس ۾ به هو ٻڌندو وڌيڪ، ڪڇندو گهٽ هو.
سندس لکڻين تي ڪنهن ڏس کان ڪا جُلهه ٿي، ته ان تي
به اِموشنل نه ٿيندو. اظهار ڪرڻ چاهيندو، ته اول
جول ڳالهائڻ بدران عادت مطابق پهرين ان جو تَتُ،
جواب جي صورت ۾ لکندو ۽ پوءِ لکيل جواب پڙهي
ٻڌائيندو. سندس ڌيان ڪو جي سندس لکڻين بابت اسان
جي بزرگ دانشورن جي اعتراضن ۽ رمارڪسز ڏانهن
ڇڪائيندو هو، ته
Avoid
ڪندي چوندو هو: ڇا انهن کي به جواب مان ڏيان؟ يار!
مان لکڻ لاءِ پيدا ٿيو آهيان، وضاحتون ڪرڻ،
ڳالهائڻ ۽ جواب ڏيڻ لاءِ نه.
·
واقعي ماڻڪ قلم سان لکڻ ۽ سماجي وارتائن ۽
ناانصافين سان يُڌ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو. زبان سان
اوائي توائي ڳالهائڻ، لفظن کي ’جمع خرچ‘ لاءِ.
·
۽ ڪئي سال (ڪيئي ميل) ماڻڪ پنهنجن سوچن ۾ پنڌ ڪندي،
پنهنجي قلم ۽ مس بدران رت ڀري يُڌ ڪئي، سفر ڪيو.
پر ڪيستائين؟ ڪيستائين آخر؟ انتُ ته آهي ئي. ڪڏهن
دير، ڪڏهن سوير. پر ماڻڪ جو رستو اڌ پنڌ ۾ ئي کٽي
پيو. زندگيءَ ۾ شخصي مسئلن ۽ ڪهاڻين ۾ وري سماجي
مامرن جو سُٽ سلجهائيندي سلجهائيندي، هن کان
پنهنجي زندگيءَ جي ڌاڳي جو سِرو ڪٿي ڇڏائجي ويو.
·
سنڌي ادب ماڻڪ کي صرف اٺٽيهه سال، ڏهه مهينا ۽
ايڪيهه ڏينهن زندگي ڏني ۽ ماڻڪ موٽ ۾ ادب کي ڇا
ڏنو؟ ناولٽ، ناول ۽ لازوال ڪهاڻيون. سدا زندهه
رهندڙ ادب... ۽ ايڏو زنده ۽ تخليقي ادب لکندڙ
ليکڪ به ڪڏهن مري سگهي ٿو ڇا!؟
·
سوچيان پيو: ماڻڪ ڪيترن ئي موقعن تي، ڪيئي دفعا،
سنڌ جي ڪيترن ئي قبرستانن ڀرسان ۽ نوابشاهه جي نور
مسجد واري مقام وٽ به اڪثر لنگهيو هوندو اهو ئي
نور مسجد جو ايوان، جتي ماڻڪ کي هڪڙي بي گاهه
سَمئي جو، ڏوليءَ ۾ کڻي آندو ويو. لالٽينن جي مڌم
۽ جهيڻي روشنيءَ جي پُراسرار پاڇولن ۾، مٽِن مائٽن
۽ دوستن گڏجي هن کي قبر ۾ لاٿو ۽ هوريان هوريان
مٽي ورائي، دفن ڪري ڇڏيو-
]
۽ اک ڇنڀ ۾ سڀ دروازا بند[
۽ اچانگ، سڄي دنيا جا مظلوم، محڪوم ۽ محروم
پڙهندڙ، پنهنجي آدرشوادي ليکڪ جي نرم گرم ساروپن ۽
معصوم مُرڪندڙ چهري کان پل آپل ۾ محروم ٿي ويا.
.... ۽ ٿرڊ ورلڊ جا محروم محڪوم ماڻهؤ!
ماڻڪ وڃي چڪو،
ماڻڪ ختم ٿي چڪو،
پر ڇا، ماڻڪ مري سگهي ٿو؟
ڇا ماڻڪ جهڙا ليکڪ مري سگهن ٿا.
ختم ٿي سگهن ٿا؟
لِسن پليز،
لِسن پليز.
۽ ... گوئٽي جي چَپن تي مرڻ وقت هي لفظ هئا:
روشني،
روشني؛
او روشني....
رفتار ادب
نون ڪتابن تي تبصرا/تعارف/اڀياس
]تبصرن
لاءِ ڪتاب جون ٻه ڪاپيون مهراڻ آفيس کي موڪلجن[
علامه آءِ. آءِ. قاضي بحيثيت مبلغ اسلام ۽ معمار يونيورسٽي
تعليم:
Allama I.I. Kazi-
A scholar Missionary of Islam and Architect of
University-
Education in Sindh (1886-1968)
هيءُ ڪتاب دراصل انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ مقالو آهي،
جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده فاضل سيڪريٽري جناب
حبيب الله صديقيءَ جي ڪاوش جو ثمر آهي. صديقي صاحب
اهو مقالو علامه صاحب جي گذريل ورسيءَ جي موقعي تي
ڪوٺايل سيمينار ۾ پڙهيو هو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ ڪئي هئي. اهو سيمينار سنڌالاجيءَ
جي آڊيٽوريم ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي سهڪار سان
منعقد ڪيو ويو هو.
جناب صديقي صاحب جو ستر صفحن تي ڦهليل اهو مايدار
مقالو هينئر پاڪستان اسٽڊي سينٽر طرفان جاذب نظر
ڪَورَ ۽ اعليٰ ڪاغذ تي طبع ٿي ميدان ۾ آيو آهي.
مواد جي ترتيب ۽ سٽاءُ نهايت سهڻي آهي. هن ۾ علامه
مرحوم جي زندگيءَ جي گهڻن اوجهل پهلوئن کي اجاگر
ڪيو ويو آهي ۽ ڪافي نيون ڳالهيون پهريون دفعو منظر
عام تي آنديون ويون آهن. ڪتاب ۾ ڪيتريون ناياب
تصويرون، فوٽا، پمفليٽ، پاٽ جي انصاري ۽ قاضي
خاندان جو اڻ لڀ شجرو به شامل آهن، جن لاءِ صديقي
صاحب جي محنت جس لهڻو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته علامه قاضي هن صديءَ جو هڪ وڏو
مسلمان مفڪر هو. خاص طور اسلام ۽ لطيف جي حوالي
سان سندس فڪر ۾ سنڌ وارن لاءِ دائمي نوعيت جو
پيغام سمايل آهي. پر افسوس آهي ته علامه صاحب جي
سوانح ۽ فڪر تي تمام ٿورو ڪم ٿيو آهي. اڃان تائين
سندس ڪي تقريرون ۽ تحريرون به منظر عام تي اچي نه
سگهيون آهن.
هاڻي جيستائين علامه صاحب بابت ڇپيل مواد جو تعلق
آهي ته هن سلسلي ۾ سڀ کان پهرين جناب جي- ايم- سيد
جو ڪتاب ’ساهڙ جا سينگار‘ جنوري 1969ع م يعني
علامه صاحب جي وفات کان جلدي پوءِ هڪ سال اندر
منظر عام تي آيو، جنهن ۾ علامه صاحب جي زندگيءَ جو
مختصر احوال ۽ ان سان گڏ اهي خط ڏنا ويا آهن، جيڪي
پاڻ وقت بوقت ڪتاب جي مصنف ڏانهن لکيا هئائون. ان
ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت پنهنجيءَ جڳهه تي نهايت
مسلمه آهي. تقريباً انهيءَ ساڳئي عرصي دوران علامه
مرحوم جي هڪ ٻئي عقيدتمند علي نواز حاجن خان جتوئي
علامه صاحب جي خيالات و افڪار بابت مبسوط مقالو
لکيو، جيڪو پهريائين سنڌي ڊپارٽمنٽ جي مخزن
’سوکڙي‘ ۾ شايع ٿيو. (مهراڻ رسالي جي سڄاڻ ايڊيٽر
کي چڱي مَن ۾ پيئي ۽ هُن صاحب هو قيمتي مقالو،
مهراڻ نمبر 1/1986ع ۾ شايع ڪري، ان کي دوباره عام
ڪري ڇڏيو.) ڪافي سالن جي ماٺ کان پوءِ وري ڪجهه
مضمون ستر واري ڏهاڪي ۾ ’سنڌ ڪوارٽرلي‘ ڪراچي ۾
شايع ٿيا، جن ۾ خاص طور جناب احمد علي خوجه ۽ جناب
خير محمد لاڙڪ جا نالا قابلِ ذڪر آهن. انهيءَ عرصي
دوران علامه قاضيءَ جي فڪر تي راقم الحروف جو هڪ
تفصيلي مضمون سنڌيءَ ۾ ’هلال پاڪستان‘ اخبار
ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيو. ان طرح مسٽر غلام رباني جو
علامه صاحب تي مهراڻ 3/1988ع ۾ ڇپيل طويل تفصيلي
مضمون پڻ پڙهڻ وٽان آهي.
بهرحال علامه قاضيءَ جي فڪر ۽ سوانح تي لکڻ جو
باقاعدي آغاز تڏهن ٿيو، جڏهن ”علامه آءِ- آءِ-
قاضي ميموريل سوسائٽي“ ٺاهي وئي. اهڙيءَ طرح هاڻي
علامه صاحب جي ورسي به تقريباً هر سال باقاعدگيءَ
سان ملهائي وڃي ٿي. انهيءَ سوسائٽيءَ علامه صاحب
جون اهي ناياب تقريرون، جيڪي ٽيپ ٿيل هيون، تن کي
پڻ ڇپائڻ شروع ڪيو آهي. ازانسواءِ ’تعليم‘ جي
موضوع تي علامه صاحب جي تقريرن جا اقتباس، جيڪي
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ايڊٽ ڪيا آهن، هڪ ڪتابڙي جي شڪل ۾
ڇپيا آهن. ساڳي سوسائٽيءَ طرفان اي- ڪي- بروهيءَ
جو لکيل
‘Life and works of Allama I.I. Kazi’
پڻ سنه 1988ع ۾ شايع ڪرايو ويو آهي.
انهيءَ پس منظر ۾ صديقي صاحب جو انگريزيءَ ۾ لکيل
مقالو يقيناً هڪ اڳتي قدم آهي. تحقيق ۽ کوجنا جي
لحاظ کان منجهس نئون نڪور مواد ۽ بنيادي اهميت جون
نيون ڳالهيون شامل آهن. مصنف جي ٻولي پڻ معياري
آهي. انگريزيءَ ۾ هجڻ ڪري ڪتاب جي اهميت تمام
گهڻو وڌي وڃي ٿي، ڇو ته ان سان اهو ڪتاب سنڌ کان
ٻاهرين حلقن ۾ پڻ علامه صاحب جي شخصيت ۽ پيغام کي
متعارف ڪرائڻ جو باعث ٿيندو.
البت ايترو ضرور چئبو ۽ جيئن صديقي صاحب پاڻ هن
ڪتاب جي مهاڳ ۾ تسليم ڪيو آهي ته هن اهو مقالو
نهايت ٿوري عرصي ۾ يعني تڪڙ ۾ تحرير ڪيو آهي، جنهن
ڪري ڪي ڳالهيون اڃان وضاحت طلب آهن. جيتوڻيڪ ڪتاب
جي مسودي تي نظرثاني ڪندي، قاضي خاندان جي هڪ ٻي
فاضل شخصيت جسٽس امام علي قاضي نهايت قديمي حوالا
مهيا ڪيا آهن، جن مان ڪن واقعن تي وڌيڪ روشني پوي
ٿي، تاهم ڪي واقعا وڌيڪ استفسار گهرن ٿا. مثلاً
اهو ئي ته سنه 1947ع ۾ کين سنڌيونيورسٽيءَ جو
پهريون وائيس چانسلر مقرر نه ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح
1958ع ۾ علامه صاحب ڪهڙين حالتن ۾ ۽ ڇو استعفيٰ
ڏني؟ اهڙيءَ طرح علامه صاحب قائد اعظم ۽ علامه
اقبال جو نه رڳو همعصر هو، بلڪه سندن پاڻ ۾ ڪافي
ملاقاتون به ٿيون هيون. اهڙا اشارا علامه قاضيءَ
جي تقريرن مان ملن ٿا، بلڪه اقبال ۽ پاڻ ته لنڊن ۾
هڪ وقت هم ڪلاسي به هئا. ازانسواءِ علامه صاحب
لنڊن ۾ رهي جيڪا ’جمعيت المسلمين‘ قائم ڪئي هئي،
ان جي سرگرمين تي به ڪجهه روشني وجهڻ کپندي هئي.
اميد ته صديقي صاحب ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن ۾ انهن
پهلوئن تي روشني وجهندو. اسان اها ڳالهه خاص طور
ان ڪري به چئي، ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ڇپجڻ وقت ڪجهه
اضافي مواد صديقي صاحب جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ ان
ڳالهه ڏانهن اشارو ڪتاب جي مهاڳ ۾ به ڪيو ويو آهي.
چيو وڃي ٿو ته علامه صاحب جون ڪجهه تحريرون ۽ ٻيو
ذاتي نوعيت جو مواد، جيڪو علامه صاحب جي وفات
کانپوءِ اي- ڪي- بروهيءَ جي حوالي ڪيو ويو هوته
جيئن هو علامه صاحب جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال
مرتب ڪري سگهي. اهو مواد علي احمد بروهيءَ جي هٿان
صديقي صاحب جي حوالي ٿي چڪو آهي. اهڙيءَ طرح علامه
آءِ- آءِ- قاضي ميموريل سوسائٽيءَ وٽ موجود مواد
مان به استفادو ڪري سگهجي ٿو.
آخر ۾ پاڪستان مطالعاتي مرڪز جي چيئرمن ڊاڪٽر محمد
يعقوب مغل جي خدمتن کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو
سگهجي، جنهن هن ڪتاب کي نهايت شاندار نموني ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت سٺ روپيا آهي،
جيڪا عام ماڻهوءَ جي پهچ کان البت ٻاهر آهي، پر ان
کي ڇپائيندڙ جي مجبوريءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو چئي
سگهجي.
اميد ته سنڌ جي عظيم ڏاهي انسان علامه قاضي بابت
هيءَ ڪتاب تحقيق ۽ کوجنا جون نيون راهون هموار
ڪندو ۽ سنڌ جي نئين نسل لاءِ اوندهه ۾ لاٽ ثابت
ٿيندو.
عبدالغفار سومرو
”سنڌي ادب“ (جلد11، نمبر1-1989ع)
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي مخزن ”سنڌي ادب“ جو
اجراء سن 1977ع ۾ ٿيو. ڇهه ماهي مخزن آهي، تنهنڪري
انهيءَ حساب سان گذريل تيرهن سالن جو تيرهن جلد ۽
ڇويهه شمارا شايع ٿيڻ گهرجن ها، ليڪن جنوري 1989ع
۾ جاري ڪيل جلد 11 آهي. ملهه ويهه روپيا اٿس. سال
85-1984ع ۽ 87-1986ع ۾ صرف هڪ هڪ پرچو ڪڍيو ويو
هو. ان وقت هن رسالي جي قيمت 15 روپيا هئي.
پاليسيءَ جي لحاظ کان هيءَ هڪ ”تحقيقي ادب“ جي
مخزن آهي، ليڪن ”تخليقي ادب“ جي اهميت ۽ ڪاروباري
افاديت جي پيش نظر، سابق ناشره محترمه مهتاب اڪبر
راشدي صاحبه هن جريده ۾”تخليقي ادب“ يعني ڪهاڻيون،
ناٽڪ، شاعري وغيره کي جوڳي جاءِ ڏيڻ لاءِ وس ڪيا ۽
مخزن ”سنڌي ادب“ کي معياري ۽ دلچسپ بنائڻ لاءِ جتن
ڪيا تاهم کيس موزون مواد جي فراهمي ۽ بروقت
ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ڪافي دشواري درپيش رهي ۽ ”سنڌي
ادب“ جي منظر عام تي اچڻ ۾ هر ڀيري دير ٿي ٿي ويئي
۽
]کيس[ ڪافي گڏيل شمارا شايع ڪرڻا پيا.“
”سنڌي ادب“ جو پيش نظر پرچو معيار خواه ديده زيب
طباعت سبب منفرد ۽ پيارو پيو لڳي. محترم اديب
وليرام ولڀ جي ادارت ۾ شايع ڪيل هيلوڪو شمارو ڪافي
اميد افزائي پڻ آهي. ڀانئجي ٿو ته محترمه مهتاب
اڪبر راشدي صاحبه جي مجوزه معيار طرف ڪافي پيش
قدمي ڪئي وئي آهي. سنڌ جي نوجوان شاعرن ۽ اديبن
قاضي منظر حيات ۽ پشاولڀ جو هڪ غزل ۽ هڪ گيت:
”ڌرتي گولو جلي رهيو آ“ ۽ ”منهنجي زندگي مون کي
سڏي رهي آ“ جديد سنڌي شاعري جي فن توڙي خيال جي
بلنديءَ جا مظهر آهن. اهڙيءَ طرح، ڪهاڻين ۾ طارق
عالم جي ”ساهي“ بيدل مسرور جي ناٽڪي ”ڪهاڻي هڪ
درويش جي“ ۽ ثميره زرين جي تحرير ”ننڊ ئي ننڊ
هجيم: ابدي ازلي“ سچ ته ”عالم ۾ انتخاب“ جي مثال
آهن، جنهن لاءِ فاضل مدير کيرون لهڻيون. تخليقي
ادب جي حصي ۾ آندل سمورو مواد قابلِ قدر ۽ دلچسپ
آهي.
تحقيقي ادب جي حصي ۾ ڪي عميق مطالعا ۽ مختلف
موضوعن تي تحقيقي مقالا شامل ڪيا ويا آهن. هي حصو
هن رسالي جو مرڪزي مواد پيش ڪري ٿو. تحقيق ۽ تدوين
سنڌالاجيءَ جي اداره جو فرضِ اولين آهي، تنهنڪري
رسالي جي هن حصي تي خاص توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
هن شماري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ”سنڌي
شاعريءَ جو مطالعو“، محترمه خيرالنساءِ جعفري جو
”غم ۽ ان جا ڪارڻ“، ڀيڻ عائشه مدد جو شروع ڪيل
سلسلو ”سنڌ جون اهم شخصيتون“، عبدالله ڀٽي ۽ اعجاز
قريشي جي گڏيل تحقيق ”سنڌ ۾ اقتصاديات ۽ سنڌي
ميربحرن جي سماجي
]۽[ اقتصادي حالت“ گرانقدر مواد فراهم ڪن ٿا.
علاوه ازين ڀاءُ غلام محمد لاکي جو مقالو: ”شاهه
لطيف
]رح[
جي سوانح ۽ عيسوي ڪئلينڊر“، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جو
مقالو: ”سماجي علوم ۾ تحقيق جي ٽيڪنيڪ-1“ ۽ ٻيا
مقالا تحقيقي ڪم ۾ معاون- مواد جي ضرورت جو احسن
طريقي سان پورائو ڪن ٿا.
مواد جي لحاظ کان هي شمارو ڪافي معياري آهي. اميد
ٿي ڪجي ته هيءُ معيار نه فقط برقرار رکيو ويندو،
بلڪه ان کي اڃا به وڌايو ويندو ۽ مخزن جي وقتائتي
اشاعت کي اُصول بڻايو ويندو. موجوده ايڊيٽوريل
بورڊ جا اراڪين سائين ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه، ڊاڪٽر
غلام علي الانا صاحب، ڀاءُ عبدالقادر جوڻيجو ۽ خود
ايڊيٽر محترم وليرام ولڀ صاحب سنڌ جا مڃيل عالم ۽
قلمڪار آهن. علم خواه عمل ۾ تکا آهن، تنهنڪري هن
جريده جي آئينده شمارن جي باري ۾ حسنِ ظن بيجا نه
ٿيندو.
مواد جي معيار ۽ اشاعت ۾ وقت جي پابندي کان علاوه
رسالي جي سونهن سوڀيا (گيٽ-اپ) ۽ ڪم آندل پنو ۽
مس، ڪيل جُلد بندي ۽ مقرر ڪيل قَد بُت (سائيز) پڻ
مقبوليت جا ماڻ بڻجن ٿا. ”سنڌي ادب“ جو هيءُ شمارو
سهڻي ٽائيٽل ڪور،سٺي جلد بندي ۽ مناسب سائيز سبب
مجموعي طور سهڻو ۽ وڻندڙ لڳي ٿو، پر پني جي مختلف
قسمن ۽ رنگن سبب فيشن ۾ ڄڻ ٽُنگ ٿي پيو آهي، جيڪو
اُميد ته آئينده ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ويهه روپيا
قيمت مناسب آهي. انهيءَ ڏٺي مواد جا ڪل 276 صفحا
(ڊبل ڪرائون سائيز يعني 20
+
30 ۾ ڇپيل) سهانگي مُلهه فراهم ڪيل آهن.
- حبيب الله صديقي
جُهڙ نيڻان نه لهي
”جُهڙُ نيڻان نه لهي“ شيخ اياز صاحب جي آڌيءَ رات
جي سِرجنا آهي. اهڙي سَمئي جي، جڏهن ستارا، سمونڊ،
پهاڙ ۽ هوائون ڪائنات جي حفاظت ۽ اُن کي مُتحرڪ
رکڻ لاءِ رات ڀر اوجاڳي ۽ تپسيا ۾ هوندا آهن، ۽
اهڙيءَ ويلا ۾ ئي بقول اياز صاحب جي، ”مان ڇهين
بجي صبح تائين لکندو رهندو هئس ۽ ٻن مهينن ۾ مون
هي سارو ڪتاب (جهُڙ نيڻان نه لهي) لکي پورو ڪيو“.
(ٿورو غور فرمايو دوستو) جڏهن آڌيءَ رات جو، ستارن
جون روشنيون، سمونڊ جي سطح تي جهرِ مِر چُنري پيون
پکيڙينديون هونديون، تڏهن هوڏانهن سمونڊ جي سطح
کان سڏ پنڌ تي، ’ڪلفٽن- برج‘ لڳ پرنس ڪامپليڪس جي
ڪنهن اسٽڊي روم ۾ اسان جي شاعر شيخ اياز صاحب جي
ڏات جون اُڀ- ڪپر ڇوليون وري ڪاڳرن تي، بيتن جا
چِٽ- ڦل پيون چٽينديون هونديون. باوجود اِن جي ته،
هن مجموعي جي بيتن جي پس منظر ۾ لاڙ، اُتر جي لهجي
۽ ثقافتي سونهن جو منظرنامو موجود آهي، پر سمونڊ
جي سطح سامهون رهائش هجڻ سبب سامونڊي هوائون،
ڪراچيءَ جون روشنيون (مون کي روئارين ڪراچيءَ جون
روشنيون) ۽ سمنڊ جي بيچينيءَ جو مشاهدو، هنن بيتن
جو سگهه ڀريو منظرنامو به بڻجي ويو آهي. نه فقط
منظرنامو، پر هن دفعي سمونڊ ڄڻ اياز صاحب جي هن
شاعريءَ جو مکيه استعارو به بڻجي پيو آهي:
ناهي ننڊ سمنڊ کي، گَرجي ساري رات
نڪي ننڊ پهاڙ کي، توڙي چُپ چُپات
منهنجي ڏاهِي ڏات، ڪيڏا سَڏ ٻُرن پيا.
يادش بخير،اياز صاحب، پنهنجي هن کان اڳوڻي شعري
مجموعي ’اَڪن نيرا ڦليا‘ جي مهاڳ ۾ وچن ڪيو هو ته
’ٿر جي پس منظر کان پوءِ، پنهنجي شاعريءَ کي لاڙ ۽
اُتر جو پس منظر به ڏيندس ۽ اِئين سڄيءَ سنڌ جي
چَپَي چَپَي کي امرتا ڏيندس.‘ پنهنجي اِن وچن جي
پالنا ڪندي اياز صاحب پرنس ڪامپليڪس جي گئلري ۾
ويهي، لاڙ ۽ اُتر ڏانهن نهاريندي هوائن مان ڪهڙا
ڪهڙا نه پارانڀا سهيڙي پنهنجي بيتن ۾ سمويا آهن ۽
اُهي ملاحظه فرمايو ته اهڙا سموئي ڏيکاريا آهن جو
اِنهن ٻنهي علائقن جي سائيڪي، سُونهن، ثقافت ۽
سندن روايتون سدا لاءِ ڄڻ رجسٽر ٿي ويون آهن:
تَڏي آئي تنگ نه پوندا، سياڻپ ۾ سيبائتا
لاڙِي منهنجي لاڙ جا.
نيٺُ ته پُڄنديون پار اُنهن جون، ٻيڙيون ۽ ٻيڙائتا
لاڙِي منهنجي لاڙ جا.
اِهو ئي نه، ان کان به اڳتي پرنس ڪامپليڪس جي ٽي
وي لائونج ۾ ويهي، تصور ۾ هُن ڪهڙا ڪهڙا نه آواز
به ويهي ڪنايا آهن.
منهنجي تات تنوار جئن، مورَ ٽهوڪا ڪنِ
ڪيڏيون آيون اوڙِڪون.
يا:
ڪنهن بنسيءَ جي تانَ سان، ٻرن ٻَئِي پارَ
وڃي پئي راتڙي.
ساڳيءَ ريت، اُتر جي ماڻهن جي ڪِرت، ثقافت ۽ موسمن
جي سونهن به هن مجموعي جي بيتن ۾ جابجا جهلڪا
ڏيندي نظر اچي ٿي. هتي اهم ڳالهه هي به ته اياز
صاحب هن مجموعي ۾ تهائين انوکا ۽ حَسين بيت لکيا
آهن ۽ اُنهن بيتن جو حسن پسي دل گواهي ٿي ڏئي ته
ڪو ڀلي ايندڙ سؤ سالن تائين سٺا بيت نه لکي، هي
بيت پنهنجي وجود سان اُن جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه
ڏيندا. لاشڪ ته بيت اڄ ٻيا شاعر به لکن پيا، پر
بيتَ اياز صاحب وٽ ٻين وانگر ناهي. بقول اياز صاحب
جي ئي ته: ’مٽي ڪجهه ناهي، سڀ ڪجهه ڪِرت ڪُنڀار
جي.‘ ۽ اياز صاحب بيت جي مٽيءَ سان جيڪا ڪرت ڪئي
آهي، اُها سنڌ جي ڪنهن ٻئي سرجڻهار جي حصي ۾ گهٽ
آئي آهي. اڄ ڀٽائيءَ کان پوءِ اياز صاحب جي ڏات ۾
بيت کي ڄڻ پُنر- جنم ملي چڪو آهي.
جهومڪ جُهلي اِئينءَ، ڳاڙهي روپَ ڳٽولَ تي،
تارو هُجي جيئن، ڀرسان چوڏهينءَ چنڊ جو.
هنن بيتن ۾ اياز صاحب، جتي لاڙ ۽ اُتر جي موسمن،
پکين، پوکن، رنگن ۽ هُنرن جو ذڪر ڪيو آهي اُتي
اِنهن علائقن جي پورهيتن، لوهرن، مهاڻن، هارين،
هارياڻين، پاڻيارين ۽ ڪلالن جا اهنج سهنج، پلي جي
شڪار ۽ مُلن جي مامرن جا مذڪور به لفظن ۽ احساس ۾
سَموئي ڏات جي آسمان کي ڇُهي ڏيکاريو آهي- اِهي ئي
موضوع نه، اِنهن کان هٽي ڪري ڪي ٻيا موضوع به اياز
صاحب ’جهڙ نيڻان نه لهي‘ مجموعي ۾ ٽَچُ ڪيا آهن.
مثال طور پنهنجي ننڍڙي معصوم پوٽيءَ سان ٿيل گفتگو
وارا بيت، نارائڻ شيام جي وڇوڙي، سچل سائين سان
سِڪ جي اظهار ۽ ساميءَ جي ويدانتي فلسفي جي موٽ ۾
چيل جوابي بيت پڙهي اياز صاحب جي پاڻ لاءِ قائم
ڪيل هن دعويٰ سان سهمت ئي ٿيڻو پوي ٿو ته:
الوهي آواز، ٻُرن ٿا مون ۾ ميان،
صدين جا ڪي ساز، چُڻڪن پيا چت ۾،
هن مجموعي ۾ آيل بيتن جي برعڪس، ڪتاب جي آخر ۾
آندل 59 واين مان اڪثر وايون پنهنجي وجود ۾ سنڌ جي
لوڪ رومانوي داستانن، سر راڻو، ان کان سواءِ سر
سامونڊي، سرسارنگ، سرڪاپائتي، سرڪلياڻ ۽ سر ڪيڏاري
جو شيڊ ۽ موڊ به ڏيارين ٿيون. وايون ته هنن کان
اڳي به اياز صاحب بي پناهه تخليق ڪيون آهن ۽
ايتريون وايون لکڻ کان پوءِ به ائين چوڻ ته: ”اڃا
مون ارمان وايون ڪجهه ٻيون ڀي لکان“، خوش آئند
ڳالهه آهي. هن ڪتاب جي اهميت هڪ لحاظ کان ان حوالي
سان به آهي جو اياز صاحب، هي مجموعو ڊاڪٽرن جي
مشوري سان وڪالت جو ڌنڌو مڪمل طرح سان ترڪ ڪرڻ کان
پوءِ، مڪمل نويڪلائي ۽ واندڪائي ۾ ويهي سِرجيو
آهي- واڌائي ڀري ڳالهه هتي اها به آهي ته تازو هن
ٽيويهين مارچ اوڻيهه سؤ نوي تي پنهنجي اٺهٺين
ورهيه ۾ قدم رکيا آهن ۽ ٻڌو اٿئون هو ڏينهن رات
ڪراچي ۾ پنهنجي ايندڙ شعري مجموعي ’الودائي گيت‘
جي تياريءَ ۾ رڌل آهي.
اڃا مون آڌ گيتَ، سانڍيا آهن ساهه ۾،
متان ڀائين ميتَ، پُنا سپنا ساهه جا.
شيخ اياز صاحب جو هي شعري مجموعو ’جهُڙ نيڻان نه
لهي‘ نيوفيلڊس پبليڪيشنس جو ڪتاب نمبر هڪ سؤ
ٻاويهون، جون 89ع ۾ پڌرو ٿيو آهي. شيخ اياز صاحب
طرفان پنهنجي اهليه زرينه، پُٽ ڊاڪٽر سليم ۽ ننهن
لبنا کي ارپيل هن اَملهه ڪتاب جي، پڪي جلد جو ملهه
پنجونجاهه ۽ عام ڪاپيءَ جي قيمت صرف پنجٽيهه روپيا
آهي.
- نصير مرزا
ٻولين جا سرچشما
اسان جي ادب جي خوشقسمتي اِها رهي آهي ته سدائين
سچارا ساهتڪار ۽ تخليقڪار سندس سينڌ سندر نموني
سجائيندي، سنواريندي ان جي سونهن سوڀيا کي چار چنڊ
لڳائيندا پئي رهيا آهن.
پنهنجي پياري ٻوليءَ جي بوڪ شيلف مان جن ڪتابن تي
اڄ اسان هتي هن ڪالم ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ خيالن جو
اظهار ڪنداسين، انهن ۾ محترم ڊاڪٽر حيدر سنڌي صاحب
جو لسانيات جي موضوع تي ڪتاب ”ٻولين جا سرچشما“
آهي. ڊاڪٽر حيدر سنڌي قائد اعظم يونيورسٽي اسلام
آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي، جنهن جفاڪش ماڻهوءَ
تمام سٺي محنت ڪري، جاکوڙ ۽ جستجوءَ سان تحقيقاتي
مطالعي بعد ذهني ڪمپيوٽر ڊوڙائي، محبتي رنڊا روڙي،
لسانيات جي شعبي ۾ خاطرخواهه اضافو ڪيو آهي.
ٻوليءَ جي فني مطالعاتي جائزي ۽ اڀياس بعد پنهنجا
ويچار پني جي پيشانيءَ تي پکيڙيندي، ڊاڪٽر صاحب نت
نين راين کي خوش اسلوبيءَ ۽ اثرائتي انداز سان
نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. هن ڏکيري موضوع کي
نهايت سهڻي نموني نڀايو آهي. اهڙي راءِ جو اظهار
سنڌي ٻوليءَ جي وڏي پارکو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ صاحب به ڪيو آهي. (اها راءِ ڪتاب جي پٺيان
ڏنل آهي.)
هي ڪتاب اِتهاس پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران حسن علي
عطار صاحب جي شوق ۽ ذوق سبب اسان تائين پهتو آهي.
ڪتاب جو سرورق ٻه رنگو آهي ۽ نوجوان مصور منصور
عالم ابڙي جي ڪاوشن جو نتيجو آهي، جيڪو سچ پچ ڪتاب
جي سري کي اجاگر ڪري پيو. ڪتاب نيوز پرنٽنگ پني تي
ڇپيل آهي ۽ قيمت سورهن روپيا رکي وئي آهي.
حيدرسنڌي صاحب ڪتاب کي پنهنجي استاد محترم ۽ سنڌي
ادب جي ڀلوڙ عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نالي
منسوب ڪندي، شاگرديءَ جو حق بجا آندو آهي. پبلشر
پاران ’ٻه اکر‘ بعد مهاڳ پاڻ ڊاڪٽر حيدر سنڌي صاحب
لکيو آهي. جڏهن ته سٺو ائين ٿئي ها ته مهاڳ ڪنهن
لسانيات جي ماهر کان لکرايو وڃي ها. هي ڪتاب 147
صفحن تي ڦهليل آهي، جنهن ۾ پنج باب ڏنل آهن. پهرين
باب ۾ ”ٻوليءَ جي وصف“، ٻئي ۾ ”ڪلچر ڇا آهي؟“ ٽئين
۾ ”ڪلچر ۽ ٻوليءَ جو سٻنڌ“، چوٿين ۾ ”ٻوليءَ جي
ارتقا،“ جهڙا موضوع آندل آهن ۽ هي باب ڊگهيرڙو آهي
۽ ٻين ننڍن عنوانن
(Sub Topics)
تي مبني آهي. اهي آهن ”انسان جي ابتدائي ٻولي“،
”ٻوليءَ جي باري ۾ ڪجهه تجربا“، ”انساني جسم جي
جوڙجڪ جو ٻوليءَ تي اثر“، ”ٻوليءَ جو وڌڻ ويجهڻ“،
”عوامي ٻولي ڇا کي چئجي“، ”لوڪ ادب“ ”ٻوليءَ جا
لهجا“، ”لپي يا رسم الخط“ ۽ ”معياري ٻولي“ وغيره.
پنجين باب ۾ ”ٻوليءَ جي اهميت“ جي باري ۾ تفصيلي
تجزيو ڪندي، بحث کي سلجهايو ويو/ پڄاڻيءَ تي
پهچايو ويو آهي. آخر ۾ مطالعي هيٺ آيل ڪتابن جا
نالا ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردو جا ويهه عدد
۽ انگريزيءَ جا 57 ڪتاب شامل آهن.
ٻوليءَ جي حوالي سان لسانيات ۽ صوتيات جي شاگردن
لاءِ مختصر مفيد معلومات مهيا ڪرڻ تي ڊاڪٽر حيدر
سنڌي صاحب کيرون لهڻيون. اميد ٿي ڪجي ته سائين
ڊاڪٽر حيدر سنڌي جون علمي ڪاوشون انهيءَ ڏس ۾ اڃان
به پاڻ
موکينديون.
قاضي منظر حيات
سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن
ڪنهن به ٻوليءَ کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي
گرامر جو به مطالعو ڪجي. اسان جي ملڪ ۾ جيڪو
تعليمي نظام آهي، ان لاءِ مختلف ڪورسن ۾ مختلف
سبجيڪٽن ۾ گرامر جي پاڙهڻ لاءِ به انتظام ڪيل آهي.
پرائمري سطح کان وٺي اعليٰ تعليم تائين گرامر جو
استعمال ٿئي ٿو ۽ ان سان ئي ٻوليءَ کي صحيح سمجهڻ
۾ آساني ٿئي ٿي. اهڙوئي ”سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن“
جو ڪتاب نامياري عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي صاحب لکي ڇپرايو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ
صاحب جون علم ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتون قابلِ قدر
آهن. هن صاحب ادب سان گڏ ڪورس لاءِ به ڪيترائي
ڪتاب لکيا آهن.
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب هي گرامر جو ڪتاب ثانوي ۽ اعليٰ
تعليم لاءِ لکيو آهي. هن ڪتاب جا ڇپائيندڙ عجائب
اسٽورز سکر وارا آهن. هي گرامر جو ڪتاب شاگردن
لاءِ نهايت اهميت وارو آهي. شاگرد يا عام پڙهندڙ
ڪتاب مان لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿو. هي ڪتاب اٺن ڀاڱن
۾ ورهايل آهي. پهرين ڀاڱي ۾، گرامر، اسم، صفت،
فعل، ظرف، جنس، عدد، زمان، فصل وغيره ۽ انهن جون
سمجهاڻيون ڊاڪٽر صاحب چڱي نموني سمجهايون آهن. ٻئي
ڀاڱي ۾ علم بديع، بيان، تشبيـﮧ، استعاره وغيره ڏنل
آهن، جيڪي نثر ۽ نظم جي لکڻ لاءِ اهم ڄاڻ ڏين ٿا.
ٽئين ڀاڱي ۾ علم عروض، ارڪان، بحر قافيه، رديف،
مرڪب وغيره ڏنل آهي. هن ڀاڱي ۾ شعر جوڙڻ جي علم جي
ڀليءَ ڀت ڄاڻ ڏنل آهي، جيڪا شاگردن ۽ عام پڙهندڙن
لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي. خاص ڪري شاعريءَ جي نون
ليکڪن لاءِ پڻ هي باب ڪارائتو آهي. ڪتاب جو چوٿون
ڀاڱو آهي ”شعر جو قسم“، هن ڀاڱي ۾ غزل، قصيده،
رباعي، مثنوي، نوحه، سلام، مرثيو، بيت، وائي،
ڪافي، ڏوهيڙو وغيره جا قسم ڏنل آهن ۽ انهن جي
سمجهاڻي، بحر وزن ۽ ماترائن وغيره جي به ڄاڻ ڏنل
آهي. ان سان به پڙهندڙ سولائيءَ سان انهن کي سمجهي
سگهندو ۽ فرق ڄاڻي سگهندو. ڪتاب جي پنجين ڀاڱي ۾
پهاڪا، اشتقاق، ضد ۽ اصطلاح ڏنل آهن، جيڪي پڻ
اهميت لائق آهن. هن ڪتاب جو ڇهون ڀاڱو نهايت اهميت
وارو آهي ۽ اهو آهي ”ادبي تاريخ“، جو هن عنوان ۾
سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ڏني وئي آهي، جنهن ۾ سما
دور، مغل دور، ڪلهوڙا دور ۽ ميرن جي دور جو ادبي
جائزو ورتو ويو آهي. ان ۾ انهن دورن جي شاعرن جي
ڪلام جونمونو به ڏنو ويو آهي. ۽ انهن جي مختصر
سوانح به ڏني وئي آهي. البت ڪٿي ڪٿي ڪي ڳالهيون
ڌيان طلب به آهن. مثال طور صفحي 128 تي خليفي نبي
بخش جي وفات جو سن 1200 هجري لکيل ۽صفحي 129 تي
حمل فقير جي ولادت 1225 هجري ۽ وفات 1296 هجري
ڄاڻايل آهي. اڳتي هلي، ان لاءِ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو
ته، ”حمل خان جي خليفي نبي بخش سان سندس شعر و
شاعري جي ڏي وٺ ٿيندي هئي ۽ سندس ڪلام جو وڏو مداح
هو.“ هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته خليفي صاحب، 1200
هجريءَ ۾ وفات ڪئي ۽ هوڏانهن حمل فقير 1225 هجريءَ
۾ ڄائو آهي، يعني خليفي نبي بخش جي وفات کان
پنجويهه سال پوءِ حمل خان ڄائو، ته پوءِ خليفي
صاحب سان شعر و شاعريءَ جي ڏي وٺ ڪيئن ٿي هوندي.
جڏهن ته هي ڪتاب اسرندڙ ذهنن لاءِ لکيو ويو آهي،
يا ته اها پروف جي غلطي آهي يا وري تحقيق جي ڪمي،
بهرحال ان طرف ڌيان نه ويو آهي.
ستين ڀاڱي ۾ مضمون ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ ڪيترن ئي
عنوانن تحت مضمون ڏنل آهن. ڪتاب جو اٺون ۽ آخري
ڀاڱو به نهايت اهميت وارو آهي. هن ڀاڱي ۾، خط ۽
درخواستن لکڻ جو فن ڏنل آهي، جيئن شاگرد پنهنجن
مٽن مائٽن ۽ دوستن کي خط وغيره لکي سگهن. هن عنوان
۾ خط ۽ درخواست لکڻ جو ڏانءُ سيکاريل آهي. هي ڪتاب
ڪورس لاءِ نهايت ڪارآمد ثابت ٿيندو. شاگرد ۽ عام
پڙهندڙ هن ڪتاب مان سٺو فائدو حاصل ڪري سگهندا.
هن ڪتاب جي ويهه روپيا قيمت رکي وئي آهي ۽ سڀني بڪ
اسٽالن تان ملي سگهندو.
- امام راشدي
هراس
ادب هر دؤر ۽ هر عهد جو ترجمان هوندو آهي، جنهن ۾
اسان ڪنهن به قوم جو مزاج ۽ معاشرتي تبديلين جو
عڪس صاف ڏسي سگهون ٿا. هر دؤر جون پنهنجون الڳ
گهرجون ۽ مختلف تقاضائون ٿينديون آهن ۽ باشعور
ليکڪ اهو آهي، جنهن جون تحريرون وقت جي تقاضائن
سان مطابقت رکن ٿيون ۽ ائين ادب ان دؤر جي ماڻهن
جي ذهني لاڙن ۽ ترجيحات جي بنياد تي ڪو واضح روپ
وٺي سامهون ايندو آهي. هڪ دؤر اهو هو جنهن ۾
روحانيت پسنديءَ جو رجحان وڌيڪ ڏسڻ ۾ آيو ٿي، پر
وقت گذرڻ سان گڏ اسان جا ليکڪ روحانيت جي طلسم
خاني مان نڪري زندگيءَ جي مختلف موضوعن تي طبع
آزمائي ڪرڻ لڳا. خاص ڪري اسان جي موجوده دور جو
سجاڳ ۽ باصلاحيت نوجوان ليکڪ اڄ جي دور جي پيچيده
سماجي صورتحال جي ترجماني پنهنجي تحريرن وسيلي
موثر انداز ۾ ڪري رهيو آهي. هڪ اهڙي ئي باصلاحيت
نوجوان وهاب سهتي جي ڪهاڻين جو مجموعو ”هراس“ جي
عنوان سان مرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران پڌرو ڪيو
ويو آهي، جيڪا ليکڪ پاران مجموعي طور تي هڪ سٺي
ڪاوش آهي ۽ هڪ همت ڀريو قدم به آهي، ڇو ته عموماً
پبلشر حضرات نون ليکڪن جا ڪتاب شايع ڪرڻ کان
لهرائيندا آهن، شايد ان جي ڪري نون ليکڪن جي ايتري
حوصله افزائي نه ٿي سگهندي آهي. هن ڪتاب جي شايع
ٿيڻ کان پوءِ اميد آهي ته ٻين نون ليکڪن جا ڪتاب
به شايع ڪري سندن حوصله افزائي ڪئي ويندي. هن ڪتاب
جي اضافي خوبي اها آهي ته ان ۾ نج سنڌي لفظ
استعمال ڪيا ويا آهن ۽ ليکڪ پنهنجي ڪهاڻين ۾
ڳوٺاڻي زندگيءَ جو عڪس خوبصورتيءَ سان چٽيو آهي،
خاص ڪري ليکڪ ڳوٺ جي ماحول، اتان جي رهڻي ڪهڻي ۽
مسئلن کي پنهنجي اعليٰ رنگ ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن جي
ڪري ڪهاڻين ۾ حقيقتن جو رنگ وڌيڪ نمايان نظر اچي
ٿو. وهاب سهتي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مسئلن
کي سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ اثرائتي نموني ۾ بيان
ڪيو آهي، خاص ڪري سندس ڪهاڻي هراس ڳوٺن ۾ پيش
ايندڙ موجوده حالتن جي سٺي نمائندگي ڪري ٿي. ان
کان سواءِ وهاب سهتي پنهنجي ڪهاڻين ۾ حقيقت
پسنديءَ کان ڪم ورتو آهي. سنڌي سماج ۾ ڪيتريون
برايون بي پاڙيءَ وانگر ڦهليل آهن، غربت، جهالت ۽
بيروزگاريءَ جي پس منظر ۾ جنم وٺندڙ اهي بيماريون
سنڌي سماج کي اڏوهيءَ جيان کائي اندر ئي اندر ۾
کوکلو ڪري رهيون آهن. معاشي ناهمواريون، عورت جو
استحصال، تعليم جي ڪمي، اهي اڄ جي دور جا توجهه
طلب مسئلا آهن. ان کانسواءِ قتل، اغوا، چوري، جوا،
جنسي گهُٽ ۽ بي راهه روي ۽ اهڙيون ڪيتريون ٻيو
بُرايون هن وقت سنڌي معاشري کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي
رهيون آهن. وهاب پنهنجي اڪثر ڪهاڻين: هراس، چنبو
چنبو، کاهي، ڪوڪ وارو، ڌيئن جو ڌنار ۽ ڪوڙڪيءَ ۾
اهڙين براين جي نشاندهي ڪئي آهي. البت اها ڳالهه
ضرور آهي ته وهاب جي ڪهاڻين ۾ موضوع جي لحاظ کان
نواڻ گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. وهاب جن موضوعن تي طبع
آزمائي ڪئي آهي، انهن موضوعن تي ڪيتريون ئي
ڪهاڻيون ڇپجي منظر عام تي اچي چڪيون آهن. جيڪڏهن
وهاب مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ انهن مسئلن جو
ڪو حل به پيش ڪري ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. باقي
جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ڪهاڻين جي
Treatment جي ته ادب جي دنيا ۾ نئين هئڻ جي باوجود سندس تحريرن ۾
پختگي آهي. سندس ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي رواني ۽
ڪهاڻين ۾ جيڪو تسلسل جو عنصر آهي اهو هڪ ڏينهن
وهاب کي سٺن ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ ضرور شامل ڪندو، پر
شرط اهو آهي ته هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ موضوع جي لحاظ
کان اڃان
Variety
پيدا ڪري ۽ سندس قلم زندگيءَ جي مُک تان خوشنما
نقاب لاهي اصلي روپ ڏيکارڻ جي مڪمل صلاحيت رکندو
هجي، جنهن لاءِ هو پاڻ چوي ٿو ته ”منهنجون ڪهاڻيون
سؤ سيڪڙو سچ نه آهن، ته ابه ايڏي وڏي ڪوڙ جي ملاوٽ
نه اٿن جو ڪوڙيون لڳن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪهاڻي
ڪوڙ جي آميزش کانسواءِ جڙي نه سگهندي آهي، ڪٿي ڪٿي
’دروغ مصلحت آميز به از لامتي فتنه انگيز‘ تي عمل
ڪندي اصل نالا بدلائي فرضي نالا ڏنا اٿم، ورنه
ڪهاڻين جو وچور حقيقت تي ٻڌل آهي“. وهاب جي ان
ڳالهه مان ظاهر آهي ته هن جي اندر ۾ حقيقتن کي
پرکڻ جي گهري جستجو آهي ۽ سندس ڪهاڻيون مشاهدي جي
سَلي مان ڦُٽي نڪتيون آهن. وهاب ادب جي منزل ماڻڻ
لاءِ حقيقتن ۽ سچاين جي ڳولا جي جنهن سفر تي
نڪتوآهي، هراس ان سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي، هاڻ اهو
پڙهندڙن تي منحصر آهي ته هو ان نئين ليکڪ جي لکڻين
جي حوصله افزائي ڪيئن ڪن ٿا.
- شبنم گل
چونڊ ترڪي ڪهاڻيون
تازو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پنهنجي اشاعتي سلسلي
جو 145 نمبر ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جو
عنوان آهي ”چونڊ ترڪي ڪهاڻيون“. اهوڪتاب اصل ۾
ترڪي جي اديب علي الپ ارسلان جي چونڊيل ۽
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل افسانن
“A Slection of Turkish Short Stories” جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو سنڌيءَ جي سڄاڻ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر
جناب بشير مورياڻي ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ڪل سورهن
ڪهاڻيون آهن، جيڪي انهن چوڏهن ڪهاڻيڪارن جون تخليق
ڪيل آهن، جن جو تعلق ترڪيءَ جي قومي ادب جي تحريڪ
سان آهي، ۽ جيئن مورياڻي صاحب پنهنجي مهاڳ ۾ ٻڌايو
آهي ته ”اها تحريڪ 1911ع ۾ شروع ٿي ۽ 1923ع ۾ نئين
ترڪي قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين هلندي اچي.“
ڪهاڻين جي هن چونڊ ميڙ ۾ محمود شوڪت اينڌل (1952-
1883ع) کان وٺي ياسر ڪمال (ڄم 1922) تائين يعني
هلندڙ صديءَ جي پهرئين اڌ کان به مٿي تائين واري
دور جي معروف افسانه نويسن / ڪهاڻيڪارن جون
ڪهاڻيون ترجمي جي ذريعي آنديون ويون آهن. بشير
مورياڻي ترجمن جو مهاڳ ”تنظيمات“ جي ذڪر سان ڪري
ٿو ۽ لکي ٿو ته ترڪي زبان ۾ ان جي معنيٰ آهي
”اصلاحي تحريڪ“. شايد ان تحريڪ جي اثر هيٺ ترڪيءَ
۾ هڪ وائکي سماج جو بنياد رکيو ويو هو ۽ هر طرف
نئين فڪر ۽ نئين سوچ جنم ورتو هو، جنهن جو اثر
ترڪي زبان جي علم ادب تي به پيو. بشير مورياڻي
مهاڳ ۾ انهن سڀني ڪهاڻيڪارن جو پڻ تعارف ڪرايو
آهي، جن جا چونڊ افسانا ڪتاب ۾ شامل آهن. ان سڃاڻپ
جي پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته اهي ڪهاڻيڪار نه رڳو
ليکڪ هئا، پر اهي سڀئي اعليٰ تعليم يافته ۽ پنهنجي
ملڪ جي حڪومت جا ذميوار فرد به هئا؛ ڪي وزير هئا،
ڪي قومي اسيمبلي جا ارڪان، ڪي يونيورسٽين ۾
پروفيسر ۽ استاد ۽ ڪي اخبارن ۽ رسالن جا ايڊيٽر ۽
رپورٽر. انهن مان ڪن پنهنجي ملڪ ۾ تعليم حاصل ڪئي
ته ڪن وري اوسي پاسي جي يورپي ملڪن جي اعليٰ
تعليمي ادارن وٽان سندون حاصل ڪيون. اهڙيءَ ريت
ملڪي ۽ غيرملڪي زندگيءَ جي ڳوڙهي مطالعي ۽ مشاهدي
حاصل ڪرڻ کان پوءِ هنن پنهنجي زندگيءَ کي سمجهڻ ۽
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي ڪهاڻيڪار ڏاڍا باشعور ۽
سڄاڻ ڏسجن ٿا، جن پنهنجين ڪهاڻين ۾ بيحد اثرائتي ۽
زوردار انداز ۾ انهن سڀني بڇڙاين، خرابين، سختين ۽
اذيتن کي پڌرو ڪيو آهي، جيڪي نئين ترڪيءَ کي پراڻي
سماج کان ورثي ۾ مليون هيون. ترڪي ٻوليءَ جي انهن
ڪهاڻين ۾ مغربي افسانوي ادب جو ڳوڙهو اثر ڏسجي ٿو،
پر مواد جي لحاظ سان انهن ۾ خالص ترڪ زندگيءَ جي
هر طرفي تصوير چٽي ويئي آهي. انهن ڪهاڻين ۾ ڳوٺاڻي
زندگي به آهي ته شهري زندگي به؛ عمر سيف الدين جي
افساني ”ڏن“ جو اوچو ڪردار ”علي“ به آهي، جيڪو بي
گناهه آئيءَ ۾ اچي نفرت، ڌڪار ۽ غلاميءَ جي لعنتن
کان پاڻ بچائڻ جي لاءِ پنهنجي اها ٻانهن پنهنجي هٿ
سان وڍي ٿو ڇڏي، جيڪا سندس روزگار حاصل ڪرڻ جو
وسيلو آهي؛ خالده اديب خانم جي ڪهاڻيءَ جو اهو
بيوس گهورڙيو به آهي، جيڪو ڪدوءَ جا ٻج وڪڻي
پنهنجي ڌيءَ کي پڙهائڻ گهري ٿو، پر ڇوڪريءَ وٽ
چمڙي جي جتي نه هجڻ جي ڪري کيس اسڪول ۾ اچڻ کان
منع ڪئي وڃي ٿي ۽ گهورڙيو اها سٽ سهي نه ٿو سگهي؛
رفيق خالد خيري جي ٻن افسانن جا ڪردار ”آغابي“ ۽
”عرب بدو“ آهن، جن مان پهريون زندگيءَ جي آسائشن ۾
وٺجي وڃي ٿو ته ٻيو وري زندگيءَ جو عذاب ڏاڍي صبر
۽ بهادريءَ سان برداشت ڪري ٿو؛ ”مولا جو مهمان“
افساني جو مڪريلو مُلو آهي، جيڪو مڪر ۽ فريب سان
هڪدم انسان جو گهر اُجڙ ڪري پنهنجيون نفساني
خواهشون پوريون ڪري ٿو؛ ڪهاڻي ”آرز رم وارو تحسين“
جو اسرار ڀريو ڪردار آهي، جنهن اڳيان دنيا جون
راحتون تڇ ۽ بي معنيٰ آهن؛ ڪمال طاهر دمير جي
افساني ”گهوڙي گاڏيءَ وارو“ جا اٻوجهه ڪردار آهن،
جيڪي خوشين جي ڳولا ۾ پنهجين دلين ۾ اميد جا ڏيئا
ٻارين ٿا، پر جيڪي اک ڇنڀ ۾ وساميو وڃن ۽ اکين
اڳيان اها ئي اوندهه انڌوڪار اچيو وڃين؛ ارهان
ڪمال جي افساني جو ”گند ڍوئڻ وارو“ آهي، جنهن جي
ڪابه حسرت پوري نه ٿي ٿئي؛ ”نرالو حجام“ جو دڪان ۽
اتي جا ڪردار آهن، جن جي اڳيان پراڻي دنيا جي پيٽ
مان نئين دنيا جنم وٺي ٿي، ”هاٿي حمدي“ جو پوشيدو
ڪردار آهي، جيڪو پوليسي سرشتي تان چٿرون ڪري مزاح
پيدا ڪري ٿو؛ خلدون تانيز جو ڪراڙو ڪردار ”ثباتي
بي“ آهي، جنهن جون حسرتون نئين زندگيءَ جي بيرحم ۽
تڪڙن پيرن هيٺان اچي چيڀاٽجي وڃن ٿيون. انهن کان
سواءِ صمد آغا اوغلو جو طويل افسانو ”وڏو ڪٽنب“
آهي، جنهن ۾ حاجي غياث جي خاندان جي عروج و زوال
جو ڊگهو ۽ عبرتناڪ داستان ڏنل آهي. سڀني افسانن ۾
ترڪيءَ جي مٽيءَ جي مهڪ آهي؛ اتي جي شهرن، ڳوٺن،
جبلن، ميدانن، نهرن، باغن، موسمن، گرمي، سردي جي
عڪاسي ڪيل آهي؛ احساسن ۽ امنگن جي بيحد اثرائتي
ترجماني ڪيل آهي. فني لحاظ کان اهي سموريون
ڪهاڻيون هر طرح سان اولهه جي استاد افسانه نگارن
او. هينري، ماپ سان، چيخوف ۽ ڪيٿرائن مينسفيلڊ جي
ڪهاڻين سان ڪلهوڪلهي ۾ ملايو بيٺيون آهن، جن ان فن
کي اوج تي پهچايو هو.
ترڪي جي انهن افسانن کي محترم مورياڻي ڏاڍي محنت
۽ روانيءَ سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي؛ ايتريقدر
جو ڪهاڻين جو پيغام سولائيءَ سان پڙهندڙ تائين
پهچي وڃي ٿو؛ اها ڳالهه ترجمي جي هڪ تمام وڏي خوبي
آهي. البت ترجمو ڪندي ٻوليءَ جون ڪي اوڻايون رهجي
ويون آهن، جن تي ڇپائيءَ کان اڳ هڪ ڀيرو نظر
ڦيرائجي ها ته هوند اهي نه هجن ها. مثال طور:
”مسجد مان سانجهيءَ جي ٻانگ مِلي.“ (ص 44، سٽ
آخري)؛ ”اهي آفيمي هلت ۾“ (ص 36، سٽ 21)، ”پر
هو... نه پئي“ (ص 44، سٽ 6-8)؛ ”هن هفتي ۾ پنجن
سالن جيڏو ڪم ڪري ڏنو هوس“ (ص 44، سٽ 20)؛ ”مائي!
تون... نه پئي“ (ص 76، سٽ 23- 24)؛ سنواريل
سينگاريل عورت (ص 217، سٽ 6). ساڳئي وقت هميشه
مطابق پروفن جون به غلطيون آهن. اهي سموريون
غلطيون جيتوڻيڪ ”اٽي ۾ لوڻ برابر آهن“، پر بهرحال
آهن، جيڪي اميد ته ٻئي ڇاپي ۾ نظر نه اينديون.
سنڌي مترجم ڪهاڻيڪارن جي سڃاڻپ وارا نوٽ مختصر مهاڳ جي آخر ۾
لکيا آهن، جيڪي هر ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ هجن ها ته
وڌيڪ مناسب لڳن ها. ان کان سواءِ ترڪ ڪهاڻيڪارن جا
نالا غلط معلوم ٿين ٿا؛ ڇاڪاڻ ته اهي انگريزيءَ
تان سنڌيءَ ۾ آندل آهن. ترڪن جو رومن اسڪرپٽ برابر
آهي، پر حرفن جي اُچار ۾ فرق آهي. مثال طور مون
سال 1974ع ۾ هڪ ترڪي افساني جي انگريزي ترجمي
“Feast of Dead” جو سنڌيءَ ۾ ”ختمو“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو هو، جيڪو پوءِ
ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ادبي رسالي ”سوجهرو“
۾ ڇپيو هو. افساني جي مصنف جو نالو انگريزيءَ ۾
“Cevdet kudret” ڄاڻايل هو. ”قدرت“ ته منهنجي سمجهه ۾ آيو پر پهريون لفظ ”سودت“
لکڻ تي دل نه پئي ٿي. نيٺ منهنجي اها مشڪل سنڌ
يونيورسٽيءَ جي لائق استاد پروفيسر قاضي نبي بخش
حل ڪئي ته اهو لفظ ”سودت“ نه ”جودت“ آهي، جو
ترڪيءَ ۾ ”ج“ جي اُچار جي لاءِ
“C”
جو حرف ڪتب آڻيندا آهن. مان سمجهان ٿو ته اها
ذميداري جي مترجم پوري نه ڪري سگهبو هو ته
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کي کپندو هو ته سنڌ
يونيورسٽي ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ۽
سنڌ ۾ ترڪي ادب ۽ زبان جي واحد ماهر پروفيسر ڊاڪٽر
محمد يعقوب مغل کان رهنمائي وٺن ها ته بهتر هو. نه
رڳو ايترو بلڪ ”ترڪي افسانوي ادب“ تي موصوف کان
مقدمو لکارائي ڪتاب ۾ شامل ڪن ها ته ان جي هڪ علمي
حيثيت به ٿي پوي ها- اميد ته آئينده اهڙن ڪتابن جي
سلسلي ۾ اهي ڳالهيون نظر ۾ رکيون وينديون.
ڪمپيوٽر جي اڄوڪي دور ۾ هن ڪتاب جي پراڻي نموني
واري ٽائيپ ۾ ڇپائي ايتري وڻندڙ نه ٿي لڳي. البت
ڪتاب جو ٽائيٽل بيحد جاذب آهي ۽ ان تي عنوان جي
ڪئليگرافيءَ هڪ عجب حسن پيدا ڪيو آهي. ڪتاب جي
مواد ۽ 237 صفحن جي لحاظ کان ان جي سٺ رپيا قيمت
ڪا گهڻي ڪانهي.
- مراد علي مرزا |