آجيان واري تقرير لاءِ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جي
سيڪريٽري تنوير عباسيءَ کي سڏيو ويو، جنهن سڀني
آيل مهمانن ۽ سچل سائينءَ جي پانڌيئڙن کي ڀليڪار
ڪندي چيو ته، سچل سائينءَ انهن شاعرن مان هو جيڪي
نه فقط سنڌ ۽ ننڍي کنڊ بلڪه دنيا جي عظيم شاعرن ۾
نمايان آهن. اهو انهن شاعرن مان آهي، جن جو نياپو
انسانيت، انسان دوستي، امن، پيار، رواداري ۽
ڀائيچارو هو، پر اڄ سنڌ جنهن دور مان لنگهي رهي
آهي اتي ائين ٿو لڳي ته سنڌ اسان جي صوفين ۽ اسان
جي بزرگن جو نياپو وساري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ هينئر نه
پيار آهي، نه امن آهي، نه ڀائيچارو آهي ۽ نه ئي
رواداري آهي! ته هن وقت اسان کي سوچڻ گهرجي ته آخر
هنن صوفين ۽ بزرگن جي سرزمين تي رتوڇاڻ، مارا
ماري، افراتفري ۽ بدامني جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ اسان
جا اهي حضرات جيڪي ڪرسين تي ويٺا آهن، اهي انهن
سڀني مسئلن جوڪهڙو حل ٿا ڪڍن، ڇو ته اهي مسئلا حل
ڪرڻ نه منهنجي وس ۾ آهن، نه توهان جي وس ۾. جيڪڏهن
هنن جي وس ۾ ناهي ته اسان کي اهي ماڻهو ٻڌائين
جنهن سان وڃي اسان رجوع ڪريون، ۽ اسان جا جيڪي
حضرات حڪومت ۾ آهن اهي ان کي ختم ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام
ويا آهن، ۽ جيڪڏهن ناڪام نه ويا آهن ته ڪامياب
ڪڏهن ٿيندا؟ ان کي گهڻو عرصو لڳندو! اهو اسان کي
ٻڌائين. ان کان سواءِ تنوير عباسي سچل سائين جي
شهر کي خوبصورت بڻائڻ واري اسڪيم متعلق يادگيري
ڪرائي ۽ سچل سائين جي مقبري جي مرمت ڪرائڻ جي پڻ
گهر ڪئي. محفل جي مکيه مهمان منظور حسين وساڻ
پنهنجي تقرير ۾ چيو ته: مان اڳ به سچل جي پانڌيئڙي
جي حيثيت ۾ هنن رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندو هوس ۽
اڄ به سچل جي پانڌيئڙي جي حيثيت ۾ حاضر ٿيو آهيان.
سچل سائين وڏو ۽ عظيم شاعر هو. سندس دور ۾ ڪنهن به
قوميت يا لسانيت واري ڳالهه نه هئي، سچل سائين
پنهنجي نياپي وسيلي ميٺ محبت ۽ امن وارو نياپو
پکيڙيو، پر اڄ سچل سرمست جي سنڌ تي دهشت گردن جا
لامارا آهن، جنهن مان سنڌ جو هر پُرامن ماڻهو
بيزار آهي. اڄ اسان کي عهد ڪرڻ گهرجي ته سنڌ کي
رتوڇاڻ واري صورتحال کان بچائڻ لاءِ گڏيل جدوجهد
ڪجي، جنهن ۾ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جي سهڪار جي
سخت ضرورت آهي.
هن سچل سائينءَ جي مقبري تي ٿيندڙ ڪاشيءَ جو ڪم
ناڪاره هجڻ جي مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته ان بابت
سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائي اهو ڪم ثقافت کاتي جي
معرفت ڪرايو ويندو. هن اهو به اعلان ڪيو ته سنڌ
سرڪار سچل سائين جي حوالي سان درازا ۾ راڳ جي سکيا
لاءِ راڳ سينٽر جي قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي
فنڪارن کي سچل سائين ۽ ٻين فقيرن جي ڪلام ڳائڻ ۽
عام ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
منظور حسين وساڻ جي تقرير کان پوءِ سچل جي فقيرن
پنهنجي روايتي انداز سان سچل جو ڪلام ڳايو. راڳ جي
هن خوبصورت محفل ۾ موٽڻ شاهه، دلبر فقير، مراد علي
فقير، سهراب فقير، فقير وزير علي، محرم علي ۽ ٻين
ڪافي فقيرن حصو ورتو. پوري اسٽيج فقيرن سان ڀري
پئي هئي. گيڙو ڪپڙا پهريل سچل جا فقير جنهن وقت
پنهنجي موج ۽ مستيءَ ۾ ڳائن پيا ته محفل ۾ ويٺل
سڀئي ماڻهو به انهن سان گڏ جهومن پيا. فقير ڪلام
ڳائڻ کان پوءِ واري واري سان مکيه مهمان منظور
حسين وساڻ کان پنهنجوانعام وٺندا پئي ويا. اهڙيءَ
طرح هي محفل سوائين يارهين وڳي پنهنجي پڄاڻيءَ کي
پهتي.
محفل سماع کان پوءِ سگهڙن جي ڪچهري ٿي، جنهن جي
صدارت سنڌ جي مشهور معروف ثقافتي شخصيت سيد صالح
محمد شاهه (ريڊيو پاڪستان جي ”فتح خان“) ڪئي.
سگهڙن جي هن ڪچهريءَ ۾ سنڌ جي ناميارن سگهڙن حصو
وٺي پنهنجي فن جو زبردست مظاهرو ڪيو ۽ تمام گهڻو
داد حاصل ڪيو.
سچل ادبي ڪانفرنس جو انتطام هن دفعي درازا بجاءِ
تازه ٺهي راس ٿيل سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ڪيو ويو
هو، جتي شام کان وٺي مهمان اديب ۽ شاعر پهچڻ شروع
ٿي ويا هئا. ادبي ڪانفرنس جو صدر مايه ناز عالم،
محقق، دانشور ۽ سنڌ جو سپوت جناب ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ هو ۽ مکيه مهمان نوجوانن جي معاملن وارو
وفاقي وزير سيد پرويز علي شاهه جيلاني هو. ادبي
ڪانفرنس جي صدر ۽ مکيه مهمان کان سواءِ سچل سرمست
يادگار ڪاميٽي جي سيڪريٽري تنوير عباسي کي اسٽيج
تي اچي ويهڻ جي دعوت ڏني، ۽ ڪانفرنس جي شروعات ڪئي
وئي. ڪاميٽيءَ جي سرگرم ڪارڪن محمد علي حداد بيجن
هڻڻ واري رسم انجام ڏني ۽ پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت
لاءِ دعوت ڏني وئي مولانا عبداللطيف سڪندري کي.
تلاوت کان پوءِ خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنر مسٽر فضل
الرحمان، سيد پرويز علي شاهه صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
خان صاحب کي ڪتاب ”سرمست -10“ پيش ڪيو.
هن تقريب جي شروعات جا فرائض محمد علي حداد انجام
ڏيندي سڀ کان پهريائين تنوير عباسيءَ کي مهمانن جي
ڀليڪار لاءِ سڏيو، جنهن سڀني اديبن، شاعرن ۽ ٻين
مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سچل سائين پيار جو
شاعر آ، سچل سائين محبت جو شاعري آ، سچل سائين امن
جو شاعر آ. سچل سائين چوي ٿو ته ”آيو نينهن نڀائڻ
آيو، ڪم نه هَيڙس ڪو ٻيو.“ يعني اسان هتي جيڪي هن
دنيا ۾ آيا آهيون سو رڳو انهيءَ مقصد جي ڪري ته
نينهن نڀايون، هڪٻئي سان پيار ڪريون، پر اڄڪلهه
سنڌ ڇا آهي؟ اهي سڀ سوال آهن، اهي سڀ سوال اسان جي
آڏو ڪر کڻي بيٺا آهن ته آخر هنن صوفين جي سرزمين
تان انسانيت سوز ڳالهيون ڪڏهن ختم ٿينديون. ڪڏهن
اهو امن جو بين الاقوامي پيغام جيڪو اسان جي بزرگن
ڏنو، اهو انسان جي دلين تان ڪٽ لاهيندو ۽ ڪڏهن
اسان جي سنڌ سڪون جوساهه کڻندي؟ ڪڏهن اسان جي سنڌ
۾ امن جون لوليون هونديون؟ معصوم ٻارڙن جون مرڪون
هونديون ۽ مائرن جون جهوليون ڀريل هونديون، ته اهو
هڪڙو وڏو سوال آهي ۽ انهيءَ جو جواب اسان به ڏئي
سگهون ٿا. پر اسان جي جواب ڏيڻ سان ڪجهه به ڪو نه
ٿيندو. اهوڪم اسان جي سياستدانن جو آهي. انهن شخصن
جو آهي جيڪي ڪرسيءَ تي ويٺل آهن، جيڪي فيصلا ڪري
سگهن ٿا. جن جي فيصلي کي ڪا اهميت آهي ته مان انهن
کي
سچل ادبي ڪانفرنس – خيرپور ميرس
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، وفاقي وزير سيد پرويز علي شاهه جيلاني،
تنوير عباسي، حميد سنڌي، آغا سليم، ڊاڪٽر نواز علي
شوق، شمشير الحيدري، عنايت بلوچ، فتاح ملڪ ۽ غلام
محمد لاکو.
حبيب الله صديقي، نصرت حسين ابڙو، فقير محمد
لاشاري، هدايت بلوچ، ذوالفقار سيال، مقصود گل،
محمد علي حداد، اياز گل، ادل سومرو، مختيار ملڪ،
مونس اياز، نفيس احمد ”ناشاد“، سرڪش سنڌي ۽ قربان
منگي.
چوندس ته هن سرزمين کي وري سک موٽائي ڏيو. اسان کي ٽهڪ کپن، اسان کي هتي امن
کپي، اسان کي هتي پيار کپي، اسان کي هتي ڀائيچارو
کپي.
تنوير عباسي جي ٻن ٻولن کان پوءِ مقالن جي نشست
شروع ٿي، جنهن جي شروعات خادم عباسيءَ جي مقالي
سان ڪئي وئي. ان کان سواءِ غلام محمد لاکو، انعام
شيخ، ملڪ نديم، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام
نبي سڌايو، نصرت حسين ابڙو، حبيب الله صديقي، ف.
م. لاشاري، ڊاڪٽر نواز علي شوق، آغا سليم ۽ حميد
سنڌي سچل سائين تي مقالا پڙهيا. ڊاڪٽر شاهنواز
سوڍر پنهنجي مقالو سرائڪيءَ ۾ ”سچل سائين جي ڪلام
جو جمالياتي پهلو“ جي عنوان سان پڙهيو.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پنهنجي مقالي ”سچل سرمست وٽ
مارئي جو تصور“ ۾ چيو ته عورت کي هيڻو سمجهيو ويو
آهي، پر مارئي جو ڪردار هڪ اهڙي رويي جي عڪاسي ڪري
ٿو جو اهو روايتي قدرن کي ٽوڙيندي همت ۽ جرئت جو
اهم مثال پيش ڪري ٿي جو سنڌ جي ڏاهن کيس ان خود
اختياري جي روش ڪري جرئت ۽ ست جو سئمبل ڪري پيش
ڪيو. شاهه لطيف جي شاعري ۾ به عورت ڏانهن روش جا
ٻه مختلف دؤر ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
نصرت حسين ابڙي پنهنجي مقالي ”عشق الاهي ڏات“ ۾
چيو ته: سچل فرمايو ته مذهب جي پابندين، رسمن،
ريتن ۽ رواجن کان آجو ٿي جڏهن انسان ڪا اهڙي واٽ
وٺي جتي مالڪ ڪُل پنهنجي سموري ڪائنات سميت پنهنجي
عاشق کي نظر اچي ته اها منزل فقط عشق ۽ عشق جي آهي
۽ سواءِ عشق جي ٻيو ڪو به ناهي.
ڊاڪٽر نواز علي شوق پنهنجي مقالي ۾چيو ته سچل
سائين جي رسالي ۾ ڪجهه ڪلام اهڙو به آهي، جنهن کي
شطحيات ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. شطحيات شطح جو جمع
آهي، جنهن جو مطلب آهي اهي گفتا ۽ نقطا جيڪي
مستيءَ جي حالت ۾ صوفي سڳورن جي زبان مان نڪرن.
جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته انهن گفتن ۾ ڪنهن نه
ڪنهن راز ڏانهن اشارو ضرور هوندو آهي، اهو راز ڪي
رند ئي پروڙي سگهن ٿا.
آغا سليم پنهنجي مقالي ۾ چيو ته: هو سارو ڏينهن
عبادت ۾ ورد وظيفي ۾ مصروف رهندو هو، پر جڏهن دهل
تي ڌڪ لڳندو هو، سارنگيءَ جا سر سڏ ڪندا هئا ته
پاڻ بيتاب ٿي ويندو هو. نيڻ ٽم ٽم ٽمندا هئا، ڪڏهن
ته بيتابيءَ مان ڀڙڪو ڏئي اٿندو هو ۽ يڪتارو کڻي
وچ ميدان ۾ نچندو ۽ ڳائيندو هو.
جنهن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مستو مست مدام
اها سچ جي سرمستي ۽ سرمستيءَ وارو سچ هو، جنهن سچل
سرمست جي صورت اختيار ڪئي هئي. ان سرمستيءَ واري
ڪيفيت کي تصوف جي ٻوليءَ ۾ حال ۽ وجد واري ڪيفيت
چوندا آهن. سچل سائين به پنهنجي ڪلام لاءِ ڪي راڳ
۽ سر مقرر ڪيا آهن. اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته سندن
ڪلام سماجي روايت جو ڪلام آهي ۽ ڳائڻ لاءِ لکيو
ويو آهي. اڄ تائين اسان جي صوفي شاعرن جي ڪلامن تي
محققن بيشڪ وڏو ڪم ڪيو آهي، پر سندس ڪلام جي
موسيقيءَ واري رخ تي ايڏو ڪم نه ڪيو آهي. اسان کي
گهرجي اسين سندن موسيقيءَ تي به ڌيان ڏيون ۽
انومانن اندازن ۽ ڌڪن جي بجاءِ ڊاڪيومينٽري شيون
ڏيون. سچل جا فقير جنهن انداز سان سچل جو ڪلام
ڳائين ٿا، ان جي رڪارڊنگ ڪري ان کي محفوظ ڪيو وڃي.
انهن ڳائڻن ۽ راڳن جي نوٽيشن ڪئي وڃي ۽ ڏٺو وڃي ته
راڳ ڳائڻ وقت هو ان راڳ جي اصولن کي قائم رکن ٿا
يا نه، جي نٿا رکن ۽ ان راڳ کي ٿوري ڦير گهير سان
ٿا ڳائن ته ان جو سبب سندن راڳ کان بي خبري آهي يا
ان ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ ۽ انفراديت پيدا ڪرڻ جي شعوري
ڪوشش آهي. جي ان جو سبب سندن بي سمجهي آهي ته انهن
کي هنن راڳن جي باقاعده سکيا ڏني وڃي، ۽ ايئن
پنهنجي ثقافتي ورثي جو مڪمل تحفظ ڪيو وڃي.
حميد سنڌي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته: جيڪڏهن ڏٺو وڃي
ته سچل جي ڪلام جو مکيه موضوع همه اوست آهي. سچل
موج ۾ اچي وڃي ۽ ايئن نه چوي:
”پنهنجي ذات لڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان.“
سچل جي بنهه ٻي ڪيفيت ڏسڻي آهي ته کيس وري هيئن
هيٺاهينءَ تي ڏسو:
غرق گناهان دي وچ هويان ڪوئي مول ثواب نه ڪردي هان،
تيڏي لاءِ اٻالي سرڪار سائين ڏيک ڏيک ٻهون
مين ڊردي هان،
هو درجه بدرجه هيٺ لهندو ٿو وڃي.
آهيان عيب دار مان ٻانهن جي ٻانهي،
عمر سڀائي ڪوڙ ڪمايم بخشيو مون کي جاني.
حميد سنڌي جي مقالي کان پوءِ ادبي ڪانفرنس جي مکيه
مهمان نوجوانن جي معاملن واري وفاقي وزير سيد
پرويز علي شاهه کي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ لاءِ
دعوت ڏني وئي، جنهن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌ جي
لازوال ڌرتي شروع کان وٺي صوفين، اوليائن، بزرگن ۽
درويشن جو آستانو رهي آهي. سنڌ جي ڌرتي محبتن، امن
۽ آشتي واري سرزمين آهي. سچل سائين بزرگن ۽
اوليائن مان اها هستي آهي، جنهن لاءِ لاکيڻي لطيف
چيو هو ته جيڪا ديڳ اسان چاڙهي آهي ان جو ڍڪڻ هي
لاهيندو. سچل سائين نه فقط هڪ بزرگ، اولياءِ ۽
درويش هو پر هو هڪ عظيم قومي شاعر پڻ هو. سچل
سائين جو پيغام محبت آهي، پيار آهي. سندس مذهب
انسانيت آهي. سندس شاعريءَ ۾ انسان دوستيءَ وارو
پيغام آهي. سچل سائين پنهنجي دؤر ۾ صوفين جو اڳواڻ
هو. سچل سائين جوڪلام پڙهڻ سان خبر پئي ٿي ته سندس
ويچار پنهنجي ديس جي سک ۽ ڀلي واري جاکوڙ ۽ سماجي
بحرانن ۾ شامل آهن. هو هڪ عظيم سڄاڻ شاعر ۽ صوفي
هئڻ جي ناتي پنهنجي ضمير، حق ۽ سچ سان وابسته هو.
سچل سائين جيڪو حق ۽ سچ وارو فلسفو ۽ سبق اسان
سڀني کي ڏنو، اسان ان تي عمل نه ڪيو آهي. جيڪڏهن
اسين سچل سائين جي ان فلسفي تي عمل ڪريون ته ڪافي
مونجهارا دور ٿي سگهن ٿا.
بنگال جي عظيم شاعر ٽئگور چيو آهي ته ماڻهو نفرتن
لاءِ وقت ڪيئن ڪڍندا آهن، جڏهن ته زندگي بلڪل
مختصر ۽ فقط پيار ڪرڻ لاءِ آهي. پوءِ هي نفرتون،
هي گروه بنديون، هي جهڳڙا، اهي سڀ ڇا جي لاءِ.
چوندا آهن ته جن قومن پنهنجن وڏڙن، عالمن ۽
دانشورن جي ڳالهين تي عمل نه ڪيو آهي، اهي قومون
ڪڏهن به اڳتي وڌي نه سگهيون آهن. هُن وڌيڪ چيو ته
سنڌ ته ڏاڍي شاهوڪار آهي، جو هتي شاهه، سچل، سامي
۽ ٻين بزرگن ۽ عالمن جا آستان آهن. اسان جي ڏينهون
ڏينهن پوئتي وڃڻ جا سبب اهي آهن، جو اسان پنهنجي
عالمن ۽ بزرگن جي فلسفن تي عمل ناهي ڪيو. هو جيڪو
سچ جو مچ مچائي ويا اسان ان مان ڪوئي فائدو نه
ورتو آهي. سچل سائين لاءِ مان اهو چوندس ته هو سچ
جو پيغمبر آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان جي سچ
کي سمجهيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي.
آخر ۾ سيد پرويز علي شاهه ادبي ڪانفرنس ۾ آيل سڀني
اديبن شاعرن ۽ دانشورن لاءِ پنهنجي طرفان پنج پنج
سؤ روپيا ۽ سچل سائين تي ٺاهيل پينٽنگس تي نوجوان
آرٽسٽ سعيد منگي لاءِ هڪ هزار روپين جي انعام جو
اعلان ڪيو. مقالن واري نشست جي آخر ۾ محترم ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ پنهنجي صدارتي تقرير ڪندي چيو ته:
اسان هن وقت جيڪي ويٺا آهيون، جيئرا آهيون، سي سچل
کي وڌيڪ ويجها آهيون، بنسبت انهن جي جيڪي اسان کان
پوءِ ايندا. هن وقت به ڪي ڳالهيون ۽ ڪي ڪتب خانا
سنڌ ۾ موجود آهن. ڪي پراڻا قلمي ڪاغذ موجود آهن،
جن ۾ سچل سرمست جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه مواد موجود
آهي، ان تي سوچيون، ان کي گڏ ڪريون، سچل جي سوانح
گهٽ ۾ گهٽ درست ڪريون. ڪيتريون ڳالهيون سندس سوانح
جون اڄ اسان کي سمجهه ۾ نه ٿيون اچن. اسان جي
بزرگن جو جيڪو اوج هو، هنن جي جيڪا وڏائي آهي،
تنهن کي ٻين جي آڏو پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. نهايت
اعتماد سان، نهايت منطقي انداز ۾، قابليت سان،
اهڙي نموني سان پيش ڪريون جو اها ڳالهه ذهن نشين
ٿئي، جنهن کي ڪو رد ڪري نه سگهي ته جيئن اسان جو
مستقبل روشن رهي ۽ اميد آهي ته هي اڪيڊمي وڏا وڏا
ڪم ڪندي. توهان ۽ اسان سڀ گڏجي تنوير عباسي سان
ٻانهن ٻيلي ٿينداسين ۽ سچل جي ڪلام کي ۽ هن جي فڪر
کي روشن ڪنداسين.
ڊاڪٽر صاحب جي عالمانه صدارتي تقرير کان پوءِ
مشاعري جي محفل ٿي، جنهن جي ڪارروائي نوجوان ۽
مقبول شاعر اياز گل هلائي. مشاعري ۾ مير صوبدار
”سعيد“، مظفر نظام، قربان منگي، غلام قادر
”مجاهد“، نظام ”زائر“، منصور ميراڻي، اعظم لاڙڪ،
مونس اياز، مختيار ملڪ،منير سولنگي، اميد خيرپوري،
سجاد ميراڻي، تنوير عباسي، خادم رفيقي، اياز گل،
پارس حميد، اختر درگاهي، مينهون خان ”سوز“ بلوچ،
ادل سومرو، مختيار گهمرو، صوفي جهامنداس ”عاشق“،
جمال الدين ”مومن“، عابد مظهر، ذوالفقار سيال،
نفيس احمد ”ناشاد“، مقصود گل، سرڪش سنڌي، هدايت
بلوچ، عنايت بلوچ، فتاح ملڪ، شمشير الحيدري، آغا
سليم ۽ تنوير عباسي پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. مشاعري
جي آخر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجن خيالن جو
اظهار ڪيو.
اهڙيءَ ريت هي يادگار ۽ خوبصورت ادبي ڪانفرنس رات
جو ٽين وڳي پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتي.
سچل سائينءَ جي عرس جي ٻئي ڏينهن 15- رمضان
المبارڪ تي رات جو نائين وڳي راڳ رهاڻ جي محفل جو
پروگرام درازا شريف ۾ رکيو ويو، جنهن جو مکيه
مهمان منظور حسين وساڻ هو، پر اهو ڪن مجبورين جي
ڪري اتي پهچي نه سگهيو. پروگرام مطابق رات جو
نائين وڳي محفل موسيقي جو پروگرام شروع ٿيو. اسٽيج
کي ثقافتي شين ۽ سنڌ جي سازن سان نهايت خوبصورتيءَ
سان سينگاريو ويو هو. هزارن جي تعداد ۾ سچل
سائينءَ جا پانڌيئڙا ۽ راڳ جا شوقين پهچي چڪا هئا.
اسٽيج تي ميزبانيءَ جا فرض مولا بخش لاڙڪ انجام
ڏنا. سازن، سرن ۽ سنگيت جي هن محفل ۾ سهراب فقير ۽
ساٿي، جمشيد فقير ۽ ساٿي، موٽڻ شاهه ۽ ساٿي، شمن
فقير ۽ ساٿي، رحمت الله ڀٽو، غلام علي سنديلو،
عزيز فقير ميتلو، محمد عرس ڀٽي، عبدالحڪيم شيخ،
فقير عبدالواحد جمالي، فقير امير علي، برڪت علي،
سينگار علي سليم، علڻ فقير ۽ ٻين ناميارن فنڪارن
پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ داد حاصل ڪيو.
موسيقيءَ جي هي روح پرور محفل رات جو دير تائين
جاري رهي.
اک اک آلي، ڳل ڳل ڳوڙها
.
بدر قريشيءَ جي ياد ۾
... بدر ننڊ پيو آهي؟
29- جنوري 1990ع جي ٿڙڪندڙ شام، ڪراچيءَ شهر جي
موسمي حالتن سبب سياري کان ايتري ته خوفزده نظر نه
پئي آئي، پوءِ به الائجي ڇو منهنجي اندر ۾ سيئاندا
پئي اڀريا. خبر پڙهيم ته ”بدرقريشي سول اسپتال
ڏانهن منتقل“ (شايد گهر راس نه آيس). وڃي سول
اسپتال کان نڪتس. قاضي منظر حيات ڏسي ورتم، تڏهن
قاضي منظر حيات قاضي نه پر قريشي، بدر جو دوست نه
پر ڀاءُ ٿي لڳو. هونئن به جڏهن کان قاضي صاحب
ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو آهي تڏهن کان ساڻس ٻن هنڌن تي
ئي ملي سگهبو.[
پنهنجي جاءِ تي يا بدر جي جاءِ تي، هن لاءِ ڪراچي
گهڻي تنگ رهي آهي.
”بدر ڪٿي آهي؟ آءٌ کيس ملڻ / ڏسڻ گهران ٿو“ چيم.
”بدر کي ڇا ڏسندؤ، بدر هتي آهي ئي نه“ اونهو ساهه
کڻندي وراڻيائين. انهن ٻن ڳنڍيل ننڍڙن جملن تي آءٌ
اندر ئي اندر ٻه اڌ ٿي پيس. ايئن لڳم ته مان پاڻ
مري رهيو هجان. جڏهن به ڪو اديب مري ويندو آهي ته
گهڙيءَ / گهڙين لاءِ ائين ئي مرڻ لڳندو آهيان،
مقام جي دَزَ سان پاڻ کي ڳورو محسوس ڪرڻ لڳس ۽
نتيجي تي پهتس ته پوين پندرهن ورهين کان وٺي پوين
ٻن مهينن تائين پنهنجي حصي جي سرهاڻ ماڻي چڪو
آهيان. لام کان ڇڄي ڌار ٿيل گلاب جي گل جي. هاڻي
نه رڳو مون لاءِ، پر سڀني دوستن لاءِ. منهنجي
دوستن لاءِ، بدر جي دوستن لاءِ نه رهيو آهي زندهه
بدر، اپاهج بدر. مٿي پنهنجي مخصوص کٽ تي ٻڌل
واڳيءَ ۾ هٿ وجهي اٿي ويهندڙ بدر جي روح رهاڻ،
خوشبوين ڀريل محبت ۽ نه ئي اڀرندا هميشـﮧ لاءِ
پيار ۽ اتساهه ڀريندڙ تازا تازا لفظ هوائن جي ڀاڪر
۾.
سندس ميت کي ڪلهو ته ڏيئي نه سگهيس، ڇو ته بدر اڃا
جيئرو هو، پر ساڳيو بدر ته الائجي ڪيترو وقت جيئرو
رهندو، ڪيترن ئي دلوارن جي دنيا ۾ ڇو ته هن جهڙا
ماڻهو جيئرا ئي رهندا آهن، پر ساڳئي روپ ۾ نه.
اهڙن ماڻهن جي جي دروازن تي نالي جي پليٽن يا
تختين هڻڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. يعني انهن قبرن
کي ڪتبن جي ڪهڙي ضرورت، جن ۾ پيهي ويل ماڻهن لاءِ
هزارن دلين جي يادن جا ڪتبا لڳل هجن، جيڪي ماڻهو
دلين ۾ احساس ۽ محبت جا ڪروڙين ٻوٽا پوکي ويندا
آهن. اڳ آءٌ بدر کي ڪراچيءَ ۾ ڏسڻ ويندو هوس ۽
هاڻي آءٌ بدر کي ڏسندس پنهنجي اندر ۾. نه بدر ئي
اپاهج هو نه آءٌ اپاهج آهيان. اپاهج ته اهي هوندا
آهن، جيڪي ڏسي / لهي نه سگهندا آهن. بدر هلڻ کان
لاچار ضرور هو، پر ٻين کي هلڻ سيکاريائين. اونداهي
ڪائنات ۾ رهندي ٻين لاءِ ڪيتريون ئي روشنيون پکيڙي
ويو، هن پنهنجي زندگيءَ کي هميشه لاءِ وساري ڇڏيو
ٻين لاءِ. پنهنجي غم کي وسارڻ گهريو ٻين کي خوش
رکڻ لاءِ ۽ ٻين جي غم کي پنهنجي دل جي دامن ۾ ڀري
رکيائين ۽ دوستن جي غمن کي دل ۾ جاءِ ڏيڻ سان دنيا
جي ڏکويل ماڻهن جا غم به گهٽ ڪيائين.
پيار جا غم ٿيا زماني جي غمن کان پيارا،
تنهنجا غم سيني سان دنيا جا ڪلهن تي آهن.
هن پنهنجي ويرانين کي وساري ٻين جي زندگين کي
ٻهڪندڙ رکڻ لاءِ هرپاسي اڻ کٽ خوشبوءِ پکيڙيندڙ گل
پکيڙيا. پنهنجا ساهه روڪي ٻين جي ساهن ۾ سرهاڻيون
ڀريندو رهيو. مون کي ويساهه آهي ته بدر مري نه ويو
آهي ڇو ته بدر الهي ته ويندو آهي، پر مري نه ويندو
آهي. مان موت تي ويساهه ڪريان يا نه ڪريان، گهٽ ۾
گهٽ پاڻ سان ۽ ٻين سان اهڙي دغا ڪرڻ نٿو گهران ته
موت کان پوءِ ٻي به ڪا زندگي آهي، ٻي به ڪا دنيا
آهي. جتي هن زندگيءَ جهڙيون ئي دوستيون، ڀائپيون،
رشتا ناتا، لڳ لاڳاپا ۽ ڪچهريون قائم آهن. هيءَ
زندگي هيڏيون ساريون دشمنيون، بي مزگيون، بي
چينيون هوندي به ڏاڍي پياري آهي هيءَ زندگي!
عذاب جهڙي زندگي- پياري زندگي.
بدر جي عذاب جهڙي زندگيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون
مايوسين ۽ اميدن جي ميلاپ سان رنگ برنگ گهڙيون
دوستن لاءِ هميشـﮧ تازي کير جهڙيون محبتون ورڇيندو
رهيو. جڏهن کان وٺي پاڻ جسماني طور تي اپاهج ٿيو
هو، تڏهن کان اڳي کان هن ٻين ماڻهن کي ذهني اپاهجي
کان بچائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. انهيءَ ڏس ۾ ايترو تيز
رفتار ڊوڙندو رهيو، جو پاڻ کان پنهنجون سڀ
معذوريون ۽ مجبويون وسري ويون ۽ مجبوريون وسري
ويون هيس. هن سڄي ڪائنات کي سوڙهو ڪري کڻي پنهنجي
رهڻ واري ننڍڙي ڪمري ۾ رکيو هو ۽ اتي ئي هن کي
سونهن سوڀيا ڏانهن سفر ڪرڻ لاءِ ان سان همسفر
رهيو. وٽس انسان ذات سان محبت، پوڄا جي حد تائين
هئي. بناوتن کان پاڪ صاف محبت.
سچا جذبا ۽ خالص احساس رکندڙ بدر ڪيڏو نه خوش
ٿيندو هو تڏهن، جڏهن سندس گهر جي ڏاڪڻ تي ڪنهن جي
اچڻ جو آواز ٻڌندو هو. سندس اکيون ڪڏهن ڪڏهن ته
سندس کَٽ سان لاڳيتي دريءَ ڏانهن کڄي وينديون
هيون، اڀ جي منهن تي ڪاراڻ يا نيراڻ ڏسڻ لاءِ. پر
ڪڏهن به احساس ڪمتري ۽ محرومي نه ٿيس. هن وٽ يا ته
سڄي دنيا هن جهڙي اپاهج هئي يا وري پاڻ سڄي دنيا
وانگر ٺيڪ ٺاڪ. شايد انهيءَ مسئلي تي هن شروعاتي
ڏينهن ۾ سوچي سوچي سنجيدگيءَ سان اهو ئي فيصلو ڪري
ڇڏيو هو، پر جڏهن کيس تيز رفتاريءَ سان ڊوڙندڙ شهر
جي رستن تي هلڻ جو خيال ٿيندو هو، جنهن تيز
رفتاريءَ کيس هڪ هنڌ رهڻ تي مجبور ڪيو هو ته ڪڏهن
ڪڏهن سنگت جي سهاري سان ڏاڪڻ تان هيٺ لهندو هو ۽
وهيل چيئر ذريعي پسار ڪندو هو، نه ته عام طرح
پنهنجي جڳهه تي يا پنهنجي لکڻين جي ذريعي سنگت سان
ڪچهري ڪرڻ گهرندو هو. سچ ته بدر جهڙي ماڻهوءَ
زندگيءَ جي گڻن ۽ اوگڻن کي ڏاڍو ويجهو وڃي ڏٺو هو.
هُن پاڻ پنهنجي دوستن جي اندر ۾ ليئا پاتا هوندا،
پر دوستن کي سندس اندر ۾ ليئو پائڻ لاءِ شايد ئي
موقعو ڏنو هوندائين. سندس وڻندڙ ڳالهيون، ڳالهين
جو انداز، مُنهن تي پکڙيل مُرڪ ڏسندڙ ۽ ملندڙ کي
ايترو پري وڃڻ ئي نه ڇڏينديون هيون، جو بدر جي
انهيءَ اذيتناڪ زندگيءَ جي ڪنهن هڪ گهڙيءَ تي هڪ
گهڙيءَ لاءِ ئي سوچڻ شروع ڪري. مان به جڏهن
ڪراچيءَ ويندو هوس ته قاضي منظر حيات يا قاضي
مقصود گل جن سان گڏجي وٽس ٻه ٻاڙيون گهڙيون مٺيون
ڪرڻ ضرور ويندو هوس. سندس علمي ادبي، ۽ محبتي ٻول
ٻڌڻ لاءِ.
مان جڏهن به بيمار ٿي پوندو هوس ته جلد ئي قاضي
صاحبن ڏانهن خط لکي منهنجي طبيعت بابت خبر لهندو
هو ۽ هاڻي شايد آءٌ هڪ اهڙي دوست کان وڃائجي ويو
آهيان، جيڪي منهنجي بيماريءَ جو ٻڌي آٿت ڏياري
موڪليندا آهن. جون 87ع ۾ جڏهن آءٌ بيماريءَ سبب
ڪراچي علاج لاءِ ويو هوس ۽ ٿوري وقت لاءِ وٽس ويس
ته ڇا چيائين: ”سرڪش! اڃا توکي ڪافي وقت جيئڻو
پوندو، هن پيڙيل ۽ ماريل مسڪين ماڻهن جي شاعري ڪرڻ
لاءِ، توکي جلد ئي هنڌان هنڌان ٽٽي پوڻ نه گهرجي.“
ڄڻ ته مون کي وڏي حياتيءَ جي پَڪ ڏيارڻ ٿي
گهريائين. هاڻي بدر کان پوءِ آءٌ ڪيترو جِي سگهان
ٿو، اها ٻي ڳالهه آهي.
نيٺ بدر هن رنگارنگي دنيا جي ويساهه گهاتين کان
جند ڇڏائي، هميشه لاءِ اوٽائتو ٿي ويو. نه 1971ع
واري سرڪار ٻاهرئين ملڪ ۾ سندس علاج جو بندوبست
ڪيو، جنهن لاءِ هُو ورڪ ڪندي، حادثي جو شڪار ٿيو
هو، نه ئي وري ڪنهن ٻي سرڪارڀلا نيٺ ڪنهن سرڪار کي
ڪنهن غريب سنڌي اديب شاعر جي علاج سان ڪهڙو
سروڪار؟ مرحيات رشيد ڀٽيءَ به ائين ئي نڌڻڪو ٿي
ساهه ڏنو. بدر به ڪنهن جي بي مروتي ۽ بيوفائيءَ تي
ڪنهن کي ميار نه ڏني. اڪيلائيءَ جي آڳ ۾ سڙي رک
ٿيندي ڌرتيءَ تي خوشبوءِ پکيڙيندڙ گل اڀاري راهي
ٿي ويو.
آءُ جڏهن به وٽس ويس ته کيس جاڳندي، پڙهندي ۽
لکندي ئي ڏٺم. پوئين ملاقات، جنهن کي اٽڪل ٻه
مهينا کن ٿيا هوندا، ڇو الائجي دستور جي ابتڙ کيس
ننڊ ۾ ڏٺم ۽ چپ چاپ ٿي سند ڀرسان ويهي رهيو هوس ۽
اها ڳالهه سمجهي نه سگهيو هوس ته بدر هاڻي سڄي
زندگي تيز رفتاريءَ سان ڊوڙڻ کان پوءِ آرام ڪرڻ
چاهي ٿو، زندگيءَ جو ٿڪ لاهڻ گهري ٿو.
جيتوڻيڪ هو ڀڳل ٽٽل زندگي هٿان ٿڪجڻ جهڙو نه هو،
پر شايد ٿڪجي پيو هو ۽ شايد لکي ڇڏڻ پئي گهريائين،
پنهنجي ڏاڪڻ جي گهٽيءَ واري دروازي تي سڄي زندگيءَ
جي ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ. ”مٿي ڪو به نه اچي، بدر ننڊ پيو
آهي.“ |