احمد آباد ۾ فقه جعفريه ۾ اجتهاد جو درجو حاصل
ڪيائين. 39- ورهين جي ڄمار ۾ آگري آيو، جتي سندس
ملاقات شيخ علائيءَ سان ٿي ۽ مهدوي عقيدو اختيار
ڪيائين. همايوني دور ۾ نقشبندي طريقو اختيار
ڪيائين. اڪبري دور ۾ وري پنهنجي اصلي روپ ۾ ظاهر
ٿيو.
”تفسير ڪبير“ جي طرز تي چئن جلدن ۾ هڪ ضخيم تفسير
لکيو هئائين، جو ”العيون“ جي نالي مشهور آهي. شيخ
مب ارڪ 1 - ذوالقعد سن 1001 هه / 30- جولاءِ 1593ع
تي لاهور ۾ وفات ڪيائين.
(41) شيخ محمد اڪرام: ”رود ڪوثر“ (اردو)، ص 2-101.
(42) بدايوني عبدالقادر مُلا: ”منتخب التواريخ“
(اردو)، ص 79- 78.
(44) ايضاً، ص 48.
(45) ايضاً.
(46) شيخ محمد اڪرام: ”رود ڪوثر“ (اردو)، ص 105.
(47) ايضاً، ص 6 -105.
(48) ايضاً، ص 106.
(49) ايضاً، ص 108.
(50) مُلا احمد بن نصر الله ٺٽوي، اڪبري دور جو هڪ
وڏو شيعه عالم ٿي گذريو آهي. اڪبر جي حڪم تي اسلام
جي هڪ هزار سالن جي تواريخ ”تاريخ الفي“ جي نالي
سان لکي هئائين. مُلا عبدالقادر بدايونيءَ جو قول
آهي، ته ملا احمد هڪ وڏو تعصبي هو. سندس وڏا اصل ۾
فاروقي حنفي هئا. پر پاڻ انهن کي گهٽ وڌ
ڳالهائيندو هو.
(ڏسو منتخب التواريخ ص 506) کيس فولاد خان برلاس
قتل ڪري وڌو.
سندس لاش کي لاهور وارن ڪنهن به قبرستان ۾ دفن ڪرڻ
نٿي ڏنو. آخرڪار ابوالفضل ۽ فيضيءَ پنهنجي اثر
رسوخ سان کيس ڪنهن قبرستان ۾ دفن ڪرايو ۽ سندس قبر
تي پهرو بيهاريائون.
ڏسو محمد اسلم: ”دين الاهي اور اس ڪا پس منظر“
(اردو)، ص 3 - 102.
(51) مرزا باقيءَ جي خودڪشي ڪرڻ کان پوءِ سندس سوٽ
مرزا جاني بيگ ٺٽي جي گاديءَ تي ويٺو. سندس دور ۾
عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي حملو ڪيو. مرزا جاني
بيگ وڏيءَ بهادري ۽ جوانمرديءَ سان اڪبري فوجن جو
مقابلو ڪيو، ليڪن پاڻ هار کاڌائين ۽ گرفتار ٿي
درٻار اڪبريءَ ۾ پهتو. اڪبر کيس ٽن هزارن جي منصب
تي سرفراز ڪيو. مرزا جاني بيگ سن 1009هه / 1600ع ۾
گهڻي شراب پيئڻ ڪري برهان پور ۾ وفات ڪئي. سندس
لاش ٺٽي جي ”مڪلي“
ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. مرزا جاني بيگ، اڪبر جي
خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ”دين الاهي“ اختيار ڪيو هو.
ميان وال تحريڪ جو سرواڻ
.
ميان نصير محمد ڪلهوڙو ۽ ان جا ساٿي
.
(قسط –
1)
عبدالله مگسي
سمن جي صاحبي بعد ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سنڌ جي
امن پسند سون ورني ڌرتي کي هڪ ٻئي پٺيان پنهنجي
توسيع پسندي ۽ ملڪ - گيري هوس جو نشان بڻائيندا
رهيا. اهي سڀئي ٻاهريان حاڪم گهراڻا ساڳئي نسل،
ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ هڪ ئي علائقي سان واسطو
رکندڙ هئا. سنڌي سماج تي سندن ظلم جا عيني شاهد
بکر، سيوهڻ، ٺٽي جا اهي عظيم الشان قلعا ۽ ڪوٽ
آهن، جتان هنن بهادر سرويچ ماڻهن جون جانورن وانگر
کلون لهرائي سندن لاشن کي مهينن جا مهينا اونڌو
ٽنگي ڇڏيندا هئا ۽ کين خوني برجن تان درياء سنڌ ۾
اڇلائي ڇڏيندا هئا. ڦرلٽ ڪرڻ، امن پسند شهرين تي
اوچتو حملا ڪري سندن گهرن کي باهيون ڏيڻ، عورتن
جون عزتون لٽڻ، ٻنين ٻارن ۽ پيداوار جي اهم ذريعن
تي قبضو ڪرڻ ۽ اهڙن ٻين ڪيترين ئي عبرتناڪ ظلم جي
داستانن سان تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ ان دور جون
ٻيون تاريخون هنن جنوني درنده صفت چنگيزي اولاد جي
ذڪر سان ڀريون پيون آهن. انهيءَ دور جو ذڪر ڪندي
محترم محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته ”تقريباً پورا
ٻه سؤ سال (1520 ع -1736ع) سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو
ائين ارغونن، ترخانن ۽ دهلي جي مغل حڪومت جي هٻڇي
۽ رت پياڪ تسلط هيٺ پيسبا ۽ پڻي ٿيندا رهيا. سندن
تهذيبي زندگيءَ جو ساهه سندن دشمنن جي مُٺ ۾ گهٽبو
۽ ٻوساٽبو رهيو، سندن ذهني ۽ جسماني صلاحيتون بند
هيون ۽ انهن جي هر قوي استعمال ۽ اظهار تي مٿن
هٺيليون ۽ بي قياس سنگينون اڀيون ٿِي ٿي ويون. هنن
پهرين ڳالهه هيءَ ڪئي جو سنڌ کي ورهائي ٽڪر ٽڪر
ڪيائون ۽ ان جي متحده قومي رياست کي هڪ ڀيرو وري
به واوکر ڪري ڇڏيائون. ارغونن ولايت سنڌ کي ڇهن
سرڪارين ۽ مغلن ان کي چئن ملڪن ۾ ورهائي ڇڏيو. هي
سڄو وقت هيءَ يا هوءَ سرڪار هِن يا هُن ”مُلڪ“ يا
”سرڪار“ سان وڙهندي رهي. ٻيو ته سڀ اهي ”سرڪاريون“
۽ ”ملڪ“ پاڻ کي قائم ۽ پنهنجي لٽ مار کي جاري رکڻ
لاءِ پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ماڻهن جي هر قبيلي ۾
اندروني جهيڙن ۽ قبيلن جي هڪٻئي سان ٽڪر ۽ ويڙهه
کي سعيو ڪري اڀاريندا ۽ وڌائيندا رهيا. لاکن کي
سميجن جي خلاف، سميجن کي سومرن جي خلاف، سومرن کي
ماڇين جي خلاف، ماڇين کي مهرن جي خلاف، مهرن کي
ڪهيرين جي خلاف، ڪهيرين کي ڪلهوڙن جي خلاف، ڪلهوڙن
کي دائود پوٽن جي خلاف، دائود پوٽن کي پنهورن جي
خلاف ۽ هن کي ٻين جي خلاف، بلوچن کي سماٽن جي خلاف
۽ سماٽن کي بلوچن جي خلاف سعيو ڪري ويڙهائيندا ۽
هيڻو ڪندا ۽ خوار خراب ڪندا رهيا. ان کانسواءِ
مذهبي ڪٽرپڻو ۽ فرقيوار انتهائيت ۽ مذهبن جي وچ ۾
غير برابري، مسهپ ۽ عداوت هنن لاءِ پنهنجي حڪومتي
ڪاروبار کي هلائڻ ۽ قابض اقتدار کي قائم رکڻ جو هڪ
ٽيون سوچيل ۽ آزمايل طريقي ڪار هو، جنهن کي هو
محڪوم ۽ ويساهه ۾ ورتل رعيت کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ، ماٺ
ڪرائڻ ۽ ڦيرائي پنهنجي پاسي ڪرڻ لاءِ هر ضرورت جي
موقعي تي ڪم آڻيندا رهندا هئا“. (1)
اهڙيءَ طرح مغل شهنشاهه جيڪي پاڻ ظل تعاليٰ ۽ ظلم
سبحاني سڏائي ديوان عام ۽ ديوان خاص ۾ شاهي مسند
تي جلوه افروز ٿيندا هئا ته مجبور، مسڪين عوام
پنهنجا ڪنڌ جهڪائي سجدن ۾ ڪري پوندا هئا. اهڙن
آمرانه، غير اسلامي، غير انساني ۽ مطلق العنان
دورن ۾ سنڌي عوام پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي
جدوجهد شروع ڪئي. انهي سلسلي ۾ محترم محمد ابراهيم
جويو صاحب لکي ٿو:
”سنڌ جي تاريخ جو هي هڪ بحراني دور هو، بلڪه سڄي
سنڌ ۽ سڄو سنڌي سماج ان منزل تي پهچي ان بحران جي
سڀ کان وڌيڪ تيز ۽ شديد ڪيفيت سان دوچار هو.
جڏهين سنڌي سماج جي قسمت جو بنيادي سوال اٿيو هو ۽
ان جي حل ٿيڻ جي زمين هموار ٿي رهي هئي ۽ جنهن ۾
سنڌ جا ماڻهو پنهنجي هڪ نئين اجتماعي شعور سان
واقف ٿي رهيا هئا ۽ سندن ذهن ۾ پنهنجي وجود جو
خيال ۽ پنهنجي اهميت جي شعور جو احساس ائين اُڀري
رهيوهو، جيئن سانوڻ ۾ ڀريل ڪڪر اتر کان اوپڙ کائي
اٿندا آهن ۽ وڌندا وڌندا سڄي وايومنڊل تي ڇانئجي
ويندا آهن. (2)
عملي طور تي انهي قومي شعور جو احساس يعني سنڌ جي
رياست، سنڌ جي مذهب ۽ سنڌ جي تهذيب کي پنهنجو سڏڻ
۽ انهن ۾ پنهنجائپ کي ڏسڻ جو حقيقي عڪس اتر سنڌ ۾
”ميان وال تحريڪ“ جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ آيو پئي. اڪبر جي
دور ۾ سنڌ جي اترين حصي ۾ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي
پنهنجي خاص سياسي فلسفي هيٺ آزادي حاصل ڪرڻ جي
جدوجهد شروع ڪئي. سندس تحريڪ (ميان وال تحريڪ)
عوام ۾ پنهنجي عوام دوستي سبب مقبول ٿيڻ لڳي، جنهن
کي محسوس ڪندي مغل گورنر، ميان آدم شاهه کي ملتان
۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو. جنهن ڪري تحريڪ زير زمين هلي
ويئي پر قيادت وري به ميان آدم شاهه جي اولاد ميان
شاهل محمد ۽ ان بعد ميان الياس محمد جي هٿ ۾ رهي.
ميان الياس محمد کانپوءِ هن تحريڪ جي قيادت ميان
نصير محمد وٽ آئي، جنهن آزاديءَ جي جدوجهد کي وڌيڪ
وسيع ڪيو. هو جدوجهد گهڻ رُخي هوندي آهي ۽ جيئن
جيئن جدوجهد اڳتي وڌندي آهي، اوتروئي تحريڪ ڦهلبي
آهي. ان ڪري تحريڪ جي ڪاميابين يا ناڪاميابين جو
مدار اندروني توڙي خارجي رُخن تي مبَني هوندو آهي.
انهن رُخن مان ئي تحريڪ اندر مختلف قوتن جي طاقت
جو اندازو ۽ سماج اندر پيدا ٿيندڙ مختلف روين جي
ڪٿ ڪري سگهبي آهي. پر آزاديءَ جي جدوجهد جو بنيادي
شرط هي آهي ته عوام جي سوچ جي انداز ۽ ذهن ۾ مڪمل
تبديلي اچي وڃي، پر هيءَ تبديلي جدوجهد کان اڳ به
اچي وڃي ٿي ليڪن اها مڪمل فقط جدوجهد جي دوران ٿئي
ٿي، ڇاڪاڻ ته عوامي قوتن سان لاڳاپو ۽ قربانين جي
ويجهڙائي ۽ هڪجهڙائي جدوجهد کي جلا بخشين ٿيون.
ميان نصير محمد ڪلهوڙي پنهنجي تحريڪ کي وسيع ڪرڻ،
ان کي انقلابي قوتن سان ڳنڍڻ ۽ ڪارڪنن کي قربانين
لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ ڪيترائي طريقا اختيار ڪيا.
پهريائين هن مغلن کان قومي آزادي وٺڻ لاءِ جدوجهد
دوران عوامي ثقافت جي قدر ۽ قيمت جو صحيح اندازو
لڳايو ۽ مغل (هندي) ثقافت جي غلبي ۽ نقصان کان
پنهنجي عوام کي آگاهه ڪندو رهيو. ڇاڪاڻ ته ثقافتي
بالادستي سبب قومي آزادي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ قوم
سياسي طور تي استحصال ۽ غلاميءَ جو شڪار ٿي وڃي
ٿي. ان ڪري ميان نصير محمد مغلن خلاف جدوجهد کي
وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ جيڪا منصوبه بندي ڪئي، تنهن
جدوجهد ۾ وڌيڪ قوت پيدا ڪئي. ۽ تحريڪ اندر اهڙي
صلاحيت پيدا ٿي جو اهم ۽ ثانوي ڳالهين، هاڪاري ۽
ناڪاري عنصرن، دوست ۽ دشمن جي وچ ۾ واضح فرق محسوس
ٿيڻ لڳو. نتيجي ۾ عوام جي شعور جي هڪ واضح صورت
سامهون آئي ته ڪنهن به نموني مغل اقتدار کي ختم
ڪري قومي آزادي حاصل ڪجي. سنڌ اندر ”ميان وال
تحريڪ“، جنهن ۾ تمام گهڻي اڪثريت هارين جي شامل
هئي (خود ڪلهوڙا قيادت به زراعت جي پيشي سان
وابسته هئي) تنهن کان حڪمران طبقو ۽ ان جي دلال
جاگيردارن زميندارن گڏجي ميان نصير محمد ڪلهوڙي تي
دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو. ميان نصير محمد پنهنجن بزرگن
۽ تحريڪ جي اڳين اڳواڻن جي شهادتن مان جيڪو تجربو
حاصل ڪيو، انهي کي سامهون رکندي پنهنجي تحريڪ جو
عارضي طور تي مرڪز تبديل ڪيو. پاڻ ۽ سندس جانثار
ساٿي ٿر جي رڻ ڏانهن هليا ويا. (3) ٿر جي سفر
دوران ميان صاحب جي ڪارڪنن جيڪي سختيون ڏٺيون، تن
منجهن بلند حوصلو ۽ قرباني جو لازوال جذبو پيدا
ڪيو، تاريخ جنت السنڌ جو مصنف مولائي شيدائي لکي
ٿو:
”بکر کان مغليه لشڪر جو وڏو ڪٽڪ مٿس ڪاهي آيو.
ميان صاحب (ميان نصير محمد) راتو رات گهڻن مريدن
سميت ريگستان ڏانهن ڀڄي ويو، پر پوءِ گذران لاءِ
تنگ ٿي دادو تعلقي جي پنهورن جي ڳوٺ ڏانهن موٽي
آيو.“ (4)
تاريخ ڪلهوڙا جو مصنف غلام رسول مهر مرات ۽ جواهر
جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”فيض جي طالبن جي گهڻائي
مقامي زميندارن ۽ وقت جي حاڪمن ۾ به بدگماني پيدا
ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انهي ڪري ميان نصير محمد
مصلحت کي ڏسندي سير ۽ گشت جو طريقو اختيار ڪيو ۽
ملتان ۽ لاهور طرف هليو ويو، جتي گهڻو وقت
گذاريائين.“ (5)
ميان نصير محمد ملتان جو سفر ڇو ڪيو؟ سندس ملاقات
اتي ڪهڙين شخصيتن يا ڌرين سان ٿي؟ اتي ڪيترو عرصو
۽ ڪنهن وٽ رهائش اختيار ڪيائين؟ انهن سوالن جا
جواب نه مرات ۽ نه جواهر واري ڏنا آهن. پر انهيءَ
سلسلي ۾ غلام رسول مهر صاحب به ڪا خاص وزندار راءِ
ڏئي نه سگهيو آهي. اسان جي ذاتي راءِ ۾ ميان صاحب
لاهور ۽ ملتان جو سفر هيٺين ٻن مقصدن تحت ڪيو
هوندو.
1- لاهور ۽ ملتان ۾ مغلن خلاف هلندڙ انقلابي
تحريڪن سان رابطو ۾ رهي انقلابي شعور کي پختو ڪيو
وڃي ۽ اتان دهليءَ جي حالتن مان چڱي نموني واقفيت
حاصل ڪري ته جيئن تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪري سگهجي.
انهن علائقن جي مغلن خلاف هلندڙ تحريڪ جي ڪارڪنن ۽
سياسي شخصيتن سان رابطو قائم ڪري انهن جي مدد سان
انهن علائقن جي عوام آڏو سنڌ جو ڪيس پيش ڪري. سنڌ
اندر مغل نوابن جي ظلمن کي اتي ننگو ڪري، اتان جي
عوام جي تائيد حاصل ڪجي، ڇاڪاڻ ته ان وقت سڄي
برصغير ۾ سياسي طور تي لاهور کي وڏي سياسي اهميت
حاصل هئي. جڏهن به دهليءَ ۾ ڪا سياسي تبديلي يا
زلزلو ايندو هو ته ان جا سڀ کان پهريائين جهٽڪا
لاهور ۾ محسوس ڪيا ويندا هئا. تاريخ ۾ اڪثر ڪري
اهو به ڏٺو ويو آهي ته دهليءَ جو تخت ان کي نصيب
ٿيندو هو، جيڪو ملتان جو گورنر هوندو هو. انهن
ٻنهي علائقن جي اهميت کي محسوس ڪندي، ميان صاحب
اوڏانهن سفر اختيار ڪيو.
2- مغل گورنرن سان گفت و شنيد ڪري، سياسي طرح،
پُر امن طور تي اقتدار جي تبديلي لاءِ راهه هموار
ڪرڻ.
ميان صاحب پنهنجي پهرين مقصد ۾ ڪافي حد تائين
ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن بکر جي مغل نواب کيس
گرفتار ڪرائي شاهي قيدي جي حيثيت ۾ کيس عالمگيري
درٻار ۾ ڏياري موڪليو (6). شاهي قيدخاني مان ميان
نصير محمد وڏي رازداريءَ سان فرار ٿي سنڌ پهتو.
انهيءَ فرار ۾ انهن انقلابي شاهي قوتن، جن سان
ميان صاحب پنهنجو اڳ ۾ ئي رابطو قائم ڪري چڪو هو،
تن ضرور سندس مدد ڪئي هوندي. روايت آهي ته جيل مان
فرار ٿيڻ ۾ ميان صاحب جي مدد هڪ مغل شهزادي ڪئي
هئي (7).
ميان وال قيادت تي ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کان وٺي
ميان دين محمد تائين ٻن قسمن جا الزام هئا. (الف)
هنن مقامي زميندارن جي زمينن تي قبضو ٿي ڪيو. (ب)
مرڪزي مغل سرڪار جي رائج قانون جي انحرافي ڪندا
رهيا. انهن سوالن جي جواب کان اڳ مغل دور ۾ زمين
جي ورهاست ۽ زمين جي مالڪي جي سوال کي سمجهڻ ضروري
آهي ته جيئن ميان آدم شاهه ۽ سندس اولاد تي لڳايل
بي بنياد الزام ۽ سياسي صورتحال کي چڱي نموني
سمجهي سگهجي. زمين جي ورهاست جي سلسلي ۾ محترم سبط
حسن لکي ٿو:
”مغل دور ۾ زمين جو مالڪ بادشاهه جي ذات کي سمجهيو
ويندو هو. هن دور ۾ جاگيرداري نظام پنهنجي عروج تي
هو. منصبدارن کي تمام وڏا وڏا علائقا جاگير طور
ڏنا ويندا هئا. پر اهي جاگيرون سندن ذاتي ملڪيت نه
سمجهيون وينديون هيون، منصبدارن جي بدلي ٿي وڃڻ يا
سندس موت جي صورت ۾ جاگير ٻيهر بادشاهه ڏانهن
منتقل ٿي ويندي هئي. جاگيردار کي ملڪيت جي حق طور
فقط جاگير مان پيداوار جو هڪ حصو ڏنو ويندو هو. پر
زمين کي سندن ملڪيت نه سمجهيو ويندو هو (8).
مٿي ڏنل حوالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ اندر به
زمين مغل بادشاهه جي ملڪيت سمجهي ويندي هئي.
منصبدار يا زميندار فقط شاهي ايجنٽ هوندا هئا.
زمين تي ملڪيت جي سوال جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر مبارڪ
علي صاحب لکي ٿو:
نظرياتي طور تي مغل حڪمران پنهنجو علائقو (ذاتي) ۽
جن علائقن جا حڪمران سندن ماتحت هوندا هئا، انهن ۾
ڪو به فرق نه ڪيو ويندو هو. اڪبر اهو طريقو
اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ڪو علائقو جنهن جي آمدني جا
ذريعا گهٽ هوندا هئا، يا جن جي شامل ڪرڻ سان مغل
سلطنت کي ڪو فائدو نه ٿيندو هو ته هو ان کي فتح
ڪرڻ کان پوءِ شاهي تحفي طور انهن اڳين حڪمرانن کي
واپس ڪري ڇڏيندا هئا ۽ کين (مقامي حڪمرانن کي)
پنهنجي منصبدارن ۾ شامل ڪري ڇڏيندو هو، ته جيئن ان
جي خودمختيار حڪومت ختم ٿي وڃي. منصبدار جي مري
وڃڻ کان پوءِ اهو علائقو موروثي طور تي سندس
جانشين کي مغل بادشاهن جي طرفان ڏنو ويندو هو. عام
منصبدار ۽ موروثي منصبدارن ۾ هي فرق هو ته انهن کي
جاگير ان جي علائقي ۾ ڏني ويندي هئي ۽ اهي نسل
درنسل انهي مراعات مان فائدو حاصل ڪندا رهندا هئا.
جيئن هر نئون جاءِ نشين بادشاهه جي مرضيءَ سان
مقرر ٿيندو هو، ان ڪري جاءِ نشيني تي جهڳڙي جي
صورت ۾ مغل بادشاهن جي مرضي هوندي هئي ته ڪنهن کي
به نامزد ڪن. ان ڪري اهو طريقو اختيار ڪيو ويو ته
جيڪو سڀني کان وڌيڪ وفادار هوندو هو، تنهن کي مقرر
ڪندا هئا. مغل مورخ انهن منصبدارن کي زميندار
سڏيندا هئا. انهن زميندارن کي اها مڪمل آزادي
هوندي هئي ته پنهنجي مرضي مطابق علائقي جو انتظام
رکن (9). |