سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 2/ 1990ع

 

صفحو :13

گل بيگ ٽنگڙي

گل بيگ فقير ٽالپر جي ٽنگڙي پاڙي مان هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي خاص ساٿين ۾ شامل هو. بلوچستان جا بروهي لڪ کان کوسن ۽ ٻين قبيلن جي ڳوٺن ۽ وسندين تي حملا ڪري ڦرمار ڪندا هئا. گاجي شاهه ميان نصير محمد جي حڪم تي بروهين کي سيکيت ڏيڻ لاءِ مٿن چڙهي ويو. گاجي شاهه سان گڏ گل بيگ به انهيءَ معرڪي ۾ بهرو ورتو، جنهن ۾ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيو. سندس مزار گاجي شاهه جي ڏکڻ ۾ چوديواريءَ اندر عام ۽ خاص لاءِ زيارت گاهه بڻيل آهي.

مير صوبدار خان

 مير صوبدار خان پٽ مير سليمان خان عرف مير ڪڪو خان، ڪلهوڙن جو هڪ بهادر جنرل هو. هن ڪيترين ئي فوجي مهمن ۾ بهرو ورتو ۽ مغلن جي حامي سردارن ۽ راڄن کي ٽوٽا چٻائيندو رهيو. سندس مقبرو ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ اڄ به سندس بهادري ۽ سورهيائيءَ جي گواهي ڏئي رهيو آهي.

باگو چانڊيو

سندس اصل نالو باغ محمد سمجهه ۾ اچي ٿو، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ ”باگو“ سڏيو ويو. باگو چانڊيو لاڙڪاڻي ضلعي جو رهواسي هو. جڏهن ميان نصير محمد لاڙڪاڻي مان پنهنجو انقلابي مرڪز ڦيرائي ڳاڙهيءَ اچي رهيو، ته باگو خان ساڻس ڳاڙهي گڏجي آيو. هن کان ڪا غلطي ٿي وئي، جنهن ڪري ميان صاحب کيس پنهنجي قبيلي سوڌو ڪاڇي مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي مير صوبدار خان وچ ۾ پئي کيس معافي ڏياري. تاريخ مان باگي خان جي هن سياسي غلطيءَ بابت اها ئي سڌ ملي ٿي ته جڏهن دهليءَ ۾ شاهجهان جي پٽن جي پاڻ ۾ اقتدار لاءِ ڄنڊا – پٽ جنگين ۾ تبديل ٿي وئي، ته ”اهڙي طائف الملوڪيءَ جي دور ۾ ولي عهد شهزادو داراشڪوه سنڌ ڏانهن ڀڄي آيو. لاڙڪاڻي وٽ چانڊين جي قبيلي کيس سندس ملڪه نادرهه کي روڪيو ۽ سندن قيمتي سامان ڦريو.“ شايد ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي چانڊين جي اهڙي روش پسند نه آئي يا وري هن محسوس ڪيو، ته شايد هي قبيلو دهليءَ جي درٻار تي قابض اورنگزيب واري ٽولي جو حامي آهي، جيڪو اڳتي هلي آزاديءَ لاءِ هلندڙ سنڌ جي هن تحريڪ لاءِ رڪاوٽ نه ٿي پوي. ان ڪري هن تحريڪ جي مرڪز مان يعني ڪاڇي جي علائقي مان چانڊين کي لوڌي ڪڍيو. باگي خان تي ميان صاحب جي ناراضگيءَ جو اهو ئي سبب گمان ۾ اچي ٿو. هن بهادر سردار جو مدفن ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ آهي، جتي سندس مزار تي مقبرو اڏيل آهي.

گولو کوسو

ميان وال تحريڪ ۾ هڪ ”ساڙهي وال“ جٿو موجود هوندو هو، جنهن ۾ شامل ڪارڪن تحريڪ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ هردم تيار رهندا هئا. اهي فقير سموري حياتي شادي نه ڪندا هئا. سدائين ڪفن ويڙهي هلندا هئا (20). اهڙي قسم جا جوڌا اڄوڪي جديد سياسي اصطلاح ۾ ”جيئرا جاڳندا بم“ ۽ خودڪشي لاءِ آماده ڪمانڊو يا جٿا سڏبا آهن. گولو کوسو اهڙي ’ساڙهي وال‘ جٿي جو اهم ۽ سرگرم ڪارڪن هو. ساڙهي وال جٿي جي فرضن ۾ اهو ڪم به شامل هو، ته هو مغل راڄ جي حامي قبيلن تي اوچتو راتاها هڻي کين وڌ ۾ وڌ جاني ۽ مالي نقصان ڏين ته جيئن سندن معاشي، مالي ۽ فوجي سگهه نستي ٿئي ۽ آخرڪار ختم ٿئي. انهيءَ مقصد پٽاندر گولو کوسو ڀان سعيد آباد ۽ سيوهڻ جي پسگردائيءَ ۾ مغلن جي حامين تي اوچتو راتاها هڻي سندن مال ماري، هنن جو جاني ۽ مالي نقصان ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن ڀان سعيد آباد جي علائقي مان مغلن جي حامي قبيلي جومال ماري لوهي ڏانهن پئي ويو، جو پنهورن سان رستي ۾ مقابلو ٿيس، جنهن ۾ گولو کوسو مارجي ويو. ميان نصير محمد پنهنجي هن جنگجو ڪارڪن جي موت جو ٻڌي ڪاوڙ ۾ پنهورن کان زمينون کسي کوسن جي حوالي ڪيون.

محترم عزيز الله ڪنگراڻي هن بهادر ڪارڪن جي مدفن جي جاءِ جي نشاندهي ڪندي لکي ٿو:

”ميان نصير محمد فيصلو ڪري گولي جي خون عيوض اولهه پاسي جبل کان ناڙيءَ تائين پنهورن جون زمينون کوسن کي ڏنيون، جنهن ٽڪري تي گولي کي ماريو ويو هو، کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. اهو ٽڪر اڄ ’گولي جو ٽڪر‘ سڏجي ٿو. هي ٽڪر ڳوٺ علي مراد شاهاڻيءَ کان سڏ پنڌ تي ڏکڻ پاسي آهي (20).“

جنگو خان جمالي

پياري کوسي جڏهن بغاوت جو علم بلند ڪيو، ته کوسن جي ٻڍاڻي پاڙي سان واسطو رکندڙ کوسن پياري جو ساٿ ڏنو. انهيءَ سازش جو اڳواڻ بلو کوسو هو، جيڪو تمام بهادر ۽ سرڪش ماڻهو هو. هو لوڙهيون هڻندو ميان نصير محمد جي انقلابي عبوري حڪومت کي ڪمزور ڪندو رهيو. سندس انهيءَ عمل مغل سلطنت جي ايجنٽن کي، ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسيءَ اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪيو. هڪ ڏينهن بلو کوسي ٻن شاهاڻي قبيلي جي ماڻهن کي ماري وڌو. انهن جون زالون علائقي جي جمالي سردار جنگو ڏانهن دانهن کڻي ويون. جنگو خان کوسن، جمالين، شاهاڻين ۽ لنڊن جي قبيلي جا ماڻهو گڏ ڪري هڪ لشڪر تيار ڪري بلي تي حملو ڪيو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيو (21) اهڙيءَ طرح جنگو خان جمالي پنهنجي اعليٰ تدبر ۽ جنگي مهارت سان اها شورش ختم ڪرائي ڇڏي. محترم عزيزالله ڪنگراڻي بلي کوسي جي بغاوت لاءِ لکي ٿو:

”ان وقت کوسن جو زور تمام گهڻو هو. ڪلهوڙا حڪمران پڻ سندس قوت کان خوفزده هئا. کوسن جي زور ڀڃڻ لاءِ اهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪيون ويون ته جيئن سندن قوت ٽٽي (22) عزيز صاحب جي انهيءَ لکڻي مان ظاهر ٿئي ٿو ته بلو کوسو هڪ نراجيت پسند دهشتگرد هو، جنهن جي هر عمل رياستي اقتدار کي مضبوط پئي ڪيو ۽ تحريڪ آزادي ۾ رڪاوٽ پئي وڌي، جنهن کي ميان نصير محمد جي اشاري تي جنگو خان جمالي ختم ڪري ڇڏيو. جنگوخان جمالي پنهنجي قبيلي جو سردار هوندو هو ۽ ٽنڊي رحيم جي لڪ جي نگهداري لاءِ مقرر ٿيل هو. اڄ تائين سندس اولاد وٽ سرداريءَ جي پڳ هلندي اچي ٿي. هن وقت هن خاندان جي پڳ رئيس محمد بخش خان جنگواڻي کي آهي، جنهن وٽ ميان نصير محمد جي طرفان ڏنل انعام ۾ تلوارون ۽ ٻيون نادر شيون موجود آهن. هن امير ۽ سردار جو آخري آرام گاه مليلي جي قبرستان ۾ آهي، جيڪو ڳوٺ ٽنڊي رحيم کان اٽڪل چئن ڪلوميٽرن تي اتر ۾ آهي. سندس مزار تي عاليشان مقبرو اڏيل آهي.

فقير خيرو ولاڻو

سندس سڄو نالو خير محمد هو. هي فقير، دل جو سخي، تلوار جو ڌڻي ۽ هڪجرئت مند سپاهي هو. هن جي مدد سان گاجي شاهه، کوسن جي بغاوت ختم ڪرائي ۽ کوسا ڪاڇو ڇڏي ڪڇ ۽ ڀڄ ڏانهن لڏي ويا. خيرو شڪار ڪرڻ جو شوقين هو، جنهن ڪري کيس ولاڻو يا ورائو سڏيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي شڪاري (23) روايت آهي ته هڪ ڏينهن ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ملاقات تي وڃي رهيو هو ته واٽ تي هڪ هرڻ جو شڪار ڪيو. هن سوچيو ته ڇو نه مرشد کي هرڻ جو پڪل گوشت کارائي، سو ڇا ڪيائين ته شڪار ٿيل هرڻ کي باهه تي پچائي ميان نصير محمد وٽ کڻي ويو، جنهن کيس حڪم ڪيو ته پڪل گوشت ڪچهريءَ ۾ ويٺل ماڻهن ۾ ورهائي ڏي. جڏهن ميان نصير محمد ڪلهوڙو پنهنجي حصي ۾ آيل ڀاڱو حويلي ڏانهن کڻي پئي ويو ته واٽ تي کيس خيال آيو ته سندس امير ڪبير ساٿي گاجي شاهه ڪچهريءَ ۾ موجود نه آهي، ان ڪري پاڻ موٽي اچي پنهنجي ڀاڱي مان ڪجهه حصو ڪڍي خيري کي ڏنو ته هو اهو پڪل گوشت گاجي شاهه کي پهچائي اچي، پر کيس تاڪيد ڪندي منع ڪيائين ته گاجي شاهه کي نه ٻڌائي ته ميان پنهنجي حصي مان هي گوشت ڏنو آهي. ميان نصير محمد جي انهيءَ عمل مان خيرو ولاڻو سمجهي ويو ته ميان کي گاجي شاهه سان ڪيڏي نه محبت آهي، ان ڪري فقير خيرو ولاڻو فقير خيرو ولاڻو، گاجي شاهه جي خدمت ۾ گهڻو وقت گذارڻو لڳو. گاجي شاهه جي وفات کانپوءِ پاڻ مايوسيءَ جي عالم ۾ رهڻ لڳو.سندس اکين مان مهينن جا مهينا آب جاري رهيو، جنهنڪري نظر گهٽجي ويس ۽ جلد ئي وفات ڪيائين. کيس گاجي شاهه جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. (24)

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ ۽ اسان جون جوابداريون

غلام محمد لاکو

]هن مضمون جي تياريءَ لاءِ محترم سيد حسام الدين راشدي جي مقالن مان گهڻي مدد ورتل آهي، جي سڀ سندس ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ موجود آهن.[

سنڌ جي تاريخ جا چار مکيه باب آهن. سڀ کان اول، سنڌو ماٿر جي تهذيبن جو دور اچي ٿو، جو 2500 ق. م. کان شروع ٿي 1500 ق.م تي ختم ٿئي ٿو. اڌ صدي اڳ گڏيل هندستان جي آرڪيالاجي کاتي وارن، هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽاين مان، تاريخ سنڌ جي هن عظيم الشان باب کي دريافت ڪيو. سنڌو تهذيبن جي هڪ هزار سال واري عرصي جي اڀياس لاءِ، صرف آرڪيالاجي کاتي جي کوجنائن ۽ رپورٽن تي ڀروسو ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ سڄو مواد انگريزي ٻوليءَ ۾ آهي. جيئن جيئن کوٽاين جو دائرو وسيع ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ سڄو مواد انگريزي ٻوليءَ ۾ آهي. جيئن جيئن کوٽاين جو دائرو وسيع ٿي رهيو آهي،  ان ريت سنڌو تهذيبن جي عمر ۽ ايراضيءَ ۾، حيرتناڪ حد تائين واڌارو ٿي رهيو آهي. هونئن ته سڄي دنيا ۾ سنڌو تهذيبن جي اڀياس ۾ دلچسپي ورتي وڃي ٿي، ليڪن ڪجهه سال ٿيا آهن، جو ڀارت ۾ هن دور بابت، هيل تائين ٿيل تحقيق متعلق هڪ ببليو گرافي پڻ شايع ٿي آهي (1).

اسان جي اتهاس جي ورندڙ باب کي قديم سنڌ (Ancient Sindh) جو نالو ڏنو ويو آهي. هي باب 1500 ق. م. کان شروع ٿي، سن 712ع ۾ راجا ڏاهر جي زوال تي ختم ٿئي ٿو. دارا ۽ سڪندر هن عرصي ۾ سنڌ تائين پهتا. ساسانين ۽ موريا گهراڻي به پنهنجو وارو وڄايو. باه جي پوڄا به ٿي، ٻڌ ڌرم به پنهنجا نشان قائم ڪيا ۽ آخر ۾ هت برهمڻن به پنهنجي مڪمل آزاد حڪومت قائم ڪئي. ان کان هٽي ڪري هي به هڪ حقيقت آهي ته سنڌو تهذيبن جي اچانڪ خاتمي کان ڪري دارا جي حملن تائين، وچ وارو هڪ هزار سالن جو عرصو سياسي طرح بنهه اونداهو زمانو ڏسجي ٿو، جنهن ۾ ٿيل هڪ - اڌ واقعي کان وڌيڪ پاڻ کي ڄاڻ ڪانهي. سنڌ جي تاريخ جي هن قديم دور بابت، هڪ طرف آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ مواد مهيا ڪيو آهي، ته ٻئي طرف انگريزي اسڪالرن ۽ محققن ايراني، يوناني، هندي ۽ ٻوڌي ذريعن جي مدد سان، انگريزي ٻوليءَ ۾ گهڻو ذخيرو گڏ ڪيو آهي. ڪجهه سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ اسلام کان اڳ جي سنڌ بابت، ڊاڪٽر ليمبرڪ جي تحقيق شايع ڪئي هئي[1]. ليڪن تازي دور ۾ محترم ايم . ايڇ. پنهور ان ڏس ۾ وڌيڪ مستند ڪم ڪيو آهي[2]. اسلام کان اڳ سنڌ تي راءِ خاندان ۽ برهمڻ گهراڻي جو حڪم هليو. سنڌ جي هنن ٻن آخري هندو حڪمران گهراڻن بابت، اسان کي ڪنهن حد تائين تحريري رڪارڊ ملي ٿو. سن 712ع ۾ هت عربن جي حڪومت قائم ٿي. سنڌ جي تاريخ جي بنيادي ماخذن جو وڏو تعداد مسلم عهد ۾ فارسي زبان ۾ لکيو ويو. اسين هت ان متعلق تفصيلي اڀياس ڪنداسين ۽ ڏسنداسين ته ڪيترا ماخذ سنڌ جي تاريخ بابت لکيا ويا، انهن جو ڪيترو تعداد ڇپجي اسان تائين پهتو آهي ۽ گهڻو ذخيرو آهي جو اڃا پريس کان اوجهل آهي؟

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ

سنڌ جي اتهاس جو ٽيون مکيه باب مسلم پيرڊ جو احاطو ڪري ٿو، جنهن کي عام طرح ميڊيول (Medieval) پيرڊ به سڏجي ٿو. هي مکيه دور عرب تسلط کان شروع ٿي، سن 1843ع تي ميرن جي خاتمي تي پورو ٿئي ٿو. عربن سنڌ تي ٽي صديون (712 – 1010ع) راڄ ڪيو. هن دور جي اڀياس لاءِ سوين سفرنامه، تاريخون ۽ جاگرافيءَ جا ڪتاب ملن ٿا، جي سڀ جا سڀ عربن پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکيا.شايد انهن مان سنڌ ۾ لکيل اڪيلو ڪتاب ”فتح نامه“ آهي، جو گهڻو پوءِ فارسي زبان ۾ ترجمو ٿي ”چچ نامه“ جي نالي سان پاڻ تائين پهتو آهي. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ سموري متعلقه مٽيريل کي ڪتب آڻي، سنڌ جي عرب دور تي انگريزي زبان ۾ ٻه ڪتاب لکيا آهن[3]. جان جهانگير بيڊ پڻ انگلينڊ ۾ هن پيرڊ تي ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب جي روايت آهي ته، مصنف کي ”دي عربس اِن سنڌ“ عنوان تي مقالي لکڻ تي، يوٽا يونيورسٽي 1973ع ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني آهي.[4] ذڪر هيٺ آيل دور ۾ لکيل سوين عربي ڪتابن ۾، سنڌ جو ڪجهه نه ڪجهه احوال ملي وڃي ٿو. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو انهن اقتباسن کي، سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري، سهيڙي نروار ڪجي ۽ وڌيڪ تحقيق لاءِ آساني پيدا ڪجي[5].

سومرا سلاطين سنڌ تي ٽي سؤ چاليهه (1010- 1350ع) ورهيه ۽ سمن ڄامن هڪ سؤ ستر سال (1350 - 1520ع) حڪمراني ڪئي. هڪ موقعو ته اهڙو به آيو جو لاڙ تي سومرن جي حاڪميت هئي، جڏهن ته اتر سنڌ ۾، جنهن جو مرڪز اچ شهر هو، ناصر الدين قباچه جو حڪم هلي رهيو هو. هن ئي زماني ۾ دهليءَ تي مسلمانن جي حڪومت قائم ٿي رهي هئي. قباچه جي درٻار سان لاڳاپيل هڪ مصنف علي پٽ حامد ڪوفيءَ، عربي ڪتاب ”فتح نامه“ کي سن 613 هه / 1216ع ۾ فارسيءَ ۾ ”چچ نامه“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. سنڌ جي ميڊيول تاريخ جو هي پهريون ماخذ آهي جو اسان تائين پهتو آهي. ان هوندي به هي ڪتاب سومرن جي سرداري يا عربن جي زوال بابت ڪا ڄاڻ فراهم نٿو ڪري. قباچه جي هڪ ٻئي درٻاريءَ محمد عوفيءَ سن 618هه / 1221ع ڌاري،دنيا جي فارسي گو شاعرن جو پهريون تذڪرو ”لباب الالباب“ جي نالي سان تيار ڪيو، جنهن ذريعي ايران، وچ ايشيا، افغانستان، هندستان ۽ سنڌ جي علمي دنيا جي پروڙ پوي ٿي. تغلقن ۽ سمن ڄامن جي ڇڪتاڻ بابت واحد ڏيهي ماخذ ”انشاء ماهرو“ آهي، جنهن مان سنڌ جي سياسي تاريخ جي ڪجهه اهم نڪتن جي اپٽار ٿئي ٿي. هنن ٽن جزوي ماخذن کان علاوه سومرن ۽ سمن جي دور ۾ ڪو به همعصر سياسي ماخذ موجود ڪونهي، جو ذڪر هيٺ آيل دورن ۾ سنڌ اندر لکيو ويو هجي. ان پس منظر ۾ سومرن ۽ سمن ڄامن تي ڪم ڪندي، عالمن ۽ اديبن عربي ڪتابن کان علاوه، دهلي سلطنت جي زماني ۾ هندستان ۾ لکيل ڪتابن جي مدد ورتي آهي. ان جو نتيجو هي نڪتو جو جنهن به سنڌ جي مقامي تاريخ تي قلم کنيو، ان سومرن ۽ ڄامن جي جاءِ تي افغان ۽ هندي گهراڻن کي برتري ڏني. هر ليکڪ پهريان دهلي سلطنت جو راڳ آلاپيو، ۽ پوءِ ڏيهي حاڪمن جو ذڪر ڪيو. همعصر ڏيهي ماخذن جي کوٽ سبب، اڄ تائين سومرن بابت ڪو به ٺوس اڀياس نه ٿيو آهي. پاڪستان  ٺهڻ کان پوءِ سمن بابت سنجيده تحقيق ٿي، جنهن جي مدد سان هن مضمون جي ليکڪ، ڄامن بادشاهن بابت پهرين پيرائتو ۽ سلسليوار ڪتاب شايع ڪيو آهي[6].

ارغون، ترخان ۽ مغل ٻه صديون (1520 - 1737ع،) سنڌ تي قابض رهيا. هن دور ۾ فارسي ٻولي باقاعده ملڪ جي سرڪاري زبان بني. حڪمرانن، بادشاهن ۽ نوابن فارسيءَ جي خوب سرپرستي ڪئي، ان ڪري سنڌ متعلق تاريخون ۽ تذڪرا وڏي تعداد ۾ لکيا ويا، جي سڀ جا سڀ فارسيءَ ۾ هئا. هن دور ۾ لکيل تاريخن جو وچور هن ريت آهي:

(1)             ارغون نامه                              مصنف معلوم ڪونهي.

(2)            نصرت نامه ترخان              محمد بن بايزيد پوراني.

(3)            تاريخ معصومي                        مير محمد معصوم بکري.

(4)            بيگلارنامه                             ادراڪي بيگلاري.

(5)             تاريخ طاهري               سيد طاهر محمد لسياني ٺٽوي.

(6)            مظهر شاهجهاني              ميرڪ يوسف.

(7)            ذخيرة الخوانين                 شيخ فريد بکري.

(8)            ترخان نامه                     سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي.

(9)            انتخاب منتخب                منشي عبدالشڪور ٺٽوي.


(1)  Ashim Kumar Roy and N.M. Gidwani: “Indus Valley civilization -
 A bibliographic essey”, Delhi, 1982.

[1]  H.T. Lambrick:  “Sindh before Muslim conquest”. S.A.B. 1973.

[2]  M.H. Panhwar: “Chronological Dictionary of Sind”. P.P. 1-143, Sindhology, 1983.

[3]   ( i ) Arab Kingdom of Al-Mansurah in Sindh, Sindhology, 1974.

( ii ) History of Sind, Vol:3, Arab period, Sindhi Adabi Board, 1978.

[4]   John Jhangir Bede: “The Arab in Sind” (712-1026), Utah University 1973.

[5]  هن ڏس ۾ اردو زبان ۾ گهڻو ڪم ٿيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ صرف ابن بطوطه جو سفر ڇپيو آهي، جنهن ۾ سومرن جي زوال ۽ سمن جي اڀار بابت مواد ملي ٿو. هي سفرنامو محمد ابراهيم عباسيءَ ترجمو ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان کي 1976ع ۾ ڇاپيو.

[6]  ”سمن جي سلطنت“، ناشر پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌيونيورسٽي ڄام شورو،1987ع. هن دور ۾ ٻه ڪتاب اهڙا به لکيا ويا، جن جي اهميت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. علاؤالدين منگلوريءَ ”الزبدة“ جي نالي سان ڪتاب لکيو ۽ ڄام سڪندر شاهه ثانيءَ کي منسوب ڪيو. هي ڪتاب وڏي عرصي تائين سنڌ جي نصاب ۾ شامل رهيو. ٻيو ڪتاب پير مراد شيرازي (وفات - 893هه) جي سوانح تي مبني ”تذڪرة المراد“ جي نالي سان شيخ حسن صفائي (وفات - 931هه) لکيو. هي ٻئي ڪتاب عربي زبان ۾ آهن، جن کي محفوظ ڪرڻ گهرجي ته مناسب ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com