سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 2/ 1990ع

 

صفحو :6

پُڻ ڪئِن مدح ڪَريان آءٌ تَنهن جي تعريفا

پَڻ ڪئِن مدحَ ڪَريان آءٌ تَنهن جي تَعريفا

جو واکاڻئلُ واحدَ جو حَدَنِ هزارا

اسمُ اقدَسُ جِنـﮧ جو مُحمدُ عَربي نالو نِرمَلا

مُهڙُ مِڙَنِي مُرسَلين خاصو خَيروريٰ

ڀَلو سَڀ خَلقَ جر نبي نورُ هديٰ

سَرَوَرُ سندو عالمين سُولي محبوبا

صَدرُ سَدائين سَٿ جو مَحفِلُ منهدارا

دِيوانُ دولَتِ دَرگاهه ۾ مَرڪَڻُ مُختارا

سخا منجهه سَمُنڊر ڪَرَ اَبرُ آه عَطا

وَسي واسِيَ مِينـﮧ َ جئن بحر دَر بَخشاء

اوتُون ڏيئي عَميقَ جئن ريلي رَحمتا

لهي سالَ سڀڪَهين ڌُرئين ٿو دَريا[1]

وَهڻُ وَرنَهُه ٿو وهي اَتئون استعدادا[2]

مِڙَئي موجِب نصيبَ جي جامَ ڪَنِ جُرعَا[3]

مدحَ تنـِﮧ محبوبَ جي ثنا ساراها

ڪنـِﮧ پَرِ ڪندو ڪِهَڙي مَاڙُهو مخلوقا

اِهڙو ڪڏَهين ڪونه هو ڏيـﮧ َ ۾ ڏاتارا

حاتِمُ هِمتُ آڳرو سائُو منجهه سخا

ڏيِڻُ ڏِئارڻُ ڏاتِيُون وڏا وظيفا

وَٽَڻُ وِراهَڻُ وِچَ ۾، ڪمُ هو ڪَريما

’ڪيئين‘ ڪڏِهين ڪنِـﮧ نه سُئي مُحمد مير مُلا[4]

خاندانَ خليلَ جي بُڻ آهي نَجابَتَ نِشانيا

جئِن هون ٻِئنئِون سخي گهڻُو سِيد سردارا

چڱائيَ ۾ چاڳُلا اڱڻِ امتيِنئِا[5]

شهزادا شرافتَ ۾ وِترا وِلايَتا

جاسينءَ اَهل بَيتَ زمينَ تي آهِ باقِي ڀَلايا

تاسينءَ گذري خيرُ دارَ منجهه دنيا

ڪهِرَنِ سندي ڪوڙي ۾ آهي خلقَ خوش بالا

قُطبَ آهيِنِ قيومَ جا مَدارُ المُلڪا

اَجها سندا عاجِزين غَوثَ غَمخارا

وارثَ ڪامِلَ مُحمَدِي واصِلَ وِصالا

چئو صلوات حضرت اتي دائِمُ دُرودا.

*            *              *

آهِمَ سُنـﮧ الله جو، سَوڳَندُ سبُحانا

ته ناهِمِ سَگهَه ثَناءَ جي تِرُ نه طاقتَ ڪا

لِکَڻُ ليِاقتَ ناهه ڪا مُنهنجي مَجالا

جئن ڳَڻَيان ڳُڻ حبيبَ جا عادت اَخلاقا

ڏني ڏاتَ نَبِين کي مَولي مَرتبا

ناهِ نِهايتَ تَنِ جِي حَدُ نه حِسابا

مَٿو مَحاسِنَنَ ناهِه ڪو، اَپَرو اَوصافا

جيڪو ڪمالُ جِتَهِين آهي اِظهارا

سي مڙِيئي مَراتَبَ مُحمَدِي خوبي خليلا

سُو ڌاتُورا سُنهارا سُپرين سِيرَتَ سَڪاٻا

صورتَ سَرورُ سُهڻِو جامِعُ جَمالا

راضي رَکِئلُ رَحمٰنَ جو خاوَند خُشنُودا

پِرين پيغمبر پاڪُ سو اَطهَرُ اَحمدا

چئو صلوات حضرتَ اتي دائِم دُرودا.

*         *              *

تحقيقُ ڪريان دانهُون دردَ سين اڌِ مئِو آوازا

آتئِو ڪريان آهَ ٿو مُنادِي مَرَڻا

ته ڦاٽِي هِيَان ڦاريين ٿيو وڍجي وِساما

ڇِڄي ڇوهَ پرينءَ جي ڪاٽِجي قَطرا

فڪرَ منجهه فراق جي آڪنڊَ احمدا

محبتَ ۾ ماتِ ٿي ساري سُپرِيا

جوڙي هِنَ جسمَ کي ڀَڃي ڪَرِ ڀورا

ڪوٺي قَالِبُ ڇڏ تون نِڪرُ اِن نِجهرِئا

تنـﮧ روحانِي راڄَ ۾ جو پُهتِـﮧ پانڌِيئڙا

تَه وڃي مِڙين ماڙهوئين جتي ٿاڪُ ٿَرا

ادَسئِو اُنِ اوطاقتن کي هنيَڙو هميشا

اهلُ اللِه جي اندر مون چُڻڪَ آهِ چتا

فِرقي کي فُقرائن جي سِڪان سَڌَ مَرا

گُندَرَ انَ گروههَ جي جهِڄان جانڪِيتا

جهانگينِ ريءَ جدائيَ ۾ پچان پرڏيها

گهنگهر گهڻئي گهاريان ڏکنِ سان ڏينهڙا

هاڻِ ڪَرئو سگهان ڪينَ ٿي صَبرُ سانبِينئا

مون جيڏيون مليرَ ۾ کِينِ ماکيون معرفتا

تِڪُون ڏِئو توحيدَ جيِون وِهُسَنِ وَحدتا

 تَرنَ اَچئو طَريقت جنـﮧ هُلڪنِ حقيقتا[6]

سَنجئو ساٺيڪَنِ تي کُوهِي خلَوَتا

پِيو پوڄَ پُهَاريُون شَريعت شَرَبا

وَڃئو وطن وٽ ۾ ڪَنِ مُنڌون مانجهاندا

گهڻو اُڪنَڊِي آهيان تَنِ سَرتين سَريرا

چئو صَلوات حضرت اتي دائم دُرودا.

*         *              *

مَران اِنهين مامِري وِجهُلان وِڇوڙا

ڦوڙائي فِراقَ ۾ اَتان اُداسَا

کِجئو کامِئو کُنڀ ٿِئو هَنڌِن حيرانا

لوچِئو لُڇئو لُڪَ ۾ پَچان پيئي پُورا

ته جي هوءَ نصيبُ مون ڏسِڻُ ڏُنگريا

وَسِ مُنهنجي ويجهه ۾ پنُوءِ هو پَسَڻا

عِوضَ ڪنـِﮧ ٿوڪَ جي خَرچنِ خَزِينا

ته هوندَ سٿَ ۾ پَسِي پِريَنِ جي ڏِنُم ساهَ پَسَا

فِدا مَنُ محبوب تان ڪئِم قُربانا

جُسو جانِ جيرو رَڳون رُوح ريزا

نظَرُ ڪِئم نبيَ کي هُندُ - مِڙنيِنِي منهدا

گهوري وِڌيَمَ گوهر تان هُندَ سِسي گهڻِي سِڪا

پَرَ لوءِ گهڻي پنڌُ ٿئو مارڳُ محبوبا

ڏُوري ٿئن ڏهڙو هاڙ هي هوتَ ٿئا[7]

جُوءِ اڳانهين جِتَـﮧ وَهَ وڻِڪَارا[8]

آڏا ڏونگرَ لَڪِيُون جبلَ جوراڻا

پيرين آءٌ نه پُڄَڻِي پَٻُ پَرانهيِن جاءِ

سارِيو ويٺي سَڄَڻِـﮧ جهِڄان جَانڪِيا

حِجازي حبيب لئي وِجهُلان واجهايا

آسَرَ ڀَري آهيان آپَر اميداءَ

مانَ موٽي مون تي ڪَڏهين ڪوهيارا

پوئي ٻاجههَ ٻروچَ کي ڪَهَل ڪيچَ ڌڻيا

احمدُ ڪري عرضيَ جي ڪا وَهرَ وَرياما

چئو صلوات حضرتَ اتي دائم درُودا.

*         *              *

سُهد مهنجي سِڪَ جي جا اندرِ گهَٽَ گِرياه[9]

وائي وِرهَ وِندُر جي سندِي سُور سڌا

وَڃي ڪَرِهو پِرينءَ کي خبرَ خيروريٰ

نيئِي ڏِهو نماڻيَ جا ساري سنيها

ته موٽي ماتَم آئيو آن لَئي آندوها

جهڄي جهوريَ جوشَ ۾ کامي خُمارا

ماري محبت ماتُ ڪي وَلوَلي وُوُڪا

هَنجون هاري حبيب جيَ اُڪنڊَ منجهه عِشقا

وَليون وَسائي وَهلُور ٿِي واٽڙِيَنِ ورجهاءِ

لَئي مَديني ماڙُهوئين کِجي کونئرا کاءِ

اُڪيِريو عَربَ ديسَ ڏُونـﮧ لالايو ليِلاءِ

مانَ هيڪَلَي اچِي هَبَ ۾ پَهچي پُنوها

ڪري حِمايَت هاشِمي حامي ٿِي هَمراهَ

ڏي دلاسو دلگيرَ کي آهکِي اَحمدا

فَريادِي فقيرَ کي رَسي رَحمتا

سَهکا ڪَريين سڀيئي جي مشڪل مقصودا

سَروَر ڏي سُڌيرَ ڪا معذور کي مِهرا

ڪانهِي جنِـﮧ کي ڪا ٻي پِر ري پچارا

ساراهَ سندِي سڄڻين تَنَ کي توارا

سختِيَ ويرَ سنڀارَ مون وِردُ واکاڻا

مدح ڪندي مُصطفيٰ ٿِيي اندر آراما

ڪجِ ڪا وَهَر ڪارَڻي خاوَندَ لَڳِ خدا

سائِلَ سندي سَڀَڪا تون سُجِ سٻاجها

ڪري ڪرِيان ڪيترِيون آءٌ عرضَ اِظهارا

پرين آهينِ پيش تنُهنجي ڪشَفُ سڀ ڪَمڙا

دانا منهنجي دِلِ ۾ جي آهُکَ اَحمدا[10]

سي پور اڪَر پيغمبر تون صَدقي ساراها

چئو صلواتَ حَضرت اتي دائم دُرودا.

*         *              *

ڪئِو يادِ صلوَاتَ کي جوڙي جوشَ منجها

عبدالنبي اُڪنَڊ جِي ڪئي فقيرَ فريادا

سَهجِ شوق شفيعَ جي حضرت حبيبا[11]

رضا خَاطِرِ رسولَ جي صحابين سُهدا[12]

جي خاصا يار نبي صه جا نوري نِهالا

هادِي آهينِ حَقَ ڏونـﮧ َ مَشعلَ موچارا

مَٽ مُهاجرنِ ناههِ ڪين، افضل انصاريٰ

بَدري بهادر ڀلا اَٽلَ اصحابا

اَهل صُفي جا اُونچا گهڻو صُوفِي سونهارا[13]

چئو صلواتَ نبي ڪريم تي دائم درودا

پُڻ آلَ اَطهرَ رسولَ جي سڀني سلاما

مٿي صَحابن مِڙَني دائمُ مُداما.

ڪندا اچنِ انهئين اَڪابَر عُلَما[14]

فضلُ اُن بزرگ جو، سببَ صلواتا

ته اڪبر ڇڏي دين کي هو وِرِسئو واٽا

ڪِي دعويٰ رِسالَتَ جي پاڻ اُتي پاڇا

پيو غلغلو گوڙُ هو مُلڪن تي مُلڪا[15]

ڪن تي وڏِي قِيام ٿي ڪارَڻِ اِنَ ڪُفرا

مومننِ تي موتُ ٿيو سُڻي اي سُخنا[16]

تا ڪِي تڪليفَ تنِـﮧ شيخ کي اِهيِوئي اَمُرا

تا آڻي ايمان مون مٿي چئو مُنهنجي مدحا[17]

شيخُ مدرسُ دِليَ ۾ هو اَفضَل عَلاما[18]

وَلي وِلايت آڳرو ڪامِلُ ڪَمالا

مَشائخَ مُحقق وڏو رمزدارُ رسا[19]

تِنـﮧ پَروڙِي پَرندِيهين مامَ مَعلوما

ته سورِي مون کي سڏِ ٿئو مڙِڻُ محمدا

ڪَيائيِن قبولُ ظاهرَ ۾ ضرورتَ زورا

ته جوڙي پڙهندس تُنهنجِي موچارِي مدحَا[20]

چَڙهِي پڙهندس ڪرسيَ تي صبَاح سُلطانا[21]

سو وڃي منزل پانهجي جَذبَ جوشَ منجها

اُڪنڊَ عشق اُداسَ ۾ ڪيِائين تَصنيفا

مَدحَ محمد مِيرَ جي هِيَ سَهجان صَلواتا

سو خميس ڏِينـﮧ هو ڏهه تي ڪاڙهو قِياما

سُڀان  ڏِينـﮧ ُ جمعي جو وعدو وصالا[22]

ڪري غسلُ خشبوءِ سين ٿي هلئو هيج منجها

سائو ستي آڻيو، ڪاهي ڪروڌا[23]

مصريون جهلڻ منهن ۾ مانجهين جو مرڪا

مصريون جهلڻ منـﮧ ۾ پانڊَپ ري پَکَرا[24]

قيَصر ڪلي ڪوڏِئو مُڙسُ مَردانا

او مَلهِي آئيِو مجلسَ ۾ ڀَري پيرَ پَريا[25]

تَڏهِ اَڪبر چيو عبدالنبيءَ کي چري چرايا

ته پڙهه پَڌَرِيَ خلقَ ۾ مُنهنجي تون مَدَحا

جا نالي جوڙيئي منهنجي صحيح ساراها[26]

تڏ نوڌين نرمل چَڙهئو، مانجهيءَ موڙَ ٻڌا[27]

اُڀِي عاشقَ اُتَهِين ڪِي شُروع شُجَاعَتا[28]

مَدحَ نَبيان ڄامَ جِي خاتِم خيرَ وريٰ

”بَزَغُ الحَبِيبُ المُجتبيٰ“ ڪيائين تاهئون تَمامَا

تڏِه غَضَب اچِي غافِلُ تِيـﮧ حاڪِم ڪيو حُڪما

هُئي پَيزارَ رُڪ جي جُبي جوانا

تنِـﮧ هاتِڪَ اُڇلِي همت سان ڏونـﮧ سورهيه سلطانا[29]

پيُون تراريون تيزَ سين مَٿي تنـﮧ مَردا[30]

حُسنَ اچي حَ جي ڪئو ڪُرسيءَ تي قَهرا[31]

سَيفُنِ سهائو ڪئو جَمَڪوجَمالا

چمڪيون شمشيريون شَهودَ جون چؤڏس چؤڌارا

سي مَرَڪي جهَلئائين مُنـﮧ َ ۾ جي مُڪيُون محبُوبا

ماري تَنِ مَحضُ ڪئِو قيِمو قواما

نازَ نِظاري نيِـﮧ َ جي ڪُهِي ڪيِو قَتلا[32]

لڳِي وئو لطيفَ جو تئـﮧ مِهتِ منجهه ماها

وڃي پئو وِصالَ ۾ سائُو ڏيئي سرا

قربان ڪيائين ڪريم تان صدقو ساه پساه

ڏٺو ڪنهن نبيءَ ڪريم کي وليءَ ان وقتا

 جو حاضر هو حضور ۾ شهادتِ شيرا

رڻ ۾ رسول رب جو حاضر حبيبا

ويٺو چونڊي هٿنِ مبارڪن سين تنـﮧ مُحبَ جو ماها

جو ٿئو قربان ڪريمَ تان صادقُ سچايا.

مٺو ڪيائين محمد کي، لاهي لاڳاپا

لکي جن جي حقَ ۾ شهادت توڙا

سي دنيا ڇڏي دين لاءِ مري مَٽُ ٿئا

جيءَ ڪوڏين جي ڪربلا عادت آه اها

رانديون ڪَرن رُڪَ سين شهادَت شوقا[33]

عارفَ جي الله جا محبتي موليٰ

لذت لاڳ وصالَ جي ماڻيائون مشاهدا[34]

ڪن پيتو شراب شمشير جو، ڪن سوري جا سُرڪا[35]

ڪي آٽجِي وئا آهه ۾، جَلِي ۾ جوشا

ڪي پي پيالو پرت جو ڦاٽا فراقا[36]

ڪي صوفي وئا سَماعَ ۾ جَذبي جوانا

ڪي وئا وگهري وحدتَ ۾ سي سُرورا

ڪري ڪريان ڪيترو تن محبن مَاتامَا

جي سِسيُون کڻي سُنتون پَهتا پِتارا[37]

صدِقي تن صلاحَ کي ڪاسائين ڏي ساڃاءِ[38]

هادِي ڪر هِدايتَ تون مُوڙهي کي مِهرَا

گڏِيَ آهِ جِـﮧ َ گمراهِي تي تُنهنجيَ طَريقَا

سَهُجهي ڪيِنَ سَفِيهُه ٿو طَلبَ نه توفِيقَا

ڪَانِـﮧ ڪُوشِشَ ڪَميڻين ڪاهڏَهيِن هِمِتا

اوکو اٽڪيِو اورهيِن وَٽي ويڳاڻا

عُمرِ وڃايو آگلو ڀُڻي بَدڪارا

هَوَسُنِ ۾ هيڪاند ٿو گهُمي گمُراهَا[39]

پَڙِهي پَروڙيو ڪيِنڪِي ناقِصَ نادانا

بي ادب بيڪَارُ ٿو هلي مَنجهه هوا

اَسِڌُ اَسَارو گهڻو حادِثُ حِيرانا

ڳُڻان- ڳوري غافِلُ ٿو لَهي سارَ نه سُڌِئا[40]

چُڻي چُلُر چِڪِ جي کتارِيو کِيرَنِئا

تِيلاهَ پُڃي پِڃِري ڪئِو پکِي پَاريرا

مارينِ ماري ماتِ ڪِئو ڀَڃي پَکَ پرا

نَفسَ نِهوڙي ناهِه ڪئِو، ٻئو شامِلُ شيطانا

 کئِڻ ڌارا خام ٻِي سکِئو ڪا نَه سٽِرا

ڄَٽُ نه ڄاڻي ڪيِن ٻِئو ري سمُهڻَ سَفيِها

لوچي لُوتُ لبِاسَ لئي موچاري مَرَڪَا[41]

منجِهه حُظُوظَنِ نَفسانِي هَنڍي حيوانا[42]

عَمَلَن پاران عَليِل جي اَٿِي سُڌِ سَڀَڪَا

ڪَرَ ڪَبِيرَنِ تون لَهين صَغِيرنِ سارا

ڳجها پڌرا پيش تو آگا اظهارا

ڄَمُ ڄَمارو هُنهَئِي هِنَ گذرئو گوارا

هَاريِ ني رَسن رَحيمَ تون سٻَاجها ٻاجها[43]

پِرين پَسُ پاڻ ڏُونـﮧ ُ موليٰ ڪر مِهرا

مونهان ٿيون منَدِيُون تون ڪر پاڻ وَڙا

مون وَڙُ پسُ مَ سُپريِن مهربانَ مَيَا

عَفَوُ ڪَر عاصَي سين خاوند بخش خطا

 اَوَڳُڻَ ڪري آتِ تو دَرِ آيسِ داسِڙا

اِيَ پَرِ تُنهنجي پَتِ جو تون وِلهيُون ڍَڪين وَلَها

ڏي توفيقَ توبـﮧ َ جي ڪا صاحبَ مون صدقا

مُشفِقَ ميٽِ مَٺائيُون آگا احسانا

وِجهه منهنجي وُجودَ ۾ طَلَبَ تارَ تَڳا

موت جو مُندَاءِ ڏُونـﮧ ُ پَهُه ڏيين پَرياڻا[44]

مُقيدَ کي مُطلَق جي آڪنُڊ وِجهه عِشقا

محبت ڏي مسڪين کي حقيقي هيجا

سائين سڃِين ڪيِن سوز مون پانهجي پارا

موليٰ مُرشد مِيڙِ ڪو هَادِي هَمراهَا

جوکڻي هَٿُ حَيرانگي تو سَنگِ توهِين ڏَاهُ

سَگهَه سِفَلي سُلُوڪَ جي هرگز همت ناه

جَذبي سين جُود مؤن پِرينِ تون پُهچاءِ[45]

لَهر ليٽِ لُطَفَ جي واحدَ ڪا وراءِ

خذِمتِ ناهِ خَبيِر ڪا مُونهَان مِحنَتَا

مُفت خور مُحتاج کي عاجِزَ عَلِيلا

رَسُ رفيقُ رُڃ ۾، پَرُچَ پَارِ پِريَا

خضِرَ هِنَ زماني جي ڪو مردُ مون ملاءِ

خاڪُ جِنـﮧ َ جي کَرَڪڻين سَرَ ۾ ٿِيي ساڃاءِ

پَلئه لڳي جِنـﮧ َ پارس جي نَفُدُ نِئيسِ ٿِيان

بيخودَ باقي بالله تي مسلمان رها

تابعُ محمدِي مؤمِن ٿِي عابدُ عِرفانا

صدِقي سَڱَ شَفيعَ جي حُرمَتَ حبيِبا

نالي نام نبيءَ جي مدد مُحمدا

ڪَرِ مِڙيئي قبولُ تون جا پِنِي پينارا

ناهِ نِهَايت جِنـﮧ ِ  جي مَٺيين شمارا

هاڻي چئو ڪَلمِون قلب سين گهڻي يقينا

مان مُهنجي حُجتَ ٿيي قيِامت ڏينها

ويندا سي ايمانَ سين جي ڪلمون چون مُها.

لا اِلله اِلا الله محمد رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم


[1]  اصل. ڌور. اهڙو درياءَ جيڪو هر سال منڍ کان ڀريو ٿو اچي (ڪنهن به سال ان ۾ لاٿ ڪانهي).

[2]  اتئو استعدادا  = گهڻي پاڻيءَ سان، ڀرپور وهڪري سان.

[3]  اصل. مڙني.

[4]  ڪين  = نه هئڻ، ناڪار.

[5]  اصل. اکر (= اڱڻ؟).

[6]  اصل ائين.

[7]  اصل ائين.

[8]  اصل ائين.

[9]  سهد  = اوجاڳو. اصل. اندر کَتَ کُرءَ آه

[10]  اصل. اَهکر.

[11]  ر. سهجئون.

[12]  صحابين سهدا  = اصحابن کي اوسيڙو.

[13]  اصل. سردار.

[14] ر. 1. ڪندا اجن هيءَ ڳالهڙي اڪابر علما. 2. ڪندا هئا اها ڳالهڙي اڪابر علما.

[15]  اصل. ’ڪيو غلغلو گوڙ هو ملڪ ۾ ملڪا‘

[16]  اصل. ئِي سخنا.

[17]  ر. چئو منهنجي صلاتا.

[18]  ر. افضل الفضلاء.

[19]  ر. رمزدان رعنا.

[20]  ر. ته جوڙي صلواة تنهنجي.

[21]  ر. ذڪر پڙهندس تو مٿي سڀا سلطانا.

[22]  ر. ’سڀا جمعي ڏيـﮧ هو ورنـﮧ جووعدو وصالا‘.

[23]  ر. سٽي آئيو.

[24]  ر. ’مصريون جهلڻ منهن ۾ مانجهين جو مرڪا‘.

[25]  ر. مَلِي آيو.

[26]  ر. صحيح صلواتا.

[27]  ’تڏه اچي چڙهئو نرمل سو مانجهي موڙ ٻڌا‘.

[28] ر. شجاعا

[29]  اصل. تنـﮧ حاتم اڇلي همت سان ڏونـﮧ سورهيه سلطانا.

[30]  ر. مٿي تي.

[31]  اصل. ڪُرشم کُهرا.

[32]  ر. ڪسي ٿئو قتلا.

[33]  اصل. ڪربلا جي ڪُر جي – الخ.

[34]  اصل. وصال جِيَ مزي مشاهدا.

[35]  ر. سوري کي سونڪا.

[36]  ر. ڪي پي پيالو زهر جو فاني ٿئا فقرا.

[37]  ر. ’جي سسيون ڏيو ست ۾ پهتا پتارا‘ ’ جي سسيون کڻي سنتون پهتا پيارا‘

[38]  ر. صدقي تن جي صلاح محمد کي سائين ڏين ساڃاه.

[39]  اصل. هوسن ۾ هيلا بد ٿئو.

[40]  اصل. کننا کوري.

[41]  اصل. لُت.

[42]  اصل. هنڊي.

[43]  اصل ائين.

[44]  اصل مون موت جو مَنداءَ ڏوه پَهَڏي پريا نرا.

[45]  اصل. جواد مون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com