وسيم سومرو
پرهه جهڙي رنگ سان، وينگس هُئي ڄڻ سوجهرو!
کُهنبي – کُهنبي ويس ۾، اُجري – اُجري انگ سان،
وينگس هئي ڄڻ سوجهرو!
پٿر – مَنُ موهي ويئي، من – موهيندڙ ڍنگ سان،
وينگس هُئي ڄڻ سوجهرو!
ڇم – ڇم هن جي ڇير جي، ڦهليا سُر ڄڻ چنگ سان،
وينگس هئي ڄڻ سوجهرو!
آئون امرتا پائيان، هن جي سيتل سنگ سان،
وينگس هئي ڄڻ سوجهرو!
آئي ۽ اڏري ويئي، ڏات اجاري ڏنگ سان،
وينگس هئي ڄڻ سوجهرو!
فهميده سحرش ميمڻ
نظم
پنهنجي پيار جي صدا جيان
پيار جون پهريون صدائون
دَرد جو سڀ وارتائون
پنهنجي نالي
تنهنجي لاءِ دلنشين ۽ خوبصورت
تنهنجا لهجا
منهنجي دل جي نرم گوشن
۽ دَرن مان گهلجي
لونءَ ڪانڊاريندڙ لمحا
پنهنجي پيار جي لهجن منجهه
سجائي
ويٺي آهيان
تو ۾ جي ناهي همت
حوصلو زندگيءَ جو
پوءِ تنهنجو ڪو به حق نه هو
ته تون پيار ڪر.
امين ارباب
ڀلا
ڪڏهن
ائين به ٿيو آهي؟
جو ڪنهن وانگي،
پنهنجي ٻني ۽ وني
ڪنهن واگهه ويري جي
ور چاڙهي هجي
پنهنجي غيرت لڄائي هجي،
جي ان جي جواب آهي
”هائو“
ته پوءِ ڏڌيون به ٿيڻن پيون هونديون!!
خادم ٻگهيو
نثري نظم
ڪاڪ مٽيءَ جو ڍير ٿي چڪي آهي،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون،
کڄيل ٿڌن ساهن جيان،
ڌرتيءَ جي سيني ۾ دٻجي ويون آهن.
اُهي گُل جن کي مومل
ڳل لائي رئندي هئي،
اهو تلاءُ، جنهن ۾ مومل،
ڳوڙها ڳاڙيندي هئي،
خبر ناهي ڪاڏي ويا.
جيڪي سڏ رُسي وڃڻ ويل،
مومل راڻي کي ڪيا هئا،
هوائن ۾ ڀٽڪي ويا آهن،
پرهه ڦٽيءَ جو اڄ به ڪوئي،
تنبوري جون تارون ڇيڙيندو آهي،
سُرن مان مومل،
راڻي کي سڏ ڪري، سُڏڪي پوندي آهي،
تارن مان مومل جا ڳوڙها،
ٽپڪي پوندا آهن.
عرفان قادري
اڻ واقف ناريءَ نانءُ
توکي ڄاڻان نه سڃاڻان،
پر جڏهن به،
تو منجهه نهاريان،
توکي پنهنجي ڪائي گم ٿيل،
ڪوتا ڀانيان.
قيد!
تنهنجي محبت جي،
حصار ۾،
ائين قيد آهيان،
جيئن اخباري ڪالم ۾،
ڪا خبر.
منظور قادر
سمنڊ مري ويو آهي!
سمنڊ مري ويو آهي،
مڇيون،
۽ پاڻيءَ جا ڪيئي جيت،
مون وٽ هلي آيا آهن،
سڀ روئن ٿا،
سڀ رڙن ٿا،
سمنڊ مري ويو آهي،
بادل به ڇڻي پيا آهن،
آسمان جون اکيون به ڀرجي آيون آهن،
سمنڊ مري ويو آهي،
توکي به ڏک رسيو هوندو،
شايد ....
اعتبار ته مون کي به نٿو اچي،
ماڻهو چون ٿا،
سمنڊ مري ويو آهي،
ڇا ڪڏهن سمنڊ به مرندو آهي؟
سعيد ميمڻ
ترائيل
ڪير اڇلي ويو ٻرندڙ چُوچڙي؟
رات منهنجي ذهن جي جهڳي اندر!
ننڍڙا ننڍڙا خواب منهنجا ويا سَڙي!
ڪير اڇلي ويو ڙي ٻَرندڙ چوچڙي؟
گيت سڀ خاموش ٿيا روئِي رَڙي،
پر اڃا ڀي پيو ٿو مَنُ جهڄي اندر!
ڪير اڇلي ويو ڙي ٻرندڙ چوچڙي؟
رات منهنجي ذهن جي جهڳي اندر!
مهر خادم
غزل
تنهنجا لفظ ورجايان ويٺو،
پنهنجو پاڻ پرچايان ويٺو.
دل کي پيڙا دردن ورتو،
هُن جي ياد چڀي ائين ڄڻ،
قسمت ۾ ڪجهه ناهي لکيل،
مون وٽ ڪا تصوير نه آهي، |
گل کي ڄڻ مرجهايان ويٺو.
پوشاڪ ڪنڊن جي پايان ويٺو.
خالي پنا اٿلايان ويٺو.
جنهن کي سيني لايان ويٺو. |
زاهد شيخ
گيت
ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ،
او ساجن،
ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ.
دنيا جا سڀ سهڻا نالا، پوئي پارايانءِ.
اُجڙيءَ دل جي آس ۾ آهين، منهنجي هر احساس ۾ آهين،
تنهائيءَ ۾ آءٌ ته ويهي اندر جون اوريانءِ.
او ساجن،
ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ.
درد نه ڏي تون دوريءَ وارا، جهور نه منهنجا جذبا
پيارا،
ويهه ته آڏو، ويلي ويلي مٺڙا ٻول ٻڌانءِ،
او ساجن،
ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ.
تنهنجي هڪ تصوير بڻائي، سوچن ۾ ڪُل سونهن سمائي،
پنهنجن گيتن بيتن ۾ پيو ساريندو آهيانءِ،
او ساجن،
ڪهڙو نانءُ سڏيانءِ.
تنهنجا جلوه جرڪن جڳ ۾، تنهنجي تات منهنجي رڳ رڳ ۾
زاهد آهيان پاڪائيءَ سان پيو ٿو ساراهيانءِ،
او ساجن،
ڪهڙو نانءِ سڏيانءِ.
عزيز گوپانگ
غزل
جا ڀي پريم ڪهاڻي هئي،
هو ئي ان جي راڻي هئي.
مون ٿي ڀانيو مون جان هي،
ديپڪ ديپڪ ڏياري منجهه،
وڇڙي ويندو آ هرڪو، |
هو پر ڏاڍي سياڻي هئي،
ڇالئه ڪالهه اجهاڻي هئي.
ها ها ڳالهه پراڻي هئي. |
بادل
وائي
ساري رات کٽي، پو به نه پوري ٿي،
رچنا منهنجي روح جي.
ڪجهه بي ساڀيا خواب ۽ هي منهنجي زندگي،
رچنا منهنجي روح جي.
چڳن جي سڳنڌ ۽ ڇم ڇم پايل جي،
رچنا منهنجي روح جي.
توبن هي جند گذري، پل پل صديون ٿي،
رچنا منهنجا روح جي.
احمد ٽالپر
گيت
حياتي تو سوا ساجن! سُڃي ڀڙڀانگ ڀاڻن جان،
اداسائي، اکيون آليون، وتان وياڪل ويڳاڻن جان.
اڪيلائي ۽ ماندو من،
ٿيو ٿوهر سمان جيوَن،
هتي توبن جلي جوڀن، مِٺا هر پل مساڻن جان.
جيئن پَن ڇَڻ ۾ پيلا پَن،
اُڏامي واءُ تي ڀٽڪن،
تيئن تولاءِ مان ڀٽڪان، پيو ڌرتيءَ ڌِڪاڻن جان.
بهارون هاءِ برساتيون،
ڏکيرا ڏينهن رڃ راتيون،
لـُڇي ڦٿڪي ڪٽيم ڪيئي، رکي آسون اَياڻن جان.
وهاڻي هيل ڀي برکا،
نه موٽن جي ڪئي تو ڪا،
ويا ارمان هڙ وکري، ٽٽل مالها جي داڻن جان.
وري آيون اتر اوتون،
ڏٺِم راهون نه آئين تون،
ڪيون ڪيڏيون هيم آزيون، ٻڌي ٻانهون نماڻن جان.
مير حسن آريسر
غزل
اهي گيت جيڪي نه ڳاتا ويا،
مگر نانوَ تنهنجي سڃاتا ويا.
اڙي! جاڳ مان ڪنهن رسو هيئن ڪڍيو،
اُهي هار جيڪي نه ڪنهن کي جچيا،
جنين کان لڪايو زبان رازُ ٿي،
جي تون ٿي پُڇين سي ته توئي مٿان، |
رُلي خواب منهنجا اَڄاتا ويا.
اسان جي ڳچين ۾ ئي پاتا ويا.
نگاهن جا سمجهي سي ناتا ويا.
سڀئي گهورجي سنڌ ماتا ويا. |
پارس حميد
آليون آليون اداس منهنجون اکيون،
وڃڻ تنهنجو نه هَن وساري سگهيون.
تون هئين پنهنجي چهري وانگي صاف،
رات ڪيڏو اداس ٿي ويس مان،
تنهنجن سپنن، خطن سوا مون وٽ،
جڏهن گڏجڻ ٿيو ورهين کان پوءِ،
رات جو سمنڊ، سار، تنهائي، |
جي خطائون هيون ته منهنجون هيون.
ياد آئين تون، تنهنجو شهر، گهٽيون.
هاڻي يادون ئي بس وڃي رهيون.
بس رڳو ٿي ڪيوسين ڳالهيون اڳيون.
ياد جون لٿيون، چڙهيون ويرون. |
مختيار مڱڻهار
تو سوا آ ڏکيو، زندگيءَ جو سفر،
آءُ گڏجي رهون، هر گهڙي هر پهر.
چنڊ چانڊوڪيون ۽ هوائون ٿڌيون،
تون جي ناهين پرين سڀ لڳن ٿيون زهر.
چار ديواريون، تنهنجون سارون ۽ مان،
هيانءُ ڦاٽي نه پئي، مون کي کائي ٿو گهر.
سج جيئن جيئن تپيو مون پڪاريو گهڻو،
ڇانوَ تنهنجي کپي، تون نه آئين مگر.
موٽ مختيار ڏي، پرهه جي هير جيان،
ڇڏ رُسامان کڻي، ضد ايڏو نه ڪر.
خادم حسين ”همدم“ سروري
غزل
دلربا لئي دوستيءَ جا حق ادا ٿيندا هئا،
با خوشي جان و جگر هن تان فدا ٿيندا هئا.
ڇڏ وساري قرب جون ڳالهيون سڄڻ چوندو هيو
مان ته سمجهڻ ٿي لڳس ناز و ادا ٿيندا هئا.
ڪيتريون ئي حسرتون محروم يارو ٿي ويون،
هجرِ جانان ۾ رڳو محشر بپا ٿيندا هئا.
جي کڻي ڪنهن دم مٺا رُسندا به هئاسين ياد ٿم،
در جي ڪورٽ ۾ ئي پنهنجا فيصلا ٿيندا هئا.
اڄ وفا ۽ بي وفائيءَ جون وڃي ڳالهيون رهيون،
”ڪو زمانو هو جڏهن وعدا وفا ٿيندا هئا.
گڏ گذارڻ ۾ مٺا ڏاڍو سُڪون ملندو هيو،
هر ڪنهين کي ڇو ٻڌايان ڇا مان ڇا ٿيندا هئا.
اڄ وري شدت سان دلبر ياد آئين ذوالفقار،
ها اڳي پڻ عشق جا سي سلسلا ٿيندا هئا.
گهاريل توسان گهڙيون ”همدم“ نه ٿيون وسري سگهن،
درد منهنجي زندگيءَ جا ناخدا ٿيندا هئا.
شيرل نيڪ سروري
ڪافي
هردم توکي ياد ڪريان ٿو،
دوست مٺا دل وارا، يار پيارا.
سونهن ۾ سهڻو آهين سڀ کان
عاشق ڪن ٿيون بسمل تنهن جون،
توکانسوا هي ويران لڳن ٿا،
مهل ڏکي ۾ منهنجو سهڻا،
نينهن جو ناتو ٽوڙي نه ڇڏ تون، |
صورت ۾ سوڀارا – يار پيارا.
اکڙيون ڏئي ته اشارا – يار پيارا.
ماڙيون محل اوتارا – يار پيارا.
ساٿي بنج سهارا – يار پيارا.
نيڪ کان ڪر نه ڪنارا – يار پيارا. |
”..... سنڌ جي عالمن ۽ استادن اهو آڳاٽو محسوس ڪيو
ته ٻارن کي شروع ۾ ئي عربي يا فارسي پڙهائڻ بدران
جيڪڏهن پهريائين کين پنهنجي زبان سنڌي پڙهائي،
پوءِ فارسي ۽ پوءِ عربي پڙهائجي ٿي ته هو سولائيءَ
سان ۽ سِگهو ٿا انهن ٻولين کي پڙهي ۽ سمجهي سگهن.
اهو يقيني طور معلوم ناهي ته هنن سڄاڻ استادن ڪڏهن
کان وٺي اهو تدريسي طريقو اختيار ڪيو، پر يارهين
صدي هجري جي وچ ڌاري اهوسلسلو شروع ٿيو ۽ ٻارهين
صديءَ جي شروع ۾ اهو طريقو عام ٿي چڪو هو. انهيءَ
دؤر ۾ سنڌي درسي ڪتاب لکيا ويا ۽ پڻ سنڌي ذريعي
فارسي پڙهائڻ لاءِ خاص تدريسي مواد تيار ڪيو ويو،
جنهن ۾ دو – وايا، ٽه – وايا، لغت ناما ۽ گرامر جا
ڪتاب شامل هئا....“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌي ٻوليءَ جا تحريري دستاويز .
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
شاهه عبداللطيف جي معتقد ۽ ساٿياري
ميين محمد صلاح جي سنڌي
ميون محمد صلاح (يا صلاح محمد) بن ميون محمد عارف
ڊاسوڙي جو، جيڪو پوءِ مٽياري ۾ اچي رهيو، شاهه
عبداللطيف جو معتقد هو. فارسي جو عالم ۽ مولانا
رومي جي مثنوي جو ڄاڻو هو. شاهه صاحب کيس ’خليفو
محمد صلاح‘ ڪري سڏيندا هئا. جڏهن شاهه صاحب سفر تي
ويندو هو ته ميون گهڻو ڪري ساڻس گڏ هوندو هو ۽
روزانو اڳينءَ نماز بعد مثنوي جو وعظ ڪندو هو جيڪو
شاهه صاحب ۽ ٻيا حاضرين ٻڌندا هئا.
ميين محمد صلاح جي پوين مان ميين عبدالله مرحوم
سان ٽيهه سال کن اڳ راقم جون صحبتون ٿيون. ان وقت
سندس عمر نوي سال هئي. هن پنهنجي ڏاڏي کان ٻڌو
(جنهن محمد صلاح کي ڏٺو هو) ته ميون محمد صلاح
سنڌي جو شاعر هو. هن منظوميي ۾ هن پنهنجو نالو
”صلاح“ آندو آهي. هن ”بَزعُل جا ڪَلما“ جوڙيا،
جيڪي ”محمد صلاح جي سنڌي“ جي نالي سان مشهور ٿيا؛
پڻ شاهه عبداللطيف جو سفر ’نامو‘ جوڙيائين، جيڪو
هن خاندان ۾ سانڍي رکيل هو، پر پوئين ويجهي دور ۾
ضايع ٿي ويو. منهنجيءَ گهُر تي ميين عبدالله مرحوم
”بزغُل جا ڪلما“ جو هڪ آڳاٽو قلمي نسخو ڏنو جيڪو
پڙهڻ ۾ البت ڏکيو هو. ان بعد، ٻين ڪن ذخيرن مان،
ٻه قلمي نسخا هٿ آيا، جيڪي پڻ ناقص هئا.
انهن ٽنهي کي ڀيٽي، سڄو صاف متن تيار ڪيو ويو آهي،
جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
اهو سنڌي نظم، شاهه عبداللطيف جي وقت جو يعني
ٻارهين صدي هجري جو آهي، جنهن ڪري سنڌي ادب ۽
ٻوليءَ جي تاريخ ۾ اهميت وارو آهي. چوڏهين صدي
هجري / 20 – صدي عيسويءَ کان اڳ وارا نظم توڙي
ٻيون تحريرون سنڌي ٻوليءَ جا دستاويز آهن، جن کي
سهيڙڻ ۽ سانڍڻ ضروري آهي. ٻيو ته هن نظم ۾ سنڌي
ٻوليءَ جا اهي الفاظ ۽ اصطلاح استعمال ٿيل آهن ۽
اهي مثال ۽ مشابهتون آندل آهن، جيڪي شاهه صاحب جي
بيتن ۾ ملن ٿيون. انهيءَ ڪري هيءُ نظم نه فقط سنڌي
اساسي شاعري جو هڪ قيمتي سرمايو آهي، پر ان ۾ سنڌي
لغات جو پڻ وڏو اهم ذخيرو سمايل آهي. ترتيب ۽
تاليف جي لحاظ سان،هيءُ نظم ’الف اشباع‘ وارن سولن
سنڌي قافين سان ڊگهن بندن ۾ سِٽيل آهي. سنڌي نظم
جو اهو نوع ۽ نمونو ان وقت عام مقبول هو.
هن منظوم بندن جو خاص موضوع نبي صلعم جي صفت ۽
ساراهه آهي، جيڪا خالص تاريخي واقعن جي بيان بدران
نبي ڪريم سان شاعر جي ذاتي عقيدت جو اظهار ۽ سندس
دلي عشق ۽ محبت وارو اندر جو آواز آهي. هن منظوميي
جي آخري بند مان ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ تاريخي واقعي
ميين محمد صلاح جي دل ۾ اهو جذبو جاڳايو ته هيءَ
مدح منظوم ڪري. اهو تاريخي واقعو هيءُ هو جو اڪبر
بادشاهه جي آزاد مذهبي فڪر ۽ مصلحت آميز ، مذهبي
پاليسي سان وقت جي وڏن عالمن جو اختلاف ٿيو. شيخ
الاسلام عبدالنبي گنگوهي ان اختلاف تي قائم رهيو،
حالانڪ بادشاهه طرفان کيس 972هه (1564ع) ۾ ’صدر
الصدور‘ جي عهدي تي فائز ڪيو ويو هو ۽ پوءِ به
بادشاهه طرفان رعايت ۽ برداشت جو سلسلو هلندو آيو.
پر جيئن ته اختلاف اصولي هو، انهيءَ ڪري شيخ
الاسلام پنهنجي ايمان ۽ عقيدي موجب بادشاهه جي
مذهبي رجحانن تي تنقيد ڪندو آيو. کيس حج تي موڪليو
ويو ته اتي به بادشاهه خلاف پنهنجي راءِ جو اظهار
ڪيائين. انهيءَ ڪري واپسي تي مٿس ڪارروائي جو
فيصلو ٿيو ۽ رقم جي خرد برد جو مقدمو داخل ڪري کيس
نظربند ڪيو ويو. سنه 992هه (1584ع) ۾ ان نظربندي
واري حالت ۾ کيس گهٽا ڏيئي ماريو ويو.
هن واقعي جي خبر جيتوڻيڪ ان ئي وقت سڄي هندستان ۾
هلي وئي، پر اهي ڳالهيون ڍڪيل رهيون ته شيخ
الاسلام عبدالنبي ڇا ڪيو ۽ اڪبر بادشاهه ڇو ڪاوڙيو
۽ شيخ الاسلام جو موت ڪيئن ٿيو. سنڌ ۾ به انهن
حقيقت کان عام توڙي خاص بي خبر رهيا ۽ وقت گذرڻ
سان هيءُ واقعو ويتر هڪ حڪايت طور ياد رهيو. مثلا
ميين محمد صلاح هن منظوميي ۾ ڄاڻايو آهي ته
بادشاهه، علامه عبدالنبي کي حڪم ڏنو ته هو بادشاهه
کي مڃي ۽ بادشاهه جي حڪمن کي مڃي، ۽ ان لاءِ مقرر
ڪيل ڏينهن تي دربار ۾ حاضر ٿي سڀني جي آڏو علي
الاعلان بادشاهه جي صفت ۽ ساراهه ڪري. پوءِ ان
ڏينهن شيخ الاسلام درٻار ۾ بيهي بادشاهه جي ساراهه
بدران نبي صلعم جي صفت ۽ ساراهه ڪئي، جنهن صحيح
اسلام سيکاريو هو. ان تي بادشاهه مٿس بڇ ڪئي، جنهن
تي شيخ به رڪ واري جتي، جيڪا سندس جبي ۾ هئي، سا
بادشاهه کي اڇلي هنئي. پوءِ مٿس تراريون وسي ويون
۽ سندس جسم ذرا ذرا ٿي ويو، جيڪي ڀرسان مسجد جي ڇت
کي وڃي لڳا. هيءُ سڄو بيان روايتي آهي، پر شايد
سنڌي ۾ هن واقعي جي خبر انهيءَ طرح پهتل هئي.
هيٺ ”بزغُل جا ڪلما“ جو متن ڏجي ٿو، جيڪو ادبي
لحاظ سان معياري آهي. عربيءَ ۾ لکيل بيت غالباً
شيخ الاسلام عبدالنبي جي قصيدي جا آهن، جيڪو هن
نبي سڳوري جي شان ۾ چيو. ميين محمد صلاح هر بيت
کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ان مدح کي وڌائي وڏو ڪيو.
|