سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 2/ 1990ع

 

صفحو :5

’بزغُل جا ڪلما‘ يا محمد صلاح جي سنڌي

بَزَغَ الحبِيبُ المَجتَبيٰ فِي سنحمـة الَليلِ الَدجيٰ کالشمسِ تَطلُحُ فِي الضُحيٰ صَلوا عَليَـﮧ ِ وَسَلِمُوا

نِڱئو نُور نَبِي جو مُحَمدَ مجتبيٰ

حُسنَ ڪئو حبِيب جي جَلوو جمالا

ظاهر ٿئو ظلمتَ ۾ ڪُفر ڪانڀارا

منجهه انڌاري رَينَ رسئو گوهر گمراهنِکا

هَريِ اَچي هَرائيو ويڳـﮧ ورياما[1]

تاريڪيَ ۾ طلوع ڪئو لالڻ لمغاناَ [2]

جئن سورج اُڀري صاف ٿيي ظاهر وقت ضُحيٰ

چڙهي چِٽائي ڪري اڇو اُهاسا

چوڏَسِ چُٽو چَمَڪئو هادي هدايَتا

مشرقُ مغربُ سوجهرو ڪئِو رهبرَ رَسوُلا

سَڀَتِ سُهائو ٿئو نَبي جي نُورا

لٿِيِ انڌائِي ڪُفرَ جي شَمسَ ڪئِو شُعاع

دريا گَجِي گوڙِڪِي اُڌَمئِو اوڙاها

واهُڙَ مِڙَئِي وحدتَ ۾ هَلِي هيڪُ ٿئا

سائِرُ سَويلو ٿئو ڀرجِي بَرهَرا

ڏيئِي تِڪون تارِ وَهيو منجهه مَظهر مُحمدا

لَٽي لُڙَ لالُ ڪئِو وَرنَـﮧ َ وجودا

وڄـِي نوبتَ نَبيان ڄامَ جِي آيو احمدا

لڳي نوبت محمدي منجهه فَتحَ في الحالا

ڀَڀَڪِي ڀيرِ بهادري خاتَمَ خَيرَ وَرَيٰ

تِهَامِيَ سڀ تَـﮧ ڪئِا اڳيان اوتارا[3]

رِسالتَ پاڪَ رسولَ جِيَ پَرا سَڀتِ پئِا

ڳُهڙُ ڳَڃَڙين ڳائيِو چوڏس چڱايا[4]

قُريشيَ جِي ڪَچَهريين پيئِي پَچارا

راهوءَ جي رهاڻيِنِ وَرَتي وِرُوها[5]

هاشيِميَ جو هُلُ ٿئو منجهه مُلڪَ مشهورا

ته ٿئو وارث دِينَ جو پَيغمبرُ پيدا

ڪوٺي ٿو الله ڏونـﮧ مِڙنِي مُحَمدا

چئو صلواة حضرت اتي دائِمُ دُرودا

وَهُوَ الرَسُولُ المُقتَديٰ منــِﮧ الشفاعَـة تُرتَجيٰ

بِجَمَالِـﮧ خَمِدَ الَلظيٰ صَلوا عَلَيـﮧ وَ سَلِموا

اِيُ آهي رَحمَتِي رسولُ سو مُحَمدُ مُقتدا

اِمام جُملي اَنبيائُنِ پيشوا پِريا [6]

مهندارُ سَڀ خلق جو سر خَيلُ سردارا

پُٺيءَ اِنهين پاڪ جي مِڙئي موجودا

دامن لڳي دوسِ جِيَ ٿئا عالَمَ اِنعَاما

سندي احمدَ آسِري تَڳَنِ تارِي ٿا

جُونري مٿي جَنِ داغ تُهنجو داسَڙا [7]

تُن تان تَکِيَ تَنِ، ڪو وارو ڏجِ ولها1

سَڀَنيِنِ شفاعت جي آهي اميدا

آهکِي ويرَ عاصينِ تي ڏيندو ڀَڙُ ڀيرا

لنگهائيندو لطف سين ننِڌرَ نماڻا

تان نه ڇڏِيندو ڇوههَ ۾ آسُنـَﮧ آسارا[8]

ڪندو شفاعت ڪارَڻِي مِڙني مُحمدا

سنديَ جوتِ جمالَ جنِـﮧ مُنَڪَر ماتُ ٿئا

هُوا مَجُموسِينِ مَعبُود جي ڄيرا گهڻي ڄڀِيَا[9]

پئا ٻَرَندا هميشـﮧ جي ورِهين ورِههَ سڄا

ڄاپڻَ راتِ رسولَ جي اجهاڻا آڙاها

پُڻ ڏسِي نورُ نبي جو قيِامتَ ڏينهان

ڇڏي جوشُ جَهڪو ٿيندو دوزخ دَهشتا

مومن لنگهيندا مِهرَسين سَهکي صِراطا

حُرمتَ ساڻُ حبيبَ جِيَ مُرسَلَ مُحمدا

وَهوَ الضِيَاءُ المستضي وَ بِنُورهِ نَارِ الُهديٰ

فِي صُبحِ لِيلِ اَليلاَ صَلوا عَلـَيـﮧ ِ وَ سَلِمُوا[10]

اِيءُ آهي روشَنِي رسولُ سو مَشعَلُ مُحمدا

ڏِيا جنـﮧ ڏاتارَ کا ٻَريا ٻَهُون ٻئا

اَنبيا ۽ اَوليَائُنِ مڙِنِي مُورُ اِتا [11]

سڀِ مَلابِس مُحمدِيَ مَظهَرَ مَعصَوما[12]

سَبَبَ نُوَرَ نبَي جي روشَنُ رَندَ ٿئا[13]

واٽون سَڀِ وَڻِڪارَ جيون پُنهوءَ ڪيو پيدا

هوتَ ساماڻي هَبَ ۾ گُنگنِ گَسِ ٿئا

ليڙَنِ لَسُون لائيُون ڪَرهَنِ قطارا

وڃنِ ساٿَ سَمگئا هاڙِهي هزارا[14]

منجهه ڪارِيَ رات ڪُفرَ جي ٿئو سوجهرو صبحا

مُوڙهَنِ واٽُون لڌِيُون جي تِرڪئِا طرَيقا[15]

پئا هِدايَتَ هُوءِ ۾ آڻي ايمانا

راه سوٺائُون رب جي مُحَمدَ ميرَ مُلا[16]

چئو صَلواة حضرتَ اُتي دائُم دُرودا.

اِيُ اَهي معَشُوقُ مِڙَني مَواطِنين مُحَمَدُ محبوبا[17]

عَرِشا ٿي فَرشَ سيِئن تانئُون تَحتَ ثَريٰ[18]

سَڀَنين سِڪَ رسولَ جي مَحَبتَ مَجازا

پَهڻنِ پرِتِ پرينءَ جي پيِئي وَڻت وڻا[19]

حَجَرَنِ ڳالائِيُو حبيبَ سين ڪوڏا ڪَلاما

ڏيندا هُوا پاڪَ پيغمبر کي صَحِيُ سُلاما

”اَلسَلامُ عَلَيڪَ يَا رَسُولَ الله“ اِنَهيِن آوازا

پُڻ داهون دَرَختَنِ ڪيِون لَئِه ۾ لطيفا

آهُون عشق اُڪَنڊَ ۾ وايو ڪيِون وَڻا

پڙهندا هئا حضرت جِيو ڀَر جَهين خُطبو خليلا[20]

سا ڪاٺي هُئِي ٽَارِ جي منجهه مسجدِ مَديِنا[21]

مُشَرفَ هُئي محبوبِ جي قِراءة قِيَاه!

نَخلِ نيِـﮧ نَبِي جو جاڳيو هو جوشا

سڀَڪنَـﮧ ِجمُعين سُپيرِيِنِ سين سِڪَ سانڀيٽرِيو سَاءِ

اچِي صلاح، صحابَن کي پِيو پَرياڻا

ته ڪرسي گُهرجي گهوٽَ کي منبَرُ مُحمَدا

جَڏِهن جُڙي آئِي سا ڪرسي ڪريما

چَڙهي اُڀا نَ تي پِريِن بِي پَروا

تَڏِهن ڪاٺِي ڦاٽِي فِراقَ ۾ ڇڏي ٿوڀَ ٿنَڀا[22]

ڪَري ٻاڪارون ٻارَ جئن گريو گُدازا

سُتونَ ڪيِون سپُريِنِ کي داهون درد مُهَا

تان پيئي مِهرِ محبوبَ کي رحمتَ رَحيِما

حضرتُ اُلهِي آئيِو چِلِي آئيو چَلِي ڏُونـﮧ ُ چوبا[23]

اچِي رکيائون مٿي تي مُبارڪَ هٿَڙا

غمگُسارِي غريب جي ڪِي سڄڻَ سنَڀارا

تان ڪيِائين ماٺِ مُهتَ سين پرين جي پڇڻا

ڏُسڪا ڪري ڏک سين، ويجهي ٿي وَصلا

ڪنَــﮧ ِ راضَ سين راضي ٿي ملِي معشوقا

اِهڙو آهي ڪارَڻي مُحمدُ مُختارا

سائينءَ سُهاڻو سُپرين، ڏُٺَلُ دوستُ خدا

 ذڪر جِنه جي ذاتِ جو انچو آهِ اَعليٰ

اونهِين عِزتَ اَحَمدَ جي وَڏِي وڏايا

چَئو صَلواةَ حَضرت اتي دائمُ دُرُودا

*

اصلِ عشقُ عَربَي جود کئِو آهِ ڌُرا

آگي اِن لاءِ پَاهنجو ڪيِو جُلوو جهانا

ڪارَڻِ پيدائِش پِرينءَ جِيَ هَستي ڪئِو هُڳاءُ

منجهان آهَ عشقَ جِي ٿِئو عالَمُ آبادا

اللهُ عَاشِقُ آزلان، مُحمدُ معشوقا

عِلمَ اقدَسَ عَينَ ۾، ڪِئو ظاهرُ ظُهُورا

سُمي سَرو چِڪائيِو مارَڻَ مَلوُڪاءَ

سِرِ جَني جا سَٽَ ۾ پيتيُون تَنِ پِڪَا

سُرڪَ اِنَ شرابَ جِي گهائي گهوٽَ وِڌا

 ڪنِهه ڳَري کيپَ خُمارئِا صُوفِي پِي سَرا

مَزي ميٺَ مَندَ جي ماريا مَتارا

وَٽيون وِيرَنِ واتِ ۾ صَدِقو ساهَ ڏِنا

”ڪُنتُ ڪَنزَا مَخِفياً“ پڌر پير رکيا

 آهي رمز ان ۾ پري پروڙا

ڳالِهه نه ڳالهِينِ جهِڙيِ، ڪرڻُ تا نه جُڳاء

عَقلُ وِيو اوڇُون ٿي اِني اَنديشا

ريتِ انهينَ رازَ جِي لَکِي ڪنِـﮧ لَکَنِئا

ڪوڙيِن منجهان ڪَنِ تي اِيِ‎ َ حَل ٿِي حقيقتا

 عَقلَ جُري ڪُل جِي هاتِڪَ حيرانا

ڪيِنَ پَروڙيو پِرينءَ کي مُورَهيِن مخلُوقا

چئو صلواةَ حضرتَ اتي دائِم درودا.

.......

حيرانُ چُندَڙ (چُپ) ٿئا منجِهه مدحَ محبوبا

ماندا مَداحَ ٿئا ماڳِهين، واکاڻي وَصفا

چَئي چُڪا چاڳَلي مَناقِبِ مَدحا

ڪَري رَهئِا ڪريمَ جِي ثنا ساراها

تا مُورِ نه مَٿو آئيِو خوبِيِن خَليِلا

پَرو پاندُ پِرينءَ جي خَصلتَنِ خُلقَا

اُونهين ڪُنَ عَمِيقَ جي پيئي ڪنِـﮧ نه ڪَرا

تانگَهه نه لَڌِي تارُوئين گهوري گهاتُوئن ڪا

پَسِي اڇَلَ آبَ جِي دَهلئِا دِليرا

لَهرِينِ ليکو ناهِه ڪو جي اچنِ اوڀارا

موڙي مَلاحَ مَڪريِون جان نِڱئا گِردبا

تان پاڻَي نئِا پاتارَ ۾ وَريَن وِيرَ ٿا

نِنڍوءَ نهِوڙي ناهِه ڪئِا اُهِرئا اوڙاها[24]

نَڪو سَڏُ نه مَڏُ ڪو لُڙِهِئِا لاهُئارا

آڇي اُتان آئِيو ڪو ڇٽروڇُڳيرا[25]

شوقَ منجهه شفيعَ جي ٿئا هَميَـﮧ حيرانا

 ماٺِ مَداحَنِ ڪِي، شاعِرَ شَرمايا

اچِي سَڀِ ساراهَ ۾ عاجِزَ تِي اُڀا

 آڇاڙَنِ عَميِقَ جَنِ حَدُ نه حِسابا

چئو صَلواة حضرتَ اتي دائم درودا.

* *      *

آڳي اُتاهُون ڪئِو، بارِي بُلندا

مَرتبو مُحَمدَ مِيرَ جو رُتبو رَفيِعا

اُنچو اندازو انَ جو،مٿاهون ماڳا

نوازشون نبيَ کي ڏنيُون ڏاتارا

تَسَليِون تِهَامِيَ کي آيون ٿي آڀَنئِا

خَبَرُون خوش خلَيل کي آڳِهين اشارا

ملَڪنِ هٿِ مُحمد کي تَعظيمون توڙا

وَحِيَ آنديون وَرَنَـﮧ َکي سَراهيُون سهِرا

سُورَن منجهه قُرآنَ جي وڏيون وڏايا

”اِنَنافَتَحنا“ ”وَالضحُيٰ“ ڪئِو سَرَهو سالارا

آيَتَنُ ڪِي احمدکي اَپَر آڌارا

چئو صلواة حَضرت اتي دائمُ دُرودا.

* *      *

تحقيقُ گهڻا آهيِنِ انَ تي حُجتُون هزارا

مَٿو مُعجِزنِ ناهه ڪو سَهِسين سُهڄاڻا[26]

تَعاليٰ شانُ نبَي جو نرمل نِنڌارا[27]

سچو صادقُ سُپُرين رهبرُ رهنُمَا

عَارِفُ اڪَمَلُ اَلله جو هَادِي حَق- رَسا

جي هٿا مُبارڪَ حضرت جي ٿئا آهڃَ اظهارا

تاڻي تَنِي سَليِم ڪئِا سائُو سردارا[28]

مانجهي سڀ مُنقَادَ ٿئا مُعجِزَنِ مددا

پرِتا پَسِي پِرينءَ جا نَمِئا نِيازاءَ

مَڃئاون مُطيعَ ٿئا آدَبَ اِخلاصا

جَنِي عَقلُ نصيبُ هوفِراسَتَ فَهما

آيا سي اِطاعَتَ ۾ پَسَندِه پَيڪاڻا[29]

داناء سَڀيئي دَهلئا مَهندا مُحَمدا

نازَ نظاري نِيـﮧ َ جي پِياري پُر ڪئِا

ته بَعَيت ڏِئي تَنِ کي ويئي سڀ وِڄَا[30]

چئو صَلواة حضرتَ اُتي دائمُ درودا

* *      *

ڦاٽِي چندُر ڦارِيُون ٿئو سيِن آڱرِ اِشارتا

جَڏِهن مُشرڪَ مِڙِي آئِيا پَهي پَليِتا

خذمتَ منجهه خليل جي حاضِرُ هيڪاندا

ته جان آهين سَچو نبِي تون صادِق منجهه دعويٰ

ته ڦاڙي چَنڊُر ڦارِيُون ڪر اي مِيان آڱر سا

تڏهن سَڃِي سبَابَـةَ سَماءَ ڏُونـﮧ ُ احمد اعجازا[31]

هو چوڏَهِيَ ماهَ چَمَڪئِو ڪامِلُ ڪمالا

تا ڦاٽي چنڊُر ڦاريون ٿئو قَمرُ قدرتا

قمرُ ڀَڄِي ٻه اڌَ ٿِئو پِرتِ ۾ پِريا

سي ٻئي اڌَ آرضَا ٿِي موٽي ماڳِ وئا

”اِقتَربَتِ السَاعـة ُ وَ آنشَقَ القَمَر“ اِنهين اُهڃاڻا

معجزَن ڪئِو مومنِنِ کي ويتر ويساها

اڀاڳيَنِ کي اتهِين سَمهُون ٿئو سحِرا

”وَيَقُولُونَ هٰذا سِحر مشتَمِر“ ڪُوڙا ڪَذابا

پُڻ آيا مَلَڪ سلامَتي آلَهيو آڀَنيِئا

ڪُرنَش لاءِ ڪريمَ جي اڪنُڊ اُداسا

پُڻ ڪرڻ صلوات سَرور جي آگي ڪئِو آمرا

ته گهُرو رحمت رسول اتي مومِنَ مُداما

تُحفو تحميِـة ڀِي چئو ساري سلاما

چئو صلوات حضرت اتي دائم دُرودا.

* *      *

پُر ڪيائين پِرت سين دليون دوسنَئِا

چاڙهي ڇڏيائين چيئن تي عاشق اُداسا

واڍوڙئا وِرُونهه ۾، گهڻيئي گهايا

ڪينارُن تي ڪيترا اُلٽيا عُشاقا[32]

مُحبت جي ميدان ۾ جڏهن جي آيا

تڏهن سي تمام ٿئا اُسَهي او ڃاهَا[33]

ويئي وڄا وِسَري سارَ نه سُڌِيرا

وحدت وَڍي وَرَنَهه جي اُڪنَڊ اَڌَ ڪئِا

گُڏِئا گهوٽ گن تي لُڇَنِ لالَ پئِا

نَوڪُنِ لَڳي نِيـﮧ َ جن پاندِپا پَتِ وِڌا[34]

مٿا وَڍي مانجهين آڙينِ تي آڇلئِا

سسيون ڏِئو سنُتون وِهسَن ويچارا

سورِي اتي سَنڀرا مَردَ مِصرا جا[35]

سُور چڙهئو سانگيِن تي مَرڪَن مَنصُورا[36]

قِيمون اچي ڪَم ماهَ جو مُحَبتيا[37]

ڪوٺِئو ڪوڏِ ڪبابَ جي ڪُسَنِ قريبا

چکِئون اهڙيون چاشنِيون سُرڪيون سالُورا

وَتَن ٿيون وِصال ۾ کيرون کاهوڙِياءَ

پُڻ سبَبَ هوتَ حبَيب جي همِت حضرتا

ماءِ مُرادونن پُنيِون مُنهنجا مَقصُودا[38]

ڏيِئي دنُياوي جون آسُون اميدا [39]

سي سڀيئي سَرنجام ٿيِون هاشمِي هَٿا

فيضَ اِنَ فياضَ جي ڪئِا مُلڪَ مَعمُورا

جَڳ ساماڻي جکَري لَٿو ڏُرتُ ڏيها

ويلَـﮧ ويئِي وِسِريِ ڏُليَنِ ڏُڪارا

سَمي جِي سَخاءَ جو پِئو سُڪارا

ڳهُڙَ سندي ڳنَڃَڙي ويرو تارَ ويهاء

حاتِمَ ڏيئي هَٿ سين پُرڪئِا پينارا

ماڻِڪ ٻُڌي مُوڙيين اڇَلئِا اِيمانا

بُکين بَرادوُن ڀَريون،اوڍِئا آگهاڙا

جُودَ سين جَواد جي سَڀُ ٿئِا سوڀارا

جي سُتيَ سندا سيڪَڙُو سي پَينِ پيالا

”وَستلهُم رَبهُم شَراباً طَهُورا“ حُرمت حبيبا

چئو صلوات حضرت اتي دائمُ درُودا[40]

*      *      *

ميرُ مُحمدُ آئيِو الَهي آمِينا

جبرَئيلُ جَسولُ ٿي ]چيو[ مَلَڪ معراجا:

ته چڙهه بهادر بُراق تي اَپَر احمدا

آقصيٰ ٿي آڀَن ڏُونـﮧ ُ، تانون عرش عُلا

خَلوت سَرا خاوند جي جهوڪ جَمعَا[41]

سالِڪَ سير فِي الله ۾ پيهِي ڏي پارا

لڏڻ لامَڪان ۾ کَڙا ڪَر خيِما

جتي ناءَ نه ساءُ ڪو، اهڃ نه اِشارتا[42]

جهنگلُ جُهن ’جَمعَ‘ جو فَرقُ نه فِصارا

’اِسمُ‘ نه ’رَسمَ‘ جِتَهِين ’عَقل‘ نه ’عِبارتا‘

اُتي مَرڪَڻَ مَحوُ ٿِي ديرو ڏي دوسا

هاڻي مُشاهِدي مُقدَسُ کي وري اچُ وَطنَا

حضرتَ هلئِو هيجَ سين اِتَهيِن اَفضَلا

وئا ناسُوتا نِسَرِي هَنِ مُلڪَ مَلڪُوتَا[43]

پُوري وَڃِي پُهتَا جاتي جَبَرُ وتا

 لُڙي وِئا لاهُوتَ ۾ اقدَسَ اوطاقا

ملِي مُطلِقَ مَحوُ ٿِي وَحدَتَ وِلاتا

ديکيِندهيِن ديدارَ کي موٽيا مَڪي ڏاه

اِنهِان مَهندِ مَاهِيَتَ جي ڪانِـﮧ ڪنِـﮧ ڪَرا

پاڻو ڄاڻي ]پاڻُ[ ڌڻي سي حَقيقتَ حالا

آهي حَقُ حَديثَ ۾ بهِتر بيانا

حاصِلُ تِنهن جو هِهَڙو خُلاصو خَبَرا

آچي وِئو اِنهيئين هِن ناقِصَ نادانا

پَسو پيغمبر پاڪَ جِي وڏِي وَڏايا

ڪو نِـﮧ ڪو جَهانَ ۾ اِن سَپَڙَ جوسياءِ

چاڙهئو جنِـﮧ کي چَؤڏولَ ۾ خاوَندَ مُلڪَ خدا

وَڃِي قَابَ قَوسَينِ ٿِئو اوڏو احمدا

شانَ منجهه شفيع جي ”وَ القَدَر“ آ

چئو صَلولـةَ حَضرتَ اتي دائمُ دُرودا.

* *      *

نَيو آبُ نَئيِن ڪري وُضُوءَ جي وَقتا[44]

ڇَاڳَرِ منَجا ڇُڳيرَ جِيَ حُدَ بِي ڏيِهَا[45]

جَڏهِن رَسي اُڃَ صَحابَنِ کي پَٽَ ۾ پياسا

هُئو هزارُ ۽ پنج سو جي مانجهي ميرانا

رِڪابَ منجهه رَسولَ جي لشڪرُ لاکيرا

ڪَري رءَ نه قطرو اُت پاڻي هو پيدا

نڪو بيرُ بَرَ ۾ ننهر نه نندِي ڪا

تَڏِهن مِڙَنِي اَچِي مَحبُوبَ وَٽِ ڪِئو اُساٽِجِي عَرضَا

ته پاڻي ناهِ پِيَڻَ کي نَڪيِن وُضُوءَ لاءِ

تان حَضرتَ هَٿُ مُبارڪُ رکئِو ڪُوزي تي ڪَرَمَا

نيَو آبُ نَئيِن ڪَري آڇو آڱرنِئِا

درَيا اچي دوُسَ ڪِي ڪنِـﮧ مَخفِي مِهراڻاء

پي سڀيئي پُر ٿئا سي صحابي سَيرا

وُضو ساري وَرنَهَه سي خوشُ ٿئا خيِارا

راوِيَ روايت ڪي هِنَ پَر حَديثا

ته جي لَک صَحابِينِ جو هو تِنـﮧ ويرا طيَارا

ته ڪِي ڪِفايَت تَنِ کي هُندَ پاڻي پُر مُلا

پَر ڏيڍُ هزارُ حُضورَ ۾ هُئاسون هَمَراها

سي سڀيئِي سَيرابَ ٿئا مُعجزي مِهرا

پُڻ گهڻو طعامُ تيارُ ٿئو بَرڪَتَ ڀَلي ڄاما

حَضرتَ جابِرَ ڪِي حَبيبَ کي جِنـﮧ ڏِينـﮧ ِ دَعوَت دِليرا

پُورو هزارُ صَحابَن جو تنـِﮧ ڏِينـﮧ هو حاضرُ حُضورا

کَاهوکَنيائون خوشيَ سين ٿي خَندَقَ خَليلا

پَهَڻَ ٻَڌئو پيٽَ سين صَحابيِنِ صدقا

مَدِيني مُنَوَرَ کي چيٺئون چَوڌارا[46]

هَنيون پَهلواَنِن پَهَڻَ ۾ ٿي ڪوڏارِيون ڪوڏا

پَر هئي بُک بَهادَرن تي تَن کي طعَامَا

تڏهن جابرَ وَڃي گهَر ۾ ڪئِو صحَابِي سَعيا

تا ٻه ٽويا سڄا جَوَنِ جا آهينِ ان پارا

سي پيهائي تيارُ ڪئِا اٽو انصاريا

پُڻ ٻَڪري هئي هيڪڙِي ڪُٺِي ڪاملَ سا

اچِي عَرضُ ڪيِائين حَضورَ ۾ حَقيقتَ حالا

نه قَدرُ آهي قَليلُ ڪيِن سيِڌو سٻاجها

سو حضرتَ هَلي پنجن ڪر ڇهن صحابنِ سين ڪر احمدِافِطارا

ته راضي ٿيان رسولَ ڌڻي جا آءٌ سَرَهو سَرَيرا

تَڏهن حضرت اُسَهيِو هاشمي جابر جي گهَر ڏاهَ

وڃي وِڌائون هٿا مُبارڪَ پانهِجي اٽي منجهه ماها[47]

تان اٽو ڳوهيِندڙ کهيا، رنڌي رَهيا

پيِئي ويجهَه طعامَ ۾ بَرڪَت بسِيارا

تڏِهن حضرت ڪوٺئو وِهاريا ڏَه ڏَه صحابي سَهجا

سي کايو سڀيِئي خوشيَ سين رُخصتُ ٿئو رَميا

اِنهين پَر هزار کي حبِيبَ ڌڻي جي کارايو کاڄا

تا کٽُو ڪيِن کِيَڻَ کان برڪتَ ڀَلنَئِا

پاڻا اَٽو پئِو اُبَرِي، ۽ باقي ٿئو لَحما.

مُعجِزي مُحمدَ ميِرَ جي پَسو پيکارا

پُڻ تَري منجهه تِهامي جي حَمد ڪئِو حَجرا

سَنگريزَن ثناءَ ڪِي هٿَ ۾ حَضرتا

جَنگِ منجهِه حُنينِ جيِ ڪَرهَ وير ڪلِئا

جڏهن حضرتَ ڏٺا يَهُودَين جا گهوڙا گهڻيرا

تڏهن تَري ڀَري پهڻين جي کنئي دوس خُدا

چيون تسبِيحُون تنِ تي هٿَ ۾ حبَيبا

ڪِي پڙهِي اَلفاظَ ان تي ويرينِ ڏونـﮧ وِڌا

تان مُفسِدَ مِڙيئي مَغلوب ٿي ڀڳا ڀيئي بُڇا

پٺيون ڏيئي پَليَد سي مُڙئِا منُـﮧ َ ڪارا

اِيُ پَسِي پِرتو پِرينءَ جو ٿئا صَحابِي سَرُها

چئو صَلوات حضرتَ اتي دائم دُرُودا.

* *      *

رَتو روئي رَتيُون اکيون اصحابا

ڪَري چُئاڪا چُڪِيون اٽِجي ارتِئا

وَهِي وَنيون وِساڻيُون جِيَ ۾ جالارا

لوڙهي لُڙڪَ لوٺِيُون کامي خمارا

هاري جَرُ هِيڻيون ٿيون هنجون هيجَ منجها

 وَعظَ وقت ورَيامَ جي پاٻوهڻُ پِريا

پُڻ ڦائِي هنِيا ڦارين ٿئا نصيحت نبيا

ڊِڄي ڊَپ خدا جي اَثرُ اندوها

ورڄئو وِئا وِرَهَه ۾ جِگر جوشِيَن جا

گرميَ سين گُداز ٿئِا حضرت حَدِيثا

سُڻي پَندِ پِرينءَ جي حَقائقَ حُڪما

رَقتَ رَسي دِليين نَرَمي نيازا

وِئا وِگهرئو وَحدتَ ۾ فاني فِي الحالا

صُحبَتَ ۾ سردارَ جِيَ جَڏهن وَرُنهه هُئا

تڏِهن ڪَر سِرَنِ تي صَحابيِن جي آهيِن پَڳِيڙا پئا[48]

نَڪو چُرڻُ هو تَنِ چاڳُلين مَجلِس ۾ مورا

ويٺا هميشه ڪَنُ ڏِئو سُڻن سنَيها

عاشقَ هئا آواز جا ڪوڏِ ڪَلاما

پيِو جامَ جُوان سي تِڪُون ڏِئو تِکئِا

لڙُهِئو وِئا لاهوتَ ۾ پيهو پاتارا

نُورِي نِظارنِ نيس ڪئِا مَحوُ مَشَهُودا

ڪَريان ڪهِڙي تَنِ جِي آءٌ وائي واکاڻا

جي ساراهيلَ سبُحان جا مرڪَنِ موچارا

نسِوهرو ئي نُور ٿئا نَبِي جي نَظَرا

پُڻ دُعا سان دلبر جي اَنڌنِ ٿئا آها

جي اعميٰ هئا مُلڪَ  ۾ سڄا سي ٿئا

مُوڙَهنِ واٽُون لَڌيُون مَعذورَنِ مِهرا

بَرڪتَ مُحَمد مِيرَ جي ٿئا سُواٽا

چئو صَلوات حضرتَ اتي دائمُ دُرودا.


[1]  اصل ائين.

[2]   اصل ائين.

[3]  تهامي = تهامـﮧ جو، يعني نبي صلعم.

[4]   شاه جي بيت ۾ ساڳي تمثيل

[5]  اصل. رهاڻن ۾ وَرَتي

[6]  پريا =   پرين، محبوب

[7]  شاه جي رسالي جو بيت

 

[8]  اسنـﮧ =  اڻ سونهان. اسارا = بنا سار جي، بي خيالا.

[9]  مجوسين (زردشتين) جا معبود جيڪي وڏي ڄيري ڄڀي وارا هئا: يعني سندن پوڄا واريون باهيون جيڪي وڏي لاٽ سان پئي ٻريون.

[10]  اصل. في صبح اليلا.

[11]  مُور = منڍ، سرچشمو. اتا = اتان.

[12]  ملابس = وڳا.

[13]  اصل. رند.

[14]  اصل. هاري هزارا.

[15]  جي ترڪئا طريقا = جيڪي طريق (نئين واٽ) کان ترڪي اوجهڙ ۾ پيا

[16]  سوٺائون = ورتائون.

[17]  مواطنين = مواطنين ۾.

[18]  اصل. سِيَ تان او. ٿي = وٽان. سيني = سيئن، سينءَ = سوڌو. تانئون، تائون = اتان کان. تحت = هيٺ، هيٺان. ثري = زمين، مٽي.

[19]  اصل. پريَ جي. وڻت = وڻند، محبت.

[20]  اصل. ’حضرت جي‘ حضرت جيو= حضرت جن، حضرت سائين.

[21]  اصل. تار جي. ٽار = کجي.

[22]  ٿوڀ ٿنڀا  =  زور، سَت.

[23]  چوب  = ڪاٺي. (4-5) شاهه جي بيتن ۽ انهن سٽن ۾ آندل تمثيل ۾ مشابهت.

*  ...... هت ۽ هيٺ انهن جاين تي ڪاتب خال ڇڏيا، انهيءَ لاءِ ته عربي قصيدي جا شعر پوءِ لکندو پر اهي رهجي ويا.

[24]  اوڇون يا اوڃون. اصل. ننڊ و ويءَ. نينڍوءَ جي نار.

[25]  اصل. ڇَتُو ڇکيرا. مٿين نون سٽن ۾ ساڳي رسالي جي سر راڳ ۽ سرسامونڊي واري تمثيل.

[26]  اصل. سُهڃارا.

[27]  اصل. تائين.

[28]  اصل. تانري تَن.

[29]  پسنده  = پَسندي ئي. اصل. پيکانرا. پيڪاڻا.

[30]   اصل. تبعيت زِئي.

[31] سبابة سڃي  = شهد آڱر اشاري لاءِ کنئي.

[32]  اصل ائين.

[33]  اصل ائين.

[34]  اصل ائين. پت وڏا = پت جي پرکا ۾ وڌا.

[35]  اصل ائين.

[36]  اصل. سور چرؤيو. ساگين = ترارين.

[37]  اصل ائين

[38]  ماءِ  = جاءِ، يعني هٿيڪيون، ماڳائتيون، مقصد واريون.

[39]  اصل ائين.

[40]  هن سڄي منظوم-بند ۾ اهي تشبيهون ۽ تمثيلون جيڪي شاهه جي رسالي جي ڪن سرن ۾ به موجود آهن.

[41]  اصل. جوڪ ۾

[42]  اصل. ناءُ نثاءُ ڪو.

[43]  هن  = هنن کي هئو.

[44]  نئين ڪري = نَيُون ڪري.

[45]  اصل ائين.

[46]  اصل. چيءَ ٽيئُو چوڌارا.

[47]  پنهنجي هٿ سان اٽي ۾ پاڻي (ماءِ، ماها) وڌائون.

[48]  اصل. پَکيَرا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com