فتاويٰ
عالمگيريءَ جا ٻه سنڌي مؤلف ۽ سندن بزرگ
.
سيد حسام
الدين راشدي
مترجم:
عبدالرسول قادري
]
راشدي صاحب مرحوم جو هي مضمون سندن آڳاٽين تصنيفن
مان هڪ آهي. هي پيپر ”معارف“ اعظم ڳڙهه جي نمبر 6،
جلد 59، سال 1947ع ۾ شايع ٿيو. معارف جو مذڪوره
پرچو شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جي ڪتبخاني ۾
موجود آهي، جتان هن پيپر جو فوٽو اسٽيٽ حاصل ڪيو
ويو. مترجم[.
معارف جي ڊسمبر 1946ع وارن پرچن ۾ ”فتاويٰ
عالمگيري ۽ ان جا مؤلف“ عنوان سان جو مضمون ڇپيو
آهي، تنهن ۾ سنڌ جي ٻن بزرگن سيد نظام الدين ٺٽوي
۽ قاضي ابوالخير ٺٽويءَ جا نالا به کنيا ويا آهن،
جن کي هن جامع فتاويٰ جي مؤلف ۾ شامل هجڻ جو شرف
حاصل آهي. صاحب مضمون هنن ٻنهي بزرگن جي باري ۾
مولانا رحمان عليءَ جي ”تذڪره علماءِ هند“ کي
پنهنجو ماخذ بنايو آهي، جنهن ۾ سندن سوانح حيات ٻن
ٽن سٽن کان وڌيڪ موجود ڪانهي. هيٺ ٻنهي بزرگن بابت
وڌيڪ ڄاڻ ڏجي ٿي.
(1) سيد نظام الدين ٺٽوي
نسب:
سيد صاحب جو نسب هن ريت آهي: ”سيد نظام الدين بن
سيد نور محمد بن سيد نظام الدين اول بن سيد نور
محمد بن سيد شڪر الله ثاني بن سيد ظهير الدين
والاسلام عرف سيد جادم اول بن قاضي سيد شڪر الله
اول بن سيد وجيـﮧ الدين بن سيد نعمت الله بن سيد
عرب شاهه بن سيد امير نسيم الدين محمد المعروف
ميرڪ شاه بن امير عطا الله جمال الدين المحدث بن
سيد فضل الله بن سيد مير عبدالرحمان بن سيد
عبداللطيف الحسيني الاسڪني شيرازي.“
وطن:
سندن وڏا شيراز ۾ رهندا هئا، جتان پوءِ هرات ۾ اچي
رهڻ لڳا. هتان ئي قاضي سيد شڪرالله اول بن سيد
وجيـﮧ الدين سنه 906 هه ۾ قنڌار ۾ پهتو.
سنڌ ۾ اچڻ:
قاضي سيد شڪرالله قنڌار ۾ 21 سالن تائين رهيو. ۽
ان بعد مرزا شاه بيگ ارغون جي چوڻ تي، واپار سانگي
سنه 967 هه ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽي ۾ رهائش اختيار
ڪيائين. هو صاحب علم ۽ فضل سان گڏ وڏو متقي ۽
ديندار هو. مرزا شاهه بيگ کانپوءِ، جڏهن مرزا شاه
حسن ارغون بادشاه بنيو، تڏهن قاضي صاحب کي ٺٽي جي
قضا جي مسند تي فائز ڪيو ويو.
هڪ ڀيري شاه حسن ڪجهه واپارين کان چند گهوڙا خريد
ڪيا ۽ ڏوڪڙن ڏيڻ ۾ ڄاڻي واڻي ايتري سستي ڪئي، جو
واپاري مايوس ٿي قاضي سيد شڪر الله جي عدالت ۾
دعويدار ٿيا. قاضيءَ، بادشاه کي جوابدار جي حيثيت
۾ عدالت ۾ طلب ڪيو ۽ جڏهن هو آيو ته کيس فريادين
سان گڏ بيهڻ جو اشارو ڪيائين. ڪيس هليو ته بادشاه
دعويٰ جي درست هجڻ جو اقرار ڪيو ۽ فريادين کي رقم
ڏئي راضي ڪري ورتائين. بعد ۾ قاضي مسند تان اٿيو ۽
اڳتي وڌي سلطنت جا آداب بجا آڻي، بادشاه کي پنهنجي
مسند تي آڻي ويهاريائين. مرزا شاه حسن پنهنجي قبا
۾ لڪل اگهاڙي تلوار ڪڍي، قاضي صاحب جي سامهون رکي
۽ چيو ته: ”اڄ جيڪڏهن اوهين فيصلي کان اڳ سلطنت جا
آداب بجا آڻيو ها ۽ مون کي منهنجي درجي کي ڏسي،
دعويدارن سان گڏ نه بيهاريو ها ته هن تلوار سان
اوهان جو سر قلم ڪيان ها.“ تنهن تي قاضي پڻ مسند
هيٺان رکيل اگهاڙي تلوار ڪڍي ڏيکاري، ته ”مون پڻ
اهو خيال ڪيو هو ته متان بادشاه شريعت جي خلاف هلت
ڪري ۽ انهيءَ وقت ڪو به ماڻهو ويجهو اچڻ جي جرئت
نه ڪري ته مان پاڻ هن ترار سان شرعي سياست بجا
آڻيندس.“ ڪجهه عرصي کان پوءِ سيد صاحب استعفا ڏني
۽ شاه حسن، هن جاءِ تي محمد اچيءَ کي مقرر ڪيو.
صاحبِ تحفـﺔ الڪرام لکي ٿو ته: ”قاضي شيخ محمد اچي
آل جعفر ڏي منسوب ۽ وقت جي مشهور عالمن مان آهي.
پهريان هرات کان اچي پهتو هو. ڄام نظام الدين جي
ڏينهن ۾ جڏهن سيد ميران مهدي جونپوري ٺٽي آيو ۽
وقت جي عالمن مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني، تڏهن هن
قاضيءَ ان ولي اڪمل جي تڪفير سان تعلق رکندڙ، ظاهر
پرست عالمن جي دليلن کي نهايت مناسب رد ڏنو؛ ڇاڪاڻ
ته هيءُ پاڻ حقيقت جو ڄاڻو ۽ حال جي صاحبن جي درجي
کان واقف هو. سيد ميران مهدي هن جي حال ڏي توجهه
فرمائي، سندس اولاد ۾ خوشحالي ۽ بزرگيءَ جي دعا
ڪئي، ان ڪري هن خاندان تي ڪنهن به حادثي جو اثر نه
ٿو ٿئي. بعد ۾ اچ ۽ ملتان کان پوءِ اچي سکر ۾
رهيو، پر پهرين مشهوريءَ ڪري اچ ڏي منسوب رهندو
آيو. جيئن اڳ ذڪر ٿي آيو آهي ته ٺٽي جي قضا تان
قاضي تان قاضي سيد شڪرالله استعفا ڏني، تڏهن مرزا
شاه حسن، مٿئين قاضي سيد، جنهن سان هن جا اڳئين
وطن هرات کان ئي خانداني لاڳاپا هئا، ۽ انهن
تعلقات کي برقرار رکڻ لاءِ هت پڻ هڪ ٻئي جي ڀرسان،
رهائش ۽واسطو پيدا ٿي پيو هون، جي رٿ موجب کيس
گهرائي (شيخ محمد اچي) انهيءَ معزز عهدي تي فائز
ڪيو. ميران سيد محمد جونپوريِءَ جي دعا جي برڪت ۽
قديمي نجابت سبب، هي عهدو موروثي طور تي سندس
اولاد لاءِ وقف ٿيل آهي. مرزا عيسيٰ جي حڪومت جي
شروعاتي زماني ۾ فوت ٿيو. ٻه عالي گوهر پٽ ڇڏيا
اٿس. ان بعد سندس اولاد جو تذڪرو اچي ٿو.
وڏا بزرگ: سيد شڪرالله ٺٽي جي انصاري خاندان مان
شادي ڪئي، جنهن مان سيد ظهير الدين ٿيو. سيد ظهير
الدين جي باري ۾ ”تحفـﺔ الڪرام“ جي صاحب لکيو آهي
ته ”والد بزرگوار جو جانشين ٿيو. هو فضيلت ۽ چڱي
حالت جو مالڪ هو. ظاهر ۾ پرهيزگاري، شريعت جي
پابندي ۽ درس توڙي تدريس ۽ باطن ۾ فقيريءَ جي واٽ
۽ وڏن جي طريقي تي هلڻ ۾ مشغول هو.“.
تاريخ طاهريءَ جو مصنف کيس هن ريت ياد ڪري ٿو:
”عزت ۽ سيادت جي درياءَ جو موتي، فصاحت ۽ بلاغت جي
کاڻ، سڀني علمن ۽ معنائن جو جامع مير ظهير الدين،
کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيد شڪرالله ثاني، ٻيو سيد
عبدالرحمٰن.“ سيد شڪرالله بابت ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾
آهي ته ”پيءُ ۽ ڏاڏي جي وصفن سان سينگاريل هو ۽
زماني ۾ نالي ۽ نيڪيءَ سان گذاريائين.“ هن هڪ
يادگار مسجد به پنهنجي محلي ۾ ٺهرائي. کيس چار پٽ
ٿيا. سيد محمد حسن، سيد نور محمد، مير سيد ظهير
الدين جادم ثاني ۽ سيد لطف الله.
سيد نور محمد بابت ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ آهي ته
”پنهنجي وقت ۾ علم ۽ معرفت جو پورو پورو مظهر ۽
دين ۽ يقين وارن جو مرجع هو.“ کيس هڪ پٽ سيد نظام
الدين ٿيو، جو ”تحفـﺔ الڪرام“ موجب: ”علم ۽ ڪمال ۾
منظم ۽ حال توڙي قال ۾ توفيق جو صاحب هو.“ کيس چار
پٽ ٿيا: سيد نعمت الله، سيد نور محمد ثاني، سيد
فضل الله ۽ سيد محمد شفيع.
سيد نظام الدين ثاني:
سيد نور محمد ثانيءَ کي ٻه پٽ ٿيا، سيد ابو القاسم
۽ سيد نظام الدين ثاني. هيءُ سيد نظام الدين ثاني
”فتاويٰ عالمگيريءَ“ جي مـؤلفن مان هڪ آهي. مير
علي شير قانع سندس متعلق لکي ٿو: ”سيد نظام الدين
ثاني فقـﮧ ۾ سڀني کان وڌيڪ توفيق وارو ۽ ٻين علمن
۾ وڏو عالم سڳورو پيدا ٿيو. طبيعت جي جذبي جي وس
ٿي جهان آباد (دهلي) ڏي هليو ويو. اتي ٻين عالمن
جون ”فتاويٰ عالمگيري“ بابت ڪيئي مشڪلاتون حل
ڪيائين. بادشاهه کي خبر پئي ته کيس عهدي قبول ڪرڻ
جي آڇ ڏنائين. ڇاڪاڻ ته بادشاهه جي قاعدي موجب علم
وارن کي نوڪر جي نالي سان سڏيندا هئا، سيد ان عهدي
وٺڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي بادشاهه وظيفي قبول
ڪرڻ جي تڪليف ڏني، ته به سيد راضي نه ٿيو. نيٺ جلد
ئي اتي آخرت جو سفر اختيار ڪيائين“.
سيد نظام الدين ثانيءَ جو اولاد:
کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيد عرب شاهه ۽ ٻيو سيد احمد.
سيد عرب شاهه پڇاڙيءَ ۾ مجذوب ٿيو ۽ ڪو به اولاد
نه ڇڏيائين. سيد احمد کي هڪ پٽ سيد عطاءَ الله
ٿيو، جنهن شادي ڪئي ۽ اولاد وارو به ٿيو. ليڪن عين
جوانيءَ ۾ هي به مجذوب ٿي ويو.
وڏا بزرگ:
سندن وڏن بزرگن ۾ امير نسيم الدين ۽ عطاءُ الله
جمال الدين ۽ پڻ سندس چاچي بزرگوار مير اصيل الدين
جو تذڪرو قاضي نور الله شوستري ”حبيب السير“ جي
حوالي سان، ”مجالس المـؤمنين“ ۾ ڪيو آهي. وڌيڪ هي
ته ”روضته الصفا“ ۽ ”هفت اقليم“ ۾ به سندن ذڪر آيو
آهي. ٻئي جلد ۾ ”تحفة الڪرام“ جي صاحب به انهن
حوالن سان سندن حالات بيان ڪيا آهن.
(1) امير جمال الدين عطاءُ الله بن فضل الله
المحدث الاسڪني الشيرازي، سيد نظام الدين ثانيءَ
جو ٻارهون ڏاڏو آهي. سندس متعلق ”تحفـة الڪرام“ ۾
اچي ٿو: ”عقلي ۽ شرعي علمن سان سينگاريل علم حديث
جو ڄاڻو ۽ تحفـﺔ الاحباء، رياض السير ۽ روضته
الاحباب سندس لکيل ڪتاب آهن“.
اڳتي هلي ”حبيب السير“ جي حوالي سان لکي ٿو: ”هي
بزرگ پنهنجي چاچي امير اصيل الدين وانگر زماني ۾
علم حديث جو بيمثال ڄاڻو، سڀني ديني ۽ يقيني علمن
جو ٻين کان وڌيڪ ڄاڻو ۽ پنهنجي چاچي جو شاگرد آهي.
ڳچ سال مدرسه شريفيـﮧ سلطانيه جي گنبذ ۾ جتي دو
مقبره حضرت خاقان منصوره جو آهي ۽ ان کانپوءِ
خانقاه خلاصيـﮧ ۾ درس ۾ مشغول رهيو. هفتي ۾ هڪ
ڀيرو جامع هرات ۾ وعظ ۽ نصيحت جي مجلس به ڪندو هو.
سلطان ۽ حاڪم سندس خذمت ۾ وڃڻ کي واجب ڄاڻندا هئا.
هفت اقليم ۾ امين رازي لکي ٿو ته سيد اصيل الدين،
عبدالله جو ڀائٽيو آهي. پنهنجي وقت جي اڪابرن ۾
نالي وارو هو. سندس دل، ڪتاب الاهي ۽ حضرت رسالت
پناه صلي الله عليـﮧ وسلم جي حديث مبارڪ سان روشن
آهي:
زبانش مظهر اسرارِ تحقيق
ضميرش مظهر انوار توفيق
جمال دين مزين ز اهتمامش
علوم شرع واضح ز ڪلامش
مطلب ته ان جي زبان تحقيقي اسرار جو مظهر آهي.
سندس دل به توفيق جي نور جو مظهر آهي. سندس ئي
ڪوشش سان دين جي سونهن آهي. سندس ڪلام مان شرعي
علم چٽو آهي. سندس تصنيفات مان ”روضته الاحباب“
زماني ۾ مشهور آهي
(2) امير نسيم الدين، امير جمال الدين جو پٽ ۽ سيد
نظام الدين جو يارهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو آهي. ان جي
لاءِ مير علي شير لکيو آهي ته، حديث جي علم ۾
زماني جو وڏو ماهر هو. پنهنجي والدين بزرگوار جي
مسند تي مٿئين مدرسي ۾ مقرر هو. سندس پٽ سيد عرب
شاهه والد وارين صفتن سان سينگاريل هو. ان بعد سيد
وجيـﮧ الدين سندس قائم مقام ۽ يادگار آهي. سندس پٽ
سيد شڪرالله شيرازي ٿيو، جنهن جو احوال ”تحفـﺔ
الڪرام“ جي ٽئين جلد ۾ ٺٽي جي بيان ۾ آيل آهي.
هي اهو ئي قاضي سيد شڪرالله شيرازي هو، جو سنه
902هه ۾ هرات کان قنڌار ۾ آيو ۽ سنه 927هه ۾ قنڌار
کان سنڌ ۾ آيو.
(3) امير جمال الدين عطاء الله جي چاچي السيد
الجليل امير اصيل الدين عبدالله الحسيني الاسڪني
الشيرازيءَ جي سلسلي ۾ ”تحفـﺔ الڪرام“ جو مصنف لکي
ٿو ته: ”علم تفسير، حديث، انشا ۽ تاليف ۾ سندس ڪو
به ثاني نه هو. پاڻ سلطان ابو سعيد جي زماني (855-
872هه) ۾ شيرازي کان هرات ۾ اچي رهيو.
هر هفتي هڪ ڀيرو مدرسـﮧ مهد عليا گوهر شاد آغا ۾
خلق کي وعظ ڪندو هو. ان ريت هر سال ربيع الاول
مهيني ۾ حضرت رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جي
مجلس ۽ بيان ڪندو هو. سندس تصنيفات مان ”شرح درج
الدر ر برسير سينئه خير البشر“ ۽ ”مزارات هرات“
اهم آهن. تاريخ 17 ربيع الاول سنه 803هه ۾ فوت
ٿيو. کيس ٻه ناليرا پٽ:
صفي الدين محمد ۽ برهان الدين محمد آهن“
ساڳئي سيد جي باري ۾ ”هفت اقليم“ جو صاحب لکي ٿو
ته: سيد صاحب شرافت ۽ جلالت جي حقيقت ۾ مشهور هو.
علم تفسير ۽ حديث ۾ به بي مثل هو. سلطان ابو سعيد
جي زماني ۾ شيراز کان لڏي هرات ۾ اچي ٽڪيو. هفتي ۾
هڪ ڀيرو بادشاهه جي تحريڪ تي وعظ ڪندو هو. سندس
لکيل ڪتاب ”درج الدرر بر سير سينئه خيرالبشر“ ۽
”مزارات هرات“ جڳ ۾ مشهور آهن.
هن خاندان جي ڪجهه ٻين بزرگن جو تذڪرو به آيو آهي.
مير اصيل الدين جي سوٽ سيد الحڪماء امير صدر الدين
محمد شيرازيءَ جي باري ۾ ”هفت اقليم“ ۾ اچي ٿو ته
”طبيعت جي رواني ۽ ذهني فراوانيءَ جي ڪري، سڀني
متبحر عالمن ۽ پوئين دور جي فاضلن ۾ ممتاز ۽ نالي
وارو هو. تعليم ۾ فارغ ٿيڻ بعد، درس تدريس شروع
ڪيائين. ان بعد تصنيف ۽ تاليف تي همت ۽ ڪوشش
ڪيائين. سندس هيٺيان ڪتاب مشهور آهن: ”رساله تحقيق
علم و اثبات واجب“، ”حاشيه شمسيه“ ۽ ”مطالع و
حاشيه تجريد“ سندس وفات سلطان يعقوب جي وفات کان
پوءِ سگهو ئي ٿي.
تحفـﺔ الڪرام ۾ پڻ ساڳي عبارت آرائي ٿيل آهي.
امير صدر الدين جي پٽ خاتم الحڪماء، غوث العلماء،
امير غياث الدين منصور شيرازيءَ جي لاءِ ”هفت
اقليم“ وارو لکي ٿو ته: ان چنڊ جي روشني ۽ وڻ جو
ميوو آهي. پيءُ کان پوءِ علم ۽ فضل ۾ ڪمال حاصل
ڪيائين. سندس حڪمت ۽ رياضيءَ جي علمن جي مهارت جو
غلغلو ويجهي ۽ پري جي عالمن جي ڪنن تائين پهتو ۽
پڻ سندس علم و فضل جو آواز به هر طرف گونجڻ لڳو.
وصف خورشيد از نگويد هوشمند
فيض نور او بود مدحش پسند
هن متعلق وڌيڪ تفصيل ”تحفـﺔالڪرام“ ۾ آهي: سندس
ولادت سنه 900هه ۾ ٿي. پنهنجي والد بزرگوار امير
صدرالدين کان علم جي تحصيل ڪيائين. چوڏهن سالن جي
عمر ۾ علامه دوانيءَ سان مناظرو هئس. ويهن سالن ۾
سڀني علمن کان فارغ ٿيو. ڪجهه وقت صدارت جو عهدو
ماڻيائين. عراق کان مجتهد الزمان شيخ علي بن
عبدالعالي تختگاه ۾ آيو ته ڪن فسادين شيخ ۽ سيد جي
وچ ۾ مناظرو ڪرائي وڌو. بادشاهه مجتهد الزمان جي
حمايت ڪئي ۽ سيد ناراض ٿيو. ان بعد صدارت جو عهدو
ڇڏي شيراز هليو ويو، جتي سنه 948 هه ۾ فوت ٿيو.
تحفـﺔ الڪرام ۾ حبيب السير جي حوالي سان سندس
تصنيفات جي هڪ ڊگهي لسٽ موجود آهي. حبيب السير جي
صاحب سندس هي تصنيفون ڏٺيون: ڪتاب حجـﺔ الڪلام،
ڪتاب محڪمات، شرح هياڪل انوار، شرح رساله اثبات
واجب، ڪتاب تعديل الميزان يعني منطق شفا جو خلاصو
ڪتاب معيار الافڪار، خلاصه تعديل الميزان، ڪتاب
لوامع، معارج علم هيئت ۾ (اهي ڪتاب سترهن سالن جي
عمر ۾ لکيائين)، ڪتاب تجريد بر حڪمت، رساله معرفت
قبله، معالم الشفا طب، معالم الشفا جو خلاصو
شافيه، سفرويه هيئت، حاشيه بر الاهيات شفا، حاشيه
بر اشارات، حاشيه بر حڪمت العين، رساله درباب
خلافت فرزند مير صدر الدين محمد، رد حاشيه شمسيه
علامه دواني، رد حاشيه خلاصـﺔ التحقيق، رد بر
حاشيه تهذيب، رد برالموذج، رساله در تحقيق جهات،
رد بررساله زدار (؟) رساله مشارق در اثبات واجب،
ڪتاب اخلاص مغفوري، حاشيه براوائل ڪشاف تفسير
سوره، ڪتاب مقامات العارفين (هي رسالو تصوف ۽
اخلاق ۾ پنهنجي پٽ مير شرف الدين عليءَ لاءِ
لکيائين)، رساله قانون السلطنت، هنن ڪتابن کان
علاوه هي ڪتاب به سندس چيا وڃن ٿا: رياض الرضوان ۽
ڪتاب اساس در علم هندسـﮧ وغيره. حبيب السير جي
مصنف پڻ سندس ڪتابن جو تفصيل آندو آهي.
سيد غياث الدين کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيد شرف الدين
ٻيو مير سيد صدر الدين. هن خاندان جي ٻين ٻن بزرگن
جو ”تحفـﺔ الڪرام“۾ ذڪر آيو آهي. يعني سيد نظام
الدين احمد ۽ مير حبيب الله. هي ٻئي بزرگ به علم ۽
فضل جي زماني ۾ بي مثال هئا.
شڪر الاهي سيد:
قاضي سيد شڪر الله شيرازيءَ جي نسبت سان، مير نظام
الدين جو خاندان ٺٽي ۾ شڪر الاهي شيرازي سيدن جي
نالي سان مشهور ٿيو. هن خاندان جا گهڻو ڪري سڀ
ماڻهو علم و فضل ۽ ديني مرتبي جي ڪري زماني ۾
مشهور ٿيندا آيا آهن. اڄ به هي خاندان پنهنجي قديم
محلي ۾ آباد آهي. موقعي جي مناسبت سان آءٌ هن
خاندان جي چند بزرگن جو ذڪر به ڪندس، ته جيئن
اندازو ٿئي ته هن گهراڻي جي مختلف ماڻهن، سنڌ اچڻ
کان پو علم ۽ ادب توڙي مذهب جون ڪهڙيون ڪهڙيون
خدمتون سرانجام ڏنيون.
سيد شاهه ولي:
سيد شاهه ولي بن سيد ابوالقاسم بن سيد علي اڪبر بن
سيد عبدالواسع بن سيد محمد حسين بن سيد شڪر الله
ثاني. علامه مخدوم رحمـﺔ الله جهڙو مشهور بزرگ جو
شاگرد هو. هو املا، انشا ۽ شعر ۾ صاف طبيعت جو ۽
ڪافي ذهنيت جو مالڪ هو
تحفـﺔ الڪرام جو صاحب مير علي شير قانع ”مقالات
الشعراءِ“ ۾ سندس ذڪر هن ريت ڪري ٿو: تقويٰ،
پرهيزگاري ۽ علمي ڪمالات جي فنن سان سينگاريل،
پنهنجو وقت ڪتابن جي اڀياس ۾ گذاريندڙ ۽ طالبن کي
درس ڏيندڙ هو. وڏن جي يرويءَ تي پورو ۽ بزرگيءَ
سان سينگاريل، حسن خلق ۾ وڏن ننڍن ۾ مصروف هو.
سيد شاهه ولي ”تحفـﺔ المجالس“ نالي هڪ ڪتاب به
لکيو آهي. شوال جي 13- تاريخ سنه 1150هه رات جو
وقت، پنهنجي جاگير جڳت پور تعلقي ڪڪرالي (سنڌ) ۾
وفات ڪيائين. سندس لاش اتان آڻي، 15- تاريخ سندس
اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ان جي هڪ شاگرد لطف
الله ”قدفات في عشقـﮧ“ (يعني هو الله جي عشق ۾
وفات ڪري ويو)، مان هن جي وفات جي تاريخ ڪڍي آهي.
سندس ٻه فارسي شعر ”مقالات الشعراء“ ۾ نموني طور
ڏنل آهن. ص 250 تي ”تذڪره علماء هند“ ۾ به سندس
ذڪر آيل آهي، کيس ٻه پٽ ٿيا. هڪ سيد محمد ناصر ۽
ٻيو سيد محمد سراج الدين.
مير سراج الدين: هي به سٺو شاعر ٿي گذريو آهي.
تاريخ گوئيءَ ۾ ان کي خاص ملڪو حاصل هو. تحفـﺔ
الڪرام ۾ آهي ته وڏن جي وصفن سان سينگاريل، وڏن جو
يادگار ۽ جانشين، سهڻن اخلاقن جو مالڪ آهي….
طبيعت ۾ شعر جو چڱو ملڪو هوس ۽ تاريخ ڪڍڻ ۾ وڏي
مهارت رکندو هو
|