سيد غلام اولياء:
سيد غلام اولياء بن عنايت الله بن سيد اسدالله بن
سيد عنايت الله بن سيد عبدالرحمٰن بن سيد ظهير
الدين والاسلام عرف مير جادم بن سيد شڪرالله اول.
هي سيد تمام وڏو بزرگ ۽ اهل دل انسان ٿي گذريو
آهي. ان بابت مير علي شير قانع لکي ٿو ته سيد غلام
اولياء ڦوهه جوانيءَ ۾ ظاهري توڙي باطني علمن جي
تحصيل ڪري، تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ وڏو درجو حاصل
ڪري، هميشـﮧ جي دستور موجب هر روز سيد عبدالله جي
زيارت تي ويندو هو ۽ پنهنجو برڪت ڀريو وقت چڱن ڪمن
۾ صرف ڪندو هو. هو ڪرامتن جو صاحب به هو ۽ ڦوهه
جوانيءَ ۾ هن فاني جهان کي رخصت چئي، مريدن جي خاص
جماعت پٺيان ڇڏي ويو. هر مهيني جي 21- تاريخ سندس
وفات جي تاريخ تي، مريدن جي جماعت مزار جي زيارت
تي اچي ختمو ۽ خيرات ڪري مشڪل حل ڪرائيندي آهي.
سيد محمد ناصر:
سيد محمد ناصر بن سيد عطاء الله بن سيد نعمت الله
بن سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن سيد شڪرالله
ثاني بن سيد ظهر الدين بن سيد قاضي شڪرالله اول.
هي سيد زهد ۽ تقويٰ ۾ زماني ۾ عجوبو هو. تحفـﺔ
الڪرام ۾ آهي، ته هن ڪڏهن به ڪنهن عورت جو منهن نه
ڏٺو. ايتري حد تائين پاڪ هو جو جانورن ۾ نر ۽ ماد
۾ فرق نه ڪري سگهندو هو. پاڻ نقشبندي سلسلي ۾ ڪامل
هو. سندس پوئلڳن جي گهڻائي هئي، جن جي حاجت روائي
ڪندو رهندو هو.
هڪ ڀيري ٺٽي ۾ اچي ڏڪار پيو. ماڻهو ڏاڍا پريشان
ٿيا ۽ مهانگائي ۽ مصيبت ۾ گرفتار ٿي، وڃي ولين جي
قبرن تي دعائون گهرڻ لڳا. ڪنهن ماڻهوءَ خواب ۾
ڏٺو، ته جيڪڏهن ڪو اهڙو پرهيزگار جنهن عمر ڀر ڪنهن
عورت جو منهن نه ڏٺو هجي، سو ٻاهر نڪري مينهن لاءِ
نماز پاڙهيندو، ته پوءِ دنيا تي رحمت جي مينهن جي
پالوٽ ٿي سگهندي. ماڻهو هن سيد وٽ پهتا. پنهنجي
والد جي چوڻ تي، ٽي ڏينهن پاڻ بارانِ نماز پڙهائي
دعائون گهريائين. رحمت جو ڪڪر جوش ۾ آيو، آخر
مينهن وسيو.
سيد نظام الدين جي ٻئي ڏاڏي يعني سيد نور محمد جي
ڀاءُ سيد ظهير الدين جادم ثانيءَ جي اولاد مان
گهڻا ڪمال وارا بزرگ پيدا ٿيا.
سيد محمد ڪاظم:
سيد محمد ڪاظم بن سيد محمد مقيم بن سيد ظهير الدين
ثانيءَ بابت ” تحفـﺔ الڪرام“ ۾ آهي ته سيد محمد
ڪاظم عجيب حالتن جو مالڪ هو. ٻه ٻه، ٽي ٽي ڏينهن
ننڊ ۾، جنهن کي عين بيداري سمجهڻ گهرجي؛ خلوت ۾
پيو هوندو هو ۽ ماڻهو هن جو قلبي ذڪر ٻڌندا هئا.
آخر پاڻهي جاڳندو هو. اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي
ڪماليتون هيس، جن جو شمار مشڪل آهي.
تحفـﺔ الڪرام جو صاحب:
مير علي شير بن سيد عزت الله بن سيد محمد ڪاظم بن
سيد محمد مقيم بنسيد ظهير الدين به هن سلسلي جو هڪ
چمڪندڙ موتي هو. پاڻ ” تحفـﺔ الڪرام“ ۽ ”مقالات
الشعراء“ ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب يادگار ڇڏيا اٿس.
پاڻ خاص ڪري ذڪر ڪيل هيءُ ٻه ڪتاب نه لکي ها، ته
اڄ اسين سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کان هون بلڪل
بي خبر هجون ها.
مير عظيم الدين:
هن خاندان جي ٻي هڪ عظيم شخصيت مير عظيم الدين جي
آهي. سندس سلسلو هي آهي: سيد عظيم الدين بن سيد
يار محمد بن سيد عزت الله بن سيد محمد ڪاظم بن سيد
محمد مقيم بن سيد ظهير الدين ثاني. هي سيد به وڏي
درجي وارو شاعر ۽ اديب هو. هڪ ديوان، هڪ مثنوي هير
رانجهو ۽ هڪ منظوم تاريخ ”فتح نامه“ سندس يادگار
آهن.
مطلب ته سيد نظام الدين مـؤلف ”فتاويٰ عالمگيري“
جو سڄو خاندان شيراز، هرات ۽ قنڌار کان وٺي سنڌ
تائين، ڪيئي صديون برابر علم جو درياءَ وهائيندو ۽
دين جي خدمت انجام ڏيندو رهيو.
(2) قاضي ابوالخير ٺٽوي
سيد نظام الدين ٺٽويءَ کان پوءِ ”فتاويٰ عالمگيري“
جي مـؤلفن ۾، قاضي ابوالخير ٺٽويءَ جو نالو اچي
ٿو. هي بزرگ سنڌ جي مشهور مردم خيز ۽ تاريخي شهر
ٺٽي جو رهاڪو هو. پاڻ ٺٽي جو مشهور عالم ۽ بزرگ
علامه مخدوم فضل الله جو فرزند هو. جنهن بابت ”
تحفـﺔ الڪرام“ آهي ته پاڻ فضيلتن جو جامع، انساني
علمن جو ماهر هو، پرهيزگاري ۽ تقويٰ جي زيور سان
سينگاريل هو. هميشـﮧ علم پاڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو.
ٿوري ڦيرڦار سان تاريخ معصومي
۽ ماثر رحيمي
۾ به سندن ذڪر اچي ٿو. پاڻ مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقي
ترخان جو همعصر هو.
هن فضل الله جي فرزند مخدوم ابوالخير ٺٽويءَ
(فتاويٰ عالمگيريءَ جي مؤلف) جي لاءِ ” تحفـﺔ
الڪرام“ جو مصنف لکي ٿو، ته ”پنهنجي وقت ۾ هڪڙو
ڪامل طالب علم پيدا ٿيو. ’فتاويٰ عالمگيري‘ جي
مسئلن جي چونڊ ۾ شريڪ رهيو“
تحفـﺔ الڪرام موجب سندس پٽ ملا اسحاق به ڪمالات جو
صاحب هو. سندس پٽ ڪمال الدين هو، جنهن کي ڪو به
اولاد نه ٿيو.
مترجم جو نوٽ:مغل
بادشاهه اورنگزيب (1658- 1707ع) جي حڪم سان، فقه
جو هڪ مستند ۽ جامع ڪتاب عربي زبان ۾ تيار ڪيو
ويو. هي ڪتاب پوءِ ”فتاويٰ عالمگيري“ جي نالي سان
مشهور ٿيو. هن علمي ڪم جي پورائي لاءِ شيخ نظام
الدين برهانپوريءَ جي سربراهيءَ ۾ عالمن جي هڪ
ڪميٽي جوڙي وئي. ساڻس گڏ چار وڏا عالم قاضي محمد
حسن جونپوري، سيد علي اڪبر سعد الله خاني، ملا
حامد جونپوري ۽ محمد اڪرم لاهوري شريڪ ڪار رهيا.
هر هڪ عالم سان گڏ ڏهه ڏهه معاون عالم مقرر ٿيا،
جن ۾ سيد نظام الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالخير ٺٽوي به
شامل هئا. فقـﮧ جو هي جامع ڪتاب اٺن سالن ۾ تيار
ٿيو ۽ ان تي عالمگيري سڪي جا ٻه لک روپيا خرچ ٿيا.
ڪتب آندل ماخذ:
هن مقالي جي تياريءَ ۾ راشدي صاحب مرحوم جي ڪتاب
ڪتب آندا آهن، انهن کي هت هڪ نظر ۾ ڏجي ٿو.
(1)
تاريخ معصومي، ايڊٽ ڊاڪٽر دائود پوٽو.
(2)
تحفـﺔ الڪرام فارسي، قلمي، مير علي شير قانع ٺٽوي.
(3)
تحفـﺔ الڪرام فارسي، مطبوعه بمبئي.
(4)
تذڪره علماءِ هند، مولانا رحمان علي.
(5)
حبيب السير، غياث الدين بن همام الدين محمد
خوندير.
(6)
تاريخ طاهري، قلمي، سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي.
(7)
روضته الصفا، محمد بن خاوند شاهه مير خواند.
(8)
ماثر رحيمي، عبدالباقي نهاوندي.
(9)
مجالس المؤمنين، نور الله شوستري.
(10)
مقالات الشعراء، قلمي، مير علي شير قانع ٺٽوي.
(11)
هفت اقليم، امين احمد رازي.
شهنشاهه اڪبر ۽ دين الاهي
.
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خاناڻي
]طالب
علميءَ جي زماني ۾ جڏهن آءٌ پنهنجي اباڻي ڳوٺ
”خانواهڻ“ ۾ مرحوم استاد علي بخش پيرزادي وٽ سنڌي
فائنل جي تياري ڪندو هئس، ته ان وقت استاد صاحب
ٻين مضمونن سان گڏ تاريخ به پڙهائيندو هو. استاد
صاحب هندستان جي تاريخ ۾ اڪبر جي مذهبي پاليسي،
خاص طرح ”دين الاهي“ جي موضوع کي تمام سهڻي نموني
۾ سمجهائيندو هو. ان وقت کان وٺي دين الاهيءَ جو
تصور، منهنجي ذهن تي ڇانيل رهيو. اڪبر جي دين
الاهيءَ تي فارسي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪافي
ڪجهه ڪتابي صورت ۾ لکيو ويو آهي، ليڪن هن موضوع تي
سنڌي زبان ۾ هن وقت تائين ڪو به اهڙو تحقيقي مقالو
يا ڪتاب نه لکيو ويو آهي. انهيءَ تاريخي کوٽ کي
پوري ڪرڻ لاءِ هيءُ مقالو اٽڪل ارڙهن ورهيه اڳ ۾
لکيو هئم، جنهن تي ڪجهه نظرثاني ڪري، هاڻي ”مهراڻ“
جي قارئين جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. ق. ح. خ.[
دهلي سلطنت جي نامياري سلطان فيروز شاهه تغلق (سن
1351ع کان 1388ع) جي وفات کانپوءِ برصغير هندوپاڪ
جي مرڪزي حڪومت جو شيرازو منتشر ٿي ويو ۽ ڪافي
عرصي تائين مرڪزي حڪومت کي وري ڪڏهن به طاقتور
استحڪام حاصل ٿي نه سگهيو(1). سلطان فيروزشاهه
تغلق جي وفات کان پوءِ ست حاڪم، هڪ ٻئي پٺيان
دهليءَ جي تخت تي ويٺا، ليڪن اهي ڪڏهن به چين ۽
آرام سان حڪومت جو ڪاروبار هلائي نه سگهيا، ڇاڪاڻ
ته منجهن حڪومت هلائڻ جي ڪا به اهليت ۽ صلاحيت ڪا
نه هئي. سن 1398ع ۾ تيمور لنگ (2) هڪ وڏي لشڪر سان
هندستان تي حملو ڪري آيو ۽ دهلي سلطنت جي بنيادن
کي ڪمزور ڪري ڇڏيائين. آخر ۾ گهڻي ڦرلٽ ۽ رتوڇاڻ
کانپوءِ تيمورلنگ هندستان کان واپس پنهنجي وطن
ويندي، حڪومت جون واڳون سيد خضرخان (المتوفي
1431ع) جي سپرد ڪيون. سيد خضر خان ۽ سندس پوين
اٽڪل اڻٽيهه سال دهليءَ جو تخت ۽ تاج ماڻيو، پر
سندن حڪومت به نالي ماتر هئي. سيد گهراڻي جي آخرين
حاڪم سيد عالم شاهه جي زماني ۾ پنجاب جي گورنر
بهلول خان لوڌيءَ مرڪزي حڪومت جي ڪمزوريءَ جو
فائدو وٺي، سن 1451ع ۾ دهليءَ جي تخت تي قبضو ڪيو.
بهلول لوڌيءَ جي وفات کانپوءِ سلطان سڪندر لوڌي
(سن 1489ع کان 1517ع) دهليءَ جي تخت ۽ تاج جو مالڪ
بڻيو. سندس دؤر ۾ ڪجهه عرصي تائين مرڪز مضبوط ۽
طاقتور رهيو. ليڪن جلد ئي سموريءَ سلطنت اندر
ڪيترائي نوان فتنا ۽ فساد رونما ٿيا، جن هيڪاري
دهلي سلطنت کي ڪمزور ڪري وڌو. ازانسواءِ ابراهيم
لوڌيءَ جي حڪومت جو سمورو دؤر (سن 1517ع کان
1526ع) افغان اميرن جي باهمي خانه جنگين ۽ درٻاري
سازشن ۾ گذريو. انهن خانه جنگين ۽ سازشن جوآخر اهو
نتيجو نڪتو، جو بابر بادشاهه هندستان تي حملو ڪيو
۽ برصغير هندوپاڪ ۾ ”مغل سلطنت“ جو پايو وڌائين.
بابر کي صرف چئن سالن تائين حڪومت ڪرڻ جو موقعو
نصيب ٿيو. سندس اهو مختصر دؤر اڪثر ملڪ جي اندروني
لڙاين ۽ جنگين ۾ صرف ٿيو. انهيءَ ڪري بابر حڪومت
جي انتظام کي پوريءَ طرح سان، مضبوط بنيادن تي
قائم ڪري نه سگهيو. سن 1530ع ۾ بابر جي وفات
کانپوءِ سندس پٽ همايون، هندستان جي تخت جو وارث
بڻيو. ليڪن منجهس پنهنجي پيءُ واري مستقل مزاجي،
سياسي تدبر ۽ انتظامي صلاحيت ڪا نه هئي، جو ايڏي
وسيع سلطنت جي انتظام کي پوريءَ طرح سان قبضي ۾
رکي سگهي. همايون جي انهيءَ ڪمزوريءَ جو فائدو
وٺي، هندستاني افغان اميرن ملڪ اندر فساد ۽
بغاوتون کڙيون ڪيون ۽ اهڙيءَ ريت ڪيترائي علائقا
مرڪز کان ڇڄي جدا ٿي ويا. آخر ۾ شير شاهه سوريءَ
(المتوفي 1540ع) همايون کي جلاوطن ڪري، دهليءَ جي
تخت تي ٻيهر قبضو ڪري، افغان حڪومت قائم ڪئي. ليڪن
بدقسمتيءَ سان شيرشاهه سوريءَ جا پويان ڪمزور ۽
نااهل هئا ۽ هو حڪومت کي گهڻي عرصي تائين قائم رکي
نه سگهيا. ”سوري گهراڻي“ جي انهيءَ ڪمزوريءَ جو
فائدو وٺي، سن 1555ع ۾ همايون هندستان تي حملو ڪيو
۽ ”مغل سلطنت“ کي ٻيهر قائم ڪيو. ليڪن موت جي
ماريءَ کيس وڌيڪ مهلت ڪا نه ڏني ۽ جلد ئي وفات
ڪيائين.
اڪبر جي تخت نشيني ۽ ملڪي حالات
همايون جي مرڻ کان پوءِ سن 1556ع ۾ اڪبر تخت نشين
ٿيو. اڪبر جي تخت نشين ٿيڻ وقت سمورو هندستان الڳ
الڳ صوبن ۽ رياستن ۾ ورهايل هو. اڪبر کان اٽڪل ڏيڍ
سؤ ورهيه اڳ جو عرصو، برصغير جي مسلمانن ۾ اخلاقي
پستي، روحاني تنزل، بي حسي، بي علمي ۽ بي راهه
رويءَ جو دور هو. انهيءَ دور ۾ جيڪي عالم ۽ صوفي
بزرگ هئا، اهي گهڻي قدر هندو معاشري ۽ انهن جي
تحريڪن کان گهڻو متاثر هئا. انهيءَ زماني ۾ ”مهدوي
تحريڪ“ (3) به جنم ورتو، ليڪن اها تحريڪ به مسلم
معاشري جي زخميل ڦَٽَ تي ڪا به مرهم رکي نه سگهي.
ان دور ۾ وحدت الوجود جي اثر هيٺ اخلاقي انحطاط ۽
روحاني تنزل، خانقاهن ۽ درگاهن کان ٻاهر نڪري،
بازارن ۽ عام محفلن ۾ ڦهلجڻ لڳو. هر ننڍي خواهه
وڏي شهر ۾ چالاڪ، مڪريل ۽ شعبدي باز صوفين، مجازي
عشق کي حقيقي عشق جي آڙ ڏيئي تصوف جي پاڪ نظريي کي
مڪدر ڪري ڇڏيو هو ۽ مسلمانن جي اندر هڪ قسم جو
انتشار پيدا ڪري وڌو هو.
اڪبر جودور، هندستان جي تاريخ ۾ هڪ عظيم ترين دور
شمار ٿئي ٿو. هيءُ دور ڪيترين ئي اهم ڳالهين جي
ڪري وڏي اهميت رکي ٿو. اڪبر پنهنجي دور ۾ ملڪ جي
سياسي طرح هڪ وحدت جي ڌاڳي ۾ پوئڻ ٿي گهريو. اها
سندس دلي خواهش هئي ته هندستان ۾ رهندڙ الڳ الڳ
قومون پاڻ ۾ مِلي جـُلي، هڪ ٿي رهن ۽ پاڻ کي هڪ
هندستاني قوم جي دائري ۾ تصور ڪن. اڪبر کان اڳ ۾
مسلمان حاڪم پاڻ کي هڪ هندوستاني ڪري نه سمجهندا
هئا، بلڪه هو پاڻ کي هڪ ڌاريو ۽ غير حاڪم ڪري تصور
ڪندا هئا؛ ليڪن اڪبر انهن جي ڀيٽ ۾ پهريون مسلمان
حاڪم هو،جنهن پاڻ کي پهريائين هندوستاني تصور ڪيو
۽ بعد ۾ حاڪم. دراصل اڪبر انهيءَ نظريي تحت، نسلي
۽ مذهبي امتيازن کي مٽائڻ ٿي گهريو. اڪبر دهليءَ
جي ٻين سلطانن وانگر جابر ۽ سخت گير حاڪم نه هو.
سلطان التمش، غياث الدين بلبن، علاؤالدين ۽ سلطان
محمد تغلق اهڙا تاجدار هئا، جن جي آڏو ملڪ جو امن
امان بحال ڪرڻ ۽ جرائم جو انسداد ڪرڻو هو. شير
شاهه سوريءَ جو به ساڳيو ئي مقصد هو. مگر اڪبر جو
بادشاهي تصور، انهن مڙني بادشاهن کان ابتڙ هو. هو
پاڻ کي ”رعيت جو ابو“ ڪري سمجهندو هو. هندوستان جي
هندو رعايا، وقت جي بادشاهه کي ”وشنوءَ جو اوتار“
ڪري سمجهندي هئي ۽ ان کي ”ديوتا“ جو درجو ڏيندي
هئي. اڪبر تخت تي ويهڻ کانپوءِ ”مغل سلطنت“ جون
پاڙون مضبوط ڪرڻ ٿي چاهيون ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هُن
ملڪ جي سياست ۾ ڪيتريون ئي مصلحت آميز تبديليون
ڪرڻ ٿي گهريون. اڪبر جي اها پاليسي برصغير ۾
”سيڪيولر اسٽيٽ“ جو سڀ کان اولين قدم هو، ليڪن
انهيءَ ڏس ۾ کيس ڪافي حد تائين ناڪاميءَ جو منهن
ڏسڻو پيو.
اڪبر جي اوائلي مذهبي زندگي
اڪبر آزاد خيال ضرور هو، ليڪن ذهني اعتبار جي لحاظ
کان وڏو بيدار مغز ۽ روشن دماغ انسان هو. قدرت جي
طرفان کيس جودت طبع جو ڪافي حصو عنايت ٿيل هو. هُو
هر ڪنهن ڳالهه ۽ مسئلي کي تنقيدي نظر سان ڏسندو هو
۽ ان کي عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو هو. هندو رعيت
جو اڪثر ڪري وڏو خيال رکندو هو ۽ هر طبقي سان
مساوي برتاءُ رکندو هو. سندس مذهبي پاليسي به
رواداريءَ جو اصول تي مبني هئي.
اڪبر جي مذهبي پاليسيءَ متعلق مؤرخن ۽ تاريخ نويسن
جا جدا جدا رايا ۽ نظريا آهن. انهن مورخن اڪبر جي
پوئين مذهبي زندگيءَ جو جائزو وٺي، ڪافي قياس
آرايون ڪيون آهن؛ ليڪن اڪبر جي اوائلي مذهبي
زندگيءَ تي ڪا به مفصل روشني نه وڌي ويئي آهي.
اسان هتي اڪبر جي اوائلي مذهبي زندگيءَ جو مختصر
جائزو وٺي، انهيءَ ڳالهه تي روشني وجهنداسون، ته
اڪبر اوائل ۾ هڪ پڪي عقيدي وارو مسلمان حاڪم هو.
(4)
شهنشاهه اڪبر پنهنجي اوائلي دور ۾ عالمن ۽ مشائخن
جي صحبتن ۾ رهي، هڪ پڪو مسمان بڻجي چڪو هو. کيس
مذهب اسلام سان تمام گهڻو دلي لڳاءُ هو. مذهبي
لحاظ کان پاڻ ڪٽر سُني هو. سن 977هه / 1569ع ۾
مرزا مقيم اصفهاني ۽ مير يعقوب ڪشميري، اڪبري
درٻار ۾ حاضر ٿيا. اڪبر عالمن کان فتويٰ وٺي، انهن
ٻنهي کي شيعي هئڻ جي ڏوهه ۾ ”فتح پور“ جي ميدان ۾
قتل ڪرائي ڇڏيو.(5) پروفيسر محمد اسلم ”تاريخ
محمدي“ جي حوالي سان لکي ٿو، ته سن 974هه/1566ع ۾
مشهور عالم ۽ شيعي فرقي جي مجتهد مير مرتضيٰ شريفي
شيرازيءَ انتقال ڪيو. کيس سندس پوئلڳن، امير خسرو
دهلويءَ جي پهلوءَ ۾ دفن ڪيو. انهيءَ ڳالهه جي
مخدوم الملڪ مولانا عبدالله سلطان پوري، صدرالصدور
شيخ عبدالنبي ۽ ٻين سُني عالمن سخت مخالفت ڪئي.
آخرڪار اڪبر جي حڪم سان مير مرتضيٰ جو لاش اتان
ڪڍي، ڪنهن ٻئي هنڌ دفن ڪيو ويو. (6)
اهڙيءَ طرح اڪبر ملڪ جي عالمن، اوليائن ۽ درويشن
جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندو هو. بابا فريد
الدين گنج شڪر رحه، سلطان المشائخ خواجه معين
الدين حسن سنجري اجميري ۽ ٻين ڪيترن اوليائن ۽
درويشن جي مزارن ۽ خانقاهن تي وڃي حاضري ڀريندو هو
۽ دل کولي خير خيراتون ڪندوهو. ان دور ۾ شيخ نظام
نارنولي (7) هڪ وڏو عابد، زاهد، متقي ۽ خدا پرست
بزرگ ٿي گذريو آهي. اڪبر اجمير شريف ڏانهن ويندي،
ان بزرگ هستيءَ سان ملاقات ڪئي هئي. (8) اهڙيءَ
طرح اڪبر تخت تي ويهڻ کانپوءِ پورا ويهه ورهيه خوش
اعتقاد ۽مذهب جو پابند رهيو.
شير شاهه سوريءَ ۽ سندس پوين، عالمن جي اقتدار کي
قائم رکيو. ساڳيءَ طرح اڪبر پڻ شروع ۾ انهيءَ
سلسلي کي جاري رکيو ۽ هر هنڌ قاضي ۽ مفتي مقرر
ڪيا. شيخ عبدالنبيءَ (9) سان سندس تمام گهڻي عقيدت
هئي. خود اڪبر اڪثر سندس گهر وڃي، درس حديث ۾ شريڪ
ٿيندو هو. اڪبر، شيخ عبدالنبيءَ جو ايتري قدر
معتقد هو، جو شيخ جي جُتي کڻي، سندس اڳيان رکندو
هو.(10) ”مخدوم الملڪ“ عبدالله سلطان پوري (11) ان
دور جي چوٽيءَ جو عالم هو. شير شاهه سوريءَ طرفان
کيس ”صدرالاسلام“ جو لقب مليل هو. همايون به سندس
اهائي عزت برقرار رکي. بيرم خان جي معزوليءَ
کانپوءِ به اڪبر، مخدوم الملڪ کي انهيءَ عهدي تي
برقرار رکيو. حضرت محمد غوث گوالياري (13) برصغير
هند وپاڪ جو هڪ وڏو بلند پايي جو عالم ۽ اولياءَ
الله ٿي گذريو آهي. همايون جا گوالياري بزرگ ۽
سندس ڀاءُ بهلول سان تعلقات قائم هئا. اڪبر پڻ
پنهنجي والد جي نقش قدميءَ تي هلي، انهيءَ بزرگ
سان بهتر تعلقات ۽ مراسم قائم ڪيا.
اڪبر جي ابتدائي مذهبي عقيدي جي باري ۾ ”ماثر
الامراء“ جو مصنف لکي ٿو ته، ”اڪبر عالمن جي ترغيب
سان شريعت محمديءَ جي ترويج، امر بالمعروف و نهي
عن المنڪ لاءِ تمام گهڻو ڪوشان رهندو هو. شاهي محل
جي ڀرسان مسجد ۾ ٻانگ ڏيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن امامت
جا فرائض به خود انجام ڏيندو هو. ثواب خاطر مسجد
شريف ۾ ٻُهاري به پائيندو هو“(14).
بهرحال اسان مٿي جيڪي بيان ڪري آيا آهيون، تنهن
مان اهو پوريءَ طرح واضح ٿئي ٿو، ته اڪبر عالمن،
بزرگن ۽ اوليائن جي صحبت ۽ سنگ ۾ رهي، هڪ پڪي
عقيدي وارو مسلمان بڻجي چڪو هو.انهيءَ محبت ۽
عقيدت جي جذبي سببان هُن فتح پور سيڪريءَ ۾ شيخ
سليم چشتيءَ (15) جي خانقاهه لڳ هڪ نئون تخت تعمير
ڪرايو هو. (16) انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اڪبر
اڳتي هلي، مذهب جي راهه ۾ ڪنهن حد تائين ڀٽڪجي
ويو. ان لاءِ اسان انهيءَ راءِ جا آهيون، ته اڪبر
ڪو دل سان مذهب کان بيزار ڪو نه ٿيو هو ۽ نه وري
ڪو دين اسلام کي ترڪ ڪيو هئائين. ديني عالمن ۽
صوفي درويشن جي ظاهري مڪاريءَ ۽ فريب ڪاريءَ سندس
دل کي ڪافي صدمو رسايو هو. انهيءَ ڪري سندس دل مان
مذهب لاءِ مستقل مزاجيءَ وارو گـُڻ نڪري ويو هو.
ازانسواءِ عالمن جي باهمي ڇڪتاڻ، سندس ڪن خاص
صلاحڪارن کي ان ڳالهه لاءِ مجبور ڪيو، ته هُو کيس
ڪنهن ٻيءَ اهڙيءَ راهه تي وٺي هلن، جنهن مان سندس
ذاتي مطلب به پورا ٿين ۽ ان ذريعي مخالفن سان به
حساب چُڪتو ڪري سگهجي. ازانسواءِ ڪن اڻ وڻندڙ
مذهبي واقعن، سندس هندو راڻين کي اهو موقعو ڏنو،
جن کيس غلط رستي تي هلڻ لاءِ راهه هموار ڪئي.
انهيءَ ڪري اڪبر جي مذهبي پاليسيءَ مختلف رنگ
اختيار ڪيا.
اڪبر جي مذهبي پاليسيءَ جا ٻه پهلو هئا:پهريون
انتظامي ۽ ٻيو سياسي معاملن ۾ صلح ڪل جي پاليسي.
ان سان گڏ شاهي جماعت جي خاص رڪن ۽ عام رعايا لاءِ
قاعدا ۽ قانون پڻ مرتب ڪيا هئائين. انهيءَ نئين
اصلاحي ڪمن واري پاليسيءَ کي ”دين الاهي“ ڪري سڏيو
ويو. جهانگير جو قول آهي، ته اها صلح ڪُل واري
پاليسي هڪ نئين شيءِ هئي، جنهن کي ان دور جو عوام
پوريءَ طرح سان سمجهي نه سگهيو. دراصل انهيءَ صلح
ڪُل جي پاليسيءَ موجب الڳ الڳ مذهبي فرقن سان
رواداري ۽ هڪ جهڙو سلوڪ ڪيو ويندو هو. ساڳئي وقت
کين حڪومت ۾ حصي وٺڻ جو به پورو پورو حق هو.(17)
اڪبر جي ”دين الاهي“ جي باري ۾ عالمن ۽ مؤرخن جا
مختلف رايا آهن. عام طرح اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته
اڪبر اسلام کي ترڪ ڪيو هو. ڊاڪٽر سمٿ بلاڪ مين لکي
ٿو ته، ”اڪبر پنهنجي وڏن جي مذهب کان ڦري ويو هو.“
(18) ليڪن اهو درست نه آهي. شري رام شرما پنهنجي
ڪتاب ”شاهانه مغليه جي مذهبي پاليسي“ ۾ لکي ٿو، ته
اهي سڀ ڳالهيون، جي مؤرخن بيان ڪيون آهن، سي صحيح
نه آهن. هن صاحب انهن الزامن جي ڪافي حد تائين
ترديد ڪئي آهي. (19)
|