منهنجي لاءِ زمين آسمان، جڳ جهان سڙي ويا. ڏينهن
ڏيڍ جي ڳالهه هجي ته ٺهيو پر ورهين جي باهه ڪيئن
جهٽ ۾ وسامي.
هڪڙي ڏينهن وري آئي. هوءَ به ويچاري هئي ٻن باهين
جي وچ ۾. چيو مانس ته ”هل هتان هليا هلون.“
”پر يار جيئندا“ ميهار سامهون ويٺل جيئند کي، ٿڌو
ساهه کڻي چيو... ”زال ذات ٽپي ته درياءُ ٽپي وڃي،
سؤ ڏونگر ڏوري وڃي. جي بيهي ته ڪَسي تي بيهي هي.
مائي جهڙي مخلوق ٽٽي کٽي. سونل به ڪسي ٿي کُٽي
پئي. معنيٰ ته زال ذات ٿيندي اٿئي ويهه کَلي، ڪير
پروڙي. آءٌ به وڌيڪ ڪڇيس ڪو نه. روئندڙ کي ئي ماٺ
– ميٺ ۾ اُتي ڇڏي آءٌ دل ڏاڍي ڪري هليو ويس. سونل
ڪلهو ڪڍائي مون کي ڪُهي وئي. شادي جا ڏينهن ويجها
ٿيندا ويا، منهنجي جيڪا حالت هئي سا آءٌ ٿو ڄاڻان،
ٻيو رب.
بڊي جا ڇِتا ڪاڙها هجن. ڪانوَ جي پئي اک نڪري،
ڳيرا پيا ڦٿڪن. مون وري مصري ڪارئي کان ٻاڙي جيڏي
ڪهاڙي ٺپائي. گهڙيءَ جي رات اچي ويئي. مون کي
ويڇڻي ويهڻ نه ڏي. دُهل پيا وڄن، ڳيتاريون پيون
ڳيت ڳائن. بس مون به هلندي پساريندي سج اڀاريو.
ڪانو کن مٿي مس چڙهيو. پاهو وَر ۾ هڻي ٺونٺ جيڏو
ڳن ڪيم هٿ ۾. بس جُولان چڙهي ويو ته ڪهڙو ماءُ جو
پُٽ موڙ ٻڌي سونل سان وڃي لائون لهندو؟ ڦيرو ڏئي
گهرجي اڳيان نڙن ۽ سَرن جا ٻوڙا اورانگهي ڏيڍي مان
هليو ويس. اندر ڪو مرد ماڻهو هو ڪو نه، ماين جي
جهڳٽ ۾ سامهون دالان ۾ هوءَ...
ميهار جا روانيءَ سان وهندڙ لفظ بند ٽوڙي الڳ الڳ
ريلا ٿيڻ لڳا ۽ ڪڪرن کان مٿي ڳالهه بولاٽيون
کائيندي زمين تي ڪِري داڻو داڻو ٿيڻ لڳي. هو گهڙي
کن ماٺ ٿي ويو. پنهنجو ٿڌو ساهه هن ڀيري ٻُٽ کائي
ته ويو پر سندس کاڌل ٿيڙ سڄي سنگت سمجهي وئي: هن
پنهنجي ڀوڳنا ۽ سالن جو عذاب... ”بس... هوءَ...
ويٺي هئي“ جي چچريل جملي ۾ ويڙهي ڪڍيو.
... ڊوڙ ڪري ٺڪاءُ ڪهاڙي ڪنڌ ۾ ڪيم ته ٻه آنڱريون
وڃي چم بچيو، پوءِ ته رڙو رڙ ٿي وئي. آءٌ به چريس
ڪو نه، بيهي رهيس. مڙس پاڻي وارا اڳي ڪو نه هئا،
ماريون ڪو نه جهلي، کڻي پوليس کي ڏنو. ڪيس ته هليو
پر وچ ۾ هنن جا شاهد ڦري ويا ۽ وڌيڪ ست هنن به ڪو
نه ساري بس ٽي سال لوڙهي ٻاهر آيس ته ڪاريءَ وارا
ڪک اڳي هئا سي ئي هئا. پوءِ ته ڳوٺ ۾ به دل نه
لڳي، ٽپڙ کڻي هڪڙي سِر سان اچي پاسي ۾ ويٺس. تيسين
ڄمار جو ڏاگهو به جُهڪي وَهي رهيو. هاڻ ته هو پاسي
لاڙائو سج آهي. ڪجهه گذري آهي باقي به حياتي ويندي
ڌڪجي.
ڪچهري تي وريل ماٺ جو جهُڙ ميهار جي ماٺ کانپوءِ
ٽٽو. هرڪا ڪڪري الڳ الڳ ٿيڻ لڳي. ميهار پنهنجي
سونل سيڄ تان گم ڪري ڄڻ ساهه ڳڻيندي پنهنجي آخري
اوٻاسي جي تلاش ۾ هو ۽ ڪچهري جون اکيون ميهار ۾ هڪ
وار کپي، پَريان رستي تان هڪ ٻئي پويان تيز ڊوڙندڙ
ٻن ڇوڪرن ڏانهن کڄي ويون. جيڪو اڳيان هو تنهن جي
هٿ ۾ گدرو هو، پر ڦُڙ تي پهچڻ شرط وڏي جو هٿ سندس
ڳچيءَ ۾ پئجي ويو.
”ڇڏ! گِدرو منهنجو آهي“ هن بيهي گدرو پاسي تي قابو
ڪندي چيو.
”پڻهين جو آهي؟ اتي مون لڪائي رکيو هو. هيڏانهن
ڏي“ ٻئي چيو ۽ الر ڪيائين، ڪچهري مان متاري هڪل
ڪئي.
”ڇورا! اڙي ڇو ٿا وڙهو؟ مار پوي.“
”اَي گدرو نٿو ڏي منهنجو“ هن گدري ڏانهن هٿ
وڌائيندي چيو.
”ڏسان ڪيئن نٿو گدرو...“ هن جي ڳالهه پوري ئي ڪو
نه ٿي ته گدري کي ٻئي ڇوڪري زور سان زمين تي هڻي
مٿان پنهنجا ٻئي مٽي هاڻا پير هڻي ڀڃي ڇڏيو.
”هان! تون به کاءُ مون وارو آنڱوٺو“ ۽ هو ڇوڪرو
ڍرو ۽ وائڙو ٿي بيهي رهيو. ميهار اهو لقاءُ ڏسندي،
وڏو ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي ڪانڀ کولي اٿڻ لڳو.
واهرو
ماڪن شاهه رضوي
ڪي ڪي اکيون آرسيون هونديون آهن، جن ۾ ليئو پائڻ
سان سڀڪجهه چِٽو پسي سگهبو آهي، يا جن سان روشني
جو تيز اولڙو اڇلائي سگهبو آهي. اهڙيون اکڙيون جن
۾ آرسي جيئان پرکڻ جي صلاحيت هجي، ڪنهن ڪنهن جي
حصي ۾ قدرتي انعام بڻجي اينديون آهن.
پيروءَ جون اکيون به آرسيون هيون. تتر جو پير ڏسن
ته به ڳولي لهن.
انهيءَ ڪري پيرو جنهن واهراڙي ۾ پيري بڻجي روانو
ٿيو ته انهن ڇورن کي سِرَ جي لڳي ويندي هئي.
انهيءَ ڪري ڪاٽڪو، پيروءَ جي سِيم ڏانهن وسئون ڪو
نه وڙهندا هئا. جي ڪو اُڙيو ٿُڙيو انهيءَ مغروري ۽
ماريل مت سان ايندو هو ته پير وڃائي ويندس، سو به
پوءِ ساريندو هو. ڊڀن ۽ ڇٻر تي پير ڏيئي ڇو نه
وڃي. پيرو جي نظرن کان نشان لڪائي نه سگهندو هو.
خبر تڏهن پوندي هيس جڏهن ڌڻي ٻانهن کان اچي وٺندا
هئس. ڪڏهن ڪڏهن ته چور پيروءَ وٽ لنگهي به ايندا
هئا ته، ڪاڪا! هيءَ خطا ڪئي اٿئون، شيءِ واپس ٿا
ڪريون. هاڻي اسان تي ڍڪ رکجئين، ۽ اهڙن کي پيرو
ڪڏهن به پڌرو ڪري نروار نه ڪندو هو. چوري ڀاڳين کي
ڏيئي چوندو هو ته ”بابا! جنهن ڪئي ان جي نيت.
اوهان کي اوهان جي شيءِ ملي، بس اهو قصو اِتي
ڇُٽو.“ هاڻي ته هو اڌ وهيءَ کان به اچي موٽيو هو.
اندر جي غم اڌ مئو ڪري ڇڏيو هوس. پر جڏهن جواڻي
هوندي هيس ته وڏن عملدارن کيس پوليس کاتي ۾ ’وليس
پيري‘ ڪري کڻڻ جون آڇون به ڪيون هيون. ليڪن پيرو
نوڪري وٺڻ ڪا نه قبولي. هونئن به نوڪري ڪرڻ جي هن
کي لوڙهه ڪا نه هئي. ڌڻيءَ جو ڏنو سڀڪجهه هئس.
ٻنيءَ جو ٻارو، مال رزق به پنهنجو هوس، راهي رکي
سنگت ساٿ به گهاٽي هئس. باقي ٿاڻي جي آفيسر عملدار
جو ڪم ڪار پوندو هوس ته، ڪري ڏيندو هو. انهيءَ ڪري
ڪامورا به سندس عزت ڪندا هئا. هاڻي جيتوڻيڪ جواني
جوڀن جا ڏينهن ڪو نه رهيا هئيس، ته به صفا رهيو ڪو
نه هو. پيروءَ کي هيڏي ڄمار ۾ جي ڪا ڳڻتي ۽ ڏک هو
ته بس اهو ته سندس اڪيلو پٽ سانوڻ جوان هوندي به
ڪنهن ريت چڱن ڀلن جي جوڙ ۾ ڪو نه هو. هن ڄمار ۾
ماڻهن جي ڳڀرو ڪونڌر پٽن جي شهپرن کي ڦڙڪندي ۽ اک
کي گهنڊ ۾ مائٽن جا وير وٺندي ڏسندو هو ته اندر
ڇڄي پوندو هوس. سانوڻ به مردن جهڙو مرد هو. سندس
چهري تي به شهپر هئا. هن جي اکين ۾ ڳاڙهاڻ هئي، پر
انهيءَ ڳاڙهاڻ پويان لهندڙ سج جي اوندهه به ڇانيل
هئي. هو ٻنهي ڄنگهن کان جڏو هو.
ننڍپڻ ۾ وڏو تپ ٿيو هوس، پيروءَ به وسان ڪو نه
گهٽايو. دوا درمل، ڌاڳا ڦيڻا پنهنجي پڄت کان مٿي
ڪرايائين، پر سانوڻ پنهنجي پيرن تي نه بيهي سگهيو.
۽ هاڻي ڀڀري بنيو گهر ۾ پيو هوندو هو. سانوڻ کان
سواءِ هڪ نياڻي به هئس، زليخا. زليخا جي بنهه حور
پري ڪا نه هئي ته به قدرت ايتري ته سونهن ڏني هئس
جو جيڪو هڪ ڀيرو ڏسندو هوس ته ٻيو ڀيرو به ڏسڻ
لاءِ ڪنڌ ضررو ورائيندو هو. پر نياڻي ڪا پٽن جي
جاءِ ڀري سگهي؟ ڌيئون ويچاريون ته پرايو ڌڻ. سندن
ماني بادشاهن جي گهر ۾ به ڪانهي، ۽ انهيءَ ڏک پيرو
جي هانءُ کي ڏنڀيو هو. هو پهرن جا پهر مٿي تي هٿ
ڏيئي ٽالهي جي وڻ هيٺ رکيل کٽ تي ليٽي سوچيندو
رهندو هو، ۽ پوءِ ڪيترا ڏينهن گذري ويا.
سياري جي پڇاڙي هئي. واهوندا ورڻ لڳا هئا. فضا ۾
عجيب سُرهاڻ رچڻ لڳي هئي. نمن جي ڇڻيل پنن جي جاءِ
تي نوان نوان نرم نرم گنونچ انگورجڻ لڳا هئا.
رات جو پويون پهر ٿيڻ تي هو، تڏهن پيروءَ کي سڏ
ٿيو. ڪتي جي ڀونڪ سان هو ڇرڪ ڀري جاڳي پيو، هن هڪ
نظر سانوڻ تي وڌي، جيڪو ننڊ ۾ ستل هو. وري زليخا
ڏي ڏٺائين جيڪا منهن تائين رلهي اوڍيو ستي پئي
هئي. ايتري ۾ ٻيو سڏ ٿيو، ۽ پيرو ڪڙيل واري لٺ کڻي
ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر سندس اوسيئڙي ۾ ٻه همراهه
بيٺا هئا. ويجهو اچي ٻنهي کي سڃاتائين. خدن ۽ خيرو
هئا، وڏيري الهه بخش جا ماڻهو. حالي احوالي ٿيا،
خبر پئي ته وڏيري جو کاٽ لڳو آهي، ۽ هو پيروءَ کي
پيرن لاءِ سڏڻ آيا هئا. پيرو سوچ ۾ ٻُڏي ويو.
وڏيرو الهه بخش تر جو نامي گرامي زميندار ۽
پاٿاريدار هو. ذات ڪاٽڪو وٽس پيو ويلو ڪندو هو.
راڄ ڀاڳ کي هميشه لٺ جي مُڇي تي جهليندو هو، پر
پيروءَ سان ته جنسي وير هئس. اڃا ڇهه مهينا به
پورا ڪو نه ٿيا هئا جو نورڻ جي ڍڳن جي چوريءَ ۾
پيرو وڏيري جي ماڻهن محرم ۽ ربوءَ جا پير ڪڍي پڌرا
ڪيا هئا، ۽ وڏيري کي ويري بڻايو هئائين. وڏيري
صوبيدار جي سامهون پيرو تي اکيون ڪڍيون هيون، پر
همراهه وچ ۾ پيا هئا، ۽ پوءِ هڪ رات جڏهن پيرو علڻ
جي پٽ جو وهانءُ کائي وريو هو ته گلڻ واري هڙيءَ
وٽ وڏيري جي ماڻهن هن تي حملو ڪيو هو، ۽ لٺين سان
اڌ مئو ڪري ڇڏي ويا هئس. هو جڏهن سامت ۾ آيو هو ته
ڀڀوت بدن ۽ ڦٽيل لڱن سان ڌڌڙ ۾ ڀريل پٽڪو ڪڇ ۾ ڪري
گهر ڏي موٽيو هو. اهڙن وقتن تي جوان ۽ قنڌار پٽن
جي ضرورت هوندي آهي، پر جڏهن پيرو سانوڻ جي اڌ
وجود کي ڏٺو ته هن جي گهايل دل تي هڪ وڌيڪ گهاءُ
لڳي ويو. هن زليخا کي ڏٺو پر نياڻي نماڻي هئي....
اها پيءُ جي لٿل پڳ کي پاڻيءَ ۾ ڌوئي ته سگهي ٿي
پر، پيءُ جي مٿي تي ٻڌي نٿي سگهي، ۽ پيرو زليخا کي
لڙڪ ڳاڙيندي ۽ پڳ ڌوئيندي ڌٺو هو، ۽ پوءِ پيرو چپ
ٿي ويو هو، ۽ ڪيترا ڏينهن ائين لنگهي ويا هئا. اڄ
وڏيري الهه بخش جا ماڻهو هن کي وٺڻ آيا هئا.
هو پيري هو، راڄن جي اميد هو، ويل شيءِ جي ڳولا ۾
هن کي اميد ڪري سمجهيو ويندو هو. هاڻي وڏيري جي
کاٽ جو ٻڌي، اگر هو نه وڃي ها ته ماڻهو ڇا چون ها؟
”ته ادا پيرو پلاند به اهو ڪيو جو وڏيري جي چوري
ٿي ته پيرن تي ڪو نه آيو. واهه جو پلئه ڪيو اٿس؟“
۽پوءِ پيرو وڃڻ جو فيصلو ڪيو. گهر اچي هن زليخا کي
اٿاريو ۽ کيس ٻڌائي هو وڏيري جي مانهن سان روانو
ٿيو – هاڻي پرهه ڦٽي چڪي هئي.
سج ڪني ڪڍي ته هي به اچي پهتا. پيرو ۽ وڏيري هڪٻئي
کي ڏٺو، الائي ڇو وڏيري جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو. پيرو
به پراڻن قصن کي وساري، ماحول تي ڌيان ڏنو. وڏيرو
پاڻ هن کي وٺي سرزمين تي آيو، جتي وڏيري جي بنگلي
جي پويان سرون پٽي ڏرڙ ٺاهي چورن کاٽ هنيو هو.
سرون ڍڳ ٿيو پيون هيون، اندر ڪٻٽ ۽ پيتيءَ جا قلف
ڀڳل هئا. وڏيري کي بک برابر ڪا نه هئي، پر عزت جو
سوال هو. پيرو ماڻهن جي انبوهه ۾ ڪاٽڪو مهانڊا به
ڏٺا جيڪي پاڻ کي اڇو ڪرڻ لاءِ اڳواٽ اچي پهتا هئا.
هاڻي پيروءَ پيرن ڏي ڌيان ڏنو، جيڪي جست جي ٿالهن
۽ ٺڪر جي پاٽن هيٺ ڍڪيل هئا. چور صفا سيکڙاٽ هو،
جنهن پيرن کي وڃائڻ لاءِ ڪا به ڪوشش ڪا نه ڪئي
هئي. پيرو هڪ نشان تان ٺڪر جي پاٽ پري ڪئي. ٻيءَ
گهڙيءَ هن کي چڪر اچي ويو. پير ننڍو هو، عام پيرن
کان هلڪو.... ۽ پير جي وچين آڱر ٻين کان ٿوري ننڍي
هئي. هُن ٻيو ٿالهه سڌو ڪيو، وِک ڏٺي، ۽ پنهنجي
اندر ۾ ولوڙو پوندي محسوس ڪيو. پيرو لکن ۾ لڪل پير
سڃاڻي وٺندو هو، هي ته.... ۽ پوءِ هو وڏيري سان گڏ
وهراڙي ۾ روانو ٿيو. پير اڳتي اچي ڍنڍ ۾ گم ٿي ويا
هئا. اتان هو بيماري جو بهانو ڪري واپس وريو، ۽
واهراڙي کان اڳتي نڪري ويو.
پيرو گهر پهتو، سانوڻ ڀت کي ٽيڪ ڏيو آڪاش تي
اڏامندڙ سرڻين کي ڏسي رهيو هو. زليخا.... زليخا،
منجهند جي مانيءَ لاءِ اٽو ٿي مليو. پيرو چُپ چاپ
ڌيءُ جي سامهون اچي ويٺو، پيءُ کي ڏسي الائي ڇو
زليخا گنديءَ جي پلئه سان پنهنجا پير ڍڪڻ لڳي....
۽ پيرو ڪيتري دير زليخا جي چهري ۾ گهور وجهي ڏسندو
رهيو. اوچتو زليخا هانءُ ڏاريندڙ رڙ ڪري پيءُ کي
چنبڙي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.
”نه روءِ پٽ!... نه روءِ پٽ!.... تون ته منهنجو پٽ
آهين، آئون نڌڻڪو بي وارثو ڪو نه آهيان، منهنجي
لٿل پٽڪي جي ور ورائڻ وارا پٽ، تون نه روءِ.“
پيرو زليخا جي مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو، ۽ زليخا
سڏڪا ڀرڻ لڳي.
ڪارنهن .
سائين بخش رند
شام کان شروع ٿيندڙ برسات، بس ٿيڻ جو نالو ئي نه
پئي ورتو. جنهن تيزيءَ سان اوهيرا ڪري برسات آئي
هئي، ان ۾ ڪنهن قدر ڪمي ضرور اچي وئي هئي. شهر ته
روز جي معمول کان گهڻو اڳ بند ٿي چڪو هو، ليڪن رات
جي سناٽي ۽ هلڪي برسات سبب پورو شهر سنسان ۽
پُراسرار لڳي رهيو هو. نه ڪي رولو ڪتن جا ڀؤنڪاٽ
ٻڌڻ ۾ ٿي آيا ۽ نه وري چوڪيدارن جون هوڪرون. پوري
شهر ۾ اهڙي خاموشي طاري هئي، جو برسات جون ڪڻيون
دڪانن جي ڇاپرن ۽ روڊن تي وکريل پنن ۽ ڪچري تي پوڻ
جو آواز نه اچي ها ته زندگي ۽ دنيا جي ساڪت ۽ جامد
ٿي وڃڻ جو گمان ٿئي ها. انهيءَ سمي، هيڊڪانسٽيبل
غلام نبي ۽ ٽريننگ کان تازو موٽندڙ رنگروٽ سپاهي
نذير، چپ چاپ شهر ۾ رات جو آخري رون (ڦيرو) ڏيڻ
لاءِ اهم رستي تان آهستي آهستي وڌندا رهيا.
هيڊڪانسٽيبل غلام نبي هونئن به گهٽ ڳالهائو هو،
ٿاڻي تي توڙي عام ماڻهن سان گهري واقفيت ۽ اجائي
حجت کان پاسو ڪندو هو، جنهن سبب ٿاڻي جا ٻيا سڀ
آڙيڪاپ ۽ چالاڪ سپاهي ۽ عملدار کيس موڳو ۽ اڌ چريو
سمجهي، سندس هر ڳالهه نظر انداز ڪري ڇڏيندا هئا ۽
گهڻو ڪري سندس عزت ڪرڻ بجاءِ اجايو ٺٺول ڪري هميشه
وڏا وڏا ٽهڪ پيا ڏيندا هئا. جڏهن ته نئون آيل
سپاهي نذير هونئن به سادو هو ۽ ”نئين“ جي نفسياتي
اثر سبب به گهٽ ڳالهائيندو هو. هي ٻئي رائفلون
ڪلهي تي تاڻيون، ڦرندا ڦرندا جڏهن مين بازار تائين
پهتا ته ٿورو پري کان سيٺ ڪرم عليءَ جي دڪان جي
وڌيل ڇاپري هيٺان بلب جي روشنيءَ تي کين پوڙهو
چوڪيدار فيضو ۽ شهر جو اڌ چريو نورو ويٺل نظر آين،
جيڪي هن مينهوڳي رات ۾ هڪ جاءِ تي خاموش هوندي به
ائين هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي رهيا هئا، جو پري کان ڏسڻ
واري کي گمان ٿي وڃي ته پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا آهن.
هيڊڪانسٽيبل ۽ سپاهي، اڳتي وڌي چرئي ۽ چوڪيدار
تائين پهتا. ساڻن رسمي عليڪ سليڪ بعد جڏهن واپس
ٿاڻي ڏانهن موٽيا ته پاسي واري جيل گهاٽ کان رات
جي ٻارنهن جو گهنڊ وڳو. هن خاموش ۽ پُراسرار
برساتي رات ۾، گهنڊ جا ٻارنهن ڌڪ، ڄڻ خوفناڪ اوناڙ
ڪري، جلد ئي ائين فضا ۾ گم ٿي ويا، ڄڻ ڪو بکايل
راڪاس، هڪ هڪ ڪري ٻارنهن ئي ڌڪن کي هڙپ ڪري ويو
هجين.
غلام نبي حد درجي جو حساس هئڻ سبب پاڻ سان يا ٻئي
ڪنهن سان پيش آيل هر ناانصافي کي دل ۾ پچاريندو ۽
ياد ڪندو رهندو هو، پر ٽيون ڏينهن صبح واري واقعي
کيس ويتر سوچن جي تيز واچوڙن جي نذر ڪري ڇڏيو هو.
بئريج جي ڪپ تان جو لاش ٽيون ڏينهن پوليس هٿ ڪيو
هو، ان جو اڄ ٽئين ڏينهن تائين ڪو به وارث ڇو نه
نڪتو...؟
ويچاري جا ماءُ پيءُ، ڀائر ۽ ڀينر ضرور هوندا.
انهن تائين جڏهن خبر پهچندي ته مٿن ڪهڙي قيامت
گذرندي. اهو پس منظر دل ۾ سوچيندي هيڊڪانسٽيبل
غلام نبي جي اندر ۾ ڄڻ هٿوڙا ٿي لڳا. آهستي آهستي
هلندي آخر هن سپاهي نذير کان پڇيو.... يار ڳالهه
ٻڌ.... مان ٽي ڏينهن موڪل تي هوس. اڄ آيوآهيان...“
(ٿورو خاموش رهندي)! ”پر اهو ٻڌاءِ ته ٽيون ڏينهن
بئراج جي ڪپ تان هٿ آيل لاش جي خبر پئي ته ڪنهن جو
هو؟“ سپاهي نذير وڏو ساهه ڀريندي چيو: ”يار خبر ئي
ڪانهي اڃا تائين....!!“
”ڀلا تو ان لاش کي ڪو نه ڏٺو....!؟!“
”نه... مان انهيءَ واردات تي ويل نفري سان ڪو نه
هئس...!“ غلام نبي ٿورو ترسندي.
”ڀلا ڊاڪٽر ڪهڙي رپورٽ ڏني؟“
”ڊاڪٽر.....!! (سپاهي نذير لفظ ڊاڪٽر تي زور
ڏيندي) ڊاڪٽر رپورٽ ۾ ٻڌايل آهي ته لاش کي جسم تي
گهرا زخم آهن.“
”چڱو ڀلا ٻڌاءِ، عام ماڻهن به ته انهيءَ لاش کي
ڏٺو هوندو... پوءِ به ڪنهن ڪو نه سڃاتو....؟“
(تعجب خيز سوال).
”يار ٻڌايو مانءِ ته منهنجي ڊيوٽي ڪا نه هئي. باقي
جيستائين ٻڌو اٿم ته آسپاس جي ڳوٺاڻن جي نشاندهي
تي، تنهن ڏينهن صبح سوير پوليس وئي، لاش کڻي آئي
پوسٽ مارٽم لاءِ، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ملڻ سان ئي
ويچاري کي لاوارث ڪري دفنائي ڇڏيائون.“
”پوءِ ..... !!“
”پوءِ وري ڇا.....!! آسپاس جي هيڪاندن ڳوٺاڻن ۽
ڪجهه لچ لوفرن کي قتل جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو.
اُهي به قتل جي ڪيس جي خوف کان، صاحب وڏي جي مُٺ
گرم ڪندا پاڻ ڇڏائيندا ويا... هونئن به لاوارث لاش
هو، ان ڪري صاحب وڏي ماڻهن کي وڌيڪ وقت لاڪپ ۾ رکڻ
جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي.... باقي رهيا اصل
ڏوهاري.... انهن جو ته اڃا پتو ڪو نه ٿو پوي!“
هيڊڪانسٽيبل غلام نبي ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي
ڪوشش ڪندي، وري پڇيو: ”يار ٻي ڳالهه ته ٻڌ....!!
اڳئين هفتي ڌاڙيلن جي پٺيان ڪرم پور ويا هئاسين.
واٽ تي جنهن ڳوٺاڻي کي صاحب شڪ ۾ پڪڙيو هو، ان جي
ته خبر ڏي.“ سپاهي نذير رائيفل هڪ ڪلهي کان ٻئي
ڪلهي ۾ مٽائيندي چيو: ”ان جي مالڪن جي ڪا صحيح خبر
ڪا نه پئي، ان ڪري لاچار ٿي صاحب وڏي کيس ڇڏي ڏنو
۽ چيائينس ته ”جيڏانهن جي بلا آهين تيڏانهن ٽر.
تنهنجي ته ماني به اسان تي بار آهي.“ (هلڪو ٽهڪ)
ائين ڳالهائيندي خبر ئي نه پين جو ٿاڻي جي ٻاهرئين
گيٽ وٽ اچي پهتا. هتي پهچڻ سان ئي برسات اڃان به
وڌيڪ تيز ٿي وئي ۽ بجلي به هڪ جهٽڪي سان سڄي شهر
کي اونداهيءَ جي ڪن ۾ ٻوڙي بند ٿي وئي. هي ٻئي
اونداهي ۾ هلندا، ٿاڻي جي عمارت تائين پهتا. سپاهي
نذير ٿاڻي جي پراڻي عمارت اڳيان، سرنهن جي گهاٽي
وڻ هيٺيان وڃي ويٺو ۽ اونداهي سبب هو ڀوت يا راڪاس
کان گهٽ نظر نٿي آيو، جڏهن ته غلام نبي چپ چاپ
ورانڊي ۾ ويهي رهيو. اندر صاحب وڏي جي آفيس ۾ بجلي
وڃڻ سبب ميڻ بتي ٻاري وئي هئي. ميڻ بتيءَ جي ٻڏل
روشنيءَ ۾ غلام نبي جي موجودگي کان بي نياز
ايس-ايڇ - او غلام حيدر، اي - ايس - آءِ راڻو خان
۽ چورن، وڏيرن ۽ پوليس عملدارن جي چمچاگيري سبب
مشهور سپاهي
گلڻ پاڻ ۾ آهستي آهستي ڳالهائي رهيا هئا. ايس -
ايڇ - او آرس ڀڃندي ٻئي ٻانهون ٽيبل تي
ڊگهيري ڇڏيون ۽ فاتحانه انداز ۾ اي - ايس - آءِ کي
چيو: ”ڪيئن راڻا خان، هاڻي ته عيد مزي سان ٿيندي
نه....!!“
”وڏا! اصل ڳالهه نه پڇو، عيد کان ٻه عيدون ٿي
وينديون.“
(ايس – ايڇ – او هلڪو ٽهڪ ڏيندي) ”اسان جيڪا ڳالهه
ڪندا آهيون، ان کي پورو ڪندا آهيون.“
”واهه سائين واهه... برابر، بلڪل صحيح فرمايو
توهان.“ (اي – ايس – آءِ توڙي سپاهي گلڻ‘ ڪورس
واري انداز ۾ واهواه ڪئي) سپاهي گلڻ چمچاگيري واري
رڪارڊ کي اڃا به وڌيڪ بهتر ڪندي چيو: ”صاحب وڏو ته
چڱن ڀلن کي ئي چلتو ڪري ڇڏي. هي ويچارو الائي ڪٿان
جو، جنهن جي مالڪي ئي ڪا نه هئي. ان کي ٻي دنيا
تائين پهچائڻ ته صاحب وڏي لاءِ آسان هيو. اِهو
ڪو...“ (ايس - ايڇ - او سندس اڌ ۾ ڳالهه ڪٽيندي)
”الائي ڪٿان جو ڄٽ، اسان جي اري ۾ اچي ڦاٿو، مالڪي
به ڪا نه...!! نه ڏهڻ جو، نه وري ڪهڻ جو. سوير
ساجهر ئي دنيا جي جهنجهٽ کان بچي وڃي سکيو ٿيو.“
(انهيءَ ڳالهه تي ٽيئي ڄڻا ٽهڪ ڏين ٿا.) ڪجهه وقت
خاموش رهڻ کانپوءِ صاحب وڏو پراسرار نموني آهستي
ڳالهائي چوڻ لڳو: ”ڏي خبر راڻا خان....!! ڀلا لاش
بئراج تي ڦٽو ڪرڻ مهل، جاءِ واردات تي ڪنهن توهان
کي ڏٺو ته ڪونه ...!!“
”وڏا: دعا ڪريو. (سينو تاڻيندي) ائين به ڀلا ڪڏهن
ٿيو آهي ڇا!؟ پاڻ جيڪو ڪم ڪريون سورنهن آنا پڪو.
پر ڀلا جيڪڏهن ڪو ڏسي ها ته ڪهڙي قيامت اچي ها....
ٻين کي ڦاسائڻ کان پهرئين، قتل ڪيس جو جوابدار اهو
ئي هجي ها. (وري زوردار ٽهڪ اڀرن ٿا) ايس - ايڇ -
او غلام حيدر ٿڌو شوڪارو ڀريندي چوي ٿو:
”راڻا خان! چيز آهين چيز ... واقعي ڪم جي شيءِ
آهين.“ سپاهي گلڻ سُر ملائيندي:
”وڏا! دعا ڪريو. اسان به توهان کي ڪڏهن مايوس نه
ڪنداسين.“ ايس - ايڇ - او ڪنڌ ڌوڻيندي ۽ ٽيبل تي
آڱريون وڄائيندي چوي ٿو: ”واقعي، بلڪل صحيح ٿو
چئين.“
ٿوري خاموشي بعد ايس - ايڇ - او وري ڳالهائڻ شروع
ڪيو: ”راڻا خان! ٽائيم ته گهڻو ٿي ويو آهي، هاڻ
هلڻ کپي، پر هڪڙي خبر ته ڏي....!! لاوارث لاش جي
ڪيس ۾ اڃا گهڻا ماڻهو ويهاريو ويٺو آهين؟“
”وڏا.....!! ٻيا سڀ ته پنهنجي جان ڇڏائي ويا، پر
اڃان هڪڙو مردود لاڪپ ۾ ويٺو آهي. نالو ڇا ٿس....
(نرڙ تي آڱوٺي سان زور ڏيئي سوچيندي): ها،
لالو.... رحيم بخش جت جو پُٽ. سندس پيءُ آيو هو ۽
اچڻ سان پٽڻ ۽ روئڻ شروع ٿي ويو. چئي: ”خدا جي
واسطي منهنجي بي ڏوهي پُٽ کي ڇڏي ڏيو. اسان مسڪين
ماڻهو، نه هڪ ۾ نه ٻيءَ ۾. خوامخواه بڪي پيو ڪُتي
جو پُٽ.“
صاحب وڏي پاسو ورائيندي چيو: ”راڻا خان.....!
پندرنهن ويهن مان، هڪڙو ائين ڇڏيوسين ته ڪا ڳالهه
ڪانهي. هن دفعي ائين مفت ۾ ويو ته ٻئي دفعي چڱي کل
لاهبس. سڀاڻي ڇڏينس ته وڃي عيد ڪري. رنڙي جو پُٽ
ڇا ياد ڪندو!!“
”بلڪل سائين بلڪل“ (وري به ڪورس واري انداز ۾ اي -
ايس - آءِ ۽ سپاهي چيو). هيڊڪانسٽيبل غلام نبي
خاموشي سان ورانڊي ۾ ويٺي ويٺي سڄي ڳالهه ٻڌندو
رهيو ۽ من ئي من ۾ پچندو رهيو. سڄي قصي ٻڌڻ بعد
کيس يقين ٿي ويو ته پڪ سان هفتو اڳ ڪرم پور واري
رستي سان جيڪو واٽهڙو پڪڙيو هئوسين ۽ صاحب وڏي جي
چوڻ تي کيس ٿاڻي تي گهلي آيا هئاسين، تنهن کي صاحب
وڏي ۽ سندس ٻالڪن، پنهنجي ڀرپور عيد ملهائڻ خاطر،
قتل ڪري بئراج تي ڦٽي ڪري آيا. ۽ انهيءَ ڪيس ۾
لاتعداد مسڪينن ۽ غريبن جي ميڙي چونڊي تي ڌاڙا
هنيائون. انهيءَ سمي کيس ايس - ايڇ - او، اي - ايس
- آءِ ۽ سپاهي، ماڻهو بجاءِ اوچتو جهٽ هڻي چيريندڙ
ڦاڙيندڙ بگهڙ نظر اچڻ لڳنس ٿا. هو سوچي ٿو: صاحب
وڏي ۽ سندس دل گهرئي ماتحت عملي پنهنجي ڀرپور عيد
ملهائڻ خاطر، ٻين لا تعداد هڏ هيڻن جي عيد ته
وڃائي پر پنهنجي خوشيءَ جي پورائي لاءِ هڪ انمول
زندگي جو به خاتمو ڪري ڇڏيائين. ۽ کيس لاوارث ڪري
دفنائي به ڇڏيائونس.... ويچاري جا ماءُ – پيءُ
هوندا، ڀينرون ڀائر هوندا. اُهي سندس راهه تڪيندا
هوندا. اوسيئڙي ۾ خوشي جي عيد به ڪو نه ڪري
سگهندا. ڪهڙي خبر ته کين سندن اکين جي ٺار جو لاش
هٿ به ايندو يا نه. ائين سوچيندي
دماغ جون رڳون ڄڻ ڦاٽڻ لڳنس ٿيون. جنهن مهل، ايس - ايڇ - او اي - ايس
- آءِ ۽ سپاهي آفيس مان نڪرن ٿا ته مٿن نظر پوڻ
سان ئي غلام نبي ٻئي مٺيون ڀيڙي خيال ڪري ٿو ته
ڀريل رائفل جون سڀ گوليون مٿن هلائي سندن سينا
پَرڻ ڪري ڇڏيان.
ورانڊي ۾ وڌيڪ وقت بيهي نٿو سگهي. سندس من ٻڏڻ لڳي
ٿو. اتر جي تيز ۽ ٿڌي هوا جي سرڙات ۽ هلڪي برسات
جي سياٽي کان بي نياز، ورانڊي کان ٻاهر بيهي ٿو
رهي ۽ هن مسلسل وسندڙ برسات ۾، ڪاري اماوس رات جي
ڪارنهن مٽجڻ ۽ صاف پاڪ، ڌوتل پوتل صبح نروار ٿيڻ
جو انتظار ڪرڻ لڳي ٿو. |