قصو ٻن خوابن جو
خورخي لوئيس بورخيس
عرب تاريخدان الاسحاقي ٻڌائي ٿو ته هي ڪهاڻي منجهه
دؤر خليفي المامون (786-833ع) جي. لکيو آهي معتبر
ماڻهن (پر الله آهي سڀ ڄاڻندڙ ۽ گهڻو طاقتور ۽ وڏو
رحيم ۽ جيڪو ويٺو ڏسي)، ته ڪنهن جُڳ منجهه، شهر
قاهره اندر رهندو هو هڪڙو شخص، جنهن وٽ هوندا هئا
دولت جا انبار. پر هوندو هو اهو شخص ايڏو هٿ ڦاڙ ۽
درياءَ دل، جو وٽس هو جيڪي وڃائي ويٺو اهو سڀيئي،
رڳو ٺهرايل گهر پڻس جو وڃي بچيو وٽس ۽ هڪڙو اهڙو
به آيو مٿس وقت، جو لاچار ٿي ڪري پورهيو هٿ جو ڪرڻ
لڳو پنهنجو قوت گذران. هن ڪئي محنت ايتري جو
هڪڙيءَ رات پنهنجي ئي منجهه باغ ننڊ کڻي ويس هيٺان
وڻ انجير جي ۽ منجهه خواب هڪڙو شخص آيو ڪرڻ ساڻس
ملاقات، جيڪو ٻڏو پيو هو منجهه پگهر. شخص انهيءَ
ڪڍيو هڪ سونو سڪو منجهان پنهنجي وات ۽ چيائين هن
کي:
”ڀاڳ تنهنجو آهي ملڪ پارس جي شهر اصفهان اندر وڃ
اوڏانهن ۽ ڳولي لهه ان کي.“
سويل ٻيءَ صبح جو جاڳيو شخص اهو ۽ ٿيو روانو ڊگهي
سفر تي، جنهن اندر ڏيڻو پيس منهن ويران بيابانن
سان، سامونڊي جهازن سان، ڦورن سان، ڪافرن سان،
دريائن سان، جهنگلي جانورن سان، ۽ ماڻهن سان. شخص
انهيءَ آخرڪار لڌو ڳولي شهر اصفهان، پر پهچنديئي
ان شهر منجهه پئجي ويس رات ۽ ليٽي پيو ڪرڻ ننڊ
لاءِ اندر هڪ صحن مسيت جي.
لڳ انهيءَ مسيت جي هو هڪڙو گهر ۽ ٽولو ڪن چورن جو
گهڙيو منجهه مسيت ۽ ٽپي پيو اتان منجهه ان گهر. پر
مالڪ ان گهر جو جاڳي پيو گوڙ تي چورن جي ۽ ڪرڻ لڳو
دانهون ڪاڻ مدد جي. پاڙيسرين پڻ ڪيا واڪا واهر
ڪاڻ، تان جو داروغو شهر جو اچي پهتو ات ساڻ سپاهه
۽ چور وٺي ڀڳا اڪري ڇتيون گهرن جون. داروغي ڏنو
حڪم ته وٺو تلاشي مسيت جي ۽ ڏسي اُت شخص
قاهره واري کي حڪم ڏنائين مار ڦٽڪن سان اهڙي جو
ذري گهٽ ويس ٿي ساهه.
پڄاڻان ٻن ڏينهن، منجهه بنديخاني آيس ٿوري سامت،
تڏهن گهرائي هن کي پاڻ وٽ داروغي کاؤنس پڇيو:
”ڪير آهين تون ۽ آيو آهين ڪٿان؟“
وراڻيو ان شخص، ”آهيان آءٌ آيو ناليواري شهر قاهره
مان ۽ آهي نالو منهنجو جواد المغربي.“
داروغي پڇيس وري، ”۽ ڇا جي ڪري آيو آهين منجهه
اصفهان؟“
شخص ڳالهايو سچ ۽ چيو هن داروغي کي، ”مون کي حڪم
ٿيو منجهه خواب ته وڃ طرف اصفهان، جو آهي منهنجو
مقدر اوسيئڙي ۾ اُت، پر آيس جڏهن منجهه اصفهان ته
اها خوشي ڪيل هو جنهن جو واعدو ڦري ٿي پئي ڦٽڪا،
جيڪي وڏي فراخدليءَ سان هڻايا تو مون کي.“
ٻڌي جواب اهو ٽهڪ ڏنا داروغي ايترا وڏا وڏا جو ڏسڻ
۾ آئي سندس عقل هؤڙ ۽ آّخرڪار چيو هن ان شخص کي:
”اڙي ماڻهو ننڍڙي عقل جا! ٽي ڀيرا ڏٺو آهي مون
منجهه خواب اهو گهر شهر قاهره جو. اڱڻ منجهه جنهن
جو آهي هڪڙو باغيچو. هيٺئين ڪنڊ جنهن جي وٽ آهي سج
گهڙي ۽ پرتي جنهن کان آهي هڪ وڻ انجير جو ۽ وڻ
انجير جي کان پريان آهي هڪ ڦوهارو ۽ هيٺان ان
ڦوهاري جي آهي پوريل دولت جو ڍير. تڏهن به ڪوڙ ان
تي ذرو به ڏنو آهي مون نه ڪڏهن ڌيان. پر تون اي ڦر
خچر ۽ شيطان جا! ڪري هڪ خواب تي يقين رليو آهين
شهر شهر. هاڻي وري نه ڏيکارجانءِ شڪل اها پنهنجي
منجهه اصفهان، وٺ هيءُ سڪا ٻٽي ۽ رک کڙين تي زور.“
شخص انهيءَ ورتا اهي سِڪا ۽ روانو ٿيو شهر پنهنجي
ڏانهن پهچي ات ڏٺو هن باغ پنهنجي اندر ڦوهاري جي
هيٺان (داروغي جي خواب واري) ۽ کوٽي ڪڍيو هن وڏو
خزانو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ بخش ڪيون کيس بي
انداز نعمتون ۽ انعام ۽ ڪيو هن کي سرفراز.
(مترجم: مراد علي مرزا)
ادب
لطيف
.
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا
سچل سرمست
سَچو ۽ سَچ هِڪُ اسرارُ عجيبن جو
ساز سان سڻايو آهه هُنَ رازُ سچي مستيءَ جو
بادشاهن مال مستي، سونهن وارن سونهن مستي مگر مستي، هِنَ ملنگ
جي هئي.
منجهان عشق بَستي
بَرَ ۾ بازار بنائي هُنَ هلائي رمز رندن واري.
دَم دَم سندس ڌُنِ ڌڻين جي هلائي پيو. گيتُ عبرت جو ڳائي پيو.
عبرت هئي هِنَ عابد کي، ذڪرزاهد سندو.
ذڪر کان سوا فارغ تي. هُن عشق ڪيو ڌنڌو.
سدا سائل سِڪَ سوز ۾ فائل بڻي نه جدا.
فعل ۽ مفعول جي رکي نه هُنَ ڪڏهين مدنها.
”هُنَ چيو ”آهيان مان، اُهو اسرار ازلي مان“
خبر نه آهي ڇو الاجي ٿيس ڪنيزڪ گولي مان“
عطارَ جو عطر هو هي، شمس جو شماءُ هيءُ هو.
شاهه جو ڪفي جو ڍڪُ، سگهيو لاهي ڪونڪو ٻيو
اصليت جو اظهار، ڪير اشعار ۾ سرمست
هيو جو ٽٻُ ميء جي مستي ۾ مست سدا الست
عيسيٰ جئن سدا سورهيه، رسم رواج جو تشڪن
ملن ۽ مفتن جو هرجا، هو نه ڪڏهين روڪُن
سچ بَسچُ جي سونهن جو، هو سائل اول آخر،
اهڙو سچو سوز وارو سوکو ڪينَ ملي، سونهن سَچُ جنهن ڇَلي ڀَل
ڀلاڙو سُو ڇلي.
کِلي پيو کُلي خلق، فلڪ ۽ ملڪ اڳيان.
مستي ۾ سرمست سارو، رازُ سازُ ڪيو.
هستي هو هو جي هلائي، هُن ان جو آواز ڪيو.
نيازُ نازُ ٿيو پرين جڏهين مليا پاڻ ۾.
سچو سَچُ چيو، سَچُ سَچُ ٿيو.
باغي ٿي بازارن ۾ ريتن رَدِ ڪيو.
هيڪائي سان هِڪُ ٿيو،ملن مفتن منڪر ٿي
هُنَ چيو ماٺ ڪيان منڪر ٿيان.
ڪڇان تان ڪافر“
الاهي اَمُرُ
لڪيون لڪي ڪين لڪي.
سچو لاشڪ نئين زماني جو پيغامبر آهي.
ڪَلا اهي کيس عطارُ جي، تات تبريزي لک سندس لطيفي آهي
سندس لات عشق جي اوطاق جا ڪري چِت کي چاڪرن چاڪ
بي باڪُ آهي بي ٿاڪ آهي.
ڪلاڪارُ آهي، اڏامندڙ افلاڪَ جو
ڪيرُ؟
سچو، الاهي شير.
(موڪليندڙ: روي. ايل. جها)
انسان ۽ زندگي
.سيريز - 1
(انشائيه)
حبيب الله صديقي
اي پڙهڻ وارا! ذرا ڌيرج سان پڙهجو. مان پنهنجي ڄاڻ
۽ وسهڻ مطابق ”انسان“ يعني خود پنهنجي پاڻ ۽
”زندگي“ معنيٰ امانت، جيڪا خالق طرفان مون کي مليل
آهي، تنهن بابت ڪجهه حقيقتن جي اپٽار ڪريان ٿو.
اوهان ان کي اجائي پٽاڙ به چئي سگهو ٿا، جيڪڏهن
اوهان کي دل سان نه لڳي؛ يا ناراض به ٿي سگهو ٿا،
جيڪڏهن اوهان کي دل سان لڳي. ٻنهي حالتن ۾ آءٌ آجو
آهيان، ڇاڪاڻ ته مان به پنهنجي باري ۾ ئي ڪجهه
سچيون ڪري رهيو آهيان، اوهان جو ته نالو به ڪو نه
ٿو وٺان.
نالا به گهڙجي پوندا آهن؛ پوءِ پيا وٺبا آهن. هاڻي
هڪ وٿ انسان لاءِ هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ ڪئين نالا آهن.
پر نالا رکڻ مان وري به ڇا ٿو؟ انسان هجي يا آدمي،
ماڻهو هجي يا مئن، يا کڻي اُٺ چئوس - عادتون ۽
اطوار ته ساڳيا هوندس، پنهنجي ماءُ پيءُ يا ڏاڏي
پڙڏاڏي جهڙا. مٿان ٻيو به ڪو وڻندڙ يا پڏائيندڙ
نالو ماءُ پيءُ رکي ڇڏيندس ۽ يار دوست يا پاڙي
اوڙي وارا وري اڃان به ڪو وڌيڪ ٺهڪي ايندڙ نالو
مٿس رکي ڇڏيندا. بس پوءِ ته ساري ڄمار انهن نالن ۽
انهن ناتن رشتن ۽ نت نين نوازشن جي بارش ۾ همراهه
ويندو هيٺ دٻيو يا مٿي اڏامندو. زمين جيڪا سندس
ماءُ، وري موٽي ان ۾ دز ٿيڻو اٿس، انهيءَ تي پير
ٽڪائي نه سگهندو.
سا اها ٿي ڳالهه نالن جي، باقي ڳالهه ٿي ڪئي سين
”انسان“ جي. چيوسين ته انسانُ مڙئي انسان آهي.
نالا ذاتيون پاڙا عهده لقب ۽ ڊگريون اهي سڀ اجائي
ڊيگهه، جيڪا رهندو به آزار جيئن اڀري مڙس جي مٿي
تي ڦيڙهه پٽڪو. پر چوندا آهن ته ”مڙس ٿئي ڀاڙي ته
پٽڪو به بار“: سو پٽڪي جو نالو ڪو نه وٺبو، نه ته
ڪم خراب ٿي پوندو. باقي ڄڻ ڊيگهه سٺي نه آهي.
اجائي ڊيگهه نه ڪجي. ”انسان“ معنيٰ بس ”انسان“،
جيڪو کائيندو پيئندو. نه ملندس ته ڇتو ٿي پوندو ۽
ٻين کي کائي ماريندو. ڄڻ ته انسان جي اندر ۾ هڪ
جانور لڪو ويٺو آهي، جيڪو انسان جي ويس ۾ پنهنجون
ڪاروايون ڪندو رهي ٿو. پر خير انسان معنيٰ انسان
اهو جيوَ، جيڪو هميشه سک ۽ سلامتي، عزت ۽ غيرت جي
خيال سان هن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جا ڏينهن پيو پورا
ڪري.
سو هرڪو انسان ائين آهي.... هڪ مسافر، هڪ متلاشي،
هڪ بيوس اختيار وارو، ڪائنات جو هڪ ذميدار
عنصر.... انسان! حضرت انسان!! کلو نه ته اقبال جو
هڪ شعر فِٽِ ڪيان: چوي ٿو:
”حضورِ حق مين اسرافيل ني ميري شڪايت ڪي
ڪه يه بنده وقت سي پهلي قيامت ڪر نه دي برپا“
خير، اقبال هڪ عظيم شاعر آهي؛ هن کي جيڪي وڻي سو
چوي. ٻيا شعر ته عجب جهڙا چيا اٿس:
”خودي ڪو ڪر بلند اتنا ڪه هر تقدير سي پهلي
خدا بندي سي خود پوچهي بتا تيري رضا ڪيا هي.“
اڃا به وڌيڪ گستاخانه شعر چيا اٿس، پر سڀ وڏا شاعر
ائين آهن. خود اقبال پاڻ چيو آهي ته:
”خاڪ ڪي چٽڪي ڪو آگيا پرواز ڪيا.“
سو پاڻ به اي پڙهڻ وارا پيا جهڪ هڻون. ڪٿي انسان،
ڪٿي اسين!! سڄي عمر گذري وئي پاڻ کي سمجهڻ ۾ پر نه
سمجهي سو نه سمجهياسين. رڳو پاڻ کي ئي نه سمجهي
سگهياسين، ته پوءِ ٻيو وري خاڪ سمجهيو هوندوسين.
سو يار، انسان معنيٰ جاهل ڄٽ. نه يار نه! ترس، آءٌ
پنهنجي باري ۾ عرض ڪري رهيو آهيان ته آءٌ انسان
جاهل ڄٽ آهيان. انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي،
ڇاڪاڻ ته مان جيڪي ڄاڻان ٿو انهيءَ کان ڪروڙين
دفعا وڌيڪ نٿو ڄاڻان. آءٌ پاڻ کي ئي نٿو ڄاڻان ته
پوءِ ڄٽ ۽ جاهل نه ٿيس ته باقي ڇا ٿيس؟
پر ڳالهه ٿي ڪئي سين ”انسان“ جي. سو آءُ به آهيان.
برتري، عزت، سک ۽ سلامتي جو متلاشي مسافر. پر
منهنجي اندر ۾ هڪ جانور يا ڪو ڀولڙو لڪو ويٺو آهي،
جيڪو روز پنهنجون ڪارروايون ڪندو رهي ٿو، يعني ٽي
ويلا ماني، ميوا، چانهه، ڪيڪ ۽ بسڪوٽ الائي ڇا جو
ڇا چٽ ڪيو وڃي. خوب ڄاڻندي ته انهن شين جي ٻين کي
به ضرورت آهي. هرڪو ننڍو وڏو بک ۾ ڇِتو ٿيو پوي.
سو جانور هر ڪنهن انسان جي اندر ۾ لڪو ويٺو آهي.
نه نه ترسجو! هر ڪنهن انسان نه پر مون جهڙن انسانن
جي اندر ۾ حيوان ضرور آهي ئي آهي.
پر اهو حيوان يا جانور ڪڏهن ٻاهر به نڪري ايندو
هوندو؟ هائو! روز نڪرندو رهي ٿو. جيئن بک وقت.
دعوتن ۾ اڄڪلهه عام جام فيشن آهي ته جانورن وانگر
بوتلن ۾ مشروبات پيئجي ۽ بيٺڙ مال جي بَندُر وانگر
رکيل ميزن تي ٻوٽين پلاهه زردي ۽ قسمين قسمين
طعامن مٿان ڍورن وانگر ڇُڙي اچي ٽُٽُجي. هڪٻئي کي
ٺونٺيون هڻي پليٽ هٿ ڪري ان کي ٻوٽين سان ڏٽجي.
پوءِ به بَندُرَ يا ’بَفي ٽيبل‘ تان هرگز نه هٽجي،
متان ڪو ٻيو اتان کڻي کائي! ٻوٽيون پليٽن مان
ڪِريو پون ۽ پيرن هيٺ اچن جيئن مال گاهه کي
لووڙيندو آهي. اتي مون وارو جانور ٻاهر نڪرڻ لاءِ
تيار نه هوندو آهي، ليڪن ڏٻري هجڻ سبب سَتُ ساري
نه سگهندو آهي. ڪنهن مهرباني ڪري ڪا پليٽ ۽ ڪٿان
بچيل سچيل يا ٻئي جو هٿ ڪيل مال ڏنو ته واهه واهه،
نه ته گهر اچي ماني کائبي، پر کائبي ضرور. جانور
ڏٻرو سهي پر کاڌو کائيندو، نه ته مري ويندو ۽ هن
زندگيءَ کي به پاڻ سان کڻي ويندو، يعني اهو جانور
هن زندگيءَ سان لازم ملزوم آهي؟ هائو!
پر انهيءَ تي پوءِ بحث ڪنداسين.
اچو ته ”انسان“، ”جانور“ ۽ ”انسان جي سُڃاڻ“ بابت
هڪ چٽڪو ٻڌايانوَ، متان وسري وڃي!
”ڪنهن شهر جي چونڪ ۾ هڪ نانگو فقير ويٺو هوندو هو.
ڪنهن سان ڪو نه ڳالهائيندو هو. جانورن وانگر جيڪي
ملندو هوس سو بک ۾ کائي ويندو هو ۽ جانور وانگر
پنهنجي اوگهڙ کان بيخبر رهندو هو. هڪ دفعي هڪ شخص
کي ايندو ڏسي اُٿي کڙو ٿيو. ڀرپاسي مان ٻئي ڪنهن
کان ڪپڙو وٺي پاڻ کي ڍڪڻ لڳو ۽ چئي پيو: ’ماڻهو ٿو
اچي! ماڻهو ٿو اچي!‘“
سو اهي حال اهي احوال اسان جا، جيڪي انسان ٿا
سڏرايون، پر آهيون ڪو نه! ڪو ڪو انسان آهي، جنهن
يا ته انهيءَ لڪل حيوان کي مات ڪيو آهي، جيئن
لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو ته:
”مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيا نه مات
هوندا سي حيات....................................
يا انهيءَ حيوان سان سمجهوتو ڪيو اٿس جو حيوان کي
به راضي رکيو ٿو اچي ۽ جنهن جو متلاشي آهي، انهيءَ
طرف به وک وڌائيندو رهي ٿو.
ڳالهه وڃي ڳري ٿيندي. ڀانيان ٿو ته هاڻي ڪڪ ٿيا
هوندؤ! بور ٿيا هوندؤ! جي نه ٿيا آهيو ته انشاءَ
الله تعاليٰ ضرور ٿي ويندا، ڇو ته ٻئي کي بور ڪرڻ
ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. ڪي شاعر، جهڙو آءٌ به آهيان،
جيڪي هميشه ٻين کي بور ڪندا رهندا آهن ۽ بڪ بڪيا
ماڻهو پڻ انهيءَ فن جا ماهر هوندا آهن.
خير معاف ڪجو، اوهان جي بيزار ۽ پنهنجي ندامت کي
پاسيرو رکندي، جيڪڏهن اوهان کي زبردستي پنهنجا ٻه
ٽي ڪلام، حضرت انسان بابت چيل عرض رکان ته اوهان
ڇاٿا ڪري سگهو؟ يار ائين نه ڪجو! هينئر نه، ته
فرصت ۾ هي شعر پڙهجو ضرور!
اي پڙهڻ وارا! آءٌ اهڙو چريو نه آهيان جو اوهان کي
بور ڪري پوءِ پنهنجا شعر ٻڌائڻ شروع ڪريان. داد ته
داد جي ماڳ، مورڳو پنهنجي شاعريءَ کي ذليل ڪريان.
اوهان کي منهنجا شعر پڙهڻا آهن ته وڃي ”رچنائون“
پڙهو يا مختلف رسالن ۾ ڇپيل غزل ۽ نظم پڙهو. انهن
سڀني جي آمد جي باوجود آءٌ پاڻ کي سمجهي نه سگهيو
آهيان، پوءِ به سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
ڀانيان ٿو ته رڳو ڄٽ ۽ جاهل نه آهيان، پر چريو به
آهيان. چوندا آهن ته ”چريا ٿياسون، پر يار
پرکياسون.“ سو اسان چريا پاڻ ته ڪو نه ٿيا آهيون،
پر آهيون اصل کان چريا، تاهم ڪجهه نه ڪجهه خبر
پوءِ به پوي ٿي، جيڪا اوهان کي پيو ٻڌايان. سو فقط
ايتري خبر پوي ٿي، ته انساني فعل ڇا آهي ۽ انهيءَ
تي ڪاربند رهڻ لاءِ ”ڄاڻ“ ۽ ”وس“ درڪار آهي.
چوندا آهن ته ”اڻ ڄاڻائي ڪڏهن به ڪنهن کي ايترو نه
ستايو آهي، ليڪن غلط ڄاڻ ئي هميشه انسان جي ويري
ٿي رهي آهي.“ انهيءَ قول ۾ جيڪا صدا قت آهي، ان
کان وڌيڪ حقيقت ته لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ ملي ٿي:
”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُکَ ڏسن،
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.“
ته پوءِ جهڙوڪر نه فقط غلط ڄاڻ، پر ٿوري گهڻي يا
اڻپوري ڄاڻ به ڏُک ڏيو وجهي. پر ائين نه آهي.
لاکيڻي لعل جنهن ”ڀورائيءَ“ جي ڳالهه ڪئي آهي، سا
سندس ۽ سندس جهڙن اعليٰ انسان جي عجز ۽ انڪساريءَ
جي ڳالهه آهي. ٻيو ڪري جيڪڏهن سچ به خبر پوي هون،
ته ”انسان“ جيڪو پڻ ”حيوان“ سان گڏ اسان جي اندر ۾
موجود آهي، سو ڪيڏو نه عظيم آهي ۽ اسان جا افعال
ڪهڙا نه بڇڙا آهن، ته جيڪر اها سُرت هڪ سور ۽ اڳتي
هلي نامعلوم ناسور بڻجي وڃي.نه يار نه! مُسرت سُرت
ضروري آهي، ليڪن انسان لاءِ اشد ضروري آهي، سو پيا
ڳهون ۽ وهون يا مغز پيا ڏڌ ولوڙيون، ته جا سُرت
سور بڻيل آهي، سا سرور ڪڏهن ٿيندي؟ خالق حقيقيءَ
جو ديدار ڪڏهن ٿيندو؟ حجاب ڪڏهن هٽندو؟ حقيقت ڪڏهن
بي نقاب ٿيندي: ته آءٌ ڪير آهيان!
ڇا ٿا چئو؟ آءٌ چريو آهيان؟
چريا ته اوهان آهيو، جو چرئي کي پيا چريو چئو!
چوندا آهن ته ”چرئي کي چوربو آهي چئن گارين لاءِ.“
پر يارو! مان اهو چريو نه آهيان، جيڪو گاريون ڏئي.
مان اهو چريو آهيان جيڪو ڳالهيون ٻڌائي ڏئي. پر
آهيان پوءِ به چريو. توهان دل ۾ نه ڪجو. ”بات
تمهاري نهين، بات هي زماني ڪي.“ اڃا به ”بات هي،
مون پاري ڪي.“
ها، سو ڳالهه اها ٿي ڪيم ته خبر فقط ايتري پوي ٿي،
ته خبر نٿي پئي ته توهان ۽ مان ڪير آهيون. توهان
کي پنهنجي شموليت تي اعتراض آهي. خير مان پنهنجا
لفظ واپس ٿو وٺان، فقط ايترو ٿو چوان ته مون کي
خبر نه آهي، ته مان ڪير آهيان ۽ منهنجي لاءِ اها
وڏي ڳالهه آهي. مان جيڪڏهن انهيءَ علم تي اڪتفا
ڪري سگهان ته ڏاڍو سٺو. ليڪن مان ڄاڻڻ ٿو گهران،
ته حقيقت ڇا آهي؟
ڪڀي اي حقيقت منتظر، نظر آ لباسِ مجاز مين،
ڪه هزار سجدي تڙپ رهي هين ميري جبينِ نياز مين.
سواها خبر، اها سُرت، اهو سور ته خود پنهنجو پتو
نه اٿم. سڄي زندگي ڳوليندو هيس! پاڻ کي ڳوليندو
رهيس، پر لِهي نه سگهيس. پاڻ کي ڪنهن هڪ منزل،
ڪنهن هڪ مقام يا ڪنهن هڪ مرتبي تي ٽڪيل نه لڌم.
ڪڏهن ڪٿي، ته ڪڏهن ڪٿي. پوءِ به ظاهري روپ هڪڙو،
اصلي روپ ڪو ٻيو. هٿ هاج ۾ دل يار ڏي! پر يار
نامعلوم! اڻ ڏٺل. اڻ ڄاتل! نه منزل جو پتو ۽ نه
رستي جو ڏس. ويتر هي نر جانور جنهن ڏاڍو ڪيو اٿم.
ڪڏهن پنهنجي منهن، ڪڏهن ماڻهن جي منهن تي.ڳالهه
ڪيان؟
هڪ دفعي سرڪاري ڊيوٽيءَ سان گهوڙي تي چڙهي ڪنهن
ڳوٺ ۾ وڃي رهيو هوس. ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رستو
سوڙهو ۽ هڪ وڏي کڏ جي ڪناري سان هو. هڪ ڇني کان
لانگهائو ٿيس، جنهن جي لوڙهي رستي کي ويتر سوڙهو
ڪري ڇڏيو هو، ته منهنجي نظر اچانڪ هڪ سهڻي عورت جي
من موهڻي صورت تي وڃي پئي، جيڪا ڳاڙها لٽا ڪيو ڇني
کان نهاري رهي هئي. منهنجوخيال يا منهنجي اندر
وارو جانور جهٽ انهيءَ پرائيءَ عورت کي تڪڻ ۾ لڳي
ويو ۽ گهوڙو جيڪو شايد منهنجي اندر واري جانور کان
وڌيڪ سمجهدار هو، سو انهيءَ مصيبت کي اڳواٽ تاڙي
ويو ۽ پوئتي ڀرڪڻ لڳو. ايتري ۾ اها عورت وڌيڪ ظاهر
ٿي، مون کي چوڻ لڳي: ”صاحب! خيال ڪر، پويان سِر ٿو
وڃئي!!“
واقعي، ٿوري دير اڃا بيخبر رهان ها ته گهوڙو ۽ مان
وڃي کڏ ۾ پئون ها ۽ سِر نه وڃي ها ته چيلهه ضرور
چٻي ٿي پوي ها يا ٽنگ ڀڄي پوي ها يا ٻانهه! الله
جي پناهه!
پنهنجو اندر وارو هي جانور به ته پيارو آهي. منڊو
ٽنڊو ٿي پوندو، ته وڌيڪ ڏکي زندگي گذرندي، سو
انهيءَ کي مڙئي اهڙي سرڪشي يا هوڙهيائي کان
بچائجي.
ٻئي دفعي ساڳيءَ طرح سرڪاري ڊيوٽيءَ سان وڃي رهيو
هوس. هن دفعي موٽر سائيڪل هئم، جيڪا سرڪاري قرض تي
نئين ورتي هئم. رستو اڻانگو هو، سو آهستي آهستي
پئي ويس، ته نظر وڃي هڪ سهڻي ريڍار ڇوڪريءَ تي
پئي، جيڪا رڍون هڪ پاسي ڇڏي پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان
ويٺي پاروٿو ڀت ڪوپر جي وٽي ۾ وجهي رڍن جي کير سان
لوئيو. مون موٽر سائيڪل ويتر ڍري ڪري ڇڏي ۽ منهنجي
واڇ گودو ٿي وئي. ڇوڪريءَ پنهنجي سمجهه آهر مون کي
تاڙي ورتو، سو هٿ سان اشارو ڪيائين، ته اچي اسان
سان گڏجي هيءُ لويل ڀَت کاءُ.
مون به پنهنجي مردانگيءَ جو مظاهرو ڪندي، جهنگ ۾
اڪيليءَ ڇوڪريءَ ۽ سندس ننڍڙي ڀاءُ سان پَٽَ تي
پلٿي ماري ويهي کائڻ جي ڪئي. اڃا گرهه کڻي وات تي
آندم ته رڍن جي کير جي بوءِ ۽ راتوڪي پاروٿي ۽
پوتيءَ ۾ ويڙهيل ڀت جي بانس منهنجي نڪ کي ويڙهي
وئي، ۽ مون کي اندران اُٻڙڪ اچڻ لڳا. جيئن تيئن
ڪري اهو گرهه وات ۾ وڌم ته لڄ پت جي رهجي اچي، پر
منهنجي اندر جي ڪيفيت منهنجي منهن مان تاڙي، ڇوڪري
اچي جو کلڻ ۾ ڇٽڪي سو بس ئي نه ڪيائين. مان شڪي ٿي
اُٿي وڃي موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪئي ۽ پوئتي لوڻي
ڦيرڻ کانسواءِ سڌو ٿي هليو ويس. اهڙا ڪي ٻيا به
مثال زندگيءَ ۾ ٿي گذريا هوندا جو آءٌ خود پاڻ کان
شرمسار ٿيو هجان، ۽ پوءِ پنهنجي اها ڳالهه لڪائي
ڇڏيندو آهيان. جيڪڏهن ڪنهن سان اها ڳالهه ڪريان ته
هوند ماڻهو مون کي چيڙائن. سو پنهنجون ڪچيون ڪڏهن
سچيون ڪو نه ڪيان، ۽ ٻاهران معتبر ۽ پارسا ٿيو پيو
گهمان. انهيءَ کي دنياداري چئبو آهي. هاڻي جڏهن
اها دنياداري ۽ ڪوڙ ۽ فريب جي دڪانداري ڪري چريو
ٿي پيو آهيان، تڏهن پيو توهان سان سچيون ڪريان ته
من ڪڏهن توهان کي به دل سان لڳن يا ڪڏهن منهنجي
سوچ ۽ بيهوش سرت جو اوهان تي به ڪو اثر ٿئي، ”شايد
ڪه تيري دل مين اُتر جائي ميري بات“، ۽ توهان به
انهيءَ سوچ ۽ سرت (چوندي شرم ٿو اچي) جي سلسلي کي
اڳتي وٺي هلو.
بنيادي سوال هيءُ آهي ته ”انسان ڇا آهي؟“ انهيءَ
کان پوءِ سوال پيدا ٿيندو ته ”آءٌ ڪير آهيان؟“،
ڇاڪاڻ ته هر انسان اڪيلو آهي. سندس خالق اڪيلو
آهي. هر تخليق، هرجيو، هر گهڙي، هر زندگي اڪيلي ۽
جداگانه حيثيت رکي ٿي، تنهنڪري ”آءٌ“ يا ”مان“ هڪ
جداگانه، عليحده ۽ اڪيلو وجود آهيان. قرآن شريف ۾
مذڪور آهي ته ”قيامت جي ڏينهن انهن (انسانن) مان
هر هڪ وٽس (الله تبارڪ و تعاليٰ وٽ) هيڪلو ايندو.
]
ڏسو سورة مريم آيـة 95[
سو آءٌ آيس به اڪيلو، ويندس به اڪيلو ۽ پنهنجي
مالڪ اڳيان حاضر به اڪيلو ٿيندس.
ان کانپوءِ منطقي طور تي سوال پيدا ٿئي ٿو ته
”منهنجو خالق يا ٺاهيندڙ ڪير آهي؟“ جيڪڏهن مون کي
ٻئي نمبر سوال يعني ”آءٌ ڪير آهيان؟“ جو صحيح جواب
ملي ويو ته پوءِ ٽيون نمبر سوال ته ”منهنجو خالق
ڪير آهي؟“ پيدا ئي ڪو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ’من عرف
نفسـﮧ فقد عرف ربـﮧ‘ يا ’ جنهن پاڻ سڃاتو تنهن
پنهنجورب سڃاتو.‘
پر ڇاڪاڻ ته مان ٻئي نمبر سوال جو جواب نه ٿو
ڄاڻان يعني نٿو ڄاڻان، ته آءٌ ڪير آهيان، تنهنڪري
پنهنجي رب کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندس ته جيئن ان مان
معلوم ڪريان ته ”هن مون کي ڪيئن ٺاهيو هوندو؟“
قرآن شريف ۾ ذڪر آيو آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ
ملائڪن کي چيو ته آءُ زمين تي پنهنجو خليفو پيو
موڪليان يعني انسان کي پيدا ڪري ان کي زمين تي
پنهنجو خليفو ڪري پيو موڪليان ته ملائڪن چيو ته ڇا
اهڙو پيو موڪلين، جيڪو زمين تي وڃي فساد ڪندو ۽ رت
وهائيندو! تنهنجي ساراهه ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ لاءِ
اسين ملائڪ ئي ڪافي آهيون، ته الله تبارڪ و تعاليٰ
فرمايو ته:
”مان جيڪي ڄاڻان ٿو، سو اوهين نٿا ڄاڻو.“
سو هاڻي جيڪي ملائڪن کي معلوم نه هو ۽ صرف الله
تبارڪ و تعاليٰ جي علم ۾ آهي، سو آءٌ چريو پيو
معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان! ڪيئن! آهيان نه اصلي
چريو؟ پر اڳتي ٻڌو ته الله تبارڪ و تعاليٰ ملائڪن
تي انسان جي عظمت عيان ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو؟ حضرت آدم
عليه السلام کي سڀني شين جا نالا سيکاريائين.
نوٽ ڪريو ته الله تبارڪ و تعاليٰ انسان جو استاد
ٿيو. ۽ پوءِ ملائڪن کان مختلف شين جا نالا پڇڻ
لڳو. جواب ۾ ملائڪن چيو ته اسان کي ته فقط ايترو
علم آهي جيڪو تو رب پاڪ اسان کي سيکاريو آهي، يعني
اسان کي مختلف شين جا نالا معلوم نه آهن. ٻين لفظن
۾ ائين چئجي ته شين ۾ فرق ڪرڻ جو علم پهريائين
اِنسانَ کي ڏنو ويو ۽ جڏهن حضرت آدم عليـﮧ السلام
کان انهن مختلف شين جا نالا پڇيا ويا ته هو ٺيڪ
ٺيڪ ٻڌائي ويو. انهيءَ مان ثابت ٿيو ته انسان جي
فضيلت يا ٻي مخلوقات تي فوقيت يا مٿاهين حيثيت صرف
علم جي ڪري آهي. علم انسان جي عظمت جو سبب بڻيو پر
علم اچي ڪٿان؟
ذهن چوي ٿو: چريا! او چريا. علم ڪتابن مان ۽ عالمن
جي صحبت ۽ مجلس مان حاصل ٿيندو آهي.
آءٌ چوانس ٿو ”خبر آهي، خبر آهي. پڙهيا اٿم ڪتاب.
گوڏا ڀڃي ويٺو آهيان، عالمن جي اڳيان. پر سڀئي
ڪتاب ۽ مڙئي عالم مون ڄٽ وانگر نٿا ڄاڻن ته انسان
ڇا آهي. يعنيٰ اهي سڀئي قوتون ۽ جبلتون يا
صلاحيتون جيڪي الله تبارڪ و تعاليٰ انسان جي اندر
۾ رکيون آهن انهن جو ادراڪ يا ڄاڻ نٿا رکن. ڪو به
ڪتاب يا عالم اهو نٿو ٻڌائي ته ”خواب ڇا آهي؟“،
”روح ڇا آهي؟“. خواب ۽ روح جي درميان جيڪي به
حقيقتون، احساسات ۽ ڪيفيتون گذرن ٿيون سي سڀ پرده
غيب ۾ پنهان آهن. ڪو به ڪڍي ٻاهر نٿو ڪري سگهي.
جڏهن پهرئين سوال جو جواب نٿو ملي ته ٻيو سوال
يعني ”آءٌ ڪير آهيان؟“ ٺڙڪ ڪريو ذهن تي اچيو ظاهر
ٿئي ۽ آءٌ سوچڻ لڳان ٿو ته ”سچ به آءٌ ڪير آهيان؟“
ٽيونجاهه سال پاڻ سان گڏ گذاريا اٿم، پر پاڻ کي
سڃاڻي ئي نه سگهيو آهيان. جواب نه ملڻ تي اڳتي سوچ
کي وڌائي نٿو سگهان ۽ فروعي سوال کڻي پاسن کان
نڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، مثلاً ”ذهن ڇا آهي؟“ ڇاڪاڻ
ته سوچ تي حاوي ذهن آهي. جيڪڏهن ذهن نه هجي ته سوچ
به نه هجي. جيڪڏهن سوچ نه هجي ته روح به نه هجي ۽
جيڪڏهن روح نه هجي ته زندگي ئي نه هجي ۽ جيڪڏهن
زندگي نه هجي ته انسان به نه هجي.
”ذهن“ جو آءٌ هروڀرو نالو کڻي ويس. سچ پڇو ته مون
کي اهو به معلوم نه آهي ته ”ذهن ڇا آهي؟“
ڏاڏي آدم کان اسان کي جيڪي نالا ورثي ۾ مليا آهن،
اسان انهن تي پيا اکيون پوريون هلون. نه فرق معلوم
ڪريون ٿا، نه حقيقت معلوم اٿئون. ذهن، خواب، روح،
احساس، ضمير، دل، عشق، حسن، غيرت، عزت ۽ عظمت سڀ
نالا پيا کڻون ۽ پاڻ ڏانهن منسوب ڪريون، پر نه
انهن جو فرق ڄاڻون ٿا ۽ نه معنيٰ جي خبر اٿئون.
يار معاف ڪجو. آءٌ وري به اوهان سڀني انسانن لاءِ
پيو فتويٰ جاري ڪريان. اِها منهنجي ڀُلَ آهي، مان
فقط پنهنجي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. مون اِنسانَ جي
ڳالهه، جنهن هزارين خواب ڏٺا آهن. خيالي نه پر سچا
پچا ۽ انهن مان اڪثر سچائي ثابت ٿيا آهن، اڪثر سبق
آموز رهيا آهن؛ ليڪن مون کي خبر نه آهي ته اهي
خواب مون ڪيئن لڌا؟
مثال طور، هڪ دفعي خواب ڏسي رهيو هوس ته سينيما جي
ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ دريءَ وٽ بيٺو آهيان. هڪ ٻيو
ماڻهو هڪ برقعي پاتل عورت سان گڏ منهنجي ڀرسان
بيٺو آهي. مون ٽي ٽڪيٽون گهريون، جنهن تي ڀر ۾
بيٺل ماڻهوءَ مون کان پڇيو ته تون اڪيلو آهين پوءِ
ٽي ٽڪيٽون ڇو ٿو خريد ڪرين؟ مون چيس ته تنهنجي ۽
توسان گڏ بيٺل هن عورت جي لاءِ به مان ٿو ٽڪيٽون
وٺان، تنهن تي هن ماڻهو انهيءَ عورت جي مٿان برقعو
کڻي مٿي ڪيو ته ڏٺم ته ڪاٺ جو هڪ صليب ٺهيل آهي،
جنهن تي برقعو اهڙيءَ طرح پيل هو، جيئن دڪانن تي
شوڪيسن ۾ پيل هوندو آهي! حيرت مان منهنجي اک کلي
وئي. فجر جي بانگ اچي رهي هئي، اُٿي نماز پڙهيم ۽
دل کي راحت نصيب ٿي. انهيءَ خواب جو پس منظر هيئن
هو ته مون هڪ عهدي لاءِ انٽرويو ڏنو هو ۽ منهنجي
کڄڻ جا قوي امڪان هئا. لياقتون به سڀ موزون هئم.
زندگي ۾ پهريون دفعو سفارش به ڪرائي هئم ۽ نمازن ۽
دعائن تي به دل سان ڪاربند هئس، پر انهيءَ ڏينهن
نتيجي جي خبر پئي، مون کي ڪو نه کنيو ويو. جڏهن
سمهڻيءَ جي نماز ۾ فرض پڙهي رهيو هوس ته قرآت ڪندي
رئڻ ۾ اچي ڇٽڪيس. الله سائين کي دل دانهن ڏئي رهي
هئي ته توکي ٻاڏائڻ مان به ڪجهه نه وريو، رات جو
سُتس ته اهو خواب ڏٺم. سال سوا گذرڻ بعد اهو کاتو
ئي بند ٿي ويو، جنهن جو مون آفيسر ٿيڻ ٿي چاهيو!
جيڪڏهن سچ به چونڊجي وڃان ها ته رهندو اها نوڪري
به هٿئون وڃيم ها جيڪا ان وقت هئم، يعني ”رَنَ ته
وڃي ها، پر رِلي به کڻي وڃي ها!“
اهڙي هڪڙي چٽي ۽ سبق آموز حقيقت منهنجي اکين خواب
۾ ڏٺي، پر منهنجو ذهن اڄ ٽيهن سالن گذري وڃڻ بعد
به اهو معلوم ڪري نه سگهيو آهي ته انهيءَ خواب جي
ترڪيب، ترتيب ۽ اشاري جي محرڪ ڪير هو؟ يقيناً
”ڄاڻ“ يعني ”ذهن“ ته نه هو. ته پوءِ ڪير هو؟
(هلندڙ)
عالمي ادب
(سولزهينتسن جو نوبيل – ليڪچر)
اظهار جي آزادي ولي رام ولڀ
]نوٽ:
اليگزينڊر آئزي وچ سولز هينتسن
(Alexander Isayevich Solzhenitsyn)
11- سيپٽمبر 1918ع تي پنهنجي پيءُ جي مرڻ کانپوءِ
ڪِسلوفوڊسڪ ۾ ڄائو. ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ ماڻس کيس
پاڻ سان گڏ روزگار خاطر روستوف - آن - ڊان وٺي
ويئي، جتي هوءَ ٽائيپ ڪري پيٽ گذر ڪندي هئي.
سولزهينتسن پرائمري تعليم اتي ئي حاصل ڪئي ۽
روستوف يونيورسٽيءَ مان رياضيءَ ۾ گرئجوئيشن سان
گڏ 1941ع ۾ ادب ۽ تاريخ جو ڪورس به پورو ڪيو. هڪ
ورهيه اڳ پنهنجي هم - ڪلاسڻ نتاليا ريشيتو
وَسڪايا سان شادي ڪيائين ۽ روستوف هاءِ اسڪول ۾
رياضي پڙهائڻ لڳو.
روس - جرمن لڙائي ڇڙڻ تي، 18-آڪٽوبر 1941ع تي فوج
۾ ڀرتي ٿيو ۽ اتي لاڳيتو توبچي ۽آرٽيلري آفيسر سان
محاذ تي رهيو ۽ سٺي ڪارڪردگيءَ جي ڪري ڪئپٽن جي
عهدي تي رسيو. فيبروري 1945ع ۾، هڪ اسڪول جي زماني
واري دوست جي خط ۾ اسٽالن تي نقط چيني ڪرڻ جي
الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ اٺن ورهين لاءِ مختلف
ليبر ڪئمپن ۾، پهريائين عام ڪئمپن ۾ عام ڏوهارين
سان آرڪٽڪ ۾، ۽ پوءِ سائيبريا جي خاص ڪئمپن ۾،
ڊگهي سزا ڪاٽيندڙ قيدين سان گڏ رکيو ويو. سندس ٻه
ناول
One Day in the life of Ivan Denisovich
۽
The first Circle
ليبر ڪئمپن ۾ گذاريل زندگيءَ جا يادگار آهن.
1950ع جي وچ ڌاري کيس ڪينسر ٿي پيو ۽ تاشقند جي
ڪينسر اسپتال ۾ داخل ٿيو، جتان 1954ع ۾ صحتيات ٿيو
۽
Cancer Ward
ناول لکيائين. روس واپس اچڻ کان اڳ، کيس ٽي ورهيه
جلاوطن ٿي رهڻو پيو، جتي سندس زال کي ساڻس گڏ رهڻ
جي اجازت هئي.
1960ع ۾
Novi Mir
(نئين دنيا) ادبي مخزن جي ايڊيٽر ۽ شاعر تواردو
وَسڪي کي پنهنجو ناول
One Day….
ڇپجڻ لاءِ ڏنائين، جنهن خروشچيف جي آخري فيصلي ۽
منظوريءَ کان پوءِ نومبر 1962ع ۾ ڇپيو، جيڪو هڪدم
کپي ويو. سندس ٻيون ڪهاڻيون به انهيءَ مخزن ۾
ڇپيون.
1968ع ۾ سولز هينتسن روس جي
Literary Gazette
جي حملي جو نشانو بڻيو، جنهن الزام هنيو ته 1967ع
کان سولز هينتسن جي زندگيءَ جو مقصد روسي ادب جي
بنيادي اصولن جي مخالفت ڪرڻ رهيو آهي ۽ هو روس جي
نظرياتي مخالفن جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي. 1970ع ۾
Soviet Writers Union
مان کيس خارج ڪيو ويو. انهيءَ سال ’نوبل ڪميٽي
اسٽاڪ هوم (سويڊن)‘ کيس ادب جو نوبل انعام ڏيڻ جو
اعلان ڪيو، پر هو انعام وصول ڪرڻ لاءِ اتي وڃي نه
سگهيو جو کيس ڊپ هو ته متان روس سرڪار کيس واپس
اچڻ کان روڪي ڇڏي. 1974ع ۾ يورپ ۾ سندس ڪتاب
The Gulag Archipelago ڇپجڻ کان پوءِ کيس گرفتار ڪري ڏيهه – نيڪالي ڏني ويئي ۽
ساڳئي سال ڊسمبر 1974ع ۾ نوبل ميڊل ۽ انعام جي رقم
اسي هزار ڊالر اسٽاڪ هوم ۾ وصول ڪيائين.
مٿين ڪتابن کانسواءِ
The Love - Girl and Stories and Innovent
(ناٽڪ) ۽
Stories and Prose Poems
ڇپيل آهن.[
جهڙيءَ ريت ڪنهن کِرڇ ماڻهوءَ کي ريتيءَ ۾ دٻيل ڪا
سامونڊي شيءِ يا آسمان مان ڪريل ڪا مبهم شيءِ هٿ
اچي وڃي. اهڙيءَ جيڪا ورن وڪڙن واري مُڙيل هجي،
ڪڏهن جَهڪي نموني چمڪي ۽ ڪڏهن روشنيءَ جي چمڪندڙ
تروري ۾ جرڪي - ۽ هو اهو ڏسڻ لاءِ گهمائيندو
ڦيرائيندو هجي ته انهيءَ جو ڪهڙو استعمال ٿي سگهي
ٿو؛ اها ڪيئن ڪهڙي معمولي ڪم ۾ آڻي سگهجي ٿي ۽
انهيءَ ڳالهه ڏانهن سندس ڏيان ئي نه وڃي ته انهيءَ
جو غير معمولي استعمال به ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ ريت
اسين به فن کي هٿ ۾ کڻي، ان کي ڏاڍي خوداعتماديءَ
سان پنهنجي ملڪيت سمجهندا آهيون، تيزيءَ سان
انهيءَ جو مقصد متعين ڪري وٺندا آهيون. نئين سر
انهيءَ جي تعمير ۽ تشڪيل ڪندا آهيون، انهيءَ جا
منشور ٺاهيندا آهيون، انهيءَ کي روڪ رقم ۾ وڪرو
ڪندا آهيون؛ انهيءَ سان سگهارن ماڻهن جي چاپلوسي
ڪري کين خوش ڪندا آهيون؛ ڪڏهن انهيءَ کي ناچ گانن
۽ ڪلبن ۾ تفريحي مقصدن لاءِ کڻي ويندا آهيون ۽
ڪڏهن پيسن تي يا ڏنڊي سان، انهن مان جيڪو به مقصد
هجي، غير مستقل سياسي يا محدود سماجي ضرورتن کي
پورو ڪندا آهيون. پر فن اسان جي انهن حرڪتن ڪري
ناپاڪ نٿو ٿئي. انهيءَ ڪري جو اهو پنهنجي اصلي
فطرت کان سڱ نٿو ڇني، پر هر ڀيري هر استعمال سان
پنهنجي پراسرار اندروني روشنيءَ جو ڪجهه حصو اسان
جي جهوليءَ ۾ وجهي ٿو.
پر ڇا اسين انهيءَ جي سموري روشنيءَ جو اندازو ڪري
سگهون ٿا؟ ڪير ٿو چئي سگهي ته هُن فن کي کولي
سمجهايو آهي ۽ انهيءَ جي سڀني رخن جو ذڪر ڪيو آهي؟
شايد قديم زماني ۾ ڪنهن انهن جي سمجهاڻي ڏني هئي ۽
اسان کي انهن جو ڏس ڏنو هو، پر اسين مطمئن نه
ٿياسين. اسان اهو ٻڌوسين ۽ هڪدم رد ڪري ڇڏيوسين.
اسين هميشـﮧ انهيءَ تڪڙ ۾ رهياسين ته انهن مان
بهترين جي جاءِ تي به ڪا نئين شيءِ کڻي اچون ۽
هاڻي جيڪڏهن اسان کي وري پراڻو سچ ٻڌايو ٿو وڃي ته
اسان کي اهو به ياد نٿو اچي ته اهو ڪڏهن اسان وٽ
هو.
هڪ فنڪار اهو هوندو آهي جو پاڻ کي پنهنجي آزاد
روحاني دنيا جو خالق تصور ڪندو آهي ۽ پنهنجي ان
دنيا ۽ ان جي رهواسين جي تخليق جو بار پنهنجي ڪلهن
تي کڻندو آهي ۽ ان جي سموري ذميواري قبول ڪندو
آهي. پر نيٺ ڊهي پوندو آهي، ڇاڪاڻ جو فاني اختراعي
ذهن ايڏو بار سهي ئي نٿو سگهي. جهڙيءَ ريت انسان
اهو اعلان ڪرڻ کان پوءِ ته هو عالمِ وجود جو مرڪز
آهي ۽ ڪنهن مستحڪم روحاني نظام جي تخليق نٿو ڪري
سگهي، تهڙيءَ ريت جڏهن ناڪامي مٿس حملو ڪندي آهي
ته هو دنيا جي ازلي بي آهنگي، ڇڙوڇڙ ۽ منجهيل جديد
روح يا عوام جي ناسمجهي کي الزام ڏيندو آهي.
ٻئي قسم جو فنڪار پاڻ کان ڪنهن مٿڀري قوت کي تسليم
ڪندو آهي ۽ خدا جي جنت کان هيٺ هڪ نؤ مشق وانگر
رضا ۽ رغبت سان ڪم ڪندو آهي، جيتوڻيڪ سندس
ذميواريون پنهنجي تحريڪ ۽ پيشڪش جي لاءِ به ۽ انهن
ماڻهن لاءِ به، جيڪي انهيءَ جي سمجهاڻي ڏيندا آهن،
ڀيٽ ۾ وڌيڪ هونديون آهن. ٻئي طرف هو دنيا جو خالق
ناهي. انهيءَ جو جوڙجڪ ۽ انتظام سندس هٿ ۾ ناهي.
اها هڪ اهڙي دنيا آهي، جنهن جي باري ۾ کيس ڪڏهن به
ڪو شڪ ناهي. انهيءَ فنڪار جو ڪم اهو آهي ته هو ٻين
جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڌيان سان دنيا جي آهنگ جو، انهيءَ
جي حسن جو ۽ حسن تي انهيءَ تشدد جو، جيڪو انسان
روا رکيو آهي، ادراڪ ڪري ۽ پنهنجي اظهار جي نشتر
سان گڏ، ماڻهن کي آگاهه ڪري. ايتريقدر جو شڪست يا
ڪِريل اونهائين جهڙوڪ غريبي، قيد ۽ بند يا
بيماريءَ جي صورت ۾ هڪ مستحڪم آهنگ جو شعور سندس
ذهن کان پري نه ٿئي.
فن جو سمورو غير شعوري عنصر، ان جو اوچتو نظرن کان
گم ٿي وڃڻ، ان جا غير متوقع انڪشاف، ماڻهن تي ان
جا گهرا تاثر-اهي سڀ شيون ايڏو جادو ئي آهن، جو
دنيا جي باري ۾ فنڪار جو تصور، سندس دائرهء ڪار يا
سندس نااهل هٿن جي عمل کان انهن جو خاتمونٿو ٿي
سگهي.
آثار قديمه جي ماهرن اڃا تائين ڪنهن اهڙي دور کي
ڳوليو ناهي، جنهن ۾ انسان فن کان وانجهيل رهيو
هجي. تهذيب جي زماني کان به اڳ ۾، اسان کي اهو
تحفو انهن غيبي هٿن کان مليو، جن کي اسان ڏسڻ جو
فهم نٿي رکيو، ۽ اسان هڪدم اهو به پڇي نه سگهياسين
ته اهو تحفو ڪنهن جي لاءِ آهي؟ ۽ اسان انهيءَ کان
ڪهڙو ڪم وٺون؟
اهي سڀ ماڻهو، جيڪي اها اڳڪٿي ڪن ٿا ته فن وکري
ويندو، انهيءَ جون هيئتون بي معنيٰ ٿي وينديون ۽
اِهو ته اِهو مري ويندو، غلطيءَ تي آهن ۽ غلطيءَ
تي رهندا. اسان ختم ٿي وينداسين پر فن زندهه
رهندو. ڇا اسان فنا ٿيڻ کان اڳ، انهيءَ جي سڀني
پهلوئن ۽ انهيءَ جي مقصدن کي سمجهي سگهنداسين؟
هر شيءِ جو ڪو نالو هجڻ ضروري ناهي. ڪي شيون اسان
کي لفظن کان به اڳڀرو وٺي وڃن ٿيون. فن سرد ۽ اداس
دل کي گرمائي، کيس اعليٰ روحاني تجزيي لاءِ ڪشادو
ڪري ٿو. فن وسيلي اسان کي ڪڏهن ڌنڌلي طرح، مختصر
طور تي، اها پروڙ پوي ٿي، جنهن تائين عقل به نٿو
پهچي؛ پريَن جي ڪهاڻيءَ ۾ ان ننڍڙي آئيني وانگر،
جنهن ۾ ڏسندؤ کڻي ته اوهان پاڻ کي نه ڏسندؤ بلڪه
هڪ پل لاءِ فهم کان ڏور، ان علائقي کي ڏسندؤ، جنهن
تائين ڪو شخص سواري وسيلي يا اڏامي نه پهچي سگهي ۽
جنهن لاءِ روح بي چين ٿي ويندو آهي.
(2)
هڪ ڏينهن دوستو وَسڪي هڪ معنيٰ ڀريل جملو چيو هو:
”سونهن سنسار کي بچائيندي.“ هن جملي جي ڇا معنيٰ
آهي؟هڪ عرصي تائين، مان انهيءَ کي فقط هڪ جملو ئي
سمجهندو رهيس. اهو ڪيئن ٿي ممڪن ٿي سگهيو؟ اسان جي
رت جي اڃايل تاريخ ۾، سونهن ڪڏهن ۽ ڪنهن کي بچايو؟
مانائتو ڪيو؟ مانائتو ڪيو مٿڀرو کنيو، بيشڪ-پر هن
بچايو ڪنهن کي؟
بهرحال سونهن جي مڻيا ۾ هڪ خصوصيت ۽ فن ۾ هڪ خاص
صفت ٿيندي آهي، جن ۾ اهڙو اثر هوندو آهي جو مُنڪر
دل کي به پنهنجو ڪريو وٺن. جيتري قدر ظاهري طرح
ڪنهن سياسي تقرير يا اخباري تبصري جو تعلق آهي ته
سماجي رٿابندي يا فيلسوفاڻي نظام جو بنياد سولائي
۽ موزونيت سان ڪوڙ يا غلطيءَ تي رکي سگهجي ٿو ۽
جنهن شيءِ کي لڪايو يا مسخ ڪيو ويندو آهي، اهي
بروقت پڌري نه ٿيندي آهي پر وري انهيءَ جي خلاف
ترديدي تقرير، تبصرو، رٿابندي يا مختلف طور تي،
تيار ٿيل فلسفو- ۽ وري هر شيءِ نئين، سڌي ۽
پُروقار معلوم ٿيڻ لڳندي آهي، وري توازن قائم ٿي
ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهي ڳالهيون وسهڻ ۽
اڻ وسهڻ جوڳيون هونديون آهن.
دل جنهن ڳالهه جي شاهدي نه ڏئي، انهيءَ جي دعويٰ ۽
دعويٰ جي ڇڪتاڻ اجائي آهي.
فنپاري جي سچائيءَ جي پرک خود انهيءَ جي ذات ۾
موجود هوندي آهي. جُڙتو ۽ پراڻا گسيل تصور، جيڪي
مثالن جي صورت ۾ پورا اچڻ جي معيار تي نٿا لهن،
اهي ٽڪر ٽڪر ٿي ويندا آهن، بيمار ۽ پيلا پئجي
ويندا آهن. انهن کي ڪو به نه قبوليندو. اهي
فنپارا، جيڪي سچاين مان ورتا ويندا آهن ۽ زنده ۽
سگهاري صورت ۾ پيش ڪيا ويندا آهن، اسان کي پنهنجي
وس ڪيو ڇڏين. اُهي اسان کي مجبور ڪيو وجهن ته اسان
منجهن دلچسپي وٺون ۽ اهڙو ڪو به شخص عرصي کان پوءِ
به نه اٿندو، جو انهن کي رد ڪري سگهي.
شايد سچائي، نيڪي ۽ سونهن جو اهو پراڻو ٽڪنڊو رڳو
ٺهيل ٺڪيل اڻچٽو فارمولو ناهي جنهن کي اسان پنهنجي
هٺيلي ۽ مادي پرست جوانيءَ ۾ سمجهندا هئاسين.
جيڪڏهن انهن ٽنهي وڻن جون چوٽيون پاڻ ۾ گڏجي وڃن
ٿيون، جيئن عالمن جي دعويٰ آهي، ۽ جيڪڏهن سچائي ۽
نيڪيءَ جون وڌيڪ چٽيون ۽ وڌيڪ سڌيون ٽاريون ڇانگي
ڇڏيون ويون آهن، ڪپيون ويون آهن يا کين وڌڻ نه ڏنو
ويو آهي ته به سونهن جون عجيب، اڻ چٽيون ۽ متوقع
ٽاريون پنهنجو ڪم ڪنديون رهنديون ۽ انهيءَ حد
تائين اوچيون ٿينديون وينديون ۽ ائين ٽنهي جي ڪمن
جو پورائو ڪنديون رهنديون.
(3)
هن پليٽفارم تائين پهچڻ لاءِ، جتان هي نوبيل ليڪچر
ڏنو پيو وڃي. اهو پليٽفارم جيڪو ڪنهن طرح هر ليکڪ
کي پيش نٿو ڪيو وڃي ۽ زندگيءَ ۾ جنهن جي پيشڪش فقط
هڪ ڀيرو ٿيندي آهي، مون کي ٽي يا چار غير مستقل
ڏاڪڻيون نه، بلڪ سرد ۽ اونداهي هنڌ کان سوين يا
هزارين مستقل لاهيون، برف سان ڍڪيل ڏاڪڻيون
چڙهڻيون پيون آهن، جتي مان جيئرو رهيس، پر ٻيا مون
کان وڌيڪ ذهين ۽ وڌيڪ سگهارا ختم ٿي ويا. مان پاڻ
منجهانئن ڪِن سان ”گلاگ“ ۾ مليس، جيڪو مختلف وکريل
ٻيٽن جو ميڙ آهي. دراصل چؤڪسي ۽ شڪ جي چڪيءَ هيٺان
مون ڪنهن شخص سان به نه ڳالهايو. ڪِن جي باري ۾،
مون رڳو ڳالهيون ٻڌيون ۽ ڪن جي باري ۾ رڳو اندازا
لڳايم. جن جو نالو ادب ۾ اڳيئي موجود هو،اُهي انهن
اٿاهه کاهين ۾ گم ٿي ويا. اُهي ڏاڍو گهٽ سڃاتا وڃن
ٿا، پر انهن مان ڪيترا اهڙا هئا جي گمنام هئا، جن
جو نالو ماڻهن اڳيان هڪ ڀيرو به نه آيو. ۽ ائين
گهڻو ڪري تمام ورلي ڪو شخص به واپس آيو. اُتي
سمورو قومي ادب بي ڪفن دفن ٿيل آهي، جنهن جي جسم
تي ڪپڙو به ناهي. اهو بلڪل اگهاڙو آهي. رڳو هڪ
نمبر آهي جو پير جي آڱونٺي تي لڳايو ويو آهي. روسي
ادب هڪ کن لاءِ به ختم نه ٿيو، پر ٻاهر کان ويران
علائقو ٿو لڳي. جتي هڪ خوبصورت ٻيلو اُڀري سگهيو
ٿي، اُتي ڪٽائي کان پوءِ ٻه ٽي وڻ وڃي بچيا، جن تي
اتفاق سان نگاهه ئي نه پيئي.
۽ اڄ جڏهن مان ڪريملن جي پاڇن سان گڏ بيٺو آهيان ۽
ڪنڌ جهڪائي انهن ماڻهن کي هن پليٽفارم ڏانهن ويندي
ڏسڻ چاهيان ٿو، جيڪي مون کان گهڻو اڳ انهيءَ جي
اهل هئا، انهن جيڪي ڪجهه چوڻ چاهيو هوندو، مان اڄ
انهيءَ جو ڪيئن ٿو اندازو ڪري سگهان ۽ ڪيئن ٿو
اظهار ڪري سگهان؟
اهو اسان تي فرض ٿي چڪو آهي ۽ اسان سمجهي ورتو.
ولاد مير سولو فيف جي لفظن ۾:
”زنجيرن ۾ جڪڙيل هئڻ جي باوجود، اسان کي اهو دائرو
پورو ڪرڻو آهي - دائرو جيڪو ديوتائن طرفان اسان جو
مقدر آهي.“
قيد جي ڏکوئيندڙ گهڙين ۾، رات جي وقت قيدين جي
قطارن ۾، انهن سرد اونداهين ۾، جن ۾ لالٽينن جون
قطارون ٽمٽمائينديون هيون، اسان جي نڙين ۾ ڪڏهن
ڪڏهن اهڙيون ڳاليهون اُڀرنديون هيون، جيڪي اسان
رڙيون ڪري ٻڌائڻ چاهيندا هئاسين. ڪاش، دنيا اسان
مان ڪنهن کي ٻُڌي سگهي ها! ان وقت اها ڳالهه پڌري
هئي ته اسان جو خوشنصيب پيغام ڏيندڙ ڇا چوندو ۽
ڪيئن سموري دنيا هڪدم پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي.
جسماني توڙي روحاني طور تي اسان جي سوچ ڀرپور هئي
۽ جيڪا دنيا اسان جي چٽي مشاهدي ۾ هئي، ان ۾ انهن
جي مقابلي جي ڪاشيءِ نه هئي. اهي خيال ڪتابن مان
نه ورتا ويا هئا، انهيءَڪري اڌارا ورتل نه هئا، جو
انهن سان هم آهنگي ۽ مطابقت پيدا ڪئي وڃي. انهن کي
جيل جي ڪوٺڙين ۽ جهنگن ۾ ٻاريل مچن جي چوڌاري،
ساڻن گفتگو جي وقت، جيڪي هاڻي هن دنيا ۾
ناهن،ايذاءَ ڏنا ويا. انهيءَ زندگي کين پڪو ڪيو ۽
اُتان سندن وجود جو امڪان پيدا ٿيو.
جڏهن ٻاهريون دٻاءُ گهٽ ٿيو ته منهنجو ۽ اسان سڀني
جو نقطئه نظر وسيع ٿي ويو ۽ آهستي آهستي، جيتوڻيڪ
فقط هڪ ننڍڙي چير وسيلي، اسان کي ٻاهر جي ’سموري
دنيا‘ نظر آئي ۽ اسان لاءِ تعجب جي ڳالهه اها هئي
ته ’سموري دنيا‘ اها نه نڪتي، جنهن جي اسان کي
اميد هئي. اها هڪ اهڙي دنيا هئي، جا غلط راهه
ڏانهن وٺي ٿي ويئي ۽ ڪنهن غليظ هنڌ کي ڏسي نعرو
هڻي: ”آها! ڪيتري وڻندڙ ماٿري آهي، يا قيدين جي
زنجيرن کي ڏسي چوي: ’واهه. ڪهڙو نه سٺو ڳانو
(گلوبند) آهي.“ هڪ اهڙي دنيا، جنهن ۾ ڪن ڳلن تي
لڙڪ هوندا آهن، ٻيا لاپرواهي جي ساز جي ڌن تي ناچ
ڪندا آهن.
اهو ڪيئن ٿيو؟ اهڙي کاهيءَ جو منهن ڪيئن کليو؟
اسين بي حس هئاسين يا دنيا؟ يا اهو زبان جي فرق جو
نتيجو هو؟ ائين ڇو آهي جو ماڻهو هڪٻئي جي صاف ۽
چِٽي گفتگو نٿا سمجهي سگهن؟ لفظ مري وڃن ٿا،
پاڻيءَ وانگي وهي وڃن ٿا ۽ پنهنجي پويان ڪو ذائقو،
ڪو رنگ، ڪامهڪ نٿا ڇڏي وڃن - انهن جو نشان به نٿو
هجي.
جيتري قدر مان سمجهان ٿو، منهنجي لاءِ جيڪا گفتگو
ممڪن آهي - منهنجي هتي جي اڄ واري گفتگو - انهيءَ
جو لهجو، معنيٰ، بناوت، سڀ وقت سان بدلجي چڪا آهن.
اها گفتگو هاڻي انهيءَ گفتگو سان تمام گهٽ ملي ٿي،
جا مون قيد ۾ بند سرد راتين ۾ سوچي هئي.
(4)
ازل کان ماڻهوءَ جي اها فطرت رهي آهي ته دنيا جي
باري ۾ سندس تصور (بشرطيڪ اهو هيپناسس وسيلي پيدا
نه ڪيو ويو آهي)، سندس محرڪ، سندس قدرن جو ماپو،
سندس اعمال ۽ ارادا، اهي سڀ زندگيءَ جي باري ۾
سندس ذاتي ۽ اجتماعي تجربن سان متعين ٿيندا رهندا
آهن. روسي چوڻي آهي: ’پنهنجي ڀاءُ تي ڀروسو نه ڪر،
پنهنجي خراب اک تي ڀروسو ڪر‘، پنهنجي ماحول ۽
انهيءَ ماحول ۾ پنهنجي ورتاءُ کي سمجهڻ لاءِ اهو
ئي سڀ کان موزون بنياد آهي. انهن ڊگهن دؤرن ۾،
جڏهن اسان جي دنيا اڻڄاڻ ۽ حيرت جي حد تائين ٽڪرن
۾ ورهايل هئي ۽ اڃا هڪ گڏيل آمدرفت جي نظام سندس
مٿاڇري تي پَرَ نه ڦهلايا هئا، جنهن جي ڪري اها هڪ
واحد ۽ شديد حرڪت سان ڌڙڪندڙ ڇِپ بڻجي ويئي، ماڻهو
مقامي طور تي ۽ پوءِ پنهنجي برادري، پنهنجي سماج ۽
پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي قومي حدن ۾ پنهنجي عملي تجربن
مان سڌي طرح رهنمائي حاصل ڪندو هو. انهيءَ وقت
ڪنهن فرد لاءِ اهو امڪان موجود هو ته هو پنهنجي
اکين سان مشاهدو ڪري ۽ قدرن جو گڏيل ماڻ مقرر ڪري
- ڪهڙي شيءِ معمول مطابق آهي، ڪهڙي اڻٿيڻي آهي،
ظلم ڇا آهي، لامحدود بدي ڇا آهي، ايمانداري ڇا
آهي، ٺڳي ڇا آهي. جيتوڻيڪ ڏوراهين هنڌن وکريل
ماڻهو مختلف طريقن جي زندگي گهاريندا هئا ۽ سندن
سماجي قدرن جو ماڻ سندن وزن ۽ ڳڻپ جي ماڻن وانگر
چٽي طرح مختلف ٿيندو هوندو پر انهن اختلافن ڪنهن
اتفاقي سياح کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي عجب ۾ نه وڌو.
انهن کي ’عجيب‘ لکيو ويو ۽ غير متحد انسانيت کي
کانئس ڪو خطرو پيدا نه ٿيو.
هن صديءَ جي گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ انسانيت هوريان هڪ
ٿي ويئي آهي. اهڙي طرح متحد ٿي ويئي آهي جو انهيءَ
جي اتحاد سان اميدون ۽ انديشا ٻئي سامهون آيا آهن.
انهيءَ ڪري هڪ حصي جو صدمو ۽ بيماري ٻئي، ٻئي حصي
۾ منتقل ٿي وڃن ٿا، جتي گهڻو ڪري انهن جو ڪو توڙ
موجود نٿو هجي. انسانيت هڪ ته ٿي ويئي پر انهيءَ
طرح نه، جيئن پهرين هڪ برادري يا قوم مستحڪم طور
تي متحد ٿيندي هئي - گڏ ٿيل عملي تجربن جي ذريعي
نه، خود پنهنجي اک جي وسيلي نه جنهن کي خوشدليءَ
سان خراب اک چيو ويو آهي، نه ئي چڱي طرح سمجهه ۾
ايندڙ مقامي زبان جي ذريعي، بلڪه انهن سڀيني حدن
کي اورانگهي، بين الاقوامي ريڊيو ۽ اخبارن جي
ذريعي - واقعن جي هڪ لهر اسان کي پُسائيندي لنگهي
ٿي ۽ هڪ کن ۾ اڌ دنيا ۾ انهن جي بوندن جو آواز ٻڌڻ
۾ اچي ٿو. پر دنيا جي انهن حصن جي قانون مطابق،
جن جي باري ۾ اسان کي ڪا ڄاڻ ناهي، شين جي ماپن ۽
قدرن جي تعين جا معيار نه ته نشر ٿيندا آهن ۽ نه
ٿي سگهن ٿا، ۽ نه ئي انهن کي خبرن ۾ ٺهڪائي سگهجي
ٿو. اهي معيار مختلف ملڪن ۽ مختلف سماجن جي
زندگيءَ ۾ ايتري مخصوص انداز ۾ شامل ٿي ويا آهن ۽
ايتري مدت کان ۽ ايتري خصوصيت سان انهن کي تسليم
ڪيو ويو آهي جو لطيف هوا جي ذريعي انهن جو ڦهلاءُ
ممڪن ناهي. دنيا جي مختلف علائقن ۾ واقعن تي قدرن
جا اهي ئي معيار منطبق ڪن ٿا، جي کين ڊگهين مصيبتن
کان پوءِ حاصل ٿين ٿا ۽ اهي ڪنهن قسم جي ٺاهه
کانسواءِ خوداعتماديءَ سان فقط پنهنجي معيار تي
پرکين ٿا، ٻين جي معيار تي نه.
جيڪڏهن دنيا ۾ اهڙا معيار لاتعداد ناهن ته ٿورا
گهڻا ضرور آهن. هڪ معيار مقامي واقعن لاءِ، هڪ دور
دراز جي ڳالهين لاءِ، قديم سماجن ۽ جديد سماجن جي
لاءِ، خوشحالن ۽ بدحالن لاءِ. جيئن ته معيارن تي
نقطا ۽ نشان چٽي مطابقت نٿا رکن،تنهن ڪري اهي اسان
کي منجهائي ٿا وجهن ۽ اکين کي ڏکيا ٿا لڳن. ائين
سور کان بچڻ لاءِ اسان سڀني معيارن کي، جيڪي اسان
جا پنهنجا نه هجن، پاسيرا رکي ڇڏيندا آهيون، ڄڻ
اهي حماقتون يا نظر جو فريب هجن، ۽ پوءِ نهايت
ڀروسي سان سموري دنيا کي گهرو قدرن جي حوالي سان
پرکيون ٿا. انهيءَ ڪري اسان کي جيڪي ڪجهه وڌيڪ
اهم، وڌيڪ ڏکوئيندڙ ۽ وڌيڪ نه سهڻ جوڳو نٿو هجي،
بلڪه رڳو پنهنجي گهر کان وڌيڪ ويجهو هوندو آهي. هر
اها دور دراز شيءِ جا پنهنجي دانهن دٻيل سُڏڪن،
برباد زندگين ۽ ڪروڙين تباهه حال زندگين سان اسان
جي سرحدن ڏانهن وڌندي نظر نه ايندي آهي، اسان عام
طرح سهڻ جوڳي ۽ مناسب حدن جي حامل سمجهندا آهيون.
ايترو گهڻو عرصو نه گذريو آهي جو دنيا جي هڪ حصي
۾، لکين منهن بند عيسائي، جن تي قديم رومين جي
ظلمن کان گهٽ ظلم نه ڪيا ويا، عقيدي جي خاطر جان
ڏيئي ڇڏين ها ۽ ٻئي پاسي هڪ جنوني ماڻهو (۽ شايد
اهو اڪيلو ناهي) جي رڙ سمنڊ پار ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته
هو لوهي ڌڪ هڻي اسان کي مذهب کان آزاد ڪرائي
وٺندو. هن پنهنجي ذاتي معيار جي حوالي سان اسان
مان هر شخص جي طرفان فيصلو ڪري ڇڏيو ويو آهي.
جيڪا شيءِ پري کان هڪ معيار جي مطابق رشڪ لائق ۽
خوشحال آزادي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اها ٿورو ويجهو ٿي ڏسو
ته اهو ئي ايذائيندڙ تشدد هوندو آهي جو بسون
اونڌيون ڪرڻ جي تقاضا ڪندو آهي، جيڪا شيءِ هڪ ملڪ
۾ غيرامڪاني خوشحاليءَ جو سپنو آهي، اها ٻئي ملڪ ۾
وحشيانه استحصال جي طور تي جهنجهلاهٽ بيدار ڪري ٿي
۽ هڪدم هڙتال جو مطالبو ڪري ٿي. فطري تباهه ڪارين
جي سلسلي ۾ به قدر جا معيار مختلف هوندا آهن. هڪ
ٻوڏ، جيڪا ٻن لکن انسانن کي ٻوڙي تباهه ڪري ٿي،اها
هڪ مقامي سڙڪ جي حادثي کان به گهٽ حيثيت رکي ٿي.
ذاتي ذلت جي احساس جي باري ۾ به معيار مختلف ٿيندا
آهن. ڪڏهن ڪڏهن هڪ چٿر ڀري مُرڪ يا منهن ڦيري ڇڏڻ
جو رويو به ذلالت جو سبب ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ٻين
موقعن تي جسماني تشدد به مذاق جو درجو رکي ٿو. سزا
۽ غلط ڪارين جي باري ۾ معيار مختلف ٿين ٿا. هڪ
معيار جي مطابق هڪ مهيني جو قيد يا جلاوطني يا
قيدِ تنهائي، جنهن ۾ رُکي ماني ۽ کير ملندو هجي،
تخيل جي لاءِ ڏکائيندڙ ٿيندي آهي ۽ حقن جي انهيءَ
پائماليءَ تي اخبارن جا ڪالم ڀرجي ويندا آهن، جڏهن
ته ٻئي طرف پنجويهه ورهين جو قيد، برفاني ديوارن
واري قيدخانن ۾ قيدِ تنهائي ۾ وري پٺي اگهاڙا،
ڪپڙن بنان قيدي، تندرست انسانن لاءِ پاڳلخانا ۽
انهن لاتعداد احمقن جو قتل جي ڪنهن باعث بچي نڪرڻ
جي ڪوشش ڪندا هجن، اهو سڀڪجهه قبول ڪرڻ جوڳو ۽
معافي جوڳو ٿيندو آهي. انهيءَ بيروني دنيا جي باري
۾، جنهن جي باري ۾ اسان کي ڪا خبر ناهي ۽ اخباري
نمائندن جي دير سان ڪيل قياس آراين کان سواءِ،
جتان اسان کي ڪا خبر نٿي ملي، اسان جي دل پُرسڪون
رهي ٿي.
بهرحال، اهڙن متضاد معيارن لاءِ، ڏورانهين
ڏکوئيندڙ مصيبتن جي ڄاڻ جي باري ۾ ڪُند ذهني جي
لاءِ انسانيت تي الزام نٿو مڙهي سگهجي. بس ماڻهو
اهڙيءَ طرح ٺاهيو ويو آهي. پر سموري انسانيت لاءِ،
جنهن کي سميٽي هڪ ڇپ ٺاهي ويئي آهي، پاڻ ۾ انهي
نافهميءَ ۾ هڪدم ۽ شديد تباهيءَ جا خطرا لڪل آهن.
ڇهن، چئن يا رڳو ٻن قدرن جي معيارن جي موجودگيءَ ۾
واحد دنيا، واحد انسانيت قائم نٿي رهي سگهي. آهنگ
۾ اختلاف انسانيت کي چيري ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيندو. اسان
هڪ ئي دنيا ۾ گڏ زندهه رهي نه سگهنداسين، جهڙي طرح
ٻن دلين وارو ماڻهو هن دنيا ۾ نه هوندو آهي.
(5)
پر قدرن جي انهن معيارن ۾ مطابقت ڪير ٿو پيدا ڪري
سگهي ۽ ڪهڙيءَ ريت؟ اهڙو ڪير آهي جو انسانيت کي هڪ
اهڙو واحد نظام عطا ڪري جي انهيءَ جي چڱي ۽ مدي،
نه سهڻ جوڳن ٻنهي جي اعمالن جي - جهڙيءَ طرح اڄ
انهن ۾ فرق ڪيو وڃي ٿو، صحيح سڃاڻپ ڪري سگهي؟ ڪير
آهي جو انسانيت تي اهو واضح ڪري سگهي ته حقيقت ۾
تشدد ۽ نه سهڻ جوڳي شيءِ ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙي شيءِ
ويجهو هئڻ سبب اسان جي کل لاهيندي معلوم ٿئي ٿي
-تنهنڪري اسان جي غصي کي انهيءَ شيءِ ڏانهن منتقل
ڪري جا محض قريب نه هجي بلڪه حقيقي خوفناڪ هجي؟
ڪير آهي جو انهيءَ پروڙ کي پنهنجي ذاتي تجربي جي
حدن کان ٻاهر ڦهلائڻ جي صلاحيت رکندو هجي؟ ڪنهن وٽ
اهو هنر آهي جو هڪ تنگ نظر ۽ ضدي انسان کي ٻين پري
وسيل ماڻهن جي رنج ۽ خوشيءَ جو احساس ڏياري سگهي ۽
انهيءَ کي اهڙين حدن ۽ نگاهه جي فريب کان آشنا ڪري
سگهي، جن مان هو گذريو نه هجي. پروپيگنڊا، دٻاءُ ۽
سائنسي ثبوت، سمورا بي طاقت آهن، پر خوشيءَ جي
ڳالهه اها آهي جو اسان جي دنيا ۾ اهڙو طريقئه ڪار
موجود آهي ۽ اهو فن ۽ ادب جو طريقئه ڪار آهي.
|