سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ   2/ 1990ع

 

صفحو :1

مهراڻ 2/ 1990ع

ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ

حال احوال

(ايڊيٽوريل)

ادب جو ڪردار

ادب کي زندگيءَ جو ترجمان ۽ عڪاس چيو وڃي ٿو. ادب تي ماحول جي ترجماني جو فرض عائد ٿئي ٿو. صحتمند معاشري جا سڄاڻ اديب ۽ شاعر اهڙي حق ادائي کان ڪڏهن به غافل نه رهندا آهن ۽ امن جي قيام لاءِ هميشه جدوجهد ڪندا رهندا آهن ۽ شرپسندي جي خاتمي واري جاکوڙ ۾ سدائين اڳرا رهندا آهن. سنڌي اديبن ۽ شاعرن، هڪ حساس ۽ باشعور قوم جي فرد جي حيثيت ۾ هميشه امن ۽ آشتي جي قدرن جي آبياري پئي ڪئي آهي ۽ بي انصافي ۽ شرپسندي، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ، جبر ۽ ظلم، تشدد ۽ دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ ۽ انهن منفي قدرن جي خاتمي لاءِ جاکوڙ ۾ ڪڏهن به پنهنجو قدم پوئتي نه ڪيو آهي.

14- مئي 1990ع کان پوءِ شروع ٿيل دهشتگردي ۽ سفاڪي، ظلم ۽ بربريت – جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد ۾، ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي اصلي ۽ قديمي ماڻهن جو بي تحاشا رت وهيو ۽ هزارين ڪٽنب پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي، ڪئمپن ۾ رهڻ تي مجبور ٿيا آهن – دهشتگردين وارين انهن ڪاررواين تي سنڌي اديبن خاموشي اختيار ڪا نه ڪئي. سنڌي اديبن دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ هڪ پرامن ۽ موثر جدوجهد هلائيندي بک هڙتال شروع ڪئي ۽ ائين هڪ طويل سلسلو سنڌالاجي جي لان تي شروع ٿيو، جنهن جو تحرڪ سنڌي رائٽرس ائڪشن ڪميٽيءَ ورتو هو. جدوجهد جي پڄاڻي 14 – جون 1990ع تي سيشن ڪورٽ عمارت اڳيان اديبن طرفان خاموش مظاهري جي صورت ۾ ٿي، جنهن ۾ اديبن ۽ عالمن، دانشورن ۽ قلمڪارن، صحافين ۽ شاعرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري، حصو ورتو.

دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سنڌي اديبن طرفان ڪيل ان جدوجهد کي سنڌ جي سڀني علمي ۽ ادبي، ثقافتي ۽ سماجي، صحافتي ۽ تعليمي حلقن طرفان ڀرپور حمايت حاصل هئي ۽ زندگيءَ جي تقريباً هر شعبي ان سان يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪيو.

سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي محبوب ۽ هردلعزيز رهنما، عظيم ادبي شخصيت ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“، هميشه وانگر مٿئين ادبي جدوجهد ۾ هڪ موثر ڪردار ادا ڪيو. جناب مخدوم صاحب لاءِ هتي هن موقعي تي اهو ڄاڻائڻ به مناسب آهي ته جديد اديبن جي هر علمي جدوجهد ۾ پاڻ شروع کان وٺي سرگرميءَ سان شريڪ پئي رهيا آهن، ۽ سندن ادبي تنظيم ”بزم طالب الموليٰ“ ٻين تنظيمن سان برابر جي شريڪ پئي رهي آهي: پوءِ اهو سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ جو مرحلو هجي يا ون يونٽ جي خاتمي لاءِ جدوجهد هجي، جديد سنڌي ادب جي دفاع جي جنگ هجي يا سنڌي زبان جي بقاءَ واري ويڙهاند هجي.

سنڌي اديبن جي مذڪوره بک هڙتال دوران، جناب مخدوم صاحب هڪ ڀيرو وري پنهنجي صحتمند ادبي روايتن کي جنبش ۾ آندو ۽ نوجوانن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي، سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ امن امان جي بحالي لاءِ ان ڪوشش جي حمايت ڪرڻ فرمائي. پاڻ هڪ پيغام ۾ فرمايائون ته:

”سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، دانشورن ۽ قلم ڪارن هر دور ۾ سنڌ جي عوام جي ڀرپور نمائندگي ڪندي پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي. بک هڙتال تي ويٺل اديبن جو موقف بلڪل واضح آهي ته سنڌ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي هن ڌرتيءَ کي امن جو گهوارو بڻايو وڃي....“

جناب مخدوم صاحب جي هدايت تي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري مسٽر حبيب الله صديقي بک هڙتال تي ويٺل اديبن سان ملاقات ڪري کين سندن مٿيون پيغام پهچايو ۽ انهن کان مطالبن جو تفصيل معلوم ڪيو، جيڪو سنڌ سرڪار کي روانو ڪيو ويو.

سنڌي اديبن پنهنجي جدوجهد دوران هڪ ”چارٽر آف ڊمانڊس“ پڌرو ڪيو، جنهن جا وچور اخبارن م اچي چڪا آهن ۽ حڪومت جا بااختيار حلقا ان کان غافل نه آهن.

ادارهء مهراڻ طرفان اسان سنڌي اديبن کي سندن ڪيل پرامن ۽ سنجيده جدوجهد تي جس ڏيون ٿا.

اديبن جو ”چارٽر آف ڊمانڊس“ هڪ تاريخي دستاويز آهي، ان تي سوچڻ، غور ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ بهرحال حڪومت جو فرض آهي. يادگيري ڏيارڻ عيب ناهي.

ثقافت کاتي جي منفرد ادب نوازي

سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽ سياحت کاتي، پنهنجي مختلف ثقافتي ۽ تاريخي مشغوليتن سان گڏ جديد سنڌي ادب جي آبياريءَ لاءِ جيڪو تحرڪ وٺڻ شروع ڪيو آهي، اهو قابل تعريف آهي.

ثقافت کاتي، ”سنڌي ڪهاڻي“ کي زور وٺائڻ لاءِ سالانه ايوارڊ جو اعلان ڪيو هو. ان ڏس ۾ 27- مارچ 1990ع تي لياقت ميموريل لئبريري ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ”سنڌي افساني جي صبح“ پروگرام کي هڪ منفرد قدم سڏي سگهجي ٿو. تقريب جي صدارت وفاقي وزير تعليم الحاج پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب ڪئي ۽ خاص مهمان ترقي پسند سنڌي ڪهاڻي جو باني ۽ ناميارو افسانه نويس ۽ اديب محترم جمال ابڙو هو.

ان تقريب ۾ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ بزرگ اديب جناب الله بخش انيس انصاري کي سندس ڪهاڻي ”اڃا نه اڃا نه“ تي ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو شيلڊ ۽ ڏهه هزار روپين جي رقم تي مشتمل هو. اها ڪهاڻي مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيل هئي ۽ ثقافت کاتي طرفان مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل چاليهن ڪهاڻين مان چونڊي وئي هئي.  ”اڃا نه اڃا نه“ ڪهاڻي کي سال 1989ع جو بهترين افسانو قرار ڏيڻ، هڪ لحاظ کان مهراڻ رسالي جي به عزت افزائي آهي، ان کي سنڌي ادبي بورڊ هڪ خوشگوار انداز ۾ محسوس ڪري ٿو.

اسان پنهنجي پياري ۽ محترم ڪرمفرما سائين انصاري صاحب کي ثقافت کاتي طرفان ان آبرومند ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ شال انصاري صاحب کي سنڌي ادب جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جي سگهه عطا فرمائي.

محترم غلام رباني کي مبارڪباد

حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم جي جاري ڪيل احڪامن موجب جناب غلام رباني آگري کي ملڪ جي ممتاز ادبي اداري اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جو چيئرمن مقرر ڪيو ويو آهي ۽ هن صاحب پنهنجي نئين منصب جي چارج سنڀالي ورتي آهي. موصوف پهريون سنڌي اديب ۽ دانشور آهي، جنهن کي پاڪستان جي تاريخ ۾ انهيءَ اعليٰ ترين ادبي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي.

جناب غلام رباني آگرو گذريل ستن سالن کان اڪيڊمي ۾ ڊئريڪٽر، ڊئريڪٽر جنرل ۽ قائم مقام چيئرمن جي عهدن تي رهيو آهي. ان کان اڳ پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانسيلر جي عهدي تي ڪم ڪيائين.

جناب غلام رباني کي اڪيڊميءَ جي چيئرمن مقرر ڪرڻ واري فيصلي تي سنڌ جي ادبي حلقن خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. اسان اداره مهراڻ طرفان مبارڪباد ڏيندي هڪ خاص خوشي محسوس ڪريون ٿا، جو پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده گورننگ باڊيءَ جو ميمبر پڻ آهي. هونءَ ته بورڊ سان سندس طويل وابستگي ۽ مثالي خدمتن جو تذڪرو سج جيان روشن آهي ۽ هتي ان کي ورجائڻ جي ضرورت ڪانهي.

”اڪيڊمي ادبيات پاڪستان“ اداري کي جناب غلام رباني آگري صاحب جهڙي هڪ ممتاز اديب، بي لوث ۽ اڻٿڪ ادبي خدمتگذار، هڪ بهترين انتظامي ڄاڻو ۽ ماهر، هڪ هردلعزيز ۽ باغ  و بهار شگفته شخصيت جي سربراهي نصيب ٿي آهي – ان اداري جا وڏا ڀاڳ چئبا. وفاقي وزارت تعليم کي سندس سهڻي چونڊ ۽ صحيح فيصلي تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهون.

آه! مرزا اسد بيگ

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ۽ اديب مرزا اسد بيگ صاحب 10 – اپريل 1990ع تي وفات ڪئي. انالله و انا اليه راجعون.

رئيس مرزا اسد بيگ جي لاڏاڻي سان سنڌ جي ادبي ۽ علمي حلقن ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو ڪافي عرصي تائين ڀرجڻ ممڪن ڪو نه آهي. پاڻ هڪ ڪهنه مشق ۽ قادرالڪلام شاعر جي حيثيت ۾ وڏي مڃتا جو مالڪ هو ۽ سڄي زندگي سنڌي ادب جي مخلصانه خدمت ڪندي بسر ڪيائين. نظم تي کيس خاص قدرت حاصل ڪئي؛ سندس نعتيه ڪلام، سلام، مرثيا ۽ ٻيو ناصحانه ڪلام سنڌي ادب جو سرمايو آهي.

مرزا اسد بيگ صاحب کي پنهنجي نيڪ نام والد شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي عام ڪرڻ جو خاص اونو هوندو هو. پنهنجي علم دوست خاندان جي سڀني بزرگن ۽ نوجوانن سان گڏ اهڙين ڪوششن ۾ هميشه سربراهي ڪندي نظرايندو هو: خاص طرح مرزا صاحب کي، شمس العلماء جي اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ ٻئي مواد کي شايع ڪرائڻ لاءِ شدت سان دلچسپي هوندي هئي ۽ سڄي ڄمار ان ڪوشش ۾ رڌل رهيو. سندس جاکوڙ ۽ تعاون سان ئي مرزا صاحب جا گهڻا ڪتاب ڇپجي منظر عام تي آيا، ان ڏس ۾ سنڌي ادبي بورڊ سان اسد بيگ صاحب جو سهڪار شروع کان وٺي محبت آفرين ۽ گهرو رهيو.

مرزا اسد بيگ صاحب، ٽنڊي ٺوڙهي جي تاريخي مرزا خاندان جو هڪ سڄاڻ سربراهه هو. ذاتي طرح نهايت ٻاجهارو، هردلعزيز، مرنجان مرنج ۽ نيڪ انسان هو. خانداني فضيلت ۽ شائستگي، تهذيب ۽ علم دوستي سندس نس نس ۾ ڀريل هئي.

رئيس اسد بيگ جي انتقال پُرملال تي اسان سندس خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي ڌڻيءَ در دعاگو آهيون ته رب پاڪ مرحوم کي پنجتن پاڪ جي صدقي جوار رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پوين کي صبر جميل جي توفيق بخشي. سندس صاحبزادا مرزا اعجاز بيگ،  حبيب بيگ، مومن بيگ ۽ ٻيا، خانداني علمي جوت جلائيندا ٿا اچن – ڀاڳين جا ڀاڻ هميشه ڀرپور ۽ آباد رهندا. انشاءالله!

مرزا صاحب جي سوانح ۽ ادبي خدمتن تي مبني تفصيلي مضمون مهراڻ جي ورندڙ شماري ۾ شايع ڪيو ويندو، جو هن ڀيري صفحن جي وڌي وڃڻ ڪري ممڪن نه ٿي سگهيو آهي.

افضل قادري جو لاڏاڻو

لاڙڪاڻي جي مڃيل جديد سنڌي شاعر محترم افضل قادري 12- مئي 1990ع تي وفات ڪئي. مرحوم ڪافي عرصي کان سخت بيمار هو ۽ سنڌي اديبن ۽ شاعرن، سندس علاج لاءِ وڏي پڪار ڪئي هئي. سندس شفايابيءَ جي انتظامن لاءِ سرڪاري طرح پڻ هدايتون جاري ڪيون هيون، پر ڦڪين فرق نه ڪيو، ۽ ڦڦڙن جي ڪئنسر ۾ ورتل هي صلاحيتمند شاعر، ”ٻريا رنگ رتول“ مجموعي جو مصنف، افضل قادري، ڪئنسر اسپتال،  لاڙڪاڻي ۾ اسان کان جدا ٿي ويو.

محترم افضل قادريءَ جي بيماريءَ دوران اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، اديبن جي بهبود فنڊ مان خاطرخواهه مالي امداد جاري ڪئي هئي ۽ پڻ هاڻي سندس پوين جي سار سنڀال لهڻ لاءِ اڪيڊميءَ طرفان اپاءُ ورتا پيا وڃن.

مهراڻ جي ايندڙ پرچي ۾ افضل جي شاعريءَ جو جائزو پيش ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي.

قاضي محمد سليمان ڀان

سنڌ جي سدا ملوڪ سگهڙ، لوڪ ادب جي ڄاڻو، خاندانن جي شجرن جي محافظ  ۽ يادِ حافظ، ”ڀان“ خاندان جي سڄاڻ معزز فرد ميان قاضي محمد سليمان ڀان 2- جون 1990ع تي رحلت ڪئي.

ميان محمد سليمان، بدين ضلعي ۾ کوسڪيءَ جي ڀرسان، پنهنجي ڳوٺ جو رهاڪو هو. وفات وقت سندس عمر اسي سالن کان مٿي هئي.

قاضي صاحب سنڌ جو سدا ملوڪ سگهڙ هو ۽ لوڪ ادب تي سندس ڄاڻ نهايت وسيع هئي. سنڌ جي سمن ۽ سومرن جي خانداني شجرن جي کيس وڏي معلومات هئي ۽ سندس گهراڻي ۾ پشت بپشت اهي تفصيل محفوظ رهندا ٿي آيا.

قاضي صاحب ”لاڙي – موڏي“ رسم الخط جو ڄاڻو هو ۽ ان لپيءَ ۾ شجرن جو وڏو ذخيرو محفوظ ڪيائين، جيڪو هاڻي سندس ڀائٽي الهڏني ڀان وٽ موجود آهي.

قاضي محمد سليمان سنڌ جي تاريخ ۽ شجرن بابت ڪافي قيمتي مواد قلمبند به ڪيو آهي، جن مان ڪتاب ”تاريخ سميجا“  شايع ٿيل آهي ۽ ”تاريخ سماٽ“ مسودي جي صورت ۾ آهي.

22- جون تي، قاضي صاحب مرحوم جي ڳوٺ ۾، خيراتي مانيءَ جي موقعي تي هڪ تعزيتي گڏجاڻي ٿي. ان ادبي رهاڻ جي صدارت محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪئي ۽ محترم عبدالله ورياهه خاص مهمان هو. اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ علم دوست ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان مجلس جو احوال مهراڻ جي ورندڙ شماري ۾ ڏئي رهيا آهيون.

معذرت

مهراڻ کي وقت اندر شايع ڪرڻ ۽ ويجهڙائيءَ ۾ اڳواٽ/ ائڊوانس ۾ پڌرو ڪرڻ لاءِ گذريل ٻن ٽن سالن ۾ جا ڪاميابي حاصل ٿي آهي، ان تي اداري کي بجا طور تي فخر حاصل آهي. ادبي حلقن ۽ بورڊ جي معزز ميمبر صاحبن مڃتا سان نوازي قدرداني ڪئي آهي. اها ڪاميابي مون اڪيلي جي نه آهي. ان ۾ رسالي جي سرپرست اعليٰ جناب مخدوم صاحب جن جي دلچسپي ۽ دعائن، ايڊيٽوريل بورڊ جي معزز ميمبر صاحب جي خوشگوار رهبري ۽ تعاون ۽ اداري جي انتظامي عملدار ۽ پرنٽر / پبلشر سائين حبيب الله صديقيءَ جي ذوق ۽ انهماڪ کي ئي بنيادي دخل حاصل آهي.

هن ڀيري، حيدرآباد جي بدترين هنگامي حالتن ڪرفيو جي طويل سلسلي جي ڪري، آفيسن ۽ پريس جي ڪم تي نهايت برو اثر پيو. ان ڪري جتي ٻيا ڪم متاثر ٿيا، اتي مهراڻ جي وقتائتي اشاعت ۾ به ڏکوئيندڙ رخنو پيو. هي پرچو جون ۾ ئي شايع ٿي وڃي ها، پر حالتن هٿان مٿين مجبوري پيدا ٿي. اسان کي احساس آهي ته هيءُ شمارو مهينو کن دير سان پڙهندڙن جي هٿن ۾ پيو پهچي. خدا حالتن ۾ تبديلي آڻي ۽ دلجمعيءَ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿئي، جيئن مهراڻ کي وري به وقتائتو شايع ڪري سگهون. ڪوشش اها ئي رهندي ته جيئن ائڊوانس ۾ آڻڻ جي ڪامراني ماڻي سگهون، جيئن گذريل ٻن اڍائي سالن کان ٿيندو آيو آهي.

مهراڻ جا مهربان لکندڙ، جنهن علمي سهڪار سان اداري کي مسلسل نوازيندا ٿا اچن، تنهن لاءِ شڪريو ادا ڪرڻ واجب آهي.          ن . ا . ش .

مهراڻ ۾ شايع ٿيندڙ مواد جي نفس  مضمون ۽ تحقيقي نتيجن جي ذميواري، مهربان لکندڙن تي آهي. سندن رايتن کي سنڌي ادبي بورڊ جي راءِ نه سمجهڻ گهرجي.

·        مهراڻ ۾ آيل مواد، سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت جي نيڪ مقصد سان، ٻئي هنڌ بلاشڪ شايع ڪري سگهجي ٿو. مهراڻ جو حوالو ڏيڻ بهرحال وضعداريءَ جي تقاضا آهي.

شاعري

لافاني ڪلام          .

(وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي)

ڪافي

مخدوم اميد محمد صديقي ”امين“ رحه

آرياڻي شل ايندا، ساري سڻندا اهي بات نماڻي

ٻانهي ٻاروچي جي اصلئون آهيان،

ساڻ تنين ڇا سينو ساهيان،

دوست دلاسو ڏيندا،

نيندا پنهنجي ساٿ سڃاڻي.

عهد آرياڻي سان آهي منهنجو،

جيءَ جسو آهي طالب تنهن جو،

سي مون کي ڪين مٽيندا،

آءٌ وائيءَ پنهنجي وات وڪاڻي.

آءٌ ستي هو ساجهر هليا،

منهنجي پاران ڪنهن نا پليا،

سي ڇوري ڪين ڇڏيندا،

جن اُٺن آهيان رات رنجاڻي.

عشق آرياڻيءَ جو بڙڇيون ڀالا،

سور چڪي سڀ ڦٽ ٿيا آلا،

سي واري ڪين وڍيندا،

جنهين آهيان ڪاڻ ڪوماڻي.

شرف پنهل جي شان سڀيئي،

جيهي تيهي پلئه جا پيئي،

سا ڇوري ڪين ڇڏيندا،

احد، امين محمد آهي وڪاڻي.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

غزل

مون تي ماڻهن سندا الزام ڪئين ياد آيا،

سوچ ويچار کان پو نام ڪئين ياد آيا.

جي ويا گذري ڪڏهوڪا ڇا ٻڌايان هاڻي،

دوستارو! غم و اَلام ڪئين ياد آيا.

ساقي و ميڪده و مست جي ها ماضي ۾،

وات پاڻي ٿيو پر جام ڪئين ياد آيا.

سرزنش خوب ڪرڻ بعد ٿي پيتئون بيحد،

لطف آ واعظ بدنام ڪئين ياد آيا.

هئا پخته ڪر نه پخته سا خبر ساقي کي،

ميگسارن کي فقط خام ڪئين ياد آيا.

دلربا موڪليا جيڪي هئا الفت مان،

ويٺي ويٺي اهي پيغام ڪئين ياد آيا.

رشڪِ مهتاب صنم غيرتِ ماه وانجم،

رلفِ آشفته سرِبام ڪئين ياد آيا.

هجر و فرقت جا زمانا، هو وصالي راتيون،

سي عجب يار جا ايام ڪئين ياد آيا.

طالبِ مولا تصور جي پکي ڪيو پرواز،

پوءِ محبوبَ گل اندام ڪئين ياد آيا.

(21- ڊسمبر 1988ع، هالا.)

سيد احسن الهاشمي

غزل

صبح ڪو ڳولهي ته ڏيو، پويون پهر ڳولهي ته ڏيو،

غم نه جنهن جي رات ۾، اهڙي سحر ڳولهي ته ڏيو.

حسن وارو ڪو به هڪڙو نڪته وري ڳولهي ته ڏيو،

آه ۾ ڪنهن عشق واري جي اثر ڳولهي ته ڏيو.

هڪ نظر سان جنهن دلين ذهنن ۾ آندو انقلاب،

دوستو اهڙو به ڪو اهلِ نظر ڳولهي ته ڏيو.

هر مصيبت کي وساري مسڪرائي موت تي،

اهڙي دل ڳولهي ته ڏيو، اهڙو جگر ڳولهي ته ڏيو.

پنهنجي سورن ۾ ته سڀڪو روز شب روئي پيو،

ٻين لئي همدرد همدم چشم تر ڳولهي ته ڏيو.

سروقد سهڻي ۾ اميدِ وفا و دلبري،

باغبانو سرو ۾ گل ۽ ثمر ڳولهي ته ڏيو.

الفت و اِيثار همدردي مروت ۽ خلوص،

مون اوهان بيشڪ ٻڌا آهن، مگر ڳولهي ته ڏيو.

عشق ٿيو روزِ ازل کان ئي سراپا اعتبار،

حسن جي حدِ نظر ۾ معتبر ڳولهي ته ڏيو.

سڀ مسافر منزلِ فردا کان آهن بي خبر،

ڪو به هڪ مصروف محتاطِ سفر ڳولهي ته ڏيو.

بارگاهِ طالب الموليٰ مان ٿيا مون کي نصيب،

ٻي گدا وٽ اهڙا ڪي لعل و گُهَر ڳولهي ته ڏيو.

درد وارن جي دوا جت آرزومندن علاج،

حيدرِ صفدر جي در جهڙو ڪو در ڳولهي ته ڏيو.

دشمنن تي مهربان ۽ مهربانن جو غلام،

مون کي ٻيو ڪو احسنِ آشفته سر ڳولهي ته ڏيو

شاعري

لافاني ڪلام          .

(وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي)

ڪافي

مخدوم اميد محمد صديقي ”امين“ رحه

آرياڻي شل ايندا، ساري سڻندا اهي بات نماڻي

ٻانهي ٻاروچي جي اصلئون آهيان،

ساڻ تنين ڇا سينو ساهيان،

دوست دلاسو ڏيندا،

نيندا پنهنجي ساٿ سڃاڻي.

عهد آرياڻي سان آهي منهنجو،

جيءَ جسو آهي طالب تنهن جو،

سي مون کي ڪين مٽيندا،

آءٌ وائيءَ پنهنجي وات وڪاڻي.

آءٌ ستي هو ساجهر هليا،

منهنجي پاران ڪنهن نا پليا،

سي ڇوري ڪين ڇڏيندا،

جن اُٺن آهيان رات رنجاڻي.

عشق آرياڻيءَ جو بڙڇيون ڀالا،

سور چڪي سڀ ڦٽ ٿيا آلا،

سي واري ڪين وڍيندا،

جنهين آهيان ڪاڻ ڪوماڻي.

شرف پنهل جي شان سڀيئي،

جيهي تيهي پلئه جا پيئي،

سا ڇوري ڪين ڇڏيندا،

احد، امين محمد آهي وڪاڻي.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

غزل

مون تي ماڻهن سندا الزام ڪئين ياد آيا،

سوچ ويچار کان پو نام ڪئين ياد آيا.

جي ويا گذري ڪڏهوڪا ڇا ٻڌايان هاڻي،

دوستارو! غم و اَلام ڪئين ياد آيا.

ساقي و ميڪده و مست جي ها ماضي ۾،

وات پاڻي ٿيو پر جام ڪئين ياد آيا.

سرزنش خوب ڪرڻ بعد ٿي پيتئون بيحد،

لطف آ واعظ بدنام ڪئين ياد آيا.

هئا پخته ڪر نه پخته سا خبر ساقي کي،

ميگسارن کي فقط خام ڪئين ياد آيا.

دلربا موڪليا جيڪي هئا الفت مان،

ويٺي ويٺي اهي پيغام ڪئين ياد آيا.

رشڪِ مهتاب صنم غيرتِ ماه وانجم،

رلفِ آشفته سرِبام ڪئين ياد آيا.

هجر و فرقت جا زمانا، هو وصالي راتيون،

سي عجب يار جا ايام ڪئين ياد آيا.

طالبِ مولا تصور جي پکي ڪيو پرواز،

پوءِ محبوبَ گل اندام ڪئين ياد آيا.

(21- ڊسمبر 1988ع، هالا.)

سيد احسن الهاشمي

غزل

صبح ڪو ڳولهي ته ڏيو، پويون پهر ڳولهي ته ڏيو،

غم نه جنهن جي رات ۾، اهڙي سحر ڳولهي ته ڏيو.

حسن وارو ڪو به هڪڙو نڪته وري ڳولهي ته ڏيو،

آه ۾ ڪنهن عشق واري جي اثر ڳولهي ته ڏيو.

هڪ نظر سان جنهن دلين ذهنن ۾ آندو انقلاب،

دوستو اهڙو به ڪو اهلِ نظر ڳولهي ته ڏيو.

هر مصيبت کي وساري مسڪرائي موت تي،

اهڙي دل ڳولهي ته ڏيو، اهڙو جگر ڳولهي ته ڏيو.

پنهنجي سورن ۾ ته سڀڪو روز شب روئي پيو،

ٻين لئي همدرد همدم چشم تر ڳولهي ته ڏيو.

سروقد سهڻي ۾ اميدِ وفا و دلبري،

باغبانو سرو ۾ گل ۽ ثمر ڳولهي ته ڏيو.

الفت و اِيثار همدردي مروت ۽ خلوص،

مون اوهان بيشڪ ٻڌا آهن، مگر ڳولهي ته ڏيو.

عشق ٿيو روزِ ازل کان ئي سراپا اعتبار،

حسن جي حدِ نظر ۾ معتبر ڳولهي ته ڏيو.

سڀ مسافر منزلِ فردا کان آهن بي خبر،

ڪو به هڪ مصروف محتاطِ سفر ڳولهي ته ڏيو.

بارگاهِ طالب الموليٰ مان ٿيا مون کي نصيب،

ٻي گدا وٽ اهڙا ڪي لعل و گُهَر ڳولهي ته ڏيو.

درد وارن جي دوا جت آرزومندن علاج،

حيدرِ صفدر جي در جهڙو ڪو در ڳولهي ته ڏيو.

دشمنن تي مهربان ۽ مهربانن جو غلام،

مون کي ٻيو ڪو احسنِ آشفته سر ڳولهي ته ڏيو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com