سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 2/ 1990ع

 

صفحو :12

اهو ئي سبب هو جو ميان وال قيادت اهو سمجهيو پئي ته زمينداريءَ جوسرشتو جيستائين ختم نه ٿيندو ۽ زمين تي مغل بادشاهه جو حق تسليم ڪرڻ بجاءِ عوام جو حق تسليم نه ٿيندو. اوستائين آزاديءَ جي جدوجهد بي معنيٰ ثابت ٿيندي. ان ڪري ميان آدم شاهه ۽ ميان شاهل محمد جو هميشه جهڳڙو مغلن جي ايجنٽن ۽ ملازمن سان گڏوگڏ زميندار ۽ جاگيردار طبقي سان پڻ هو. انهن جي ئي چرچ تي ميان آدم شاهه، ميان شاهل محمد ۽ ميان دين محمد جون شهادتون عمل ۾ آيون ۽ ميان نصير محمد قيد و بند جون تڪليفون ڏٺيون.

جڏهن جيل مان فرار ٿي ميان خيريت سان سنڌ پهتو ته ميان جي فقيرن شادمانه ڪيا ۽ کيس مظهر العجائب جو لقب ڏنو. تحريڪ ۾ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿيو ۽ ميان صاحب پنهنجي ماضيءَ جي تجربن، مشاهدن ۽ تاريخي شعور ذريعي محسوس ڪيو ته سياسي طور تي سنڌ جدوجهد جي اهم موڙ تي اچي پهتي آهي. هاڻي آزاديءَ جي جدوجهد جي ڪاميابيءَ جا آثار ظاهر ٿي چڪا هئا، ڇاڪاڻ ته مغل سلطنت دکن جي لڙائيءَ سبب سياسي ۽ اقتصادي بحران جو شڪار هئي. برصغير جي ٻين علائقن پنجاب جي سکن، سرحد جي پٺاڻن ۽ مرهٽن مغل سلطنت شاهي خلاف جدوجهد تيز ڪئي. مغلن جي عالمگيريت ڪک پن ٿيڻ لڳي. ڪابل ۽ قنڌار جيڪي مغل سلطنت جا ٻاهريان علائقا هئا، انهن علائقن تي ايران پنهنجو فوجي دٻاءُ وجهي رهيو هو، ته جيئن هو مغلن کي انهن علائقن ۾ ڪمزور ڪري، پاڻ انهن تي قابض ٿئي. خود افغانستان ۾ عوامي انقلابي قوتون مغلن جي خلاف منظم ٿي رهيون هيون. بلوچستان پنهنجين مخصوص جاگرافيائي حالتن تحت نيم خودمختيار ٿي چڪوهو. انهيءَ خارجي صورتحال سنڌ اندر هلندڙ تحريڪ ۾ وڌيڪ جذبو ۽ سگهه پيدا ڪئي. ان ڪري ميان نصير محمد ”سيوهڻ سرڪار“ جي ڀرسان موجوده تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڳاڙهي نالي ڳوٺ ۾ پنهنجو دائرو قائم ڪيو ۽ اتي ئي پنهنجي هڪ عبوري انقلابي حڪومت قائم ڪئي (10). جنهن جو ذڪر خود ان وقت جي مشهور شاعر ميين شاهه عنايت هن طرح ڪيو آهي:

نسرئو نصير چانڊڪي ۾ چنڊ ٿي

ڪاڇو ڪوڙيءَ ۾ ڪري، ملهي ويٺو مير

دمامي جي دؤنس سان، ڦري ٿو فقير

آهي عنايت چئي، سندو سنڌ همير

جان جان ندي نير، تان تان طبل تنهنجو تجلو. (11)

انهن شعرن ۽ تاريخ جي حوالي سان اهو چئي سگهجي ٿو ته ميان صاحب جي انقلابي عبوري حڪومت فقط ڪاڇي ۾ قائم ٿي ۽ اتان ئي سڄي سنڌ ۾ پنهنجن ڪارڪنن (فقيرن) کي آزاديءَ جي جدوجهد لاءِ منظم ڪندو رهيو. محترم غلام محمد لاکو ۽ سندس هم خيال تاريخي ڄاڻ رکندڙ دوستن جو خيال آهي ته ميان نصير محمد ڪلهوڙو سنڌ جو پهريون ڪلهوڙو حاڪم هو (12).

اسين هتي انهيءَ خيال کي صحيح تسليم نٿا ڪيون.اسان جو چوڻ آهي ته هي سنڌ جي عبوري انقلابي حڪومت هئي، جيڪا ميان صاحب سنڌ اندر قائم ڪري، ان وسيلي سنڌ مان مغل اقتدار کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. ان ڪري ميان نصير محمد کي حاڪم چوڻ هڪ تاريخي غلطي ٿيندي هو حاڪم نه پر ميان وال تحريڪ (آزاديءَ جي تحريڪ) جو قائد ۽ عبوري انقلابي حڪومت جوسربراهه هو. ڇاڪاڻ ته ميان صاحب جي انقلابي حڪومت کي ڪنهن به عهدنامي تحت نه وري بين الاقوامي طور تي ۽ نه وري ڪنهن اعلان تحت ڌار رياستي تشخص ملي سگهيو (13). تاريخ مان ظاهر آهي ته ميان جي پوريءَ زندگيءَ ۾ سڄي سنڌ تي مغل راڄ قائم رهيو. ان ڪري ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي خودمختيار حڪمران ۽ سندس قائم ڪيل حڪومت کي آزاد رياست ڪنهن به صورت ۾ چئي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته بکر سرڪار، سيوهڻ سرڪار ۽ ٺٽو سرڪار مغلن جي ماتحت هيون. ڪنهن به سرڪار تي ميان صاحب قبضو ڪو نه ڪيو ۽ نه وري مغلن ڪنهن عهدنامي مطابق ڪو علائقو قانوني طور تي ميان جي ڏنو (14). اسان جي انهيءَ راءِ جي تصديق مولائي شيدائيءَ جنت السنڌ ۾ هن ريت ڪئي آهي: ”ميان صاحب 25 سالن جي عرصي ۾ فقيرن جي هڪڙي قسم جي حڪومت کڙي ڪئي (15).“

انهيءَ حوالي مان ثابت ٿئي ٿو ته اها هڪ عبوري انقلابي حڪومت هئي، جنهن کي محترم مولائي شيدائي صاحب فقيرن (ڪارڪنن)  جي هڪڙي قسم جي حڪومت سڏي ٿو.

اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اسين ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي زندگيءَ جو تجزيو ڪنداسون ته اسان کي سندس هيٺيان ڪارناما نمايان طور تي نظر ايندا: (1) ميان نصير محمد وطن دوستي جي بنياد تي قيد جون سختيون برداشت ڪرڻ جي باوجود آزاديءَ جي جدوجهد کي منظم ڪندو رهيو. هن تحريڪ کي باقاعدي هڪ تنظيم هيٺ (عبوري انقلابي حڪومت تحت) آڻي تحريڪ اندر نراجيت پسند لاڙن کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري تحريڪ ۾ حقيقت پسند لاڙن کي فروغ مليو. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي سماج اندر قومي شعور پيدا ٿيو. ڪارڪنن(فقيرن) کي جدوجهد جي عملي راهه ملي ويئي، منجهن باهمي تعاون، محبت، رواداري، اتحاد ۽ قربانيءَ جهڙيون اعليٰ صفتون پيدا ٿيون. ان ڪري عوام ۽ تحريڪ جي وچ ۾ ڳانڍاپو پيدا ٿيو. جنهن ڪري تحريڪ ۾ ڪو به انتشار پيدا نه ٿي سگهيو ۽ تحريڪ کي عوام جي تائيد رهي. (2) ميان نصير محمد ڪلهوڙي ماضيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن وسيلي محسوس ڪيو ته ڪارڪنن ۽ عوام جي انفرادي خواهه اجتماعي زندگيءَ ۾ مادي توڙي روحاني طور تي اهڙي وٿي نه هجڻ گهرجي، جنهن مان دشمن فائدو وٺي مختلف حربن، چالن، دوکن ۽ فريبن سان عوام کي تحريڪ کان ڪٽي ان کي اڪيلو نه بڻائي سگهي، ڇاڪاڻ ته عوامي تائيد کانسواءِ جدوجهد ڪمزور ٿي ويندي ۽ ڪارڪنن ۾ مايوسي پيدا ٿيندي. ان ڪري هن ضروري سمجهيو ته سڀني گروهن جي ماڻهن ۾ سياسي ۽ اخلاقي شعور پيدا ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن ۾ حب الوطني، آزادي، انصاف، محبت ۽ قربانيءَ جو جذبو پيدا ٿئي.

اهڙيءَ طرح ميان نصير محمد جي سامهون  سنڌ ۽ سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي آزادي، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال زندگي گذارڻ جي تمنا ۽ خواب هئا، جن جي تعبير لاءِ هن زندگيءَ جا 39 سال جدوجهد ڪندي گذاريا. پاڻ 1696ع ۾ وفات ڪئي. کيس سندس مرڪزي شهر ڳاڙهي ۾ پنهنجن وفادار ڪارڪنن ۽ شهيدن جي وچ ۾ دفنايو ويو. هتي انهن وفادار ۽ بهادر جوڌن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، جيڪي ساڻس گڏ ڏکن ۽ ڏاکڙن، قيدخانن ۽  جلاوطني حضر و سفر ۾ گڏ هئا. جن جي جوش ۽ جذبي سان جدوجهد ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون.

1 - گاجي شاهه

کوسا سنڌ جي جابلو علائقن جي اهم لڪن ۽ صحرائي رستن جو محافظ اهم قبيلو آهي. انهيءَ نسب سان هيءُ قبيلو جيڪب آباد - لاڙڪاڻي ۽ دادو  ضلعي جي پهاڙن ۽ ڪڇ ڀڄ ۽ ٿر جي صحرائي علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ آباد آهي. انهيءَ سرويچ قبيلي جو هڪ فرد گاجي شاهه هو. جيڪو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو معتقد، ساٿي، مدبر، سياستدان، خاص مشير ۽ وڏن سپـﮧ سالارن ۾ شامل هو. ڪاڇي ۾ اتر کان ڏکڻ تائين يعني جوهي تعلقي کان سيوهڻ تعلقي جي نئيگ تائين اوڀر ۾ منڇر کان وٺي گرو جبل جي بيخ تائين کوسا آباد هئا. ان ڪري گاجي شاهه کي ميان نصير محمد ڪلهوڙي لڪ ٽنڊي رحيم جو نگهدار مقرر ڪيو، جتي گاجي شاهه هڪ مسجد، پاڻيءَ پيئڻ جو کوهه ۽ هڪ جانڊهه (اٽي پيهڻ جي چڪي) هڻائي، ته جيئن لڪ کان ايندڙ ويندڙ مسافرن، تجارتي قافلن جي واپارين ۽ تاجرن کي پاڻي ۽ ماني آسانيءَ سان ۽ مفت ملي سگهي، ته جيئن مغلن خلاف ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قائم ڪيل عبوري حڪومت کي مالي طور مدد ڪرڻ، هٿيارن جي رسد ۽ بلوچ جنگجو سپاهي ڀرتي ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿئي. ان ڪري گاجي شاهه جي روٽ (ماني) اڄ به مسافرن، معتقدن، مريدن ۽ عام خاص کي هر وقت ملندو رهي ٿو. گاجي شاهه جو هڪ ٿڃ شريڪ ڀاءُ دلشاد فقير جيڪو ڪاڇي ۽ بلوچستان ۾ مال جو وڏو واپاري پڻ هو. تنهن کي گرسا بلفت نالي هڪ طاقتور کوسي سردار ماري وڌو، گاجي شاهه فيصلو ڪيو، پر دلشاد کوسي جي ڀاڻيجي پياري کوسي فيصلي جي خلاف ورزي ڪندي گرسا بلفت کي ماري وڌو(16). ان ڪري کوسا ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويا. علائقي ۾ وڏي پيماني تي شورش برپا ٿي ويئي. بهادر جنگجو کوسن جون تلوارون هڪ ٻئي جي خون ۾ ڳاڙهيون ٿي ويون. انهيءَ خونريزيءَ کي بند ڪرڻ لاءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي مداخلت ڪرڻي پئي. باغي پياري کوسي کي شڪست ملي ۽ کوسن کي ڪاڇي جي علائقن مان نڪرڻو پيو ۽ اهي ٿر ڪڇ ڀڄ جي سرحدي علائقن ڏانهن هجرت ڪري ويا. ٿر جي سفر دوران ننگرپارڪر ويجهو سامي ماڻهن ميان جي ڪجهه فقيرن تي حملو ڪيو ۽ کانئن سامان وغيره ڦريو. ان ڪري گاجي شاهه کوسن کي حڪم ڏنو ته هو حملي آور سامي ماڻهن کي سزا ڏين ۽ فقيرن کي سندن سامان واپس ڏيارين. حڪم جي تڪميل ڪئي وئي ۽ سامين سان جنگ ڪري کين شڪست ڏني. گاجي شاهه ڪڇ ڀڄ ۽ لکپت جو ميان صاحب کي سير ڪرايو ۽ اتي خير محمد ۽ شاهه علي کي پنهنجو نائب مقرر ڪري موٽي پنهنجي ڳوٺ پهتو (17). ڪڇ ڀڄ جا کوسا پنهنجي هن عظيم قائد گاجي شاهه کي هر سال دعوت ڏيندا هئا ۽ ميان نصير محمد جي قيادت ۾ اعتماد جو اقرار ڪندا هئا. گاجي شاهه هوتڪ پهاڙي علائقي ۾ مٺي پاڻيءَ جي چشمن مان هڪ واهه کوٽايو، جنهن تي آبادي ٿيڻ لڳي ۽ اهو سڄو علائقو سرسبز شاداب ٿي ويو. گاجي شاهه جي خدمتن کي ڏسندي ميان نصير محمد ڪلهوڙي کيس گنج بخش جو لقب ڏنو يعني ميان جي حڪم تي گاجي شاهه پنج هزار ماڻهو يڪدم فوجي خدمتن لاءِ ڏئي سگهيو پئي. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي اسيري واري عرصي ۾ ميانوال تحريڪ جي قيادت گاجي شاهه ۽ شاهه پنجو سلطان گڏجي ڪندا رهيا. ان ڪري عاضي (عاجزي) ڪندي ميانوال فقير چوندا آهن ته.

”يارو ڪرو الاتوهار ها ميان شاهل محمد، ميان الياس محمد نصير محمد ها ميان پنجا ڌونڪ دا ڌڻي گاجي گنج بخش لکين دا ڏاتار سي واليان دي شي ٿيوي يارو ڪرو الاتوهار.“ ڇاڪاڻ ته هنن ٻنهي فقيرن ميان صاحب جي مرڪز کان غير حاضري دوران ميانوال تحريڪ ۾ بحران پيدا ٿيڻ نه ڏنو ۽ مغل قانون کي سنڌ اندر بي اثر بڻائي ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو ميانوال تحريڪ جا ماڻهو پنهنجن دعائن ۾ پنهنجي ڪلهوڙا قيادت جي نالن کانپوءِ گاجي شاه ۽ شاه پنجي سلطان جا نالا وٺڻ ضروري سمجهن ٿا. اڃا به وڌيڪ ثبوت طور ميانوال تحريڪ سان لاڳاپيل عورتون پنهنجن ٻارن کي وڏي کنگهه جي بيماري وقت پنهنجي سريلي آواز سان هي دعا پڙهنديون آهن.

کر کنگهه لوڙها لنگهه، ميان نصير ٿي دستگير،

گاجي شاه ڪر نگاه، پنجا پير سهڻا وير،

عنايت شاه تيڏا رنگ، کر کنگهه لوڙها لنگه.

مٿي ڏنل دعا مان گاجي شاه ۽ ٻين سردارن جا نالا ميان نصير محمد کان بعد ۾ ورتا وڃن ٿا، جنهن مان سندن حيثيت ظاهر ٿئي ٿي. لڪ وٽ بلوچستان جي بروهين سان ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي فقيرن جو تنازعو ٿي پيو، ان ڪري هڪ بروهي موقعو وٺي گاجي شاه تي حملو ڪيو، جنهنڪري پاڻ زخمن جو تاب نه سهي دم ڏنو. گاجي شاه جي شهادت لاءِ محترم عزيز عزيز الله ڪنگراڻي صاحب لکي ٿو ته گاجي شاه بروهين جي هٿان مارجي ويو هو. بروهين جو ٽڪر ميان نصير محمد ڪلهوڙي سان هو. ميان صاحب پنهنجي نائب گاجي شاه کي بروهين سان جنگ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. گاجي شاه حڪم جي تڪميل ڪندي بلوچستان جي جابلو علائقي ۾ بروهين سان جنگ ڪئي. اها جنگ لوهيءَ کان چند ميل اولهه ۾ ضلع خضدار جي تعلقي وَڍَ جي حدن ۾ لڳي ۽ گاجي شاه شهيد ٿي ويو. (18) کيس سندس جوڙايل مسجد ۾ دفنايو ويو. جتي هن سوره سردار جي مزار عام ماڻهن خاص ڪري ميانوال فقيرن جي رجوعات جو مرڪز بڻيل آهي. پاڻ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وفات کان هڪ سال اڳ شهادت حاصل ڪئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته گاجي شاه جي وفات جو سال 1695ع آهي.

(2) فوجو فقير

فوجي فقير جا وڏا اصل ۾ اچ شريف جارهاڪو هئا. پوءِ هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. فوجو فقير ذات جو سومرو هو. سندس اصل ڳوٺ هيرو خان هو، جتي هن ٿهيم قبيلي مان شادي ڪئي. ميان نصير محمد جو اهم ساٿي ۽ تحريڪ آزادي جو ڪارڪن ۽ خدمتگار هو. جڏهن ميان شاهل محمد کي شهيد ڪيو ويو ته ميان نصير محمد ڪلهوڙو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا پرڳڻي مان هجرت ڪري دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڳاڙهي نالي شهر آبادي ڪري اتي رهڻ لڳو. مغل بادشاهه اورنگزيب جڏهن مان نصير محمد کي باغي      قرار ڏئي گواليار جي قلعي ۾ قيد ڪيو ته سندس غيرحاضريءَ ۾ فوجي فقير کي ميان جي ديري جون سڀ ضرورتون  پوريون ڪرڻ لاءِ مامور ڪيو ويو. هو پنهنجي قائد جي غير حاضريءَ ۾ پنهنجا فرائض سچائي ۽ ايمانداريءَ سان سرانجام ڏيندو رهيو. ميان جي اسيريءَ مان واپسيءَ کانپوءِ فوجي فقير کي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هٽڙي واري علائقي مٿان مقرر ڪيو ويو،  جتي هن پنهنجي انتظامي مهارت جو ثبوت ڏنو. هن ميان صاحب سان ڪيترين ئي شورشن کي دفع ڪرڻ ۽ مغلن سان لڙاين ۾ هم رڪاب رهيو. انهن لڙاين ۾ هن پنهنجي بهادري ۽ جوانمردي جا ڪيترائي جوهر ڏيکاريا. ميان نصير محمد پنهنجي هن بهادر جنرل جي مدد سان بکر جي حاڪم يعقوب خان کي شڪست ڏني. (19) جڏهن ملتان جو مغل گورنر شهزادو معزالدين، ميان دين محمد کي گرفتار ڪري ملتان وٺي ويو ۽ اتي کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو ۽ ميان يار محمد سرحد پار ڪري قلات جي بروهين وٽ پناه ورتي. انهي جنگ ۾ ميانوال تحريڪ جا ڪيترائي نامور سياسي مدبر تجربيڪار بهادر جنرلن ۽ صلاحڪارن شهادت جو جام پيتو تڏهن انهيءَ نازڪ ۽ ڏکئي وقت ۾ تحريڪ آزادي جي جدوجهد ۾ رڪاوٽ ۽ قيادت جو بحران پيدا ٿيو ته ان وقت سڄي ميان والي تحريڪ جي ڪارڪنن پنهنجي هن جهوني بزرگ ساٿي فوجي فقير کي تحريڪ جي قيادت سنڀالڻ لاءِ چيو، جنهن خوشيءَ سان سندن اها دعوت قبول ڪئي. ۽ ميان يار محمد جي غير حاضريءَ ۾ تحريڪ کي منظم ڪندو رهيو. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته:

ٻيا سڀ مري ويا پڳ آئي فوجي تي.

يعني مجبوريءَ سببان پيرسن فوجي (فقير) جي اڳواڻي قبولي وئي. هن پير مرد ميان يار محمد جي ڏينهن ۾ سو سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. چون ٿا ته هڪ پاسي فوجي فقير جي ميت کي سندس اڳواڻ ميان نصير محمد جي ڀر ۾ دفنايو پئي ويو ته ٻئي پاسي ميان يار محمد پنهنجي فتح ۽ ڪامرانيءَ جا طبل وڄائيندو منڇر جي ڪناري شاهه حسن جي ڳوٺ ۾ اچي خيما کوڙيا، جتي کيس پنهنجي وفادار امير جي لاڏاڻي جي سڌ پئي. ان وقت ميان پنهنجي ڪاري کٿي لاهي زمين تي وڇائي ۽ چيائين ته ”هيءَ کٿي فوجي فقير جي وفاداريءَ جي ساک ڏئي ٿي.“ جنهن تي ميان سان گڏ سڀ فقير ڏکهرا ٿي ويا ۽ پنهنجي جهوني ساٿيءَ جي موت تي ماتم ڪرڻ لڳا. ڪاڇي ۾ هن وقت به سنڌ جي هن بهادر سپاهيءَ جي نالي سان ”فوجڪي ديهه“ موجود آهي. فوجي فقير جي مزار مٿان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هڪ عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو. سندس پونيرن مان ڪي ماڻهو هيرو خان ۾ رهندا اچن ۽ ڪجهه ماڻهو لڏي اچي دادو شهر ۾ سڪونت پذير ٿيا، جن مان ميان گل محمد ”گلاب“ سومرو، جان محمد سومرو ۽ ڊاڪٽر نياز حسين موجود آهن. ميان گل محمد ”گلاب“ سومرو، جان محمد سومرو ۽ ڊاڪٽر نياز حسين موجود آهن. ميان گل محمد ”گلاب“ سومرو اڃا به پنهنجي وڏڙن جي روايتن کي جيئرو رکيو اچي. پاڻ شهر جو ناميارو سماجي ڪارڪن، علم دوست ۽ پورهيت ماڻهو آهي. هو اڄ ڪلهه قرآن پاڪ جو پهريون محاوره سرائڪي ترجمو ڪري رهيو آهي.

شاهه پنجو سلطان:

شاهه پنجو سلطان ڏهوٽ قبيلي مان هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وڏن فقيرن مان اهم شخص هو. ميان جي اسيريءَ وقت پاڻ گاجي شاهه سان گڏجي جدوجهد جي اڳواڻي ڪندا رهيا. سندس ڪوششن سان سنڌ جي انهن علائقن ۾ جتي ميان وال تحريڪ پنهنجي اوج تي هئي، اتي مغلن جي عدالتي سرشتي کي مفلوج ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته ”هن بزرگ دهليءَ جي ستن قاضين کي عورتون بنائي ڇڏيو.“ ٻين لفظن ۾ شاهه پنجي پنهنجي حڪمت ۽ فراست سان مغل قانون کي عورت جيان ڪمزور ۽ نستو ڪري وڌو،  جنهن ڪري مغلن جون ست عدالتون بند ٿي ويون، جنهن ڪري عوام انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ شاهه پنجي جي برپا ڪيل ’عوامي عدالتن‘ ۾ فيصلو ڪرائڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳو.

ميان نصير محمد ڪلهوڙو جڏهن شاهي قيدخاني مان فرار ٿي سنڌ پهتو ۽ ڳاڙهيءَ ۾ پنهنجي ’انقلابي عبوري حڪومت‘ قائم ڪيائين، تڏهن هن ڪجهه علائقن تي قبضو ڪيو. ميان صاحب شاهه پنجي جي سياسي سرت، انتظامي، عدالتي ۽ فوجي قابليت ۽ مهارت جي بنياد تي کيس ”سلطان“ جو لقب ڏئي، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ تعلقي جي ميدان ۽ ڪچي واري علائقي تي کيس پنهنجو نائب مقرر ڪيو ته جيئن درياهي پتڻ تي سندس قبضو رهي ۽ وڻج ۽ واپار يا آمدرفت ۾ ڪو به رخنو نه پوي. درياهي پتڻ تان محصول وٺڻ جا اختيار شاهه پنجي جي حوالي هئا، جنهن ڪري ميان نصير محمد کي سندس عبوري حڪومت لاءِ پئسي جي معاملي ۾ ڪو به بحران ڏسڻو نه پيو. سندس زندگيءَ جي حالتن ۽ ڪارنامن جو وڌيڪ احوال هٿ نه اچي سگهيو آهي. اميد ته تاريخ جو ايندڙ مورخ سنڌ جي هن عظيم سپوت تي پنهنجو قلم ضرور کڻندو. سندس عاليشان مقبرو راڌڻ اسٽيشن کان اوڀر ۾ سندس نالي پٺيان سڏجندڙ ڳوٺ ۾ آهي، جيڪو ان وقت سنڌ جو اهم شهر ۽ درياهه جو اهم ۽ مکيه بندرگاهه هو، سندس انهيءَ اهميت جي ڪري ئي شاهه پنجي ان کي پنهنجو هيڊڪوارٽر مقرر ڪيو ۽ اڄ اهو شهر سندس نالي سان ”شاهه پنجو“ مشهور آهي. هاڻي هتي هڪ يونين ڪائونسل آهي ۽ شهر کي هڪ ننڍڙي ريلوي اسٽيشن به آهي. هن شهر جو اڳوڻو نالو ڇا هو؟ اهو سوال اڃا تحقيق طلب آهي. صدين کان هي شهر درياهي پتڻ هجڻ ڪري پنهنجي واپاري ساک ۽ شاهوڪاريءَ سببان مشهور هو. لطف الله بدوي، سر ايسٽوڪ،رچرڊ برٽن ۽ ٻين مشهور يورپي سياحن هن شهر، سندس تجارتي اهميت جو ذڪر پنهنجي سوانح عمرين، سياسي ۽ فوجي ڊائرين توڙي رپورٽن ۾ پڻ ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com