سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 2/ 1990ع

 

صفحو :18

ڪهاڻيون

·                 جڏهن مان انسان جي تاريخ جو اڀياس ڪري چڪس ته ورڊس ورٿ جيان گهڻو اُداس گذارڻ لڳس. ورڊس ورٿ هميشـﮧ اِهو ويچاري اُداس ٿيندو هو، ته ’انسان، انسان سان ڇا نه ڪيو آهي!‘ انسان کي نانگ، چيتي، شينهن ۽ ٻين جهنگلي جانورن ايترو ئي چيريو ڦاڙيو آهي، جيترو انسان! مون کي اِها سُڌ هئي، مان اِهو ڄاڻندو هوس، مان اِهو محسوس ڪندو هوس. پر ان جي اُميد هئي ته ضرور ڪا جاءِ اهڙي هوندي، جتي انسان جو غير فاني روح، ڪڪرن ۾ لڪل سج مثل موجود هوندو.... ۽ نيٺ ’ادب‘ جي وسيلي مان اُن جاءِ تي پهچي ويس.

- ٽئگور

ڪوڙڪي   .

ملڪ آگاڻي

ڪالهه واري سڄي ڏينهن جي هَڻُ هڻان، وٺ پڄان ۽ سڄي رات ننڊ جي ديويءَ جي چرنن ۾ سُتي رهڻ کانپوءِ ستل ۽ خاموش شهر هڪ ڀيرو وري آرس ڀڃي جاڳي پيو هو.  هي جيءُ ننڊ جي ڀاڪر مان ڇڏائي مقرر پروگرامن موجب وري ٻيهر پنهنجو پاڻ کي ڌنڌي ڌاڙي، محنت مزدوريءَ ۾ اٽڪائي سڄو ڏينهن رُجهائڻ جي جستجو ۾، وڏيون وڏيون وکون کڻندو روڊ رستا لتاڙيندو پنهنجي پنهنجي راهه رمي رهيو هو.

اناج منڊيءَ جي مُهڙ کان ٻه ٽانگا نروار ٿيا هئا. ٻئي ٽانگا گهڻي سامان سڙي سان سٿيل هئا. گهڻي بار هجڻ سبب لڳي رهيو هو ته گهوڙا سُنبن اڇلائڻ بجاءِ پيٽ ريڙهيون ڏئي ڄُڪي ڄُڪي هلي رهيا هجن. گهوڙن جي گيدائپ ۽ ڄُڪڻ تي سَئيسَ ڏوريءَ ۾ ٻڌل نيٽ جا لڪڻ هوا ۾ لهرائي سٽڪن مٿان سٽڪا ڪرائي گهوڙن کي تڪڙي هلڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا هئا. ٽانگن ۾ سئيسن ۽ سامان کانسواءِ هڪ ٻيو ماڻهو به ويٺل ڏيکارجي رهيو هو، جيڪو حاجين وري ويس ۾ لڳي رهيو هو، ڄڻ هينئر ئي هينئر حجاز مقدس کان موٽيو هجي. ٽانگا هلندي هلندي آخر صوفي رانجهن شاهه جي پڙ تي رُڪجي ويا هئا. ٽانگن رڪجڻ تي پريان ڪنڊيءَ ۾ ننڍڙي هوٽلڙي ۾ بينچن تي ويٺل، چانهه پيئندڙ، اناج منڊيءَ جي مزدورن ۾ چرپر اچي وئي هئي. هر هڪ پاڻ کي اوچو ڪندي ڪنڌ ڦيرائي ڦيرائي، ٽانگن تي رکيل سامان ۽ لهندڙ حاجي صاحب کو چتائي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ان ڪوشش ۾ هڪ ٻه مزدور چند قدم کڻي ٽانگن تائين به آيا هئا، تڏهن حاجي اقبال ڪنهن کي سڃاڻندي سڏ ڪيو هو، جنهن تي مزدورن ۾ چرپر تيز ٿي وئي هئي. هڪڙو ائين چئي اڳتي وڌيو هو ته ”خدا نه ڀُلائي، آهي ته حاجي اقبال جو آواز“.

”يار، مان به چوانءِ حق تي ته...“ ٻئي مزدور، حاجيءَ ڏانهن وڌندي چيو هو، ۽ پوءِ نه رڳو مزدور، پر هوٽلڙي جو مالڪ به اسٽو تي ٽچڪندڙ چانهه کي ڇڏي اچي حاجي صاحب جي هٿن کي چمي ڀاڪر پاتو هو، جنهن جي پٺيان ٽچڪندڙ چانهه ٽچڪي ٽچڪي نيٺ اڀامي هارجي پئي هئي. حاجيءَ جي هٿن چمڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڏسندي ڏسندي ڪيترائي هٿ، ٽانگن ۾ لڏيل سامان لاهڻ ۽ حاجي صاحب جي گهر پهچائڻ لاءِ هڪٻئي کان گوءِ کڻي رهيا هئا.

هڪڙا ماڻهو ته ان لاءِ کُٿا نٿي پڳا ته ڀلاري پار کان مدني مير جي چانئٺ چمي آيو آهي، ته ٻيا ان لاءِ جوش مان سامان لاهي ۽ ڍوئي رهيا هئا ته ائين ڪرڻ سان حاجي صاحب مٿن راضي ٿي من نه من مدنيءَ جي ملڪ جي ڪنهن سوکڙي پاکڙيءَ سان نوازي. ٻيو نه ته ٻن کارڪن يا آب زم زم جي پاڻيءَ جي ٻن ڦڙن پيئڻ جو ثواب حاصل ٿئي ۽ ٽيان وري تڪڙ تڪڙ ۾ ان ڪري سامان گهر پهچائي رهيا هئا ته سندن ائين ڪرڻ سان، ساڻس وڌيڪ قرابت نظر اچي. تنهن بعد ڏسندي ڏسندي نه رڳو حاجي اقبال جو پراڻو گهر نئين قيمتي سامان سان سٿجي ويو هو، پر سندس پاڻ کان وڏي عمر واري ماسيري زال ۽ پوڙهي سَس جون واڇون به گودا هڻي ويون هيون، جيڪي ان وقت کٿيون نٿي پُڳيون. حاجي اقبال تان اولگهول ٿيڻ لڳيون هيون. کن کان پوءِ ڏسندي ڏسندي ماڻهن سان سڄو گهر ڀرجي ويو هو. پاڙي پنبي جا ڪيترائي ٻڍا توڙي ٻار، رنون توڙي آهِر، حاجي صاحب کي ڀاڪر پئي مبارڪ ڏيڻ جي بهاني سندس آندل سامان جو به نظرن ئي نظرن ۾ جائزو وٺڻ لڳا هئا. ان سامان کي ڏسندي ڪن هوس ڪئي هئي ته ڪن ريسءَ ۽ ڪي ته پنهنجي ساڙ ۾ ئي سڙي ويا. انهن مبارڪن ۽ گوڙ شور ۾ ئي ڏسڻ ۾ آيو هو هڪڙو ڪرڙوڍ ماڻهو، جيڪو ماڻهن جي انبوهه کي چيريندو لتاڙيندو، هڪلائيندو وڏي اڪير مان حاجي صاحب طرف رڙهي رهيو هو.

”پري پري ٿيو پري.... اچو سائين اچو“، هن پٺيان ايندڙ مولودائن جي ٽوليءَ کي چيو هو ته ۽ پوءِ حاجي صاحب جي قريب ئي پهچندي ساڻس ڀاڪر پائڻ لاءِ وڌندي ”شروع ڪيو سائين، شروع.... اڙي، ابا اچي وئين، مبارڪ هجئي صد مبارڪ“، چيو هو. هن حاجي صاحب کي ڀاڪر پائي مبارڪن ئي مبارڪن ۾ کيس تمام گهڻيون چُميون به ڏنيون هيون. ”اڙي سائين ايڏا ڏينهن لائبا آهن، هتي جو اسان.... اچڻ جو ڪو خط پٽ به نه، هاڻي به بچل اچي ٻڌايو ته حاجي صاحب آيو آ، تڏهن مولودائن کي ڳولي ڦولهي ٽانگي کي ڊڪائيندي اچي نڪتو آهيان، ابا خوش ته آهين نه؟“ ۽ پوءِ مولودن جي سُرتال ۾ ئي هن سرگوشيءَ جي آواز ۾ ڪجهه چيو هو، جيڪا سرگوشي گهر ڌياڻين جي ڪنن تائين به پهچي وئي هئي. ”۽ حاجاڻي پهريون ويلو مان وٽ ٿئي. مان سڀ بندوبست ڪيو پيو اچان. ۽ هاڻي جي ابا آيو به آهين ته، ته اڳو پوءِ ڏينهن ٻن ۾ منهن اگهاڙا به ڪري ڇڏجن.“ مولودائن جي ڪڙڪيدار آواز ۾ هن پويان لفظ چٻي چٿي نه پر ڪاڪڙي هيٺان زبان ڪندي چيا هئا، جن جي معنيٰ کي پروڙڻ لاءِ حاجي صاحب منجهس ڇوهه وجهي ڏٺو هو ۽ ٻنهي عورتن جا ڪن کڙا ٿي ويا هئا، تنهن بعد ڦُڙتيءَ سان اٿي کيسي مان رپئي رپئي جا نوٽ ڪڍي، حاجي صاحب مٿان گهوريندي مولودائن سڳورن کي ڏيندو رهيو هو. پوءِ ڳچ تائين مولودائن جا مولود، دُرود شريف ۽ الله اڪبر جي نعرن جون صدائون بلند ٿينديون رهيون. ڪجهه ساعتن جي مزي وٺڻ کان پوءِ آهستي آهستي جيئن ئي ماڻهو چُرَڻ لڳا، ائين ڪندي ٻاهرئين دروازي کان هڪ مرد ۽ عورت نهايت مسرت واري جذبي سان سرشار تڪڙيون وکون کڻندا، حاجي صاحب جي قريب آيا. قريب ايندي ئي هو ٻئي حاجي صاحب کي ٻکين پئجي مٿس مِٺين جو مينهن وسائڻ لڳا.

”اڙي منهنجا پرديسي پٽڙا، خداءِ آنداءِ، ايڏا ڏينهن لائبا آهن!“ عورت مٿس اول گهول ٿيندي نهايت پنهنجائپ واري جذبي هيٺ چيو هو.

”اڙي ڏس، ڏس.... مَت جي موڙهي، ائين ڪو چئبو آهي؟ مدنيءَ جي ملڪ لاءِ متان وري ائين بڪيو ٿي.“ مرد عورت کي هدايت ڪندي چيو هو ۽ پوءِ اٿي حاجي صاحب مٿان ڪجهه نوٽ گهوري مولودائن کي ڏنا هئائين.

”هتڙي آجو، او جڏهن سڀني مائٽن ڏي خط پٽ آيا، تڏهن وڃي پيٽ ساهه پيو. کن کان پوءِ عورت چيو هو.

”ابا هلجي، ٻاهر بگي تيار بيٺي آهي.“

”ماسڙ ڪيڏانهن؟“ حاجيءَ حيرت مان پڇيو.

”پنهنجي ئي گهر، ٻيو وري ڪيڏانهن.“

”هي به ته....“

”ها ها، اسان وري ڪنهن جا آهيون، هُت آهن جو نياڻيون سياڻيون، اوڙو پاڙو، اصلي گهر ئي ڀرجي ويو آهي. مان سڀ بندوبست ڪيون آيو آهيان.“ هن وڌيڪ حجائتو ٿيندي چيو هو ۽ عورت ويٺي ئي ويٺي چيو هو.

”اڙي ڇڏينس ٻچڙي کي، ساهه ته پٽڻ ڏي. هت به راحتڻ ۽ ادي ويچاري....“

”چڱو چڱو پر مانيءَ جو تونکرو نه ڪجانءِ، اسان اڳ ۾ ئي بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.“

”اڙي ميان پريا مڙس، ڏسي وائسي ته هوڪا ڏي. هيڏانهن اسان وري ڇا تي..... هُت آ جو ڪُنا ئي چڙهي ويا آهن. هُئي سا وات ٽُڪاڻي سا به...“ اڳين همراهن کيس اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.

”ماسات، تون ته صفا هنيانءُ ئي کائي وئين. مان چيو ته....“ هن پريان ٻيءَ کٽ تي ويٺل همراهه کي چيو هو ۽ پوءِ سرگوشيءَ وارو انداز اختيار ڪندي، حاجيءَ جي ڪن آڏو منهن آڻيندي چيو هئائين ”ابا، هو خفو به لاهڻو آهي، ٻيلي جواڻ وياءُ ويهاريو ڪو چڱو آهي. الاهي ساترا ماڻهو ٽوڪون هڻن ٿا. مان به پئي ٻڌو، چيم: ’جيستائين اقبال موٽي تيستائين چئو، ڀلي چئو.‘ هن جيتوڻيڪ رازداريءَ وارو لهجو اختيار ڪيو هو، پر پوءِ به اها ڳالهه ڪيترن ئي ويٺلن بيٺلن جي ڪنن تائين پهچي چڪي هئي. حاجي اقبال وائڙو ئي رهجي ويو ۽ ٻيا سمجهو ماڻهو پريان ئي بيٺي بيٺي ڪمينٽري ڪري رهيا هئا.

جوفي به گهڻائي حيلا هلايا.

”ساهوءَ جا سالا به گهڻا، بکئي جو ڪو ڀيڻوِيو به ڪو نه.“

”اڳي به اهو اڪو ٿوڪو، ڪن هاڻي اچي.... هاڻي پڪو ويٺو موج ڪري عيش اڏائي.“

”چئو سائين – ڀلا هُت ٿيو، وهن ٽوءَ نديون، عربن کي به پاڻيءَ وانگر پيٽرول جو پئسو. سنبر يار ته پاڻ به هلون عربن جي ملڪ تي. هِت ڇاهي، اُهي ته سڀڪجهه اُتي آهي. اجايو هَڏ هڻي هڻي ڄَوائي کائي ويا آهن.“

تنهن بعد نه رڳو ڪمينٽريون ٿيڻ لڳيون، پر حاجي صاحب سان نسبت ظاهر ڪرڻ لاءِ سندس اوري پري وارن مائٽن طرفان ڪافي حجتون به اٿاريون ويون. هُن کي نه رڳو مائٽن جي سُٺن طعامن کائڻ مان لست آئي پر کانئس گذريل وارداتن جا ٿيل ڏَنا به ڪو نه وسريا. مائٽن طرفان رهڙان رهڇان، يتيم ٿيڻ تي لولي لاءِ ڌڪا ٿاٻا، گهر گهر جون ٺوڪريون، پراڻن مساڻن ۽ اسٽيشن تي بيٺل ريل جي ناڪاره دٻن ۽ پائخانن ۾ لِڪڻ ڇپڻ کان وٺي هن اڄ تائين ڪجهه به ڪو نه وساريو هو. هن ته انهن گڏهه جي لغامن، ڏُنڊڪن، لڪڻن ۽ وٽن ٿالهن کي به ڪين وساريو هو، جن جا نشان اڃا سوڌو سندس جسم تي ڇاپاڪا ٺهيا بيٺا هئا. هن جي ايتري ڇرڪڻ جي باوجود مائٽن منجهانئس هٿ ڪو نه ڌوتا ۽ ٻئي پاسي جوڻس سدائين سندس ڪڇ ۾ رهي، کيس سنڀالڻ جو ذريعو ثابت ٿي. البت پوڙهي سڻهس، سندس مائٽن طرفان ٿيل ڳالهين جي آڳي پيڇي تي نهايت گهرائيءَ سان سوچيندي رهي هئي. هوءَ آزمودگار عورت هئي، سندس تَڙُ تَڙُ تانگهيل هو، ان ڪري هن لاءِ اهي ڳوٽان ۽ ڳجهارتون ڀڃڻ ڪي اوکيون ڪين هيون. ظاهر ۾ ته اهڙو ڪو به عمل ڪين ڏيکاريائين پر ڪَن سيءُ مِڙئي رکيون آئي. ان سڀني جي باوجود گهر جي ٺاهه ٺوهه ۽ ٻين معاملن ۾ پڻ وڌيڪ دلچسپي وٺندي رهي. هن نه رڳو فِرج جو ٿڌو پاڻي پي پي اندر ٺاريو پر نئين نڪور ٽنگن واري عينڪ سان ٽيليويزن صوفا سيٽ ۽ نين ڪرسين جا به خوب مزا ماڻيا هئائين.

”اڙي هاءِ هاءِ، قران سئون ڄڻ بت ئي وڃي پشم ۾ پيو.“ هوءَ صوفا تي پاڻ اڇلائيندي چوندي، تڏهن پريان ئي ڪنهن ڪم ۾ رڌل راحت هڪل ڪندي:

”هاڻي چڱيان حال، متان نڪ آئون وات وانگر وسن جهڙن ڪوچن کي به ناس سان ٿڦي ليساڙا ڪري ڇڏين. اڇا هاڻي آيا آهن، جن جي پوريءَ طرح بَها به ڪا نه لٿي آهي.“

”اڙي هائو هائو، خبر آهي ڇا ڪا مانکي. پاڻ وري اهڙي... شکر جو تو ڪو نه آندا آهن، نه ته جيڪر سانڍي وڃي سوگها ڪرين ها.“

۽  ڪڏهن ڪڏهن انهن دعوتن جي ڊگهي سلسلي تي ڳالهائيندي، جيڪي سعوديءَ کان موٽڻ بعد اقبال کي مائٽن طرفان ڏنيون ٿي ويون.

”داعتون داعتون، اهي مُٺيون داعتون کٽنديون به الائي....“

تڏهن اقبال بيزاريءَ مان چوندو:

”ماسي، بس رڳو اڄوڪي دعوت کائي اچان، پوءِ...... مان پاڻ دعوتون کائي کائي ڪَڪ ٿي پيو آهيان.“

”پر به، جاڪون جو آيو آهين، ٿئي ٿي ڪا گهر جي ماني نصيب؟ هجني رڳو پرايون داعتون کائڻيون،پراوا ڪُنا چَٽڻا“ راحت مرڪندي چوندي ۽ سندس دل ۾ جڳهه وٺڻ لاءِ وڌيڪ قريب ايندي.

”ڀلا مائٽن سان به ته منهن ڏيڻو آهي نه، اڳ اڃا ٻي ڳالهه، هاڻي جو پاڻ وِکَ وڌائي اٿائون......“

”اهي مائٽ اڳ به هئا، ڪن هاڻي اچي نئينءَ مان ظاهر ٿيا آهن.“ راحت سندس ڪلهن کي مروٽا ڏيندي چوندي، ائين ڄڻ اهو سڀڪجهه کيس خراب لڳندو هجي. ۽ پوڙهي نڪ کي موڙو ڏيندي اڳڙيءَ سان ناس هاڻيون آڱريون اگهندي اٿي ٻئي پاسي چوندي ويندي.

”هُون - ڪچيءَ ڪو نه، باقي پَڪيءَ هر ڪنهن جي سَڌَ.“

۽ پوءِ هو ته ان دعوتن جي ڊگهي سلسلي جي آخري دعوت مان لطف اندوز ٿيڻ ويو ۽ پويان ڇڏي ويو هو سس ۽ زال کي ڪنهن پڄرندڙ باهه ۾. ڳچ ڳچ رات تائين بسترن ۾ ليٽڻ کان پوءِ به ٻنهي کي لوڇ پوڇ رهي ته رڳو دعوتن جي ئي رهي. راحت بي آرامي مان هروڀرو به پاسا ورائيندي انهن دعوتن جي ڊگهي اَڻ وڻندڙ سلسلي کي نظر انداز ڪرڻ چاهيو هو ۽ پوڙهيءَ ناس جو آخري ڊوز واپرائيندي اڳڙيءَ سان نڪ، وات ۽ آڱريون اگهندي وات کي مِچڪايو هو.

”اهي داعتون، داعتون..... داعتون کٽنديون به الائي.... خداءِ، جي قُذرِت ته ڏِس، جان ته ڪو مائٽ ڳوليو ڪو نه لڀندو هوس، جان ته وري الائي ڪٿان اچي ڳجهن وارو ڳاهٽ، ڪوِلين واريون قطارون ڪري پنهنجن ٽنگڙن مان نڪري پيا آهن.“

پوڙهيءَ جي آخري جملي تي راحت به سُرَ سان سُرُ ملائڻ کان رهي ڪا نه سگهي هئي.

”اڳ ويچارو وڻندو ئي ڪو نه هو، هاڻي اچي مِٺو لڳو آهي.“

”اڙي چوانءِ ٿي، ڌَتِ ڪر پنهنجي کي، مُلڪ ۾ پيون ٿي ڌوتيون متان ڪا وِجهئيس نه جَفَرَ جو عِلم. اڳي ئي ٻڌين نٿي ته هرڪو کنيون ٿو ڏئيس.“ پوڙهيءَ نيٺ پنهنجو اوجهه اوڳاڇيندي ڪجهه خَدِشو ظاهر ڪندي ڳالهايو هو.

”بات آ، مان ڄڻ مري وئي آهيان، ڏيکاريانس وري ڏينهن جا تارا.“ راحت غصي ۾ ٽمٽار بستري تي اٿي ويهندي چيو هو ۽ پوڙهيءَ پنهنجي پنهنجي مُراد ڪڍرائيندي اڃان به وڌيڪ ڳالهه کي ڳالهيئڙي وارو انداز ڏياريندي چيو هو.

”ٻيو نه ته، هيءَ چُوڻِ ڇا لاءِ ٿا وجهنس. مان ڪا....“ هن جملي کي اڌ ۾ ڇڏي راحت کان ئي مڪمل ڪرائڻ چاهيو هو. راحت پنهنجي حيثيت جتائيندي چيو هو.

”مان ته نه اگهايون مانِ ني، وتن کاريءَ ۾ کڻي ڪوسا ڪُهَرَ ڪري کپائيندا.“

”مُٺي، خداءِ ته ڏي اَمانَ پر جي سچ به ڪو نئون ميوو چکي چريو ٿيو. پوءِ ته پَکُڙَ وجهيس جي مُڙي. ها،  رنگ کي سڃاڻ نه، هاڻي ته الائي ڪٿان اچي رنگ ڪڍيا اٿائين. ڏسين ٿي سٺن ڪپڙن ۾ ڪيئن نه ٺاڪِ ڦوڪِ سان ٿو هلي. الائي ته نيت ۾ ڪهڙو خَلَلُ ٿس.“

”نه نه ائين نه ٿيندو، ائين نه.... هو مانکي دوکو نه ڏيندو. دوکو نه ڏيندو. ائين نه ڪندو، ائين نه ڪندو“ هن پوڙهيءَ جي وار کان بوکلائيندي وڦلندي پاڻ کي ڪوڙي دلجاءِ ڏيڻ لاءِ وڏي آواز ۾ چيو هو ۽ پوڙهي پنهنجي مراد حاصل ڪرڻ جي جُهد ۾ هڪ وک اڃا به اڳتي وڌائيندي چيو هو:

”ائين ڪندو ضرور ڪندو، تون ڪير ٿيندي آهينس روڪڻ واري؟ توسان زورمس جي ميندي، توسان ڪهڙو سڱ؟ تون ڪهڙو سندس هَڏُ رت؟ اڄ هن وٽ ڏوڪڙ آهن، سمجهه آهي، پيسي هٿ ڪرڻ جو گُر آهي، اڄ هن جي ڪُٺي حلال آهي. هاڻي هن کي اڏرڻ وارا پَرَ ڄاوا آهن، هو ڪڏهن به توکي آکِ ٿو کَٽا ڪري سگهي ٿو. اهو وقت کائي وئينءَ جڏهن تون کيس ننهه تي نچائيندي، آڱر جي اشاري تي هلائيندي هئينءَ ۽ اڇي ڪاري جي مالڪياڻي هئينءَ. اڄ هو ڏندين ڏاند آهي، اڄ هو....“ پوڙهيءَ کي پڪ هئي ته سندس ٻاڻ خالي نه ويو، هوان ڪري ڪنهن به نتيجي جي انتظار ڪرڻ بغير ئي عينڪ لاهي ويهاڻي هيٺان رکي آهستي آهستي آهلي پئي ۽ راحت، پوڙهيءَ جي سوالن کان لاجواب ٿيندي ويهاڻي ۾ منهن وجهي ڪنهن اوچتي ڪال جي ڊپ کان روئندي سڏڪا ڀريندي ئي رهجي وئي هئي.

ڳچ وقت جي خاموش ڳوڙها ڳاڙڻ کان پوءِ هُن ٻيهر دل ئي دل ۾ ساڳا پهريان ئي سوال دهرايا هئا ”ڇا، سچ به هُو آکِ ٿو کُٽا ڪري سگهي ٿو!؟ ڇا، سچ به هو مون کي ڇڏي ڏيندو!؟ هن کي انهن سوالن جو في الفور ڪو به جواب سمجهه ۾ ڪو نه آيو هو، بس رڳو هڪ نظر پريان سُتل پوڙهيءَ جي بي سُرتي جسم تي وڌي هئائين ۽ پوءِ هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کڻندي، ڊگهو ٿي سمهندي منهن تائين چادر تاڻي ڇڏي هئائين. هن پوءِ سُتي ئي سُتي ڪافي وقت تائين پوڙهيءَ جي لفظن ۽ سندس مڙس ۽ پوءِ مائٽن جي گفتن تي سوچيو هو.هن جي سوچڻ واري انداز مان لڳي رهيو هو ته، هوءَ نه رڳو پوڙهيءَ جي ڳالهين کان متاثر ٿي هئي پر هن کي پنهنجي مستقبل ۾ پيش اچڻ وارن هولناڪ حالتن جو به زبردست ڊپ ٿيڻ لڳو هو. ظاهر ۾ ته هوءَ سڀ ڪجهه يقين ۽ اعتماد جي آڌار تي رد ڪندي رهي پر اندر ئي اندر انتها درجي جو خوف کائي رهيو هوس. ان خوف، جلن، ساڙي، پچڻ پڄرڻ کان بچڻ جو وٽس ٻيو ڪو به رستو نه رهيو هو، سواءِ ان جي ته هوءَ اقبال سان گڏ گهاريل گهڙين کي ياد ڪري ڪي کن تسڪين وٺي يا ائين کڻي چئجي ته پوڙهيءَ واريءَ ڪسوٽيءَ تي رکي اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي هجي ته ”ڇا اهو سڀڪجهه ٿي به سگهي ٿو؟“ جنهن جو خوف پوڙهيءَ ڏياريو هوس.

هن کي ڀاسڻ لڳو هو ته نه رڳو سندس ئي پنجويهن سالن جي جواڻ جماڻ مڙس سان بي انتها سڪ هئي پر سندس گذريل حياتيءَ جي ڪجهه لمحن ۾ (جيڪي هنن گڏ گذاريا هئا) اقبال اهڙو ڪو به تاثر ڪين ڏنو هو، جنهن مان محسوس ٿئي ته هن جي پاڻ کان ڪيئي سال وڏي ڄمار واري زال سان ڪا سڪ، محبت يا قرب ڪو نه هو. هن ته کيس وڌيڪ ئي چاهيو هو. هو جڏهن به ٿڪو ٽٽو گهر ايندو هو ته راحت جي هڪ ئي مرڪ سندس سڀ دک دور ڪري ڇڏيا. نه صرف اقبال جا دک دور ٿيا پر هن به پنهنجي وجود کي اقبال جي ٻانهن ۾ سونپيندي ڪافي سک ماڻيو. ان عمل ۾ راحت کي ڪڏي ڪڏي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪناري کان به سندس وک سوين قدم اڳتي کڄي وئي هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com