علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون
.
ڪتاب ”دوکو“ تي ادبي ورڪشاپ
نئين قائم ٿيل ضلعي نوشهري فيروز جي ننڍڙي شهر
خانواهڻ ۾ 9- فيبروري 1990ع تي محترم نجم عباسي
جيڪو پاڻ خانواهڻ شهر جي پيدار آهي، جي تازه ڪتاب
”دوکو“ تي ادبيورڪشاب منعقد ٿيو.
سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ جي جوائنٽ سيڪريٽري
مظهر عباسي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض بجا اندا.
صدارت جي لاءِ استاد محمد پناهه ڦرڙي کي سڏيو ويو
۽ گڏوگڏ مهمان خاص لاءِ سکر کان ڪهي آيل مهر خادم
۽ اعزازي مهمان لاءِ عبدالغني مهر کي اسٽيج تي
ويهاريو ويو.
ان کانپوءِ ڪارروائي کي اڳتي وڌائيندي غلام نبي
ناشاد سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ کي سڏيو
وي، جنهن معزز مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجو
مقالو ”نجم عباسي- سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ جو
ميمبر“ جي عنوان سان پڙهيو.
منور قاضي سيڪريٽري وحدت ڪالوني حيدرآباد ”دنيا جا
اديب ۽ نجم عباسي“ جي عنوان تحت مقالو پڙهندي چيو
ته نجم پنهنجي رومانٽڪ ڪهاڻين کي به اهڙي حقيقت
پسنديءَ سان لکيو آهي، جوپيار ۽ انقلاب جو سنگم
لڳي ٿو. دنيا جي عظيم ڪهاڻيڪارن مان جن ۾ مئڪس
گورڪي، جنهن ماءُ ناول لکي پنهنجي وطن جي ماڻهن ۽
پورهيتن کي پنهنجي گڏ هجڻ جو احساس ڏياريو آهي،
ائين ئي نجم عباسي پنهنجي ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ اسان
جي مسئلن کي پاڻ سان گڏ کنيو آهي. منور قاضي دوکي
ڪتاب تي تفصيل سان بحث ڪيو.
انجم سومري ”نجم عباسي نظرياتي ليکڪ“ جي عنوان سان
مقالو پڙهيو. نوجوان اديب نذير عباسي دوکو تي
ڳالهائيندي چيو ته هي ڪتاب اهڙن ئي ڪردارن جو ڪتاب
آهي، جنهن ۾ مست مستيءَ سان گڏ قوم پرستي به ڪن
ٿا.
نوجوان اديب ۽ شاعر منظور قادر (جيڪو سنڌي ادبي
سنگت شاخ خانواهڻ جو آڊيٽر پڻ آهي)، پنهنجو مقالو
”منهنجا ٻه ٻول ۽ ڊاڪٽر نجم عباسي“ پڙهيو. ان
ٻڌايو ته نجم عباسي، جيڪو اسان جو پنهنجو ۽ پنهنجي
گهر جو ڀاتي آهي، اهو اسان لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽
سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ وڏو ڪهاڻيڪار اسان جي شهر
”خانواهڻ“ جو آهي. هن ڪڏهن به نعري بازي نه ڪئي
آهي. سندس تخليق ڪيل ڪردار هميشـﮧ حقيقي لڳندا
آهن.
پارس حميد، ”نجم عباسي جي ڪهاڻين جوڪتاب دوکو
منهنجي نظر ۾“ جي عنوان سان مقالو پڙهندي چيو ته
هن ڪتاب جي مک ڪهاڻي ’دوکو‘، جنهن ۾ جوهري هٿيارن
تي احتجاج ڪندڙ ڪردار چارلس چارمنگ هتي اچي ٿو ۽
ٿر جي سفر دوران محسوس ڪري ٿو ته اسان جيڪا جوهري
هٿيارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي موٽ ۾
جوهري هٿيارن جي روڪ بابت ٻڌايو ويو هو، اهو اسان
سان دوکو ڪيو ويو آهي. سامراجين ٽيئين دنيا جي هن
تڪري تي جوهري هٿيار استعمال ڪيا آهن.
ان کان پوءِ اعزازي مهمان عبدالغني مهر چيو ته ”ڇا
قومي سجاڳي، سياسي هلچل ۽ حق وٺڻ جي جنگ لاءِ
اسلام تي طنز ڪرڻ ضروري آهي؟ نجم عباسي مغربي
مفڪرن جي خيالن کان متاثر ٿي جنهن دل آزاريندڙ
طريقي سان اسلام جي هڪ رڪن روزي تي تنقيد ڪئي آهي،
ايتري جرئت شايد ڪو غير مسلم به نه ڪري ها!“
ان کان پوءِ مهمان خاص مهر خادم ڪتاب تي
ڳالهائيندي چيو ته ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻي ”پوڙها“
پنهنجيموضع جي اعتبار کان نهايت ئي اهم ڪهاڻي آهي،
جنهن ۾ پراڻي سوچ رکندڙ پوڙها به جڏهن هڪ سڄاڻ
نوجوان جي گفتگو ٻڌن ٿا ته خاموش ٿي وڃن ٿا ۽
ماستر مراد تي ايترو متاثر ٿئي ٿو جو نوجوان بلاول
لاءِ دل چاهيس ٿي ته جيڪر کيس ڀاڪر ڀري پاڻ به زور
سان نعرا هڻي ۽ ٻين کان پڻ نعرا هڻائي. حقيقت ۾ هن
ڪهاڻيءَ ۾ ميڪسم گورڪي جي ناول ماءُ جي مشابهت ملي
ٿي.
آخر ۾ محفل جي مور استاد محمد پناهه ڦرڙي چيو ته
اگرچه مون هيءُ ڪتاب دوکو پڙهيو ناهي، پر مان
سمجهان ٿو ته نجم عباسي پنهنجن اڳين ڪتابن وانگر
هن ڪتاب ۾ به قومي مسئلن کي کنيو هوندو. بهتر ٿئي
ها، جي ڊاڪٽر نجم پاڻ هن محفل ۾ موجود هجي ها. ان
سان گڏوگڏ پاڻ پڙهيل مقالن تي به ڳالهايائون.
هنورڪشاپ تي اسلم خشڪ ۽ ارشاد رباني سيال پڻ
پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. اهڙيءَ طرح هي تقريب
رات جو 9 بجي اختتام تي پهتي.
- منظور قادر
رشيد ڀٽيءَ جي ٻي ورسي
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، اديب ۽ دانشور
جناب رشيد ڀٽيءَ جي ٻي ورسي 16 فيبروري 1990ع،
جمعي ڏينهن جاگيراڻي محلي سکر ۾، سنڌي ادبي سنگت
شاخ سکر پاران نهايت اڪير ۽ عقيدت سان ملهائي وئي.
سنگت سکر جي سيڪريٽري، شفن مڱرئي، ميڙ جي
ڪارروائيءَ جي شروعات ڪندي، مشهور ڪهاڻيڪار محترم
حميد سنڌيءَکي صدارت جي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ ڪوٺ
ڏني. ان کان سواءِ نامياري شاعر جناب تنوير عباسي
کي خاص مهمان طور ۽ نامور تاريخدان دادا سنڌي کي
اعزازي مهمان جي حيثيت سان اسٽيج تي سڏيو ويو.
مشهور شاعر فتاح ملڪ کي آجيان ڪميٽيءَ جي چيئرمن
جي حيثيت سان پڻ مهمانن سان گڏ مٿي اسٽيج تي
ويهاريو ويو.
شفن مڱرئي شاهه عبداللطيف جي بيتن سان گڏجاڻيءَ جو
آغاز ڪيو ۽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان آيل مهمانن جا
ٿورا مڃيا. سڀ کان پهريان سکر جي نوجوان ليکڪ خالد
بروهيءَ پنهنجو مختصر تاثر پڙهيو. جنهن ۾ هُن
ڪامريڊ برڪت علي آزاد جي بيماريءَ جو حوالو ڏيندي،
ادب دوست ساٿين کي اپيل ڪئي ته هو بيمار ۽ غريب
ليکڪن جي پرگهور لهڻ لاءِ مستقل طور هڪ ادارو قائم
ڪن، جيئن ڏکئي وقت ۾ اديبن کي جهولي جهلڻي نه پوي.
مهر خادم، رشيد ڀٽيءَ جي افسانن جو جائزو پيش
ڪندي، سندس مختلف افسانن مان چونڊ حوالا پنهنجي
مقالي ذريعي بيان ڪيا. هن ادبي گڏجاڻين معرف رشيد
ڀٽيءَ سان ٿيل ڪچهرين جو ذڪر پڻ ڪيو.
ادل سومري پنهنجي تاثر ۾، ادبي برادريءَ ۾ موجود
انهن روين تي افسوس ڪيو، جن موجب گذاري ويل ليکڪن
کي فقط انهن جا مٽ مائٽ ۽ دوست وغيره ياد ڪن ٿا.
جڏهن ته ليکڪ سڄي قوم جو سرمايو هوندا آهن.
قاضي منظرحيات پنهنجي تفصيلي مقالي ۾ ترقي پسند
ادب جو جائزو وٺندي، رشيد ڀٽيءَ جي لکڻين کي سنڌي
ادب جو اهم سرمايو سڏيو. هن چيو ته رشيد ڀٽي
پنهنجن اثرائتن افسانن وانگر، عام زندگيءَ ۾ هڪ
سچو ۽ بااصول انسان هو.
امام راشديءَ پنهنجي تاثر ۾ رشيد ڀٽيءَ جي شخصي
زندگيءَ جو حوالو ڏيندي، هن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه
جو ذڪر ڪيو، ۽ چيو ته هو نه صرف هڪ سٺو افسانه
نويس هو، پر هڪ ڀلو انسان به هو.
مختيار ملڪ تقرير ڪندي چيو ته رشيد ڀٽيءَ جهڙن
باعمل ليکڪن جي اسان وٽ کوٽ آهي. هن رشيد ڀٽيءَ
سان گهاريل گهڙين جو ذڪر ڪندي چيو ته معروف ليکڪ
هئڻ جي باوجود هن ڪڏهن رشيد ڀٽيءَ جي چهري تي
ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي.
هادي ڀٽ پنهنجي جذباتي تقرير ۾ چيو ته رشيد ڀٽيءَ
نه فقط سچ لکيو، پر سچ جي سوڀ لاءِ عملي جدوجهد به
اختيار ڪئي، ۽ ڪڏهن به حالتن سان ٺاهه نه ڪيو.
نصرت حسين ابڙي، صحافتي تجربي جو حوالو ڏيندي رشيد
ڀٽيءَ جي اخباري ڪالمن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته
رشيد ڀٽي طنز و مزاح جي روپ ۾ تمام وڏي ڳالهه ڪرڻ
جو ماهر هو.
نظام بلوچ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ليکڪ پنهنجي سماج
ڏانهن جوابدار هوندو آهي، ان ڪري ليکڪ کي عوام جي
جذبن جي ترجماني ڪرڻ سان گڏ عوام جي مسئلن کي حل
ڪرڻ لاءِ به جدوجهد ڪرڻ گهرجي، جيئن رشيد ڀٽيءَ
ڪري ڏيکاريو.
ريحانه شيخ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته رشيد ڀٽي فقط
تاثراتي دنيا جو ليکڪ ڪو نه هو، پر هو هڪ جاکوڙي
انسان به هو، جنهن عورتن ۾ جاڳرتا جي روشني پکيڙڻ
لاءِ، پنهنجي خاندان جي عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ
سان گڏ، عورتن جي حقن لاءِ هر ممڪن آواز اُٿاريو.
رشيد ڀٽيءَ جي ”بڻ“ ڪهاڻيءَ جو حوالو ڏيندي هن
رشيد ڀٽيءَ جي ڪهاڻين کي طبقاتي نظام خلاف هڪ
اثرائتي ڪوشش سڏيو.
اعزازي مهمان، محترم دادا سنڌيءَ پنهنجي تفصيلي
مقالي ۾ رشيد ڀٽيءَ جي ذاتي زندگيءَ سان گڏ ادب جي
دنيا ۾ ڪيل سندس ڪارنامن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته
رشيد، يارن جو يار ۽ هڪ سچو انسان هو، جنهن بنان
ڪنهن خوف جي سچ لکيو ۽ سچ جي راهه ۾ ملندڙ تڪليفن
کي مرڪندي سَٺو.
فتاح ملڪ پنهنجي اثرائتي تقرير ۾ قومن جي ترقيءَ ۾
اديب جي ڪردار تي روشني وجهندي چيو ته هڪ سچو ليکڪ
ئي پنهنجي لکڻين وسيلي، قوم جي صحيح رهنمائي ڪري
ٿو ۽ ڪڏهن به پنهنجن اصولن تي سوديبازي نٿو ڪري،
ڇو ته هن جي جاکوڙ بنا ڪنهن غرض ۽ لالچ جي آهي.
جڏهن ته هڪ سياستدان اقتدار جي چڪر ۾ مصلحت پسند
ٿي سگهي ٿو، پر ليکڪ ڪنهن به موڙ تي قوم سان دوکو
نٿو ڪري. هُن آخر ۾ ورسيءَ ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني
دوستن جا ٿورا مڃيا.
خاص مهمان جناب تنويز عباسي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته
لاڏاڻو ڪري ويل ليکڪن جي سڄي قوم وارث آهي، ان ڪري
فقط انهن جي پونيرن ۽ دوستن پاران انهن جي ياد ۾
ميڙ ڪوٺائڻ واري روايت ختم ٿيڻ گهرجي. هُن رشيد
ڀٽيءَ جي پُرڪشش شخصيت جو ذڪر ڪندي چيو ته هو سڀني
دوستن جو دادلو ۽ محفلن جو مرڪز هوندو هو. مختلف
بيمارين هوندي به هُو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، پر
آخر تائين خوش رهي، اسان سڀني کي همت ۽ حوصلي جو
سبق سيکاري ويو.
تنوير عباسيءَ جي تقرير دوران نامور ليکڪ ۽ دانشور
سوڀو گيانچنداڻي پنڊال ۾ داخل ٿيو. حميد سنڌي ۽
تنوير عباسيءَ جي خواهش تي ميڙ جي روايت ٽوڙيندي،
خاص مهمان کان پوءِ سوڀي گيانچنداڻي کي تقرير لاءِ
سڏيو ويو. سائين سوڀي گيانچنداڻيءَ پنهنجي تقرير ۾
بدلجندڙ سماجي ۽ سياسي حالتن جو ذڪر ڪندي چيو ته
اديب کي اڳتي وڌي پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪرڻ
گهرجي. صرف قلمي جدوجهد حالتن بدلائڻ ۾ اثرائتي
ثابت نٿي ٿئي. هُن رشيد ڀٽيءَ جي لکڻين، سنڌي ادبي
سنگت جي اوسر ۾ سندس ڪردار ۽ عملي جدوجهد کي
ساراهيو.
محترم حميد سنڌيءَ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته
سنڌ جي اديب ۽ دانشور ڪڏهن به ضمير جو سودو نه ڪيو
آهي ۽ اهڙن سچن ۽ بيباڪ اديبن ۾ رشيد ڀٽيءَ جو
نالو مٿانهون آهي. هُن رشيد ڀٽيءَ کي پنهنجو مرشد
۽ استاد سڏيندي، ون يونٽ ٽوڙائڻ ۽ ٻين قومي مسئلن
۾ سندس ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته ”روح رهاڻ“
فقط هڪ فرد جي ڪوشس جو نتيجو نه، پر اجتماعي محنتن
جو ڦل هو، جنهن ۾ رشيد ڀٽي پڻ اڳڀرو هو.
انهيءَ موقعي تي اِرم، اسماءِ ۽ فرحانه جن هڪ گيت
پڻ پيش ڪيو. هن ادبي ميڙ ۾ مقالا پڙهندڙ ۽ تقريرن
ڪرڻ وارن کان سواءِ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، سليم
ڪورائي، اياز گل، رسول ميمڻ، غلام رسول ڪلهوڙي،
ارشاد ساگر، اختر درگاهيءَ، ابراهيم سارنگ، پارس
حميد ۽ ٻين اديبن ۽ ادب دوستن وڏي تعداد ۾ شرڪت
ڪئي.
- ادل سومرو
رشيد ڀٽي جي ٻي ورسي جي موقعي تي مقررين: حميد سنڌي، فتاح ملڪ،
دادا سنڌي ۽ شفن مڱريو
سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ طرفان منعقد ڪيل ”لطيف ميڙ“
جا مقررين ۽ راڳي: شمشيرالحيدري، هدايت بلوچ، غلام
حسين رنگريز، ديدار بلوچ، بخشڻ مهراڻوي، ماڪن شاهه
رضوي، زيب نظاماڻي، فوزيه سومرو، محمد جمن دربدر ۽
حليم باغي
”لطيف ميڙ“ - سانگهڙ
21- فيبروري 1990ع جي شام سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ
پاران جيمخانه ڪلب سانگهڙ ۾ ”لطيفي ميڙ“ جي سري
سان هڪ مانائتو ادبي سٽاءُ جوڙيو ويو. سڄو پنڊال
سنڌ جي ماروئڙن، سانگيئڙن جهانگيئڙن، ۽ ماروين سان
ڀريل هو. پري پري کان اديب، ليکڪ، شاعر، نوجوان
شاگردياڻيون، ليکڪائون، سنڌ جا سپوت ۽ سنڌ جون
نياڻيون اچي گڏ ٿيون هيون.
اسٽيج تي هڪ پروقار شخصيت، نوجوان شاعر، آواز نگر
جو بادشاهه، سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ جو سيڪريٽري
بخشڻ مهراڻوي نمودار ٿيو، جنهن هي سڄو مانڊاڻ
جوڙيو هو. پنهنجي سندر سٻاجهي آواز سان لاکيڻي
لطيف جي هنن سٽن سان ابتدا ڪئي:
ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀنور ڀري آڪاس
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس
تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
ان کان پوءِ اسٽيج تي ترتيبوار معزز مهمانن کي
سڏيو ويو، جنهن ۾ مکيه مهندار سنڌ جو عظيم شاعر
سائين شمشير الحيدري، مهمان خاص سنڌي ادبي سنگت
سنڌ جو
]تڏهوڪو[ مرڪزي جنرل سيڪريٽري سائين غلام حسين رنگريز، اعزازي
مهمان مشهور شاعر سائين هدايت بلوچ هئا.
تنهن بعد بيج لڳائڻ جي رسم ادا ڪئي ويئي. مکيه
مهندار کي سانگهڙ جي نئين ٽهيءَ جي ليکڪ استاد
نظاماڻي، مهمان خاص کي رمضان راهي، اعزازي مهمان
کي عاصم بلوچ بيج لڳايا. آيل مهمانن جي آڌر ڀاءُ
لاءِ سانگهڙ جي مشهور شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت
سانگهڙ جي رابطه سيڪريٽري ”عاجز“ منگي ڀليڪار
چئي.
ان کان پوءِ مقالن ۽ مشاعري جي گڏيل نشست شروع ٿي.
ميرپورخاص مان آيل سائين ديدار بلوچ پنهنجا ويچار
ونڊيندي چيو ته: لطيف تي ڪيترو ڳالهائجي، جنهنجي
شاعري سراپا حسن ۽ سراپا راڳ هجي، جنهن جي شاعريءَ
مان زندگيءَ جي خوشبوءِ ۽ زندگيءَ جا رنگ نظر اچن،
ان شاعر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. لطيف چوي ٿو، ته جڏهن
زمين آسمان نه هئا، تڏهن به موسيقي هئي.
نڪا عرش ڪرسي، نڪا اُڀ نه ڀُون
تنهن کان اڳي مون ٻُڌي تند تنبور جي.
لطيف سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو. هن وقت سنڌي ٻولي
توهان کي يا شاهه صاحب جي رسالي ۾ ملندي يا
پنساريءَ جي دڪان تي. لطيف سائين جي سڄي شاعريءَ ۾
ڪٿي به بي وسي ۽ بي حسيءَ جو ذڪر ڪونهي، لطيف هر
دور ۾ ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي. گذريل ٽن
سؤ سالن کان اسان جي معاشري ۾ ڪو به لطيف پيدا نه
ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته سماج تباهه ٿي چڪو آهي، سچ جي
اکين ۾ ڳوڙها آهن، ڪوڙ معتبر ٿي ويو آهي.
اسين چاهيون ٿا ته اڄ به ڪو لطيف پيدا ٿئي، ۽ وري
گيت هجن ۽ راڳ هجي.
تنهن کان پوءِ نامياري ليکڪ ۽ شاعر سائين تاج جويي
پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو: ”دوستو! سانگهڙ جي
سرزمين تي شاهه لطيف جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.
آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي تاريخ ۾ اهو سنگم نهايت
خوبصورت سنگم آهي. لطيف جي شاعريءَ کي صبغت الله
شاهه جي بهادريءَ واري سرزمين جي ماپن سان ڪٿيو
وڃي. مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اها اسين ڪٿ ڪرڻ سکي
وياسون ته ضرور سڀاڻي واري سنڌ اسان جي اميدن وٽان
هوندي. هن چيو ته مغل سلطنت واري دؤر ۾ جيڪو ڏاڍ ۽
ڏهڪاءُ هو، ڀٽائي ان جي خلاف هو. هن نه مغل سامراج
جي آڻ مڃي ۽ نه وري مغل سامراج جي ڇٽيءَ هيٺ هلندڙ
ڪلهوڙا حاڪمن جي حڪومت کي بهتر سمجهيو، پر هن اهڙي
سنڌ جو تصور ڏنو، جنهن لاءِ چيائين ته:
نڪا جَهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾
آڻيو وجهن آهرين روڙيو رتا گل
مارو پاڻ آمل مليرون مرڪڻو.
ڀٽائيءَ جي شاعري اسان جي رهنمائي ڪري ٿي. اسان کي
ڀٽائيءَ جي شاعري همٿائي ٿي ته وڌو! مستقبل جي ان
سنڌ لاءِ جدوجهد ڪريو جتي رائر نه هوندو، محصول نه
هوندو. استحصال نه هوندو، ڏاڍ نه هوندو، غلامي نه
هوندي ۽ آزادي ئي آزادي هوندي.
ان کان پوءِ آواز جي دنيا جي نامياري نانءُ
۽نوجوان ڪهاڻيڪار ماڪن شاهه رضوي پنهنجا ويچار
ونڊيندي چيو ته اڄوڪي رهاڻ لاکيڻي لطيف جي نانءُ
آهي. لطيف کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به گهڻائي شاعر
پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي ڄاڻ علم عقل سچ ۽ سچن
جذبن سان سنڌ واسين لاءِ لکيو آهي، گهڻو ڪجهه چيو
آهي. لال لبڙن کان ڪارن نيڻن تائين، گلابي گلن کان
ڪارن وارن تائين، سونهن جي هرعڪس تي لکيو ويو آهي.
سمورا شاعر پوري سچائيءَ سان وقت جي لهرن کي
ڳڻيندا آيا آهن. انهن گهڻو ڪجهه پنهنجي علم ادب ۽
ٻوليءَ کي ڏنو آهي. سچل سرمست کان وٺي ميين شاهه
عنات رضوي تائين ۽ شيخ اياز کان وٺي بخشڻ مهراڻوي
تائين، سنڌي ادب ۾ انيڪ نالا آهن، جن پنهنجي املهه
جذبن سان سنڌي شاعريءَ ۾ رنگ ڀريا آهن. پر اسان سڀ
ڏسون پيا ته هر شاعر، هر عالم، هر ڏاهو، هر پارکو.
هر اديب، هر محقق، هر دانشور، هر هوشمند، هر فقير،
هر هاري، هر آفيسر، هر عملدار، هر شاهه، هرگدا
لطيف جي در تي اچي چوي ٿو:
لطيف تنهنجي لکن جا هيرا اسان جي کائڻ کٽڻ جا
ناهن،
ڀري ڇڏيا جي خزانا توسي اسان جي کائڻ کٽڻ جا ناهن
انهيءَ مان ثابت ٿيو ته لطيف هر ماڻهو جو شاعر
آهي، هر ڪو هن کي پنهنجي ڄاڻي ٿو، ڇو ته لطيف
زندگيءَ جو شاعر آهي، زندگيءَ جي هر شعبي جوشاعر
آهي.
ان بعد نوجوان شاعر سائين وسيم سومري ڳالهائيندي
چيو ته شاهه عبداللطيف جي امر شاعري جي حوالي سان
سندس اجرو نانءُ اسان جي ادب جو سونهري ۽ مهان
نانءُ آهي ۽ شاهه جو شاعراڻو فن اسان جي سموري ادب
۾ بنيادي اثاثي جي حيثيت رکي ٿو.
ان کان پوءِ سانگهڙ جي نئين لکندڙ شبنم بلوچ لطيف
تي ڳالهائيندي چيو ته لطيف انقلاب آهي. هن سماج ۾
شاعري جي ذريعي انقلاب آندو آهي. لطيف مفڪر آهي،
هن انسان کي حق ۽ سچ واري واٽ جو فڪر ڏنو آهي. هن
سنڌ جي اديبن ۽ ليکڪن ۽ شاعرن تي زور ڏنو ته هي
دور سنڌ لاءِ ڏاڍو هاڃيڪار دور آهي. خدارا لطيف
واري واٽ وٺو. ٻولي کي بچايو،لطيف کي بچايو، سنڌ
کي بچايو.
تنهن بعد هن ميڙ جي اعزازي مهمان سائين هدايت بلوچ
کي پنهنجا ويچار ونڊڻ لاءِ سڏيو ويو. هن ڀٽائي جي
حوالي سان پنهنجو نظم ٻڌايو ۽ پنهنجا تازا شعر
پڙهيا.
تنهن کان پوءِ مهمان خاص سائين غلام حسين رنگريز
پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته لطيف سائين هن ڌرتيءَ
جو ڌڙڪندڙ ضمير ۽ جابرن آڏو نه جهڪندڙ کيرٿر، سنڌ
جي ٿڃ جهڙي پاڪ پاڻي جهڙو اجرو ۽ گهاٽي بڙ جهڙو
گهاٽو سدا ملوڪ شاعر آهي. هن جي فڪر جي ڇانءَ
وڌندڙ اسرندڙ ۽ وڌيڪ گهاٽي ٿيندڙ آهي. اهو ڪيڏي
به اتاهين کي ڇهڻ کان پوءِ بڙ جيئن لامون ڌرتيءَ
ڏانهن موٽائي اچي ٿو. لطيف سائين صاف ۽ شفاف
پاڻيءَ جو چشمو آهي، جنهن صدين تائين اڃايل روحن
کي سيراب ڪيو. لطيف روشنيءَ جو مينار آهي، جيڪو
جُڳن کان جُڳن کي جوت ڏيندو پيو اچي. پورن اڍائي
سؤ سالن کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي نغمگيءَ ۾ ڪا به
ڪمي نه آئي آهي- ۽ نه ئي سندس پيغام پراڻو ٿي،
سگهه ۽ پهچ وڃائي سگهيو آهي. شاعري ۾ ڪلاسيڪيت جو
اهو ئي معراج آهي. لطيف سائين جي شاعري جا فن ۽
فڪر جي لحاظ کان انيڪ پاسا آهن. لطيف سائين جي ذهن
۽ ضمير ۾ سنڌ جو سوداءُ سمايل آهي. وطن هن جو
رومانس آهي. وطن هُن جو عشق آهي. وطن سان ئي سندس
وحدت الوجود جو سرو ڳنڍير جي ڳنڍين وانگان ڳنڍيل
آهي.
ميڙ جي مُک مهندار سائين شمشير الحيدري پنهنجا
ويچار ونڊيندي چيو ته هي اسان جي روايت رهي آهي ته
شاهه سائينءَ جي نانءُ تي اسان اهڙيون محفلون،
ادبي ڪانفرنسون، راڳ رهاڻيون ڪندا رهندا آهيون.
سنڌي ادبي سنگت انهيءَ سلسلي ۾ هڪڙي روايت قائم
ڪئي آهي. ادبي سنگت هڪ نظرياتي جماعت آهي، جنهن وٽ
نظريو آهي: ڌرتيءَ جو ڌرتي جي ماڻهن جو، ماڻهن جي
ٻوليءَ جو، ٻولي جي ثقافت جو ۽ ادب، ٻوليءَ ۽ زبان
جي محافظت جو. اها وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو
توهان هيڏو سارو عوام يڪجا ڪيو آهي. شاهه هن خيال
کان سنڌي شاعريءَ ۾ وڏو انقلاب آندو، جو پنهنجي
وقت جي سرڪار ۽ ان جي وساريل طبقي جي ٻولي کي ڇڏي،
ان وقت جي عام ماڻهن جي ٻولي ۽ لهجي ۾ شعر چيو.
شاهه صاحب سنڌ ڌرتيءَ جو آواز ۽ ضمير جوآواز ۽
انقلاب جو آواز آهي.
مقالن ۽ شاعري جي هن گڏيل نشست ۾ ياد لغاري، معصوم
سانگهڙائي،روشن گرگيز، لقمان مسافر، امر لغاري،
سجاد راشدي، اداسي ٿهيم، ع غ وفا، مظهر لغاري،
رمضان راهي، بخشڻ مهراڻوي، انجم ٻگهيو، اي آر
آزاد، منصور مارو ڏاهري، زيب نظاماڻي، مير حسن
آريسر، استاد نظاماڻي، لائق ٿيٻو، قمر مگسي، ڪوثر
ٻرڙو، عاشق سولنگي،ساغر سميجو، عزيز گوپانگ، مشتاق
راشدي، جمن دربدر، حليم باغي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن
پنهنجا نڪور شعر پڙهيا.
انهيءَ کان پوءِ ٻي نشست محفل موسيقي شروع ٿي،
جنهن جي صدارت سائين محمد اسحاق لاشاري ڊپٽي ڪمشنر
سانگهڙ ڪرڻ فرمائي، جنهن جي تعاون سان هي ايڏو
سارو منڊل مچايو ويو هو. هن ميڙ لاءِ بادل ٿري جي
محنت ۽ جاکوڙ کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
هن نشست جي ڪمپيئرنگ اسٽيج تي خوبصورت، من
موهيندڙ، سهڻي آواز واري شخصيت انيس ٻرڙو ۽ ذهين
ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوي ڪئي.
شروعات ۾ فوزيه سومرو ڪلام ٻڌائي محفل کي جهومائي
ڇڏيو. ان کانپوءِ بخشڻ مهراڻوي گيت ٻڌايا. انهيءَ
کان پوءِ محمد جمن دربدر، ٻيجل سنڌي ۽ حسين بخش
ملاح پڻ ڳايو.
تنهن بعد سنڌ جي مايه ناز آواز سرمد سنڌي گيت
ٻڌائي، سڄي محفل کي موج ۾ آڻي ڇڏيو.
ان کانپوءِ جيجي زرينه بلوچ گيت ۽ لوڪ گيت ٻڌائي
خوب داد ورتو ۽ محفل کي مست بڻايائين. آخر ۾ وحيد
علي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
رات جو نائين وڳي شروع ٿيندڙ هي ميڙ صبح جو ساڍي
پنجين وڳي فنڪارن جي گڏيل آواز، سنڌين جي خاص
روايت ”هو جمالو“سان پڄاڻيءَ تي پهتو.
- رمضان راهي
سچل ادبي ڪانفرنس
هر سال وانگر هن سال به سچل سائين جو عرس 13 ۽ 15
رمضان المبارڪ تي درازا ۽ خيرپور ۾ نهايت عقيدت ۽
احترام سان ملهايو ويو. 13- رمضان المبارڪ تي صبح
جو ساڍي نائين وڳي نوجوانن وارن معاملن ۽
ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير جناب منطور حسين وساڻ
سچل سائينءَ جي مزار تي چادر چاڙهي عرس جو باقاعده
افتتاح ڪيو. منظور حسين وساڻ جنهن وقت سائينءَ جي
درگاهه تي پهتو ته درگاهه جي سجاده نشين سخي قبول
محمد ۽ سچل جي فقيرن سندس روايتي انداز سان آجيان
ڪئي. چادر چاڙهڻ کان پوءِ هن سچل سائين جي فقيرن ۽
لوڪ فنڪارن جي روايتي انداز واري راڳ جي محفل سماع
۾ شرڪت ڪئي. اها محنت هر سال وانگر سچل سرمست
يادگار ڪاميٽي جي بنيادي ميمبر مولا بخش لاڙڪ ۽
سندس ساٿين ڪئي هئي. پوءِ يادگار ڪاميٽي جي پاران
ڇپيل ڪتاب ”سرمست“ پڻ پيش ڪيو ويو، جيڪو هر سال
سچل سائينءَ تي پڙهيل مقالن ۽ شاعريءَ کي سهيڙي
شايع ڪيو ويندو آهي. هن سال ان سلسلي جو ڏهون پرچو
شايع ٿيو، جيڪو اڳين سڀني پرچن کان وڌيڪ خوبصورت
هو. شاهه درازا يونين ڪائونسل جي چيئرمن مکيه
مهمان کي سنڌ جي خوبصورت سوکڙي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ
پيش ڪئي. ڊائريڪٽر انفرميشن سکر ڊويزن انفرميشن
کاتي پاران سچل سائين جي عرس جي موقعي تي شايع ٿيل
ڪتاب پيش ڪيو ۽ نوجوان آرٽسٽ سعيد منگي سچل
سائينءَ تي ٿيل پينٽنگ جا ڪارڊ پيش ڪيا. |