(7) مير محمد بخش خان ٽالپر صاحب، سومره قوم جي
راجپوت قوم مان هجڻ جي نفي ڪندي لکي ٿو ته:
پرمار
راجپوت ته سمورين لسٽن ۾ آهن، پر سومرا ڪٿ به ڏنل
ڪو نه آهن. جڏهن ته: ٻيون ٿوري تعداد واريون قومون
به ڏنل آهن. مثلاً جهالا، ديورا، تاڪ، مڪوانه،
ياد رهي ته: جهالا مڪواڻن جي شاخ آهن ۽ ديوڙا
چوهاڻن جي شاخ آهن. جيئن ته: سومرا به حڪمران هئا
ته: انهن کي به جدا ڪري لکيو وڃي ها، جو ٽاڊ نه
ڪيو آهي. جيئن ته: ٽاڊ کي سنڌ يا ٿر جو ڪو به ٻارڻ
يا چارڻ ڪو نه مليو، جيڪو سومرن جو واقف هجي ۽
ٻڌائي ها، ان ڪري مفروضن کان کيس ڪم وٺڻو پيو.
مڱريه قوم ڀاٽين مان نڪتل آهن، پر اهو انهن کي
گهلوت ۾ لکي ٿو ۽ ڪوچڙن کي به گهلوت ۾ شمار ڪري
ٿو. ياد رهي ته:
راجپوتن جي اعليٰ ذات مهاراجا اڌيپور جو سسوديه به
اصل ۾ گهلوت آهن، پرمارن جون 35 شاکائون شمار ڪري
ٿو، پرمارن جو ڪجهه احوال هن کي چند بردائي کان
ملي ٿو. ٽاڊ ڪٿ ڪٿ ته پرمارن کي قديم قوم تڪشڪ يا
تستا سان ملائي ٿو ۽ ٽاڊ چوي ٿو ته: هاڻ پرمارن جو
ماڳ مقام ٿر آهي. جتي ڍاٽ جو شهزادو رهي ٿو. هي
پرمارن جون 35 شاکون لکي ٿو، جو انهن ۾ بنان ڪنهن
حواله جي هڪ شاخ ”اومرا سومرا، به پرمار آهن ۽
سوڍن جي الڳ شاخ ٻڌائي ٿو. وري فوٽ نوٽ ۾ لکي ٿو
ته: اومرا ۽ سومرا ٻه پاڙا آهن جي گڏجي امرا سومرا
ٿيا آهن. عمرڪوٽ به هنن ٻڌايو ۽ بکر به هنن جو هڪ
۽ سومرن کي سڪندر جي وقت جو ساگورين مان سڏي ٿو ۽
ڪٿ وري اومرا سومرا ڍاٽ کي به چوي ٿو
ڳالهه هيئن آهي ته: عمر سومره عمر ڪوٽ ٺهرايو ته،
وري مارئي واري واقع جو باني به عمر، تنهن ڪري
ڀٽن، ڀانن چارڻن ۽ قصه گوين ۾ عمر سومرو مشهور ٿيو
ته ان زمين جي خطه کي به عمر سومري وارو يا اومره
سومره جو ملڪ ڪري ڇڏيو ۽ يارن وري اومره سومره ذات
بنائي ڇڏي. اها فقط هير ڦير آهي. سومرا بنهه پرمار
يا سوڍا ته ڪجا بلڪه هندو آهن ئي ڪو نه. دراصل
يورپين ملڪن جي ليکڪن ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي
ملازمن کي هن ملڪ تي قبضو ڪرڻو هو، ملڪ جا مالڪ
مسلمان هئا، ڪرستانين کي جنگ صليب جا ڌڪ ڪو نه
وسريا هئا ۽ هنن جي ترڪن سان عربن کي ويڙهائڻ ۽
هند ۾ خود مسلمانن ۾ عرب ۽ راجپوت جو جهيڙو وجهڻو
هو. اها هنن جي ديرينه آرزو هئي. ورنه سومرا عرب
هجن يا راجپوت يورپن جو ڪهڙو واسطو، اسلام ۾ ڇوت
ڇات ۽ اوچ نيچ ذاتين تي منحصر نه آهي، پر هنن کي
ته پاڻ ۾ ويڙهائڻو هو.
جڏهن سومرا پرمار هندو راجپوت قوم جي 35 شاکائن
مان هڪ شاخ ”اومره“ جي بگڙيل صورت به نه آهن، ته
پوءِ بيواجبي ياد راجپوت بلند جي پٽ ”ساما“ جو
اولاد ڀٽي راجپوت ڪيئن مڃي ۽ تسليم ڪري سگهجي ٿو.
تنهنڪري هي عرب مسلمان سومره قوم تي، بيواجبي
سراسر هڪ عظيم الزام ۽ بهتان آهي. ڇاڪاڻ ته: مٿي
مڙني پيش ڪيل مؤرخن ۽ محققن جي معقول دليلن ۽ ٺوس
ثبوتن جي روشنيءَ ۾، جڏهن سومرا قوم کي ڏسجي ٿو
ته:
جت سومره قوم بني اميه ۽ بني عباسيه جي باهمي
دشمنيءَ جو شڪار بڻيل ٿي ڏسجي، تت غير مسلم انگريز
خواهه هندو مؤرخن ۽ محققن به، ساڻن دشمني ڪرڻ ۾
وسان نه گهٽايو آهي. جنهن ڪري هنن بيواجبي سومرن
جي اصل ۽ حقيقي حسب نسب ۾ مغالطي پيدا ڪرڻ جي
واسطي، اهڙيون ته، جڙتو ۽ من گهڙت فرسوده ڳالهيون
گهڙي سومرن سان بيواجبي منسوب ڪيون آهن. جو جن ۾
سواءِ آدم بوءَ جي، ٻئي ڪا به سچائي ۽ حقيقت ڏسڻ ۾
ڪا نه ٿي اچي.
تنهنڪري سومرا پرمار راجپوت ته ڪجا، پر غير مسلم
سنڌ جي قديم قوم ۽ نو مسلم پڻ هرگز نه آهن. اومره
۽ سومره به، سواءِ لفظن جي صنعت گيريءَ جي ٻيو
ڪجهه نه آهي. تنهنڪري سستي ۽ آسان شهرت ڪڍڻ جي
واسطي، صرف ڪنهن به مؤرخ ۽ محقق کي هندو قوم جو
ڪنهن مسلم قوم سان ٺهڪي ايندڙ لفظ جو قافيو سوور
چڙهي وڃي ٿو، پوءِ بنان ڪنهن مستند تاريخ ڪتاب جي
نس ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بغير مسلم قوم کي ان هندو قوم سان
منسوب ڪري ڇڏين ٿا، اسان کي هن قسم جا انيڪ مثال
ملن ٿا.
غير مسلم ليکڪ ته ڇڏيو، پر بعض مسلمان ليکڪ پڻ هن
ڪڌي ڪم ۾ ملوث ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جڏهن ته: کين هن
ڳالهه جي به خبر آهي ته: انسانيت جي پيغمبر صلعم
جن جو هي به فرمان آهي ته: ”مصنف جي قلم جي مس
شهيد جي خون کان به وڌيڪ مقدس آهي“. ٻيو نه به، ته
به کين هن پاڪ فرمان جو ئي ڪو لحاظ ڪرڻ گهرجي.
تنهنڪري مسلمان مؤرخن ۽ محققن کي ته: اکرن جي
ايراڦيريءَ جي جادوگيري ڪرڻ کان ته، سختيءَ سان
گريز ڪرڻ گهرجي.
ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار جي مصداق ڪاڏي
رهيا اومره هندو راجپوت ته، ڪاڏي رهيا وري سمره
(سومره) عرب هوازنيه قريش مسلمان.
چندربنسي ۽ سوريه بنسيءَ جي نسل مان قوم سومره جو
هجڻ
سومره قوم جو هندن جي خود جي قائم ڪيل چئن طبقن
برهمڻ، کتري، ويش ۽ شودر جي ڪنهن به طبقي مان هجڻ
ڪنهن به طرح ثابت نه ٿو ٿئي. چندر بنسي ۽ سورج
بنسي وارا هندو به هندو قوم جي نسل جي 35 شاکائن
مان ڪنهن به هڪ راجپوت قوم جي شاخ جي شجري چندر
بنسي، سورج بنسي، اگني ڪنڊ، جهالا- يادون، بيگهلا،
پاونڊيا وغيره جي شاکائن مان سومره قوم جي هجڻ جو
ڪوبه سراغ ڪو نه ملي ٿو.
هندو
راجپوتن ۾ چندر بنسي ۽ سوريه بنسي ڪير آهن؟ کين سج
۽ چنڊ جي پوڃارين جا يادگار سمجهڻ گهرجن. چندر
بنسيءَ جي معنيٰ آهي: آريه لوڪن جي هڪ خاندان جو
نالو، جيڪي پاڻ کي چنڊ ديوتا جو اولاد سڏرائيندا
آهن.
سوريه
بنسي: راجپوتن جي هڪ ذات جو نالو آهي، جنهن جا
ماڻهو خود کي سج ديوتا جي اولاد تصور ڪندا آهن.
اسان کي چندر بنسي ۽ سوريه بنسيءَ جي معنائن مان
بخوبيءَ معلوم ٿئي ٿو ته: اهي راجپوت نسل جي قوم
جا ماڻهو جن مان ڪي چنڊ ديوتا جا پوڄا پاٺ ڪندڙ
هئا ته، ڪي وري سج ديوتا جي پوڄا پاٺ ڪندڙ هئا ۽
راجا رامچندر پڻ سوريه بنسي راجپوت قوم مان هئا.
اسان هن کان اڳ ۾، جيئن ته: صاف ۽ واضح طور ٺوس
دليلن ۽ ثابتين سان هن ڳالهه کي ثابت ڪري چڪا
آهيون ته: سومره قوم جا ماڻهو هندن جي راجپوت قوم
جي نسل جي 35 شاکائن مان ڪنهن به هڪ شاخ جا هندو
راجپوت نه هئا، ته پوءِ سومره جو هندو راجپوت قوم
جي 35 شاکائن مان ٻن شاخن چندر بنسي ۽ سوريه
بنسيءَ جي هندو راجپوت قوم جي نسل مان هجڻ ڇا
معنيٰ رکي ٿو؟ انهيءَ ڪري صاف ظاهر آهي ته: سومرا
نه ته چندر بنسي ۽ سوريه بنسي راجپوتن جي نسل مان
هئا، نه وري ڪي راجا رامچندر راجپوت جي نسل مان
هئا.
نه صرف هي، پر سومرا ملڪ هند، سنڌ جي علائقي ۽
پرڳڻي جي ڪٿي جا به، حڪمران ڏسڻ ۾ ڪو نه اچن ٿا
جيڪڏهين واقعي سومرا راجپوت (راجائن جي اولاد) مان
هجن ها ته پوءِ، هو سنڌ جي عرب حڪومت قائم ٿيڻ کان
اڳ ۾ ضرور هن- سنڌ جي ڪنهن خطي جا حڪمران ڏسڻ ۾
اچن ها! سومرا سنڌ جي عرب حڪومت منصوره جا وارث،
انهيءَ ڪري ٿيا هئا جو هو بلاشبـﮧ عرب مسلمان هئا.
بهرحال، اسانجا مٿي پيش ڪيل ٺوس دليل ۽ ثبوت، هن
ڳالهه کي واضح طور ثابت ڪن ٿا ته: سومرا! چندر
بنسي، سوريه بنسي يا راجا رامچندر هندو راجپوت قوم
جي نسل مان به بلڪل نه آهن.
باب پنجون
5- سومرن جون
ريتون رسمون
(1) سومرن سردارن جو رعيتي ماڻهن جي ڪلهن تي ڏنڀ
ڏيڻ، انهيءَ لاءِ ته هو سندن غلام ليکيا وڃن.
(2) پاڻ کي ٻين کان اتم ڏيکارڻ لاءِ هٿن ۽ پيرن جا
نهن پاڙئون ڪڍائي ڇڏڻ.
(3) جيڪا به زال هڪ دفعو ٻار ڄڻي، تنهن کي وري
ويجهو نه وڃڻ.
(4) نئون ڪپڙو پائي ميرو ڪري لاهڻ کان پوءِ، وري
اهو ڪپڙو نه پهرڻ.
هي سڀ مٿي بيان ڪيل مؤرخن جون من گهڙت گهڙيل ريتون
رسمون محض عرب مسلمان سومرن کي غير مسلم هندو ثابت
ڪرڻ لاءِ، هٿرادو ايجاد ڪيون ويون آهن جي پڻ بلڪل
بي وزنائتيون آهن. ڇاڪاڻ ته: جيڪڏهين واقعي اهي
ريتون رسمون سومرن ۾ موجود هجن ها ته: پوءِ سومرن
جي عيني شاهد ۽ گواهه عرب سيلاني ابن بطوطه ٻين
سان گڏ ضرور انهن جو ذڪر به ڪري ها! پر ان فقط
سومرن جون ٻه ريتون رسمون بيان ڪيون آهن جن جو مان
ازالو هن کان اڳ ۾ ڪري ڇڏيو آهي.
انهيءَ جي باوجود به، مان بيواجبي سومرن سان منسوب
ڪيل مذڪوره ريتن رسمن تي به، ڀرپور روشني وجهي، هي
ثابت ڪندس ته: جيڪڏهن واقعي اهي ريتون رسمون سومرن
۾ هيون به، ته به، سومرا انهن ريتن رسمن جي اپنائڻ
جي باعث، غير مسلم هندو راجپوت ٿي نه ٿا سگهن.
(1) سومرن سردارن جو رعيتي ماڻهن جي ڪلهن تي ڏنڀ
ڏيڻ:
هيءَ انوکي ۽ خاص قسم جي رسم ته: حضرت قلندر شهباز
رح سيوهاڻي لال جي مسلمان مريدن جي آهي. جيڪي
پنهنجي مرشد سان غلاميءَ جي عقيدت ڏيکارڻ جي
واسطي، قلندري درگاهه تان قلندري مهر (يعني داغ)
ڪلهن تي ڏياريندا آهن .ڇا حضرت قلندر شهباز رح جي
مسلمان مريدن کي ڪلهن تي ڏنڀ ڏيارڻ جي باعث، هندو
سڏي سگهندا؟ هرگز نه، ته پوءِ، جيڪڏهن واقعي سومرن
سردارن کي هندو راجپوت قوم ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح سڏي
سگهجي ٿو؟ ڇا قلندري درگاهه تي، قلندري درگاهه تي،
قلندري مهر جيڪي ماڻهو هڻائيندا ۽ هڻندا آهن، سي
هندو ماڻهو هوندا آهن ڇا؟ جو سومرن سردارن کي ائين
ڪرڻ جي باعث، بيواجبي هندو سڏيو ويو آهي.
هن ڳالهه جو به قوي امڪان آهي ته: مبادا! سومرن
سردارن جي پنهنجن نهايت قريبي رشتيدارن ۽ رعيتي
ماڻهن حضرت قلندر شهباز رح جي درگاهه تان ڏنڀ
ڏياريا هجن ۽ منسوب وري سومرن سردارن جي ڏنڀ هڻڻ
سان ٿي ويا هجن. ڇاڪاڻ ته: حضرت قلندر شهباز رح
سومرا سومرا دورِ حڪومت ۾ ٿي گذريا آهن. حضرت
قلندر لعل شهباز رح جي ولادت با سعادت سنه 583هه
مطابق سنه 1187ع ۾ ٿي ۽ وفات 650هه مطابق 1252ع ۾
ٿي آهي.
ان کان علاوه هن قسم جي الزام هڻندڙ کي، هي حوالو
ضرور ڏيڻ گهربو هو ته: راجپوت خاندان جي 35 شاکائن
مان ڦلاڻي راجپوت خاندان جو حڪمران پڻ پنهنجن
پروان ماڻهن جي ڪلهن تي ڏنڀ ڏيندو هو. جيڪڏهين
الزام هڻندڙ جي مراد (اومره- سومره) جي آهي، ته
پوءِ مان هن کان اڳ ۾ ثابت ڪري چڪو آهيان ته:
سومرا ”اومره“ جي بگڙيل صورت ۾ به هرگز نه آهن.
انهيءَ ڪري، جيڪڏهن واقعي هيءَ روش مسلمان سومرن
سردارن ۾ موجود هئي به ته: پوءِ سندن خود جي ايجاد
ڪيل ٿي ڀانئجي.
مان مٿي هن ڏس ۾ جيڪي ٺوس ثبوت ۽ دليل پيش ڪري چڪو
آهيان، تن مان صاف ۽ واضح طور ثابت ٿئي ٿو ته:
سومرا هن عادت اپنائڻ جي باعث، غير مسلم هندو
راجپوت هرگز ٿي نه ٿا سگهجن.
(2) پاڻ کي ٻين کان اتم ڏيکارڻ لاءِ، هٿن ۽ پيرن
جي نهن پاڙئون ڪڍائي ڇڏڻ.
چريو ڳالهه ڪري، سياڻو ويچاري جي تحت، ڇا ڪو ذي
الشعور ماڻهو ته ڇڏيو، پر ڪو پاڳل ماڻهو به خود کي
هن قسم جي اذيت ڏياري سگهي ٿو؟ هرگز نه، ته پوءِ،
جيئن مان هن کان اڳ ۾. سومره قوم کي رسول الله صلي
الله عليـﮧ وسلم جن جي جيد اصهابيءَ حضرت سمره بن
جندب هوازنيه القريشيءَ جي اولاد صاف ۽ بلڪل چٽيءَ
طرح ثابت ڪري چڪو آهيان، تن عرب مسلمان سردار هٿن
۽ پيرن جا نهن ڪيئن ۽ ڇو پاڙئون ڪڍرايا هوندا؟ ڇا
هيءَ نازيبا ڳالهه مڃڻ ۾ اچي سگهي ٿي؟ يا ڪو ماڻهو
هٿن ۽ پيرن جي پاڙئون نهن ڪڍرائڻ سان به، ٻين
ماڻهن کان مٿاهون ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿو؟
انهيءَ ڪري مان مٿي جيڪي به، معقول دليل ۽ سوال
پيش ڪري چڪو آهيان تن مان صاف ظاهر آهي ته: سومره
قوم جي سردارن هن قسم جي پاڻ سان نازيبا حرڪت بنهه
نه ڪئي هوندي هي سومره سردارن تي، بلڪل بيواجبي
الزام ۽ بهتان ڏسڻ ۾ ٿو اچي.
ڇاڪاڻ ته: انسانيت جي پيغمبر صلعم هن ڳالهه جي سخت
تنبيهه ڪندي، فرمايو آهي ته:
ڪنهن به، زنده خواهه مئل ساهواري جي جسم جي عضون
کي وڍي بدشڪل نه بنايو وڃي، ڇو نه اهو کڻي ڪتو ئي
ڇو نه هجي.
نه صرف هي، پر ان وقت اڄ وانگر طب يا طبي علم
ترقيءَ جي معراج تي به نه پهتل هو. پوءِ زندهه
انسان جا نهن پاڙئون ڪيئن پٽي سگهيا هوندا؟ شايد
هن ناحق کي ٻڌي، ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: ڪي نهن به،
ماس کان جدا ٿي سگهيا آهن.
ٻيو ته: انهيءَ حقيقت جي برعڪس، خانبهادر خداداد
خان صاحب ”لُب تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته:
سومرا
هٿن جا نهن به نه ڪاٽيندا هئا. اها هڪ علامت هئي
جا حڪمرانن ۽ ٻين ماڻهن جي وچ ۾ امتياز ڪرڻ خاطر،
ضروري سمجهي ويندي هئي.
هن ۾ وري سومرن سردارن جي هٿن جا نهن نه ڪٽرائڻ جو
ذڪر ڪيو ويو آهي. ڇا سومرا سردار آدم خور هئا جو
هٿن جا نهن به نه ڪٽرائيندا هئا. جيئن ڪنهن
ماڻهوءَ جا نهن وڏا ڏسي ڪري، کيس آدم خور سان
تشبيهه ڏيندي چئبو آهي ته: تون ته ڪو آدم
خور آهين. ڇا سومرا سردار آدم خور هئا جو هٿن جا
نهن به نه ڪٽرائيندا هئا؟
نه صرف هي، پر تاريخدان به، سومرن سردارن جي نهن
بابت به، پاڻ ۾ اختلاف رکندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
بعض جو چوڻ آهي ته: سومرا سردار هٿن ۽ پيرن جا نهن
پاڙئون ڪڍرائيندا هئا ۽ ڪي وري چون ٿا ته: سومرا
سردار هٿن جا نهن نه ڪٽرائيندا هئا. هن مان صاف
ظاهر آهي ته: سومرن سردارن جي نهن نه ڪٽرائڻ يا
پاڙئون ڪڍرائڻ جو پڻ داستان بلڪل ڪوڙ تي مبني ڏسڻ
۾ اچي ٿو، جيڪڏهن نهن جي سچي حقيقت هجي ها ته پوءِ
تاريخدان پاڻ ۾ اختلاف راءِ ڏسڻ ۾ بنهه نه اچن
ها!.
هن پڪيءَ صورت حال جي موجودگيءَ ۾ ڪهڙي تاريخ نويس
کي سچو سمجهڻ گهرجي. ڪنهن کي به نه، ڇو جو هن
بيواجبي لڳايل الزام جي سچائيءَ ۾ ڪو به کر پير نه
ٿو لڳي.
انهيءَ ڪري، انسان، انسان سان ڪيتري قدر نه دشمني
ڪئي آهي. هت ته: لوهئون لنگهي وڃڻ وارو معاملو ڏسڻ
۾ اچي ٿو.
تنهنڪري هن ڪوڙيءَ حقيقت جي باعث به، سومرا هندو
راجپوت قوم ڏسڻ ۾ ڪو نه اچن ٿا.
(3) جيڪا به زال هڪ دفعو ٻار ڄڻي، تنهن کي وري
ويجهو نه وڃڻ
اسان کي هن ڪوڙي الزام لڳائڻ جي ثابتي، ”تحفـﺔ
الڪرام“ جي هن عبارت مان ملي ٿي.
مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب لکي ٿو ته:
سومري
جي گذاي وڃڻ کان پوءِ، ڀونگر پيءُ جو جانشين ٿيو،
سندس پٽ ”دودي“ نصرپور تائين، ملڪ قبضي ۾ ڪيو.
انهيءَ سنگهار نالي هڪ صغير پٽ ڇڏيو. تنهنڪري
”دودي“
جي ڌيءَ تاريءَ ملڪ جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ رکي.
سنگهار بالغ ٿيڻ تي حڪومت جو وارث ٿي، ڪڇ جي پاسي
ڪاهي ”نانڪيءَ“ تائين ملڪ قبضي ۾ آندو.
اسان کي ”تحفـﺔ الڪرام“ جي پيش ڪيل عبارت مان
معلوم ٿئي ٿو ته: دودي پٽ ڀونگر کي اولاد ڌيءَ ۽
پٽ هو. جيڪڏهن دودو پنهنجيءَ زال سان هڪ دفعو ڌيءَ
”تاريءَ“ جي ڄمڻ کانپوءِ، وري ٻيهر ساڻس همبستر نه
ٿئي ها ته، پوءِ سندس زال کي سنگهار نالي پٽ ڪيئن
ڄائو؟
انهيءَ ڪري، اسان کي انهيءَ سچيءَ حقيقت جي
موجودگيءَ ۾ ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿو ته: زال هڪ ٻار
ڄڻيو ته: سومرا ان سان وري بلڪل همبستر ٿيندا هئا.
(4) نئون ڪپڙو پائي، ميرو ڪري لاهڻ کانپوءِ، وري
اهو ڪپڙو نه پهرڻ
اسان کي سومرن جي هن عادت اپنائڻ مان معلوم ٿئي ٿو
ته: سومران نئين لٽي ڪپڙي پهرڻ جا نهايت شوقين
هئا. نه صرف عرب مسلمان سومرا، پر ٻيا بزرگ عرب
مسلمان پڻ نئين نڪوري لٽي ڪپڙي پائڻ جا نهايت
شوقين هئا. مثلاً
ميمڻ
عبدالغفور سنڌي صاحب، حضرت سيد شيخ عبدالقادر
جيلاني رح جي روزانه نت نئين نڪوري پوشاڪ پائڻ جي
بنسبت لکي ٿو ته:
عالمن
جهڙو ويس پهريندا هئا، جنهن جو ڪپڙو تمام قيمتي
هوندو هو. شايد ئي ڪو اهڙو موقعو هجي جو هڪ اشرفي
في وال جي قيمت کان گهٽ وارو ڪپڙو پاتائون. اهڙيون
قيمتي پوشاڪون به هڪڙي ڏينهن کان وڌيڪ نه پاتائون.
روز نئون وڳو پائيندا هئا.
(2) حضرت مولانا ابوالڪلام آزاد رح حضرت عمر بن
عبدالعزيز رحه جي هر روز نت نئين پوشاڪ پائڻ جي
تعريف ڪندي لکن ٿا ته:
لباس، زندگي ناز ۽ نعمت سان گذارڻ ۽ پڻ عطرن جي
بيحد شوقين هئا. سندن صفائي پسنديءَ جي خوبيءَ جو
پڻ هي حال هو جو، جنهن ڪپڙي کي پائيندي، کيس ٻيا
ماڻهو ڏسي وٺندا هئا ته: پاڻ ان کي وري ٻيهر نه
پائيندا هئا. چئين چئين سون روپين جي قيمت جو ڪپڙو
حاضر ڪيو ويندو هو، پر پاڻ ان کي خيال ۾ به نه
آڻيندا هئا.
خليفي
وليد جي وزير اعظم رجاء بن حيوه جو چوڻ آهي ته:
اسانجيءَ حڪومت ۾ سڀني کان وڌيڪ سٺو ۽ خوشبودار
لباس پائڻ وارو خوش و خورم شخص عمر بن عبدالعزيز
هو. پاڻ جتان به گذرندا هئا ته: گهٽيون ۽ بازاريون
خوشبوءِ سان هٻڪارجي وينديون هيون.
هاڻي معزز پڙهندڙ بذات خود، غور ۽ خوض ڪري، فيصلو
ڪن ته: سومرا نئون پاتل ڪپڙو ڌوئاري نه پائڻ جي
باعث هندو ٿي سگهن ٿا؟ هرگز نه- ڇاڪاڻ ته: اسان کي
مٿين پيش ڪيل ثبوتن مان بخوبيءَ معلوم ٿئي ٿو ته:
سومرن ته پاڻ پنهنجن نهايت برگزيده بزرگ شخصيتن
حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه ۽ حضرت سيد عبدالقادر
جيلاني رح جن جي پڻ پيروي ڪندي، صرف لاٿل ڪپڙو
ڌوئاري نه پائيندا هئا، پر ڪجهه ڏينهن ته ضرور
پائيندا هوندا. جڏهن ته: انهيءَ حقيقت جي بلڪل
برعڪس، حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه ۽ حضرت شيخ
عبدالقادر جيلاني رح جن نت نئون سو به قيمتي وڳو
هر روز پائيندا هئا. اسان کي هن مان سومرن جي
خوشحالي ۽ نئين لٽي ڪپڙي پائڻ جي پڻ شوق پائيءَ
کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.
اسان هاڻي مذڪوره بيواجبي سومرن سان لڳايل بي
بنياد الزامن کانپوءِ، انهن بي بنياد سومرن سان
منسوب ڪيل الزامن جو به ازالو ڪنداسين جن ۾ به،
سواءِ ڪوڙ ۽ بهتان جي ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ٿو
اچي.
(1)
ڪيترائي سومرا پاڻ کي عرب جاتيءَ جا قريشي سمجهن
ٿا، ان جو ڪارڻ هي آهي ته: عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ
بعد، ڪيترائي قريشي سنڌ ۾ آيا ۽ سومرن جي مسلمانن
ٿيڻ بعد انهن جو پاڻ ۾ سڱابنديءَ جو رواج پيو ۽
پاڻ ۾ ملي ويا. جنهنڪري هو به پاڻ کي عرب خاندان
جو ليکڻ لڳا.
بقول ابن بطوطه: هو (سومرا) پنهنجي قوم وارن
کانسواءِ ٻئي ڪنهن سان به، مائٽي ڪين ڳنڍيندا
آهن).
اسان کي هن مان ته پاڻ سومرن جي قريش عرب مسلمان
هجڻ جو پڻ پڪو ثبوت ملي ٿو: ڇاڪاڻ ته: سومرا بذات
خود قريش هئا جو هنن قريش عورتن سان شاديون ڪيون
هيون، هن جي ثبوت ۾ نه صرف ابن بطوطه جي گواهي
موجود آهي، پر اسان جيئن ته: هن کان اڳ ۾ ثابت ڪري
چڪا آهيون ته: سومرا بني سمره جي اولاد هوازنيه
قريش آهن. ان کان علاوه بني سمره (سومرا) قريش
بجاءِ هندو راجپوت قوم جا هجن ها ته پوءِ حضور
صلعم جن جي پياري ڏاڏي جناب عبدالمطلب حضرت سمره
جي ڀيڻ سمراء بنت جندب هوازنيه سان ڇو شادي ڪرڻ
فرمائي هئي؟ انهيءَ ڪري اسان جا پيش ڪيل ٺوس دليل
۽ ثبوت هن ڳالهه کي صاف ۽ واضح طور ثابت ڪن ٿا ته:
سومرا بذات خود قريش هئا جو انهن قريش عورتن سان
شاديون ڪيون هيون، ٻئي ڪنهن اجائي ۽ بيواجبي شڪ
شبهي ۾ نه پوڻ گهرجي.
(2)
جيڪي عرب نسل قومون، عربن جي حڪومت وقت سنڌ ۾ آيون
۽ پوءِ سنڌ ۾ رهجي ويئون. تن مان ڪا به قوم سنڌ
کان ٻاهر ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺيواڙ ڏي ڪو نه ويئي، پر
سومرن جي قوم قديم وقت ۾ گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف
حڪمران قوم جي حيثيت رکندڙ هئي، جهڙيءَ طرح ائبٽ
صاحب گجراتي تاريخي ڪتابن مان ثابت ڪري ڏيکاريو
آهي. جيئن هن وقت به سنڌ بنسبت وڌيڪ تعداد انهن
ملڪن ۾ آهن.
مهاشيه صاحب هن سلسلي ۾ بحواله مولانا اڪبر شاهه
خان نجيب آبادي مورخ اسلام جي لکن ٿا ته:
سنه 34 هجريءَ ۾ جڏهن ته: حضرت عثمان غني رضه
خلافت جي تخت تي جلوه افروز هئا. بصري جي حاڪم
عبدالله بن عامر، عبدالرحمان بن سمره مڪران جي
حاڪم کي اجازت ڏني ته: سنڌي فوجن کي جي پڻ راجا چچ
جي الو العزميءَ جي سبب مڪران جي سرحد تي، گڏ ٿي
ڪري، حملي جي ڌمڪي ڏيئي رهيون هيون، ڪڍي ڇڏي.
انهيءَ ڪري عبدالرحمان بن سمره حملو ڪري، سنڌ جي
فوجن کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ مڪران کان ڪيڪان جي سرحد
تائين، جو سارو علائقو کسي ورتو. هي ئي، اهو
علائقو هو جو چچ جي حڪومت ۾ صرف چند سال شامل ٿيو
هو. (2).
مهاشيه صاحب هن تي، تبصرو ڪندي لکن ٿا ته: ڪيڪان
مان مراد ڪوڪن آهن. ”تحفـﺔ الڪرام ۽ تاريخ معصومي
به، هن لفظ تي مغالطي ۾ پيون آهن. ڪنهن ڪا نڪني
تحرير ڪيو آهي ۽ ڪنهن ڪڇ جو علائقو سمجهيو آهي. ان
دور ۾ ڪوڪن جي سرحد سنڌ سان ملندي هئي. ڪڇ
ڪاٺياواڙ، گجرات سڀ سنڌ جا علائقا هئا. بمبئي ته:
انگريزن ۽ پورچوگيزن جي دور ۾ آباد ٿي. ان دور ۾
بمبئيءَ جو دنيا ۾ وجود به نه هو. اڄ به، بمبئي
انڊيا گيٽ جي سامهون ڪوڪن جا علائقا اُرون ۽ پنويل
نظر اچن ٿا.
عبدالله منگسي صاحب هن سلسلي ۾ لکن ٿا ته: سومرن
جي دؤر تي، تحقيق ڪندڙ محققن ۽ مؤرخن ۽ تاريخدانن
اڪثر ڪري هيءَ غلطي پئي دهرائي آهي ته: سومرن جي
حڪومت ۽ اقتدار فقط سنڌ جي لاڙ واري حصي تي قائم
هو، پر اسان کي تاريخ مان اهڙيون تمام گهڻيون
شاهديون ملن ٿيون ته: سومرن جي سونهري دور ۾
سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ جاگرافيائي طور تي، ملتان
۽ اچ وارو علائقو به سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ شامل
هو. انهن ٻنهي شهرن کي سومرا دور ۾ سياسي ۽مرڪزي
حيثيت پڻ حاصل هئي. سومره (سومرا) ۽سندس پٽ اجا
پال (راجپال) اهڙا طاقتور سومرا حاڪم هئا، جن جي
حڪومت ملتان کان وٺي ڪڇ تائين قائم هئي ۽ ٻنهي يا
سندن اولا جي ڪن حاڪمن ايڏي وڏي ملڪ تي حڪومت ڪئي.
منگسي صاحب، هن سلسلي ۾ بحواله مير علي شير قانع
ٺٽوي صاحب جي لکن ٿا ته:
تاريخي طور تي، سومرن جي حڪومت ۾ ڪڇ ڪاٺياواڙ پڻ
شامل هئا. سومرن جي چوٿين حاڪم سنگهار بن دودي جي
ڏينهن ۾ ڪڇ سياسي طور، سنڌ جي سرحدن اندر هو.
انهيءَ سلسلي ۾ تحفـﺔ الڪرام جو فاضل مصنف مير علي
شير قانع لکي ٿو ته:
سنگهار بالغ ٿيڻ تي، حڪومت جو وارث ٿيو. هن ڪڇ جي
پاسي ڪاهه ڪئي ۽ نانڪي تائين، ملڪ قبضي ۾ آندو.
منگسي صاحب هن سلسلي ۾، سنڌ جي مشهور تاريخدان
محترم مولائي شيدائي صاحب جي حوالي سان لکن ٿا ته:
مسٽر
جي ايليٽ پنهنجي ڪتاب (سنڌ) ۾ مغلبن (مغلڀين) جي
آکاڻي ۽ (۾) ڀيم الله لوڪ جي شهادت جي قصي مان
ظاهر ڪري ٿو ته ان وقت ڪڇ، گجرات ۽ سورت تي اهڙو
(زبردست) سومرو حاڪم هو، جنهن جي حڪومت ڪڇ مڪران
(ڪيچ مڪران) ملتان ۽ بگر تائين هوندي هئي.
مگسي صاحب هن سلسلي ۾ بحواله محترم ڊاڪٽر الانا
غلام علي صاحب جي لکن ٿا ته:
تاريخي طور تي گجرات ۽ سنڌ جا هڪٻئي سان تاريخي
ثقافتي نسلي ۽ تهذيبي رشتا پئي رهيا آهن. ان متعلق
محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته:
جنهن
زماني ۾ دهلي تي غلام گهراڻي جو راڄ هو ۽ سلطان
ناصر الدين محمود بن التمش دهلي جو حڪمران هو.
انهيءَ زماني ۾ ڪڇ (هي علائقو هن وقت ڀارت ۾ آهي)
کان وٺي هالا ڪنڊي تائين، سڄي علائقي تي سومرن جو
قبضو هو.
|