منگسي صاحب هن سلسلي ۾ بحواله مولائي شيدائي صاحب
جي لکن ٿا ته: سومرن جي رڳو سنڌ ۾ حڪومت ڪا نه هئي
پر جهالا وان ۽ ڪڇي به سندن ماتحت هئا.
منگسي صاحب لکن ٿا ته:
سومرن جي دور جي انهيءَ سياسي جاگرافيائيءَ وحدت
جي پس منظر ۾ ملڪي انتظام کي مختلف پرڳڻن ۽ حصن ۾
ورهايو ويو . هر پرڳڻي مٿان مختلف سردارن (گورنرن)
وسيلي حڪومت هلائي ويندي هئي. انهيءَ سلسلي ۾ جناب
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو:
”سڄو ملڪ انتطامي لحاظ کان صوبن يعني انتطامي
پرڳڻن ۾ ورهايل هو. هر صوبو شهرن ۾ ورهايل هو.
گاديءَ جي مرڪزي شهر يا سڄي ملڪ ۽ حڪومت کي
اصطلاحاً سڏيو ويندو هو.
اسان کي محترم اڪبر شاهه خان نجيب آباديءَ جي لکيل
”تاريخ آئينه حقيقت نما“ جي پيش ڪيل عبارت مان هن
هن ڳالهه جي پڪي صاف ۽ واضح طور خاطري ۽ تصديق ٿي
وڃي ٿي ته: اسلامي لشڪر عبدالرحمان سومرو جي قيادت
۾ سنه 34 هجريءَ ۾ حضرت عثمان غني رضه جي دور
خلافت ۾ مڪران کان ڪيڪان تائين جو علائقو سنڌ جي
راجا چچ جي سنڌي فوجن جي قبضي مان کسي ورتو هو.
مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب لکي ٿو ته:
سنگهار بالغ ٿيڻ تي حڪومت جو وارث ٿي، ڪڇ جي پاسي
ڪاهي نانڪنيءَ (شايد ڪڇ ۾ ڪنهن ڳوٺ جو نالو آهي.
تائين ملڪ قبضي ۾ آندو.
جڏهن ته انهيءَ حقيقت جي برعڪس مهاشيه صاحب لکن ٿا
ته:
ڪيڪان مان مراد ڪوڪن آهي. هن لفظ تي مغالطي ۾ پئي.
ڪنهن ڪانڪني تحرير ڪيو آهي ته: ڪنهن وري هن کي ڪڇ
جو علائقو سمجهيو آهي. انهيءَ دور ۾ ڪوڪن جي سرحد
سنڌ سان ملندي هئي. ڪڇ، ڪاٺياواڙ گجرات سڀ سنڌ جا
علائقا هئا.
انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته: عبدالرحمان سومره سنڌ
جي سرحد جا علائقا مڪران کان ڪيڪان تائين، جن ۾
ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جا شهر پڻ اچي وڃن ٿا، فتح
ڪري ورتا هئا.
اسان اڳ ۾ لکي چڪا آهيون ته: سنه 134 هجريءَ ۾ سنڌ
جي عرب حڪومت جا وارث سومرا عرب مسلمان ٿيا هئا،
جن جي حڪومت ۾ ڪيچ مڪران کان وٺي، ڪيڪان تائين جي
حدن ۾ ڪڇ،گجرات، ڪاٺياواڙ جا پڻ شهر اچي ٿي ويا،
شامل هئا. ته پوءِ، بقول ائبٽ صاحب جي، جيڪي عربي
نسل قومون، عربن جي حڪومت وقت سنڌ ۾ آيون ۽ پوءِ
سنڌ ۾ رهجي ويئون، تن مان ڪا به قوم سنڌ کان ٻاهر
ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ ڏي ڪو نه ويئي، ڇا معنيٰ رکي
ٿو؟ مسٽر جي ايليٽ پنهنجي ڪتاب سنڌ ۾ مغلين جي
آکاڻي ۾ ڀيم الله لوڪ جي شهادت جي قصي مان ظاهر
ڪري ٿو ته: ان وقت ڪڇ ، گجرات ۽ سورت تي اهڙو
زبردست سومره حاڪم هو، جنهن جي حڪومت ڪيچ مڪران،
ملتان ۽ بکر تائين هوندي هئي.
اسان کي مسٽر ايليٽ صاحب جي بيان مان ته، پاڻ هن
ڳالهه جي وڌيڪ تصديق ٿئي ٿي ته: سومرا بلڪل سنڌ جي
فتح جي عربي نسل جي قومن مان هئا، ڇاڪاڻ ته:
جيڪڏهين بقول ائبٽ صاحب جي، هندو سومرن جي حڪومت
صرف ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ تي، مشتمل هجي ها ته پوءِ
زبردست هندو سومرو ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ جي حڪمران
جو سنڌ جي عرب حڪومت جي ڪيچ مڪران، ملتان ۽ بکر
تائين جي علائقن تي حڪومت ڪرڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو. نه
صرف هي، پر منگسي صاحب، بلوچ صاحب، مولائي شيدائي
صاحب ۽ الانا صاحب جن به، پاڻ ۾ هن ڳالهه تي بلڪل
متفق راءِ آهن ته: ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ جا شهر جي
پڻ هن وقت ڀارت ۾ شامل آهن، سنڌ جي عرب حڪومت ۾
شامل هئا.
بهرحال، اسان مٿي جيڪي به، ٺوس دليل ۽ ثبوت پيش
ڪري چڪا آهيون، تن جي آڌار تي، وثوق سان چئي سگهون
ٿا ته: ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ جا شهر سنڌ جي عرب
حڪومت ۾ بلڪل شامل هئا ۽ سومرا سنڌ جي حڪومت جي
تخت گاهه منصوره جا حڪمران عرب نسل جي قوم بني
سمره جا هئا، جيئن اسان هن کان اڳ ۾ ثابت ڪري چڪا
آهيون. ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۾ اڄ به سومرن جي
گهڻائي انهيءَ ڪري آهي جو سومرا پنهنجيءَ حڪومت جي
دور ۾ سنڌ جي شهر جنانيءَ مان لڏي، انهن شهرن ۾
ڪثرت سان وڃي دائمي سڪونت پذير ٿيا هئا.
(3) ڍاٽ (اڳوڻو عمر ڪوٽ پرڳڻو)
۽ راجپوتانا ۾ جيڪي اڄ ڏينهن تائين گيت ڳايا وڃن
ٿا، تن ۾ سومرن کي سوڍن سان گڏ سارهايو ويو آهي.
انهن گيتن جا نالا ڦولان ڪنڪريو ڪوٽ ۽ آنٻا آنٻلي
وغيره آهن. ڦولان گيت، جو سانوڻ مهيني ۾ ڳائڻ ۾
ايندو آهي ۽ جنهن ۾ هڪ وڏور ڪنيا جي ڪنواري رهڻ جو
ذڪر آهي، تنهن ۾ اها ڪنواري ڪنيا ڦولان چوي ٿي ته:
مان نه هاڏي راءِ ربوندي رياست جي راجا) سان
پرڻبيس ۽ نه جيسلمير جي ڀاٽي راجا سان پرڻبيس، مگر
سنڌ جي سومري سان پرڻبيس.
جيڪڏهن هندياڻي ڪنواري ڪنيا ڦولان گيت ڳائيندي،
سوڍن سان گڏ، سومري کي ساراهيندي، هاڏي راءِ
”بوندي رياست جي راجا“ يا جيلسمير جي راجا ڀاٽي
سان شادي نه ڪرڻ کان انڪار ڪندي، سومري سان شادي
ڪرڻ جواشتياق ڏيکاري ٿي ته: پوءِ ان ۾ ڪهڙي اربعا
خطا ٿي پيئي. هن مان ته پاڻ سنڌ جي سردار سومري جي
مسلمان هجڻ جو پڻ پڪو ثبوت ملي ٿو. ڇاڪاڻ ته: هوءَ
ٻنهي هندو راجائن کي، شادي ڪرڻ کان ٺڪرائيندي ۽
ناپسند ڪندي، سنڌ جي مسلمان حڪمران سومري سردار
سان شادي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري، دلي اسرار ڏيکاري
ٿي. انهيءَ مان سنڌ جو سومرو سردار هندو ڪيئن ۽
ڪهڙيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو؟ هن قسم جو شڪ ۽ گمان ڪرڻ،
عقل کان بلڪل بعيد آهي. ڇاڪاڻ ته: ڇا ڀاٽو ۽ هاڏو
مسلمان راجا هئا جو هوءَ مسلمان راجائن کي شادي
ڪرڻ کان ٺڪرائيندي، هندو سومري سان شادي ڪرڻ جو
دلي اشتياق ڏيکاري ٿي؟ هرگز نه- ته پوءِ، هن صورت
حال جي موجودگيءَ ۾ مسلمان سومري کي ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ
طرح هندو تسليم ڪري سگهجي ٿو؟
ان کان علاوه جيڪڏهين ڀاٽو هاڏو ۽ سومرو ٽيئي هندو
راجا هئا ۽ هوءَ ٽنهي راجائن مان سومري سان شادي
ڪرڻ جو انتخاب ڪري ٿي، ته پوءِ هن مان سومرو هندو
راجا ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو؟ ڇا هندو
عورتون سواءِ هندن جي، مسلمانن سان شاديون نه
ڪنديون هيون؟ هرگز نه، اسان کي هندو عورتن جا
مسلمانن سان لانئون لهڻ جا انيڪ پڪا ۽ نهايت
وزندار تاريخي ثبوت پڻ ملن ٿا. مثلاً هندو ڪنواري
ڪنيا ڪونئرو مسلمان نهايت خوبصورت چنيسر سومري تي
اڻ ڏٺي، پنهنجي سهيليءَ جي طعني ڏيڻ يا پنهنجي
خوبصورتي آرسيءَ ۾ ڏسي مٿس شائق ۽ عاشق ٿي پنهنجي
ماءُ کي ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ، سندس گهر ۾ پهچي،
نوڪرياڻي ٿي رهي هئي. آخر ڪونئرو سندس زال ليلان
کي سوني هار تي هرکائي، هڪ رات چنيسر سان سمهڻ جي
عيوض، هار کيس ڏنو هو. انهيءَ ڪري چنيسر طيش ۾
اچي، ڪونئرو سان شادي ڪئي هئي. ڇا اسان کي
ڪونئروءَ جي چنيسر تي عاشق ٿي، ساڻس شادي ڪرڻ مان،
چنيسر سومرو جو هندو هجڻ ثابت ٿئي ٿو؟ جيڪڏهين
نه، ته پوءِ هندو ڪنواري ڇوڪريءَ جي، مسلمان سومري
سان شادي ڪرڻ جي اشتياق ڏيکارڻ تي، مسلمان سومري
کي هندو ڪيئن سڏي يا تسليم ڪري سگهجي ٿو؟
نه صرف هي، پر مومل راڻي سومري سان شادي ڪئي هئي،
ليلان چنيسر سومري سان شادي ڪئي هئي، مغل شهزادي
سليم راجڪماري امبر سان شادي ڪئي هئي وغيره.
هاڻ چنيسر سومرو جو مسلمان هجڻ، هڪ متنازعه مسئلو
ته چئي نه ٿو سگهجي (ڇو ته: سومرا بلڪل عرب مسلمان
ثابت ٿي چڪا آهن) البته مؤرخن ۽ محققن جو اڃا هي
اعتراض ضرور حل طلب آهي ته: چنيسر سومرو هندو هو.
انهيءَ ڪري، اسان ڪنهن مناسب هنڌ تي، هڪ الڳ باب ۾
هن موضوع تي بحث مباحثو ڪنداسين.
(4) اڳي راجپوتن ۾ رواج هو ته: ڇوڪريءَ کي ڄمڻ شرط
ماري ڇڏيندا هئا، سومرن ۾ به اهو رواج مسلمان ٿيڻ
بعد ۾ هليو آيو.
اسلام کان اڳ، يعني جهالت واري زماني ۾ عرب ڇوڪرين
کي زندهه پوري ڇڏيندا هئا. نه صرف هي، پر مفلسيءَ
جي باعث، ننڍڙن ٻارن کي به، قتل ڪري ڇڏيندا هئا.
ان ڪري باري تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ هن خراب رسم کي بند
ڪرڻ لاءِ، ارشاد فرمايو آهي ته:
بسم الله الرحمان الرحيم
ازا الشمس کورت (1) واذا النجوم انکدرت (2) واذا
الجبال سيرت (3) واذا العشار عطلت (4) واذا الوحوش
حشرت (5) واذا البحار سجرت (6) واذا النفوس زوجت
(7) واذا المودة سئلت (8) باي ذنب قتلت (9) واذا
الصحف نشرت (10) واذا السماءِ کشطت (11) واذا
الجحيم سعرت (12) واذا الجنـﺔ اذلفت (13) علمت نفس
مان احضرت (14).
ترجمو: الله رحمان ۽ رحيم جي نالي سان شروع ڪريان
ٿو:
جڏهن سج ويڙهجي ويندو ۽ جڏهن تارا بينور ٿي ويندا
۽ جڏهن جبل رڙيون ڪندا ۽ جڏهن حامله ڏاچيون ڇڏيون
وينديون ۽ جڏهن وحشي جانور گڏ ڪيا ويندا ۽ جڏهن
درياء جوش ۾ ڏيارا ويندا ۽ جڏهن هر قسم جا ماڻهو
ملايا ويندا ۽جڏهن زنده پوريل ڇوڪريءَ کان سوال
ڪيو ويندو ته ڪهڙي گناهه جي سببان قتل ڪئي وئينءَ
۽ جڏهن اعمال نامه کوليا ويندا ۽جڏهن جنت نزديڪ
ڪئي ويندي ته ان ڏينهن هر شخص سمجهندو جو ڪجهه کڻي
آيو هوندو.
(2) ولا تقلو آ اولاد کم خشيـﺔ املاق نحن نرزقهم
واياکم ان قتلهم کان خطا کبيرا (31).
ترجمو: پنهنجيءَ اولاد کي افلاس (مفلسي) جي انديشي
کان قتل نه ڪريو اسان انهن کي به رزق ڏينداسين ۽
توهان کي به. يقيناً انهن جو قتل ڪرڻ ڪبيره گناهه
آهي.
جڏهن اسان قرآن شريف جي مٿي پيش ڪيل ٻنهي آيتن جي
معنائن تي غور ۽ خوض ڪري ڏسون ٿا ته: هن ڳالهه جي
پڪي خاطري ۽ تصديق ٿي وڃي ٿي ته: هيءَ وحشيانه
فطرت ۽ عادت اهل عرب جي هئي. انهيءَ ڪري، اسان کي
هن مان پڪي خاطري ۽ تصديق ٿئي ٿي ته: سنڌ جا عرب
مسلم ”سومرا“ پنهنجين ڇوڪرين کي پڻ زندهه ڪو نه
دفنائيندا هئا.
جيڪڏهن واقعي هيءَ رسم سنڌ جي مسلم عرب قوم سومرن
۾ پڻ هئي ته: پوءِ به اسان کي سنڌ جي سومرن جو عرب
مسلم قوم مان هجڻ جو پڪو ثبوت فراهم ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ
ته: سومرا! پنهنجيءَ قديم عرب پرکي زندهه رکندا
پئي آيا هئا.
(5) مگر شام جي اسماعيلي دروزي امام جو هڪ خط، جو
هن 432 هجريءَ ۾ سنڌ جي شيخ ابن اومر راءِ ڏانهن
لکيو ۽ کيس سنڌ ۽ ملتان ۾ دوباره اسماعيلي حڪومت
قائم ڪرڻ جي غيرت ڏياري آهي، سو سومرن ۽ عربن جي
تعلقات تي هڪ معتبر شاهد آهي.
اسان شام جي اسماعيلي دروزي امام جي لکيل خط، جو
هن 432 هه ۾ ابن سومر راءِ کي لکيو هو، کي غلط
ثابت ڪرڻ لاءِ، هيٺين صاحبن جون عبارتون پيش ڪريون
ٿا.
(1) ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته:
ڊاڪٽر صاحب (يعني نبي بخش خان بلوچ) سومرن کي
پنهنجي ڪتاب ۾ دروزي (شام ۾ رهندڙ اسماعيلي ماڻهن
جو هڪ عقيدو) سڏيو هو ۽ پوءِ انهن کي اسماعيلي هجڻ
جي ڪري، غير مسلم سڏيو. مون مهراڻ (۾) پنهنجي ڇپيل
هڪ مقالي ۾ دليلن ۽ ثبوتن سان لکيو هو ته:
اسماعيلين جو دروزي عقيدو، فاطمي خليفي ۽ امام
سيدنا الحاڪم با امر الله جي شام ۾ دروزي جبلن ۾
وفات کانپوءِ، وجود ۾ آيو. جڏهن ته: سومرا امام
الحاڪم جي وفات کان پوءِ گهڻو اڳ، اسماعيل عقيدو
اختيار ڪري چڪا هئا. جڏهن ملتان تي، محمدود غزنوي
حملو ڪري، اسماعيلي حڪومت جو اتي ملتان ۾ خاتمو
آندو ۽ ملتان تي قبضو ڪري، نصربن دائود کي قيد ڪري
وٺي ويو. تڏهن سيدنا الحاڪم مصر جي فاطمي خليفي ۽
امام سنڌ جي سومري سردار ابن سومار راجپال کي شيخ
جو خطاب ڏيئي، سنڌ ۾ سومرن ۽ اسماعيلين جو سردار
مقرر ڪيو ۽ کيس اها دعوت ڏني ته: هو سنڌ ۾
اسماعيلي حڪومت قائم ڪري، انهيءَ خط ۾ ذڪر سيد
سليمان ندوي پڻ ڪيو آهي.
(2) مسٽر رائچند صاحب لکي ٿو ته:
آخر سومرن جي سردار ابن سومار کي، غزنوي گهراڻي جي
پوئين حاڪمن ملتان جو نواب مقرر ڪيو. جڏهين غزنوي
گهراڻي جو پويون بادشاهه سلطان عبدالرشيد ڪمزور
ثابت ٿيو ۽ حڪومت کسجي ويئي، تڏهين ابن سومار ساري
سنڌ جو سنه 1051ع (يعني 443هه) خود مختيار حاڪم
ٿيو.
(3) محترم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو صاحب لکي
ٿو ته:
هن ڳالهه کان قطه نظر سان به سلطان محمود ۽ سندس
جائنشين جي هٿان سنڌ جي فتح ثابت ناهي، فقط هيترو
آهي ته: سنه 416هه ۾ (سلطان محمود سومناٿ کي لٽي،
ڪڇ جي رڻ جي رستي کان منصوره (سنڌ جو تخت گاهه) ۾
پهتو ۽ اتان جي قرمطي حاڪم خفيف سندس اڳيان ڀڄي
سنڌو ندي ٽپي وڃي پاڻ کي کجين جي جهنگل ۾ لڪايو.
سلطان محمود پنهنجا آفيسر هن جي پويان موڪليا، جن
سندس ڇانوڻيءَ کي گهيرو ڪري ان جا ڪيترا ماڻهو قتل
ڪري ڇڏيا (هيءَ حقيقت فرخيءَ جي هڪ قصيدي مان ظاهر
ٿئي ٿي، ڏسو ”سلطان محمود“ تاليف ڊاڪٽر محمد ناظم
ص 120) قوي احتمال آهي ته مٿيون خفيف سومرن حاڪمن
مان هڪڙو هجي جن جو مذهب قدمطي اسماعيلي هو. جيئن
هن طبقي جي احوال ۾ بيان ٿيندو.
جيڪڏهن سنڌ جو ملڪ محمود جي هٿ هيٺ هجي ها ۽ اتي
جي حاڪمن هن جي تابعداري قبول ڪئي هجي ها، ته خفيف
سومرو سندس اڳيان ڀڄي نه وڃا ها. ازانسواءِ
گرديزيءَ کي معلوم ٿيو آهي ته هن کان پوءِ سلطان
محمود، سنڌو ندي جي ڪناري جي رستي ملتان ڏانهن رخ
رکيو ۽ انهيءَ رستي ملتان پهچڻ تائين لشڪر کي
بيابان جي خشڪي کان خواهه سنڌ جي جتن کان خواهه
ٻئي قسم جي ڏاڍي تڪليف پهتي ۽ اسلامي لشڪر جا گهڻا
ماڻهو انهيءَ رستي ۾ مري ويا ۽ وهٽن جو به وڏو حصو
برباد ٿي ويو. (282) ۽ امير محمود رحمت الله عليـﮧ
کي ملتان جي جتن ۽ سنڌو نديءَ جي ڪناري وارن ڀاٽين
تي انهن بي ادبين، جيڪي سومناٿ واري رستي ۾ ڪيون
هئائون، جي ڪري دل ۾ سخت ڪاوڙ هئي ۽ انهن جو بدلو
وٺڻ ۽ انهن جي گوشمالي ڪرڻ چاهيائين (ص88) آخرسن
418هه ۾ انهن کي عبرت انگيز سزا ڏنائين. (ڏسو زين
الاخبار ص 88، 89، طبقات الاڪبري جلد اول ص 17،
18) هن مان نتيجو ٿو نڪري ته سلطان محمود هن واقعي
کان اڳ هن طرف جو واقف نه هو ۽ شايد هن سال کان
پوءِ ملتان ۽ سنڌ جو پورو ملڪ غزنوين جي تصرف هيٺ
اچي ويو هجي (271).
(3) محترم محمد قاسم فرشته لکي ٿو ته:
ملتان تي حملو:
سلطان محمود انهيءَ سال (يعني 401هه) وري غزني کان
ملتان آيو ۽ وڏي قهر ۽ غضب سان ملتان کي فتح ڪري
ورتو. گهڻن ئي قرمطين ۽ ڪافرن کي قتل ڪري ڇڏيائين
۽ گهڻن جا هٿ پير وڍيائين دائود بن نصير کي گرفتار
ڪري، پاڻ سان گڏ، غزنيءَ وٺي ويو، کيس اتي غور جي
قلعي ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو، دائود انهيءَ قلعي ۾ موت
جي داعيءَ کي لبيڪ چيو.
محترم فرشته صاحب به عنوان ”غزنيءَ ڏي واپسيءَ ۾
لکي ٿو ته:
جڏهن سلطان محمود غزنيءَ ڏانهن روانو ٿيو ته: ان
زماني ۾ پرم ديو ۽ اجمير جي راجا هڪ جرار لشڪر
تيار ڪري، سلطان محمود جي رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي، ليڪن محمود ان وقت ساڻن جنگ ڪرڻ،
مصلحت جي خلاف سمجهي ۽ رستو بدلائي ڪري، سنڌ جي
رستي ملتان ڏانهن نڪري ويو. ان رستي ۾ ڪن هنڌن تي،
پاڻي ۽ شادابيءَ جي نه هجڻ سببان اسلامي لشڪر کي
طرح طرح جي ناقابلِ برداشت مصيبتن سان منهن ڏيڻو
پيو ۽ وڏين تڪليفن کان پوءِ، سلطان محمود سنه
417هه ۾ غزنيءَ پهتو.
اسان سومرن کي هن کان اڳ ۾، صاف ۽ واضح طور ثابت
ڪري چڪا آهيون ته: هو عربي مسلمان هوازنيه القريشي
آهن. انهيءَ ڪري کين هن وقت، سومرن جو مسلمان ٿي،
قرمطي اسماعيلي عقيدي اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ پڻ
ازخود غلط ثابت ٿي وڃي ٿي. انهيءَ جي باوجود به،
گهڻي ڪي ٿوري خط جي ڪوڙي هجڻ ۾ روشني وجهڻ نهايت
ضروري سمجهون ٿا، ته جيئن سڀني حقائق کان روشناس
ٿي سگهون.
اسان مٿي جيڪي عبارتون ”توضيحات معصوميءَ“
تاريخ فرشته جون پيش ڪيون آهن، تن مان مصر جي
فاطمي سلطنت جي خليفي ۽ امام سيدناالحڪام جو لکيل
خط (جنهن کي دروزي خط سڏين ٿا) جو هن سنڌ جي شيخ
ابن سومار سومرو کي سومرن ۽ اسماعيلين جو سردار
بنائي ڪري، سنه 432 هه ۾ دوباره سنڌ ۽ ملتان ۾
اسماعيلي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ لکيو هو، تن مان
دروزي خط جي ڪوڙي هجڻ جي پڻ ثابت هن طرح ملي ٿي.
ڊاڪٽر الانا صاحب جو، هي چوڻ آهي ته: جڏهن ملتان
تي، محمود غزنوي حملو ڪري، اسماعيلي حڪومت جو اتي
ملتان ۾ خاتمو آندو ۽ ملتان تي قبضو ڪري، نصر بن
دائود کي قيد ڪري وٺي ويو. تڏهن سيدنا الحاڪم مصر
جي فاطمي خليفي ۽ امام سنڌ جي سومري سردار ابن
سومار راجپال کي شيخ جو خطاب ڏيئي، سنڌ ۾ سومرن ۽
اسماعيلين جو سردار مقرر ڪيو ۽ کيس اها دعوت ڏني
ته: هو سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت قائم ڪري.
اسان کي الانا صاحب جي بيان مان واضح طور معلوم
ٿئي ٿو ته: جڏهن (يعني سنه 401هه ۾) ملتان تي حملو
ڪري، سلطان محمود اتي ملتان جي اسماعيلي حڪومت جو
خاتمو آندو، تڏهن (يعني انهيءَ وقت سنه 401هه)
سومرن جي سردار ابن سومار کي شيخ جو خطاب (يعني
اسماعيلي مسلڪ وارا ڪنهن غير مسلم قوم جي ماڻهوءَ
کي اسماعيلي مسلڪ وارا ڪنهن غير مسلم قوم جي
ماڻهوءَ کي اسماعيلي عقيدي جو پوئلڳ بنائي، شيخ جو
لقب ڏيندا آهن) سنڌ ۽ ملتان ۾ دوباره اسماعيلي
حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ خط لکيو.
سلطان محمود نصر بن دائود کي قيدڪري، پاڻ سان گڏ،
غزنويءَ نه وٺي ويو هو، پر تاريخ فرشته جي پيش ڪيل
عبارت ”ملتان تي حملو“ جي مطابق، دائود بن نصير کي
قيد ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو. نه صرف هي، پر سنه
401هه سلطان محمود ملتان فتح ڪرڻ کانپوءِ، سومرن
سردارن جي سنڌ جي حڪومت تي حملو ڪو نه ڪيو هو، پر
بقول فرشته جي، هو ملتان کان سڌو غزنويءَ واپس
موٽي هليو ويو هو. اسان کي هن ڳالهه جي به تصديق ۽
خاطري توضيحات معصومي“ جي مٿي پيس ڪيل عبارت مان
به هن طرح ٿي وڃي ٿي، جو دائود پوٽه صاحب لکيو
آهي: هن ڳالهه کان قطه نظر سان به سلطان محمود ۽
سندس جائنشين جي هٿان سنڌ جي فتح ثابت ناهي.
جيڪڏهن سنڌ جو ملڪ محمود جي هٿ هيٺ هجي ها ته:
خفيف سومرو سندس اڳيان ڀڄي نه وڃي ها! نه صرف هي،
پر ”تاريخ سنڌ“. جو مصنف ابو ظفر ندوي صاحب لکي ٿو
ته: سومرا اول (يعني شيخ ابن سومار) سنه 401هه کان
سنه 422 هه تائين ۽ راجپال سنه 422 هه کان 444
تائين حڪومت ڪئي.
ته پوءِ سنه 416هه ۾ سنڌ جي تخت گاهه منصوره جو
حاڪم ابن سومار بجاءِ خفيف سومرو ڇو؟ نه صرف هي،
پر جڏهن سومرن سردارن جو ٻيو نمبر حڪمران سردار
راجپال سنه 422هه کان 444 هه تائين حڪمران آهي ته:
ته پوءِ ابن سومار جو سنه 401 هه کان سنه 422 هه
تائين، حڪومت ڪري وفات ڪري ويو هو، کي سنه 432 هه
۾ سنڌ ۽ ملتان ۾ دوباره اسماعيلي حڪومت قائم ڪرڻ
لاءِ دروزي امام جو خط لکڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟
بهرحال سومرا نه ته، هندو راجپوت هئا جو انهن مان
بعض سومرن پهريائين اسماعيلي مسلڪ اختيار ڪيو هو ۽
نه وري ڪو کين سنه 432 هه ۾ سنڌ ۽ ملتان ۾ دوباره
اسماعيلي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ، ڪنهن خط پٽ لکڻ جو
ڪو پڪو ثبوت ڪنهن مستند تاريخ مان فراهم ٿئي ٿو.
انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته: مؤرخ به اهڙي قسم جي
فرسوده خطن پٽن ۽ قصيدن کي اهميت ڏيندي، ور ور
بيان ڪري، خواهه م خواهه جون الجهنون پيدا ڪري
رهيا آهن، جن کي نه منهن آهي نه ڪو سر.
گرديزيءَ جو هي به، بلڪل غلط لکڻ آهي ته: سلطان
محمود کي سنڌ ۽ ملتان مان گذرندي، اهل سنڌ جي
ڀاٽين ۽ ملتان جي جتن کان سخت تڪليف پهتي هئي، سو
انهن کان بدلي وٺڻ خاطر 418 هه ۾ سنڌ تي حملو ڪري،
عبرتناڪ سزا ڏنائين ۽ سنڌ ۽ ملتان جو پورو ملڪ
غزنين جي تصرف هيٺ اچي ويو.
هاڻي معزز پڙهندڙ خود غور ۽ خوض ڪري ڏسن ته:
جيڪڏهين واقعي سلطان محمود غزنويءَ به نفس نفيس
سنڌ ۽ ملتان تي سنه 418هه ۾ حملو ڪري، فتح ڪيل ملڪ
سنڌ کي غزنويءَ جي حڪومت سان ملائي ڇڏيو هجي ها
ته، پوءِ اسماعيلي مسلڪ رکندڙ سنڌ جو حڪمران شيخ
راجپال سومرو ڇو؟ ڪانؤ مري ويا هئا جو لولو حج ٿي
ويو جي مصداق ڪفر ۽ شرڪ جي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻندڙ
مجاهد غازي سلطان محمود کيس اکين تي رکي، سنڌ جو
حڪمران رهڻ ڏي ها؟
هن مان ثابت ٿو ٿئي ته: سومرا نه ته: اسماعيلي
مسلڪ جا پيروڪار نومسلم هئا ۽ نه وري ڪو سلطان
محمود غزنويءَ جو سنڌ تي حملو ڪرڻ ٿو ثابت ٿئي.
ڇاڪاڻ ته: سلطان محمود 23 ربيع الثاني بروز خمس
سنه 421 هه ۾ وفات ڪئي هئي.
پوءِ شيخ راجپال سومرو جو سنه 444 هه تائين، سنڌ
جو حڪمران ٿي رهڻ، ڇا مڃڻ ۾ اچي سگهي ٿو؟
هن مان ته، اسان کي پاڻ، هي پڪو ثبوت ملي ٿو ته:
سومرا سلطان محمود وانگر حنفيه مسلڪ جا پيروڪار
هئا جو سلطان محمود يا سندس جائنشين عبدالرشيد
فرزند ملڪ سنڌ جي سومرا حڪومت تي چڙهائي ڪا نه ڪئي
هئي.
تاريخ فرشته ۾ لکيل آهي ته:
عبدالرشيد جو پيءُ ڪير هو؟ ان سلسلي ۾ وڏو اختلاف
ڏٺو وڃي ٿو ليڪن صحيح روايت هيءَ آهي ته:
سلطان محمود غزنويءَ جو صلبي (سڳو“ سڪو، اصلي،
حقيقي، نسلي) پٽ هو.
انهيءَ ڪري، اسان کي مٿين پيش ڪيل پڪن ثبوتن ۽
دليلن مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿو ته: نه ته، سومرا
سلطان محمود غزنويءَ جي ڪمزور فرزند عبدالرشيد جي
دور حڪومت ۾ سندس ڪمزوريءَ مان فائدو وٺندي، ملڪ
سنڌ جا والي ٿيا هئا ۽ نه وري ڪو سومرا هندو
راجپوت هئا جو سنه 432 هه ۾ دروزي امام جي خط لکڻ
تي، قرمطي مسلڪ اختيار ڪري، سنڌ جا والي ٿيا هئا.
هي سڀ جا سڀ مؤرخن ۽ محققن جا بيجا من گهڙت انڪشاف
ڪيل ڏسڻ ۾ ٿا اچن.
(6) پاڏي جو گوشت شراب سان کائڻ.
سومرن جي هن عادت اپنائڻ مان ته سومرن جي مسلمان
هجڻ جو پڪوثبوت ملي ٿو. ڇاڪاڻ جو ماهيو (مينهن جو)
ڳائو (گانءِ، ڳئونءَ جو) سواءِ مسلمانن جي گوشت
کائڻ، هندو ڌرم ۾ ڪنهن به طبقي (يعني برهمڻ، کتري،
ويش، شودر) ۾ ماضي خواهه حال ۾ هرگز هرگز جائز نه
هو ۽ نه آهي. بلڪه ها! اسان هن ڳالهه کي مڃون ٿا
ته: هندن جي چوٿين طبقي جي شودرن مان ماڙيچا ۽ ڊيڍ
مئل ماهئي مال جو گوشت کائيندا آهن. اسان کي ان جو
ثبوت هي آهي ته:
اسان جا جڏهن ماهيا جانور مري ويندا هئا ته: انهن
کي کڻائي ويران جاين تي وڃي، موچين ماڻهن کان کلون
لهرائيندا هئا سي ته: پوءِ ڊيڍ خواهه ماڙيچا
(شودر) ماڻهو انهن مئل جانورن جو گوشت کائڻ لاءِ
پنهنجي گهر کڻي ويندا هئا. سندن چوڻ هو ته: توهان
پنهنجي هٿ جو ذبح ٿيل جانور کائيندا آهيو ۽ اسان
وري ڌڻي تعاليٰ جو ڪُٺل (يعني مري ويل) کائيندا
آهيون. ڇا سومرا شودر (_ڊيڊ، ماڙيچا) هئا جو هي
ماهئي مري ويل جانور جو گوشت يا زندهه ذبح ٿيل
ماهئي پاڏي جو گوشت کائيندا هئا؟ جڏهن ته: بيواجبي
طور سومرن کر پرمار هندو راجپوت (يعني) اوچي درجي
جي راجائن جي اولاد ۽ هندن جي ٻئي درجي کي کتري
قوم) قوم سڏيو وڃي ٿو.
ته پوءِ، سومرن جي ماهئي جانور پاڏي (ڪونهٽ جو
گوشت شراب سان کائڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟
مان مؤرخن جي هن ڏيکاريل بيواجبي ۽ لغو خيال جي
متعلق، اڃا به وڌيڪ تحقيق ۽ تصديق
ڪرڻ جي لاءِ، هندو پنڊتن ۽ برهمڻ کان علاوه پڙهيل
ڳڙهيل سلجهيل هندن کان به هن ڳالهه جي پڇا ڳاڇا
ڪئي آهي، جن جو به، هي چوڻ آهي ته: هندو ڌرم جي
چئن طبقن مان ڪنهن به هڪ طبقي ۾ ماهئي مال جي پاڏي
جو گوشت کائڻ، گانءِ (ڳئونءَ) جي گوشت نه کائڻ
وانگر سختيءَ سان منع ڪيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن هندوءَ
کي گانءِ يا مينهن جو گوشت کائيندي، ڏٺو وڃي ته:
ان هندوءَ کي هندو ڌرم مان خارج ڪيو ويندو آهي.
باقي رهي شراب واپرائڻ جو سوال ته: مسلمان نه صرف،
دؤر حاضر ۾، پر ماضيءَ ۾ به، شراب واپرائيندا هئا.
مثلاً:
(1) هڪ دفعي حضرت قدامه رضه جي صاحبيءَ ۾، قبيلي
عبدالقيس جو هڪ سردار جا رود بن عمرو عبديرضه
بحرين کان مديني آيو ۽ امير المؤمنين حضرت عمر رضه
جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري، حضرت قدامه رضه تي شراب
پيئڻ جو الزام مڙهيو ۽ مٿن شرعي حد جاري ڪرڻ جو پڻ
مطالبو ڪيائين.
هڪ روايت ۾ هي آيل آهي ته:
حضرت جارود رضه کي ڪن رومين ٻڌايو ته: اسان قدام
کي شراب ڏيئندي ڏٺو آهي. اُهي پنهنجي گورنر جي
هيءَ ظاهري خطا برداشت نه ڪي سگهيا“ ۽ سندن خلاف
شڪايت کڻي ڪري مديني پهچي ويا هئا.
حضرت عمر رضه انهن کان پڇيو ته: توهان جيڪو الزام
قدام تي، لڳائي رهيا آهيو، ان جو شاهد ڪير آهي؟
حضرت جارود رضه چيو ته: ابو هريره ان جوگواهه آهي.
حضرت عمر رضه حضرت ابو هريره کي چوائي موڪليو.
جڏهن سڀ حاضر ٿي ويا ته: حضرت ابو هريره رضه کان
پڇيائين ته:
ابو هريره توهان هن معاملي ۾ ڪهڙيءَ ڳالهه جي
گواهي ڏيڻ چاهيوٿا؟ هنن چيو: مان قدامه کي شراب
پيئندي ته نه ڏٺو آهي. البته نشي جي حالت ۾ کيس
الٽي ڪندي ڏٺو آهي.
حضرت عمر رضه فرمايو ته: صرف ايتري ڳالهه سان جرم
ثابت نه ٿو ٿئي. وڌيڪ تحقيقات ڪرڻ جي واسطي، پاڻ
حضرت قدام رضه کي بحرين کان گهرايائون.
جڏهن هو پهچي ويا ته: حضرت جارود رضه مٿن شرعي حد
جاري ڪرڻ جومطالب ڪيو.
حضرت عمر رضه کي فرمايو ته: توهان شاهد آهيو يا
فريادي؟
هنن چيو ته: شاهد.
حضرت عمر رضه فرمايو ته: بس! توهان شاهدي ڏيئي چڪا
آهيو: انهيءَ ڪري هاڻ توهان کي خاموش رهڻ گهرجي.
انهيءَ ئي وقت حضرت جارود رضه خاموش ٿي ويا.
انهيءَ جي باوجود به، حضرت قدامه رضه جن کي قسم
کڻائي ڪري، ڏوهه باسرائي، مٿن حد جاري ڪرڻ جو
اصرار ڪيو.
انهن جي هن اصرار ڪرڻ تي، حضرت عمر رضه کي ڪجهه شڪ
پيدا ٿيو، جو پاڻ فرمايائون ته: جارود! توهان
پنهنجيءَ زبان کي قابو رکو، ورنه، مان سختيءَ سان
پيش ايندس.
حضرت جارود رضه، حضرت عمر رضه جي تنبيهه ڪرڻ تي،
جوش ۾ اچي ويا ۽ چيائون ته: امير المؤمنين! حق هي
نه آهي ته: توهان جو سوٽ شراب پيئي ۽ الٽو اوهان
مون کي سختيءَ سان دٻائي رهيا آهيو.
حضرت ابو هريره رضه، هن موقعي تي، حضرت امير
المؤمنين کي مشورو ڏنو ته: اوهان قدامه جي زال کي
به گهرائي پڇيو.
حضرت عمر رضه حضرت قدامه رضه جي زال کان به گهرائي
پڇيو. حضرت عمر رضه حضرت قدامه رضه جي زال هنده
کان به، گهرائي پڇيو ته: هن حضرت ابو هريره رضه جي
بيان جي تصديق ڪئي. هن تي، حضرت عمر رضه، حضرت
قدامه رضه کي فرمايو ته: شرعي حد جي لاءِ، تيار ٿي
وڃو. حضرت قدامه رضه پنهنجيءَ خطا جو ته: اقرار نه
ڪيو، پر ايترو سو ضرور چيائين ته: جيڪڏهين مون کان
هن خطا ڪرڻ جو ڏوهه سرزد به ٿي وڃي ها، ته پوءِ
به، سوره المائده جي آيت نمبر 11 جي مطابق، مون
مٿان حد جاري ٿي نه ٿي سگهي. ليڪن حضرت عمر رضه
پنهنجي فيصلي تي قائم رهندي، چند ڏينهن کان پوءِ،
مٿن شرعي حد جاري ڪري ڇڏيائون. ان سان گڏگڏ، بحرين
جي حڪومت تان به، کين سبڪدوش ڪري ڇڏيائون.
|