سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سومره سنڌ

باب؛ --

صفحو ؛ 2

 

بسم الله الرحمان الرحيم

 

تاريخ سومره سنڌ

تمهيد

سومرا پاڪستان- ڪڇ- ڪاٺياواڙ- گجرات- عراق- آفريڪا ۽ سيلون وغيره کان علاوه ڪاروبار جي سلسلي ۾ ساريءَ دنيا ۾ ڦهليا پيا آهن. سومرا سنڌ جي سرسبز ۽ شاداب سرزمين تي، ڪيتريون ئي صديون حڪمران ٿي رهيا آهن. سندن دؤر حڪومت سنڌ جي سرڪاري زبان پڻ عربي هئي. ڇاڪاڻ ته، سومرا بذات خود مسلم عرب هئا. جيڪڏهن واقعي سومرا (جيئن بيواجبي مؤرخ ۽ محقق چون ٿا) هندو راجپوت قوم جا هجن ها ته: پوءِ بلڪل لازمي هو ته: سنڌ جي سرڪاري زبان به عربيءَ بجاءِ هندي ڪن ها! انهيءَ ڪري هيءَ پڪي ۽ پختي ثابتي ۽ ٺوس دليل ۽ ثبوت سومرن جي عربي مسلم قوم هجڻ جي پڻ وڏي وڪالت ڪري ٿو. سومرن جي صاحبي ختم ٿينديئي، سنڌ جي سرڪاري زبان عربيءَ بجاءِ فارسي ٿي ويئي.

بني اوميه ۽بني عباسيه جي باهمي دشمنيءَ سومرن جي تاريخ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي آهي. انهيءَ ڪري مؤرخن عباسي حڪمرانن کي خوش رکڻ خاطر، سومرن کي خاص نشانو بنايو آهي. جنهن ڪري هنن منگهڙت قصا ۽ڪهاڻيون گهڙي، بيواجبي سومرن سان منسوب ڪري، سومره قوم کي دنيا جي هڪ ڀلايل ياد بنائي رکي ڇڏيو آهي.

انهيءَ ڪري نه ته، سومرن جي ڪيل حڪومت جو ڪو  صحيح خاطر خواهه مفصل احوال ملي ٿو ۽ نه وري ڪو سندن اصلي ۽ حقيقي حسب نسب جو ڪنهن سنڌ جي مستند تاريخ مان سراغ ملي ٿو.

سومرا قوم جا ماڻهو ڪاروباري آهن جو هن وقت تائين، هو صحيح ۽ قابل قبول 1400 سؤ سالن جي هڪ طويل عرصي گذري وڃڻ جي باوجود به، پنهنجي قومي تاريخ نه لکرائي سگهيا آهن. هو صرف هڪ ٻئي جي منهن کي ڏسي رهيا آهن ته، هن ڏس ۾ ڪير ٿو اڳتي وک وڌائي. ٻليءَ کي گهنڊڻي ٻڌڻ ته، هڪ بلڪل سٺي ڳالهه آهي، پر کيس ٻڌي ڪير!

انهيءَ ڪري سومرن جي بيتوجهيءَ ۽ لاپرواهيءَ جي باعث، ميدان صاف ۽ هموار ڏسي، مؤرخ ۽ محقق وقت بوقت عجيب و غريب (جنهن کي منهن آهي نه سر) انوکي قسم جا انڪشاف ۽ قياس آرائيون پئي ڪندا آيا آهن. مثلاً

سومرا پرمار هندو راجپوت قوم آهن.

سومرا بغداد جي شهر ”سامره“ جا عرب آهن.

سومرا سميري قوم جي هڪ شاخ آهن.

سومرا ”سنڌي سومرا“ آهن.

سومرا گمنام نسل جي قوم آهن.

سنڌ جي مؤرخن پنهنجي پنهنجي لکيل تاريخ ۾، هي ضرور تسليم ڪيو آهي ته: سومرن جي 36 سردار سنڌ تي 500 سؤ سالن کان به، وڌيڪ هڪ تمام ڊگهي عرصي تائين، نهايت شان و شوڪت سان حڪومت ڪئي آهي. مگر افسوس جو سندن لکيل تاريخن مان سومره قوم جو ڪو مفصل ۽ جامع احوال ڪو نه ٿو ملي.

جڏهن انگريز ليکڪن سنڌ جي تاريخ لکڻ شروع ڪئي ته: انهن سلطان محمود غزنويءَ کي ڦورو، لٽيرو ۽ ڊاڪو لکيو ۽ دهليءَ جي بادشاهه علاؤالدين خلجيءَ کي پڻ پدمڻي ديويءَ جو عاشق زار لکي ڇڏيائون.

ڀلا! پوءِ هي سومرن کي ڪٿي معاف ڪرڻ وارا هئا. انهن پهريون ته، سومرن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. مگر ان کانپوءِ، جڏهن انگريز ليکڪن پنهنجين تاريخن ۾ سومرن جو احوال لکڻ شروع ڪيو ته: پوءِ هنن صرف هندو ليکڪن جي لکيل ديومالائي قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن جا حوالا پيش ڪري، سومرا قوم کي محض قافيو ٺهڪي اچڻ جي باعث، هندو راجپوت (راجائن جي اولاد) قوم جي 35 شاکائن مان هڪڙي شاخ ”اومره“ مان سومره ٿي پوڻ جو (بغير سنڌ جي اوائلي مستند تواريخ جي ڪتابن خواهه عرب مسافرن جي لکيل سفرنامن جي روشنيءَ ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي) لکي ڇڏيائون.

انگريز ليکڪن هي ڪڌوڪم محض انهيءَ ڪري ڪيو هو جو، هو برصغير پاڪ- هند جي لوڪل قومن جي نسلن جي وچ ۾ هٿرادو فطور پيدا ڪرڻ پيا چاهين، ته جيئن اهي انگريز سرڪار جي مخالفت ڪرڻ ۾ پاڻ ۾ يڪمشت هرگز نه ٿي سگهن. اسان کي هن قسم جا ڪافي ٺوس ثبوت سندن ئي خود جي لکيل ڪتابن مان ملن ٿا: مثلاً

محترم مير محمد بخش خان ٽالپر صاحب به حواله حافظه محمود شيرانيءَ جي لکي ٿو ته:

ٽاڊ جو ڪمزور طرف هي آهي ته جت هنن مسلمانن سان ظاهري دشمنيءَ جو اظهار ڪيو آهي. اُت هن خوشامد جي حد تائين، راجپوتن جي طرفداري ڪئي آهي. بلڪه راجپوت راجائن جي بيجا حمايت سبب ئي گورنمينٽ هن کي بي اعتماديءَ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳي. ان ڪري هن جي اختيارات ۾ گهٽتائي ڪئي ويئي ۽ هن جي اختيار ۾ ٻين آفيسرن کي شريڪ ڪيو ويو. ان ڪري هن تنگ ٿي رڳو (مورڳو) نوڪري تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي.

ٽاڊ پنهنجي تاريخ ۾ راجپوتن جي مداحيءَ جي جوش ۾ مغربي اصول تحقيقات کي بالاءِ طاق رکي ڇڏيو ۽ هر قسم (جي) معتبر ۽ غير معتبر ذريعن کان ڪم ورتو آهي. خصوصاً هندي ادب جي ان شاخ کان جيڪا ڀاٽن جي دماغ ۾ قلم جي يادگار ۽ تاريخي نقطه نظر کان بلڪل ناڪاره آهي. مگر ٽاڊ ان ماخذ کي ملڪي تاريخ جي سلسله ۾ نهايت بي بها ۽ قابل قدر خيال ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته ان مواد ۾ جنگ ۽ قتل و غارت جي قصن جو ٻيو ڪجهه به نه آهي[1].

 

هڪ ٻئيءَ جاءِ تي لکي ٿو ته:

اسان جيئن ته، اڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته: يورپين مؤرخن ۽ محققن جو ترجمو يا ڪتاب لکڻ وقت ڪو نه ڪو مسلم مخالفت يا ملڪي سياست جو سبب ضرور هوندو هو. سر هينري ايلٽ مشهور مؤرخ آهي. ملڪي ۽ غير ملڪي عربي پارسي تاريخ تان حواله وٺي هندستان جي تاريخ لکيائين. ان جو به، هڪ خاص مقصد هو.

 

ان بابت هڪ مشهور مؤرخ لکي ٿو ته:

سر هينري ايلٽ جنهن تاريخ هن جو 8 جلدن جي گذشته 75 سالن کان اسان جي ننڍين وڏين تاريخن جو ماخذ رهي آهي. تنهن اول ۾ حڪومت کي لکيو ته:

اگر ان جي مرتب ڪيل تاريخ هند شايع ڪئي ويئي ته: هندستان جون سموريون قومي تحريڪون خود بخود سرد ٿي وينديون.[2]

 

مسٽر رچرڊ برٽن جي متعلق محترم غلام رباني صاحب لکي ٿو ته:

رچرڊ برٽن جي حياتيءَ تي ڪافي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ مختلف عالمن برٽن جي حياتيءَ جي احوال سان گڌ، سندس شخصيت جو تجزيو پيش ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ هن ڪتاب جي فاضل مترجم (محمد حنيف صديقي) جو هڪ مختصر مضمون ڪتاب جي آخر ۾ ڏنو ويو آهي، جو برٽن جي شخصيت ۽ نقطي نگاهه کي سمجهڻ ۾ پڙهندڙن کي مدد ڏيندو. برٽن جا سمورا سوانح نگار بهر صورت ان ڳالهه تي متفق آهن ته: هو هڪ غير معمولي ماڻهو هو. سندن چوڻ آهي ته:

هو برجستو سپاهي، نامور شمشير باز، قابل مترجم ۽ شاعر، لسانيات جو عالم، دنيا جي عجائبات جي جستجو ڪندڙ، چڱو طبيب، ٻوٽن ۽ وڻن جو ماهر، حيوانن جي حياتيءَ جي علم جو مڃيل استاد، آثار قديمه ۽ علم الارض جو ماهر ۽ ڪامياب جاسوس هو.

هن کي پنجويهه زبانون اينديون هيون، ۽ انهن مان هر هڪ جي مختلف لهجن کان به چڱيءَ طرح واقف هو. هن پنهنجي سير ۽ سفر تي ٽيتاليهه ڪتاب لکيا، انهيءَ کان علاوه ٻه جلد شعر جا لکيائين، سؤ کان مٿڀرو متفرقه مضمون لکيائين.

الف- ليليٰ جا چوڏهن جلد ۽ پورچو گيز ادب جا ڇهه جلد انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. لاطيني شعر جا ٻه جلد لکيائين ۽ چار جلد لوڪ ادب جا به لکيائين.

برٽن جڏهن سنڌ ۾ پير پاتو، تڏهن سر چارلس نيپيئر سنڌ جي سرزمين تي برطانوي جهنڊو بلند ڪري چڪو هو.

انگريزن ڏيهي حاڪمن سان ويساهه گهاتي ڪري، جنهن ڪڌي نموني ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو هو، ان جو اندازو اسان کي هن ڳالهه مان ٿئي ٿو ته:

نيپيئر انگلينڊ ڏانهن سنڌي جي فتح جي خير اِجهو هنن لفظن ۾  موڪلي، ”مون گناهه ڪيو آهي.“

برٽن کان اهي ڳالهيون ڳجهيون نه هيون. انگريز شهنشاهيءَ جي سلطنت کي وڌائڻ واريءَ پاليسيءَ تي طنز ڪندي، هن هڪ دفعي چيو هو، جڏهن به نيڪ خاتون برطانيه اٺين حڪم کي ڀڃڻ واري هوندي آهي، تڏهن هوءَ وڏيءَ پارسائيءَ تقدس ۽ فضل الاهيءَ جو ڏيکاءُ ڪندي آهي. عيسائيت جي تبليغ جا قصيدا پڙهندي آهي. دنيا ۾ تهذيب کي ڦهلائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي آهي. پوءِ انهن جي انت فائدن جو ذڪر ڪندي آهي، جيڪي وحشين کي سندس رعيت ٿيڻ ۽ ڍل ادا ڪرڻ جي اجازت ملڻ تي نصيب ٿيندا آهن. پر انهن خيالن رکڻ جي باوجود رچرڊ برٽن فاتح قوم جو هڪ فرد هو ۽ سندس نگاهه ۾ سنڌ جا رهاڪو مفتوح مشرقي هئا. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب ۾ سنڌ جي رهاڪن ڏانهن برٽن جي رويي ۾ لاتعلقي، بيترسي ۽ طنز نمايان نظر اچي ٿي، سنڌ جي رهاڪن ۾ هن کي انيڪ عيب ته چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر منجهن خير ۽ خوبي ڪالاچار نظر اچي ٿي. هو سنڌ جي رهاڪن جي دقيانوسي غير صحتمند رسمن ۽ رواجن تي ته ڀرپور حملا ڪري ٿو، پر سندن ڪنهن به شاندار روايت، اعليٰ وصف يا ثقافتي ورثي جو کليءَ دل سان ڪٿي به ذڪر ڪو نه ٿو ڪري. سنڌ جي رهاڪن ۽ سنڌ جي  تاريخ تي سندس قلم هڪ فاتح جي تلوار وانگر بنا ڪنهن روڪ ۽ رنڊڪ جي وهندو نظر اچي ٿو. سنڌ جي ماضيءَ جي واقعن تي تبصرو ڪرڻ وقت هو، پنهنجي معلومات جي ذريعن جي صحت جي خاطري ڪرڻ به، ضروري نه ٿو سمجهي، جي ڪن حالتن ۾ ڏٺا وائٺا غير مستند ۽ غير معتبر نظر اچن ٿا.

برٽن لاءِ چيو ويو آهي ته: هو عيسائيت کان بيزار هو ۽ کيس دين اسلام ڏانهن رغبت هئي، پر هن جي تحرير ۾ اسان کي اهڙي ڪا به ثابتي ڪا نه ٿي ملي. نه فقط ايترو، پر هن ڪٿي ڪٿي مسلمانن ۽ ٻين مذهبن وارن تي نازيبا حملا ڪيا آهن (جي هن سنڌي ترجمي سان (مان) حذف ڪيا ويا آهن) ان مان ظاهر آهي ته رچرڊ برٽن تعصب کان آجو نه هو. برطانيه جي سلطنت وڌائڻ واريءَ هَوَسَ جي مذمت ڪرڻ جي باوجود هو برطانيه سرڪار جو وفادار خادم هو ۽ سندس ذهن مظلوم رعيت جي داد رسيءَ لاءِ نه، پر پنهنجي آقا جي مفاد لاءِ ئي سوچيندو رهندو هو. [3]

مان مٿي انگريز ليکڪن جي، ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ ۽ لکتن جا چند مقصد، انهيءَ ڪري پيش ڪري رکيا آهن، ته جيئن سندن ڪتابن لکڻ جا اصل ارادا ۽مقصد بينقاب ٿي وڃڻ کان پوءِ، معزز پڙهندڙ سندس فرسوده لکڻين تي، بيواجبي ڳنڍ ٻڌي، نه بيهي رهن.

انهيءَ ڪري هن قسم جي ٺوس ۽ پڪن ثبوتن جي موجودگيءَ ۾ انگريز مؤرخن ۽ محققن جي فرسوده تحريرن تي، ڪيئن سچي هجڻ جو اعتبار ڪري سگهجي ٿو؟

ان کان علاوه انگريزن جو هي به چوڻ هو ته: جنهن به قوم کي ناس ڪرڻو هجي. ان قوم جو اڳين اتهاس (تاريخ) ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي ته: پوءِ اها قوم ازخود پنهنجي موت پاڻ مري ويندي. نه صرف هي،  پر انگريزن جو هي به، چوڻ هو ته: وڙهائيو ۽ حڪومت ڪريو. هي نه صرف چيائون، پر هنن هن تي مڪمل عمل به ڪري ڏيکاريو.

انهيءَ ڪري انگريز ليکڪن، محض هن قسم جو جڙتو ۽ هٿرادو مصالحو هندن ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ خاطر، ججهو دستياب ڪري رکيو هو.

ڪانؤ کي وري لڙ ۾ مزو جي مصداق بعض مسلم ۽ اڪثر هندو مؤرخن وري انگريز ليکڪن جي لکيل تواريخ جي ڪتابن جي بيانن جي آڌار تي، اڃا به، انهن جي لکڻين کي وڌيڪ تقويت، اهميت ۽ جلا بخشڻ جي واسطي، سستي ۽ آسان شهرت ۽ ناموس ڪڍڻ  جي لاءِ، لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي، جي باعث، پنهنجين لکيل تاريخن ۾ انگريز ليکڪن جي لکيل فرسوده ۽ مسلم ڪش تاريخن جا حوالا پيش ڪري، بنا سنڌ جي مستند تاريخي ڪتابن ۽ عرب سيلانين جي لکيل سفرنامن جي روشنيءَ ۾ تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي، بيواجبي عرب مسلم قوم  سومرن کي بيڌڙڪ هندو پرمار راجپوت قوم لکي ڇڏيائون.

جنهن ڪري سومرا قوم جو ٻيو ته ڇڏيو، پر ان جو صرف حقيقي ۽ اصلي حسب نسب به، تڪراري مسئلي هئڻ جي باعث، ڪنهن به سرڪاري اداري هن وقت تائين، ڇپرائي پڌرو نه ڪيو آهي، جا هڪ وڏي ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه ضرور آهي.

ڇاڪاڻ ته: سومره سنڌ جو دور حڪومت سنڌ واسين جي لاءِ، سونهري ۽ درخشان آهي. جنهن تي، اهل سنڌ کي هميشه ناز ۽ فخر رهيو آهي.

انهيءَ جو به، خاص ڪارڻ، اهو ئي آهي جو انگريز ته، برصغير پاڪ و هند ڪڏهوڪو ڇڏي هليا ويا آهن، پر سندن هتي رهجي ويل فرسوده تحريرون ۽ قانون اڄ سودو جاري ۽ ساري آهن. مجال آهي جو جن کي رد ڪرڻ جي ڪو به صاحب پاڻ ۾ همت ۽ جرئت ڪري سگهي ٿو.

انهيءَ ڪري مان هتي، موقعي جي مناسبت سان، اهل قلم ۽ علم کي هيءَ عام اپيل ڪرڻ نهايت ضروري سمجهان ٿو ته: اهي صرف جنهن بنا تي، مان سومره قوم جو صحيح ۽ بلڪل اصلي حسب نسب پيش ڪريان ٿو جيڪڏهن ان ۾ ڪنهن قسم جي ڪا غلطي ۽ خامي ڏسڻ ۾ اچي ته: بلاشڪ تنقيد ڪري، طبع آزمائي ڪري سگهجي ٿي. بشرطيڪ تنقيد لوڪ کلائڻ ۽ پنهنجي پرائي وقت زيان ڪرڻ واري نه، پر اها عام فهم ۽ قابل قبول هجڻ سان گڏوگڏ، اصلاحي ۽ حقيقت تي مبني هئڻ گهرجي ته: طرفين جي لاءِ، بهتر ۽ نهايت سودمند رهندي.

ڇاڪاڻ ته: سومرن کي بيجا هندو پرمار راجپوت قوم ثابت ڪرڻ لاءِ، تاريخ ريگستان جي مصنف مسٽر رائچند راٺوڙ صاحب ۽ تحفته الڪرام جي مترجم ۽ حاشيه نويس محترم مخدوم امير احمد صاحب جن هتان هتان ايترو ته: فرسوده ۽ بيڪار مواد گڏ ڪري رکيو آهي جو ان کي يڪجا ڪيو وڃي ته: هڪ چڱو خاصو ڪتاب بڻجي سگهي ٿو.

سنڌ جي مؤرخن وري، دودو، چنيسر، عمر مارئي ۽ ليلان چنيسر جي من گهڙت گهڙيل بيبنياد قصن ۽ ڪهاڻين کي سنڌي  ادب سمجهي ڪري، ڪورس جي درسي ڪتابن ۾ درج ڪري، ڪيترن ئي نسلن تائين، معصوم ٻارڙن کي رٽرايو ويو آهي.

حضرت مولانا ابوالڪلام آزاد رح لکن ٿا ته:

دنيا ۾ انساني عظمت ۽ شهرت سان گڏ، حقيقت جو توازن تمام گهٽ قائم رهي سگهندو آهي.

هيءَ هڪ عجيب ڳالهه آهي ته:

جيڪي شخصيتون عظمت ۽ تقدس ۽ مقبوليت ۽ شهرت جي بلندين تي پهچي وينديون آهن. گهڻو ڪري دنيا کين تاريخ کان وڌيڪ افساني ۽ تخيل ۾ ڳولڻ چاهيندي آهي.

انهيءَ ڪري تاريخ جي فلسفي جي پهرين بانيءَ ابن خلدون کي هي قاعد بنائڻو پيو ته:

جيڪو واقعو دنيا ۾ جنهن قدر وڌيڪ مقبول ۽ مشهور ٿيندو، ان کي اوتري قدر افساني سرائي پنهنجي خيالي گهيري جي لپيٽ ۾ آڻيندي.

هڪ مشهور مغربي شاعر گوئٽي هن حقيقت کي هڪ ٻئي پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي. ان جو چوڻ آهي ته:

انساني عظمت جي حقيقت جي پڄاڻي هيءَ آهي ته: اها افسانو بڻجي وڃي. [4]

ساڳئي قسم جي حالت ۽ جٺ سومره قوم سان آهي. تعليم جو سڀ کان وڏو فائدو هي آهي ته:

انسان پنهنجي قومي، ملڪي، سياسي، تمدني، معاشرتي، تجارتي، ادبي ۽ اخلاقي وغيره حالات قلم بند ڪري سگهي. ته جيئن هو پنهنجي تجربن ۽ نصيحتن سان، بعد ۾ اچڻ وارن نسلن کي باخبر ڪري. جنهن تحت ماڻهو انهن تجربن پٽاندڙ اڳتي وک وڌائي سگهن. ان کان علاوه نسل قلم جي بندش ۽ تحرير جي ضبط جي وسيلي سان، پنهنجن بزرگن جا پڻ يادگار قائم ڪري سگهن. نه صرف هي، پر نظم و نظام ۽ رقم وارقام سان نسلن کي سبق ملندو رهي. ورنه، هن خاڪي فرش تي، بعض قابل قدر اهڙيون به هستيون ٿي گذريون آهن، جن کي اڄ زمانو نه ٿو ڄاڻي ۽ سندن سرانجام ڏنل ڪارناما مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويل آهن.

بعض اهڙا به بزرگ ٿي چڪا آهن، جن کي آسماني گردش بيجا غلط فهميون پيدا ڪري، سندن اصل چڱاين کي خفا جي پردي ۾ پڻ پوشيده ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ڪري دنيا اڄ انهن جي صحيح خط و خال يا حال و قال کان بلڪل ناواقف آهي.

انساني فطرت هيءَ آهي ته:

هو جيتري قدر ماضيءَ جي حالات کان متاثر ٿيندو آهي، ان قدر موجوده حالتن جو قدر نه ڪندو آهي. جڏهن اسان پنهنجي رهبر شخص جو احوال پڙهندا آهيون ته ته پوءِ اسان کي ان مان هيءَ خبر پوندي آهي ته: اسان ڇا هئاسي ۽ اسان کي ڇا ٿيڻ گهرجي.

هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته: قومن جي تاريخ ۽ انهن جو گذريل احوال هڪ سرمايو هوندو آهي. نه صرف هن خاص هڪ سومره قوم جو، بلڪه هر هڪ قوم جو پڻ انمول اثاثو هوندو آهي.

سومره خاندان سنڌ جو هڪ معزز ترين ۽ رسول الله صلي الله عليـﮧ وآلـﮧ وسلم جن جي صحابيءَ حضرت سمره بن جندب هوازنيه القريشي جو پڻ هڪ يادگار آهي. مگر افسوس جو هن خاندان سان اهڙو ته بيجا ڪلور ڪيو ويو آهي جو هن جو ٻيو ته ڇڏيو، پر ان جو اصلي ۽ حقيقي حسب نسب به معلوم ٿي نه ٿو سگهي.

هن کي زماني جو ڏاڍ چئجي يا ستم ظريفي جو هڪ اهڙي حڪمران خاندان جي احوال کي، جو سنڌ جي سرزمين تي، 500 سؤ سالن کان به وڌيڪ حڪمران ٿي رهيو هجي. اهڙيءَ طرح خاموشيءَ جي ڪنڊ ۾ روپوش ڪيو ويو آهي جو ان مان علمي، ثقافتي، مذهبي ۽ تمدني وغيره جو فائدو حاصل ڪرڻ پڻ هڪ مشڪل ڪم ٿي پيو آهي. هن جا زميدار ۽ جوابدار اهي حڪمران خاندان آهن، جي پڻ سومرن جي زوال بعد، وقت به وقت برسراقتدار ٿيندا رهيا آهن. انهن جي نمڪ خوار مؤرخن سنڌ جي هن اهم ترين تاريخ جي باب کي تاريخ جي پٽيءَ تان ئي ميساري ڇڏيو. انهن سومرن جي حقيقي مفصل احوال کي ڄاڻي واڻي، پنهنجي آقائن کي خوش رکڻ خاطر، غفلت جي نظر ڪري، هڪ زماني جي ڀلايل ياد بنائي رکيو ڇڏيو، جنهن ڪري اڄ سومرن جي مفصل احوال کان تاريخون هن قدر خالي دامن آهن. جهڙيءَ طرح بهار جي موسم گذري وڃڻ بعد، خزان جي موسم ۾ ڪنهن گلستان جي صحن ۾ لڳل گلن جي ٻوٽن مان رنگ برنگي گلن جي ڇڻي وڃڻ بعد، هوندي آهي.

اهڙيءَ طرح سومرن جو اهو شاداب ۽ سرسبز باغ پڻ بلڪل اجڙي ويو. انهن جون يادگيريون ۽ نشان مٽجي ويا. ايستائينڪ جو هاڻ سنڌ جي مدرسن جون علمي ٻاريون سندن حالات جي سرچشمن جي نشان دهيءَ کان پڻ قاصر آهن. انهيءَ ڪري ڊٺل نشانن کي ڳولي لهڻ ۽ کين خاموشيءَ جي ڪنڊ مان تلاش ڪري، انهن آثارن جي رستي، سندن دور حڪومت جي اها گم ٿيل شان و شوڪت ياد ڏيارڻ، جنهن کي تنگ نظر زماني جي تنگ نظريءَ، ڪنهن به وقت نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، هڪ وڏيءَ همت ۽ محنت جو ڪم آهي. انشاءَ الله تعاليٰ مان پنهنجي وسان ڪو نه گهٽائيندس.

البت انگريزن، هندن ۽ مسلمانن مؤرخن ۽ محققن جي فرسوده جمع ڪري رکيل دستياب مواد جي موجودگيءَ ۾ سومرن کي هندو راجپوت قوم هجڻ مان، عرب قريش مسلم قوم ثابت ڪرڻ جوءِ شير کان گهٽ نه آهي.

انهيءَ جي باوجود به، هن چئلينج کي بخوشي قبول ڪندي، انشاءَ الله تعاليٰ قومي جذبي ۽ ادبي خدمت سرانجام ڏيڻ جي واسطي، سومره قوم کي بلڪل آسانيءَ سان بنا ڪنهن قسم جي شڪ شبهي ڪرڻ جي، عام فهم اصول جي پٽاندڙ واضح ۽ بلڪل صحيح ۽ درست عرب قريشي مسلمان ثابت ڪندس.

انسانيت جي پيغمبر جو پاڪ فرمان آهي ته:

”مصنف جي قلم جي مس شهيد جي خون کان وڌيڪ مقدس آهي“. مان رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي هن پاڪ فرمان جو مڪمل احترام ۽ لحاظ ڪندي، جن به مؤرخن ۽ محققن جي لکيل ڪتابن جي تحريرن جا حوالا ڏيندس، سي پنهنجي طرفان پنهنجو مطلب تارڻ خاطر، غلط منسوب ٿيل هرگز نه هوندا.

انهيءَ ڪري، ڪنهن به ڏنل حوالي تي، مشڪوڪ ٿيڻ کان بلڪل گريز ڪرڻ گهرجي.


[1]  (سـﮧ ماهي مهراڻ 3-4/ 1979ع ص 195، بحواله مقالات حافظ محمود شيراني، جلد هفتم، تنقيد پرٿي راج راسا، مجلس ترقي (سلطنت) لاهور ص 307)

[2]  (سـﮧ ماهي مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 3-4/1979ع س. ص 195- 196، بحواله سيرت مولانا محمد علي مونگيري اردو، از سيد خليق احمد نظامي، رساله العلم ڪراچي، جلد 9 شمارو 3).

[3]  (ڪتاب ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ سنڌي ايڊيشن، مترجم محمد حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، اشاعتي سال 1971ع ص ص 4-5-6 جا پيش لفظ غلام رباني سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ.

[4]  اردو ڪتاب ”انسانيت موت ڪي دروازي پر“ ص 104 بيت التوحيد اي / 137 آصف ڪالوني ڪراچي نمبر 16)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ