(20)
ڀونگر:
عمر سومري جي وفات بعد سنڌ جي حڪومت جي تخت (تي)
ويٺو. ڏهن سالن تائين بادشاهي برقرار رهيس. سن
671هه ۾ بقا واري جهان ڏي روانو ٿي ويو.
(21) همير:
ڀونگر جي وفات کانپوءِ همير نالي هڪ شخص حڪومت جي
مسند تي ويٺو، جو ظالم طبيعت ۽ماڻهن کي آزاريندڙ
هو، جنهن ڪري ماڻهو سندس ظلم کان تنگ ٿي، کيس
حڪومت تان لاهڻ ۽ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.
سمان
قوم جا ماڻهو ڪڇ جي پاسي کان اچي سنڌ جي آسپاس
ويٺا هئا. انهن سمن ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ دوستي ۽
لاڳاپن جو رستو جاري ٿي چڪو هو. سمان قوم ۾ انڙ
نالي هڪ شخص هو، جنهن جي پيشانيءَ ۾ هدايت ۽ بخت
جانشان چمڪي رهيا هئا. ملڪ جي اميرن ۽ حڪومت جي
ماڻهن (سمن) ان کي چونڊيو. سڀني ٻڌي ڪري ڳجهيءَ
طرح پرهه ڦٽيءَ مهل گڏجي، جنهن گهر ۾ همير ننڊ ۾
ستل هو، اتي پهچي همير کي ماري وڌو، ۽ سندس سر کي
شهر جي دروازي تي ٽنگيائون. اتفاق سان (انڙ سمي)
کي بادشاهيءَ جي تخت تي ويهاريائون.
مهان بزرگ مؤرخ ۽ محقق ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽه
صاحب سنڌ جي سومره حڪومت“ جي حڪمران سومرن سردارن
جي پيش ڪيل نالن ۽ سنن کي جي پڻ مختلف تاريخن جي
مصنفن درج ڪيا آهن، تن کي فرضي قرار ڏيندي، لکن ٿا
ته: مير معصوم سومرن جي حڪومت جا سال نه ڏنا آهن ۽
حاڪمن جي نالن جي فهرست پڻ ناقص آهي.
تحفته
الڪرام واري جنهن سومرن حاڪمن نالا ۽ سال محمد
يوسف جي جوڙيل ”منتخب التواريخ“ تان ورتا آهن ۽
هڪڙي جاءِ تي سومرن جي حڪومت پوري ٿيڻ جو سال
752هه ڏنو آهي. (ورق 8 الف) پڻ ڀل ڪئي اهي. جيئن
ته: (390) سلطان جلال الدين منڪبرني سنه 621هه جي
لڳ ڀڳ ديبل بندر وٽ پهتو ۽ اتي جو حاڪم چنيسر
ٻيڙين ۾ چڙهي سندس اڳيان ڀڄي ويو هو. جيئن مٿي ذڪر
ٿي آيو ۽ اهو ساڳيو حاڪم، جنهن کي طبقات ناصري
وارو“ ملڪ سنان الدين چنيسر والي ديول و سندهه“
سڏي ٿو، سو سنه 625هه ۾ نظام الملڪ محمد جنيديءَ
جي اطاعت قبول ڪري، ”شمسي شمس الدين ايلتمش جي
درٻار ۾ پهتو هو ۽ هي ٻئي ڳالهيون تسليم ٿيل آهن.
تنهنڪري نتيجو وٺي سگهجي ٿو ته: تحفته الڪرام ۽
دولت علويه جي مصنف جيڪي هر هڪ سومره حاڪم جي
حڪومت جا سال مقرر ڪيا آهن، سي فرضي آهن.
اسان جڏهن سومرن حاڪمن جي پيش ڪيل تاريخن جي ڏنل
نالن تي غور ۽ خوض ڪري ڏسون ٿا ته: اهي پاڻ ۾
مطابقت ڪو نه ٿا رکن. دولت علويه (يعني سومرن جي
حڪومت) جي مصنف 21 سومرن حاڪمن جا نالا ڏنا آهن،
جي پڻ سڀ جا سڀ مسلمانڪا عربي طرز جا آهن ۽ ٻين
تاريخن جي ليکڪن وري سومرن سردارن جا نالا گاڏڙ
ساڏڙ ڪري لکيا آهن، جي پڻ صحيح ۽ درست نه آهن. خبر
ڪا نه ٿي پئي ته: سومره عرب مسلم قوم تي، بيواجبي
ناحق ۽ ڪلور مؤرخ الائجي ڇو ڪري هليا ويا آهن، يا
ته، بذات خود عرب مسلمان سومرن سنڌ جي، تمدن،
تهذيب ۽ ثقافت اپنائي ڪري، پنهنجيءَ اولاد تي
هندڪا نالا رکيا اهن جو سومرن کي ڪهڙي خبر هئي ته:
هي نالا سندن نسل کي ئي مٽائي رکي ڇڏيندا. تنهنڪري
هاڻ جيئن ته: سومرا هوزنيه القريشي نسل جا بلڪل
صاف ۽ واضح طور ثابت ٿي چڪا آهن، سو اهو ڏينهن پري
ناهي جو سنڌ جي حڪمران سومرن سردارن جا پڻ اصل
نالا به تمام ستت منظر عام تي اچي ويندا.
انشاءَ الله تعاليٰ اسان هاڻ سومرن حڪمرانن جي ٺيٺ
هندڪن نالن تي،مورخن ۽ محققن جا خيال ۽ ويچار پيش
ڪري، هي ثابت ڪنداسين ته: سومرا حڪمران سردار
هندڪن نالن هجڻ جي بناء تي، هندو راجپوت قوم جا
هرگز ٿي نٿا سگهن.
(1) سيد ابو ظفر ندوي صاحب لکي ٿو ته:
سومرا
هندو راجپوت نه هئا، بلڪه هو مسلمان هئا، جن تاريخ
مطالعو ڪئي هوندي، تن کي اهو ته، ڀليءَ ڀت معلوم
هوندو ته: الپتگين، سبڪتگين، سنجر، بلبن، الپ
ارسلان، قزل ارسلان، وغيره سڀ مسلمانڪا نالا نه
آهن. حالانڪه هو سڀ پنهنجي وقت جا وڏا ناليرا حاڪم
هئا. ان ڪري نالن جي نسبت سان سومرا هندو ٿي نه ٿا
سگهن.
(2) مهاشيه عبدالڪريم نظامي صاحب، هن خيال رکندڙ
ليکڪن جي نفي ڪندي لکن ٿا ته:
تحفته الڪرام جا مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي ته:
سومرن کي عرب تسليم ڪن ٿا، پر ان ڪتاب تي حاشيه
لکڻ واري صاحب، هڪ انگريزي ڪتاب ”هسٽري آف انڊيا“
جي مصنف ايليٽ جو سهارو وٺندي لکن ٿا ته:
”سومره“ اصل ۾ هندو راجپوت هئا، سومرن حڪمرانن جا
ٺيٺ هندي نالا به، ان خيال جي تائيد ڪن ٿا. جيڪڏهن
هي ماڻهو عرب هجن ها ته: سندن نالا به ضرور عربي
قسم جا هجن ها.
تعجب ٿو لڳي ته: ايتري وڏي اهل علم حاشي لکڻ جي
وقت اهڙي لچر دليل جو ڇو سهارو ورتو. جڏهن ته:
سندن سامهون ابن بطوطه جي سفرنامي کان وٺي ڪري،
تمام تاريخي ڪتاب موجود هئا.
هي غير عربي نالا اصلي نالن جون پڻ بگڙيل صورتون
آهن. هتي هي عام رواج آهي ته: جيڪڏهين رمضان نالو
آهي ته: رمجو سڏيندا آهن. انهيءَ طرح عبدالله کي
بگاڙي ڪري، ابو سڏيندا آهن.
ان
کان علاوه خود تحفته الڪرام ۾ هڪ هنڌ تي لکيل آهي
ته: تميم (ٿهيم) قوم جي هڪ ”گنگا“ نالي ڇوڪري
ننڍپڻ ۾ ”عمر“ سان مڱائي هئائون.
هاڻي توهان تحفته الڪرام جي عبارت پڙهندا ته:
معلوم ٿيندو ته:
بني تميم جيڪي خالص عرب هئا سنڌ ۾ ٿهيم جي نالي
سان مشهور ٿي ويا. ڀلا! هڪ خالص عربي النسل
ڇوڪريءَ جو نالو ”گنگا“ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته: سنڌ
جي تاريخ لکڻ وارن بزرگن به، هن ڳالهه جي ڪوشش ڪا
نه ڪئي ته: سندن اسلامي نالن کي تلاش ڪري لکن.
”توضيحات معصوميءَ“ ۾ لکيل آهي ته:
هن
کانپوءِ، طبقات ناصري وارو چوي ٿو ته: ”اهو ملڪ
سمنڊ جي ڪناري تائين فتح ٿيو ۽ ديول ۽ سنڌ جي والي
ملڪ سنان الدين چنيسر.
شمسي (شمس الدين ايلتمش جي) درگاهه جي خدمتگارن ۾
شامل ٿيو“ (توضيحات معصومي“ ص 329).
هن روايت مان خبر پئي ٿي ته: چنيسر جو اصل نالو
سنان الدين چنيسر هو. مگر باوجود هن ثبوت جي، کيس
هميشه تاريخن ۾ چنيسر لکيو رهيو آهي. انهيءَ طرح
انهن سڀني سومرن حاڪمن جا اسلامي نالا ”دولت
علويه“ (سومرن جي حڪومت) ۾ درج آهن. پر پوءِ به،
انهن کي نٿو لکيو وڃي.
نه صرف هي، پر جيڪڏهين توهان ”تاريخ سنڌ“ جو
مطالعوڪري ڏسندا ته: بني عباس جي پڻ رسول الله صلي
الله عليه وسلم جن جي چاچي جي نسل سان تعلق رکن ٿا
۽ خالص عرب آهن. مگر جڏهن هي سنڌ ۾ آيا ته: سندن
اولاد ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن ۾ ورهائجي ويئي.
توهان انهن جي ئي شجرن جو اڳ ۾ مطالعو ڪري، پوءِ
سومرن تي پنهنجيءَ راءِ جو اظهار ڪريو ها ته:
ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جي شجرن ۾ هيٺينءَ طرح سندن
بزرگن جا نالا آهن.
چنا، بهلا، تهل، سنڪراسي، ڪاهر، ابن وغيره. هاڻ
توهان ئي ٻڌايو ته:
ڇا انهن نالن جي بناءِ تي اسان حضرت عباس جي اولاد
کي عربي النسل هجڻ کان انڪار ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن
نه ته پوءِ سومرن حڪمرانن جي (هندڪن) نالن جي آڙ
وٺي ڪري، کين عرب النسل هجڻ کان انڪار ڪرڻ جو ڪهڙو
حق رکي سگهون ٿا.
نالا ته: هر ملڪ جي رسمن جي مطابق، رکيا ويندا
آهن. ”انڊونيشيا“ جي صدر کي ”سڪارنو“ سڏيندا آهن،
حالانڪه سندس نالو عبدالرحيم آهي جو پڻ خالص
عربيءُ النسل آهي. ملايا جي حڪمران کي ”ٽنڪو“
سڏيندا آهن. حالانڪه سندس نالو عبدالرحمان آهي.
هي سڀ انهن عربن جي اولاد آهن، جي پڻ پهرين صدي
هجريءَ ۾ چين ۽ جزيره چين جي علائقن ۾ آباد ٿي ويا
هئا جو سندن نالا اتان جي ملڪي ماحول جي مطابق
هوندا آهن.
محمد بن قاسم سان گڏ، جيڪي اسلام جا عرب مجاهد سنڌ
۾ داخل ٿيا ۽ وري واپس موٽي وڃي نه سگهيا، ساڻن گڏ
عورتون ته نه هيون، اهي سڀ فوجي سپاهي هئا. انهن
هتي آباد ٿي ڪري، شاديون ڪيون ۽ کين اولاد ٿي
لازمي آهي ته: هنن يا ته: انهن نو مسلم شيخن ۾
رشتيداري ڪئي يا وري هندو عورتن سان لانئون
لڌائون. اهڙيءَ صورت ۾ماءُ جي گود ته: سڀ کان وڏو
درس گاهه هوندو آهي۔ والده پٽ جو نالو چنيسر رکيو
۽ سندس پيءُ مٿس نالو سنان الدين رکيو جو پڻ
اهڙيءَ طرح هر ملڪ ۾ ٿيندو اچي ٿو.
انگريزن جو دور حڪومت ته هن براعظم ۾ ختم ٿي ويو ۽
خدا تعاليٰ پاڪستان جي آزاد حڪومت قائم ڪرائي ڇڏي.
مگر هي اينگلو انڊين ان انگريز حڪومت جا پڻ يادگار
موجود آهن. ماءُ مقامي ته پيءُ يورپين، پيءُ پٽ کي
هينريءَ جي نالي سان سڏيو ته، ماءُ اڃا تائين،
موهن مسيح سڏي رهي آهي.
چين ۾
ڪروڙين مسلمان آباد آهن، پر انهن جا نالا چوشنگ،
شانتو وغيره رکيل آهن. سندن عربن نالن نه هجڻ جي
باعث، توهان کين ڇا سڏيندا؟
سيد ابو ظفر ندوي صاحب ۽ مهاشيه عبدالڪريم نظامي
صاحب جن جي پيش ڪيل ٺوس ثبوتن ۽ دليلن جي مطابق
سومرن حڪمرانن کي هندڪن نالن (جن نالن کي دائود
پوٽه صاحب فرضي سڏين ٿا) هجڻ جي بناء تي، هندو
هرگز سڏي نٿو سگهجي.
ڇاڪاڻ ته: هان سومرا صاف ۽ بلڪل واضح طور عرب
قريشي مسلمان ثابت ٿي چڪا آهن، تنهنڪري لازمي آهي
ته: سندن نالا به، هندڪن نالن بجاءِ ضرور
مسلمانڪائي هوندا.
جنهنڪري اسان کي هن مان ثابت ٿئي ٿو ته:سومرن جا
هندڪا نالا ۽ فرسوده ريتون رسمون ساڻن خواهه م
خواهه مٿن مڙهي، محض اجايا شڪ شبها پيدا ڪيا ويا
آهن.
اسان کڻي، پنهنجيءَ پياريءَ سنڌڙيءَ جو ئي مثال
وٺون ٿا ته: پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ۾، سنڌين
مسلمانن جا نالا: کبڙ، ڪرڙ، ڪانڊيرو، ليمون،
ڏاڙهون، صوف، مٺو، کٽو، طوطو، ڪبوتر، آچر، سومر،
جمعو، خميسو، رمضان، حاجي وغيره ۽ پاڪستان قائم
ٿيڻ کانپوءِ، صرف 53 سالن جي هڪ قليل عرصي جي نئين
ڪلچر جي وجود ۾ اچڻ سان، هاڻ سنڌين مسلمانن جا
نالا نويد، جميل، سجاد، شاهد، عمران عرفان وغيره
عام جام نه صرف شهرن ۾، پر ڳوٺن ۾ به ڪثرت سان
رکيا وڃن ٿا. ته پوءِ، سنڌين جي هن قسم جي نون
نالن رکڻ جي باعث، کين سنڌي هجڻ کان انڪار ڪري
سگهجي ٿو؟ جيڪڏهين نه ته، پوءِ، عرب مسلمان سومرن
1400 سؤ سالن جي (سي به سومرن حڪمرانن جا نالا به،
فرضي نالا ثابت ٿي چڪا آهن) رکيل هندڪن نالن جي
بناءِ تي، سومرن کي ڪهڙيءَ طرح غير مسلم هندو قرار
ڏيئي سگهجي ٿو؟ جڏهن ته، نالا ملڪي ماحول جي
مطابق، رکڻ ۾ ايندا آهن.
باب ستون
سومرا ايشيا جي مشهور ”سميرين“ قوم مان آهن
سامره، سامي، سامري ۽ سميرين تي، روشني وجهندي،
حضرت مولانا ابوالڪلام آزاد رح لکن ٿا ته:
قالوا ما اخلفنا موعدک بملکنا والکنا حملنا اوزرً
من زينــﮧ القوم فقدفنـٰها فکذالک القي السامري
(87).
آيت نمبر87 ۾ بني اسرائيل جي گابي جي پوڄا ڪرڻ جو
واقعو بيان ڪيو ويو آهي ۽هي مقام پڻ انهن مقامن جي
تحت آهي، جن ۾ قرآن جون تشريحون توارت جي موجوده
نسخي کان مختلف واقع ٿيون آهن. جيڪي ان جي تشريح
تحريفات نمايان ڪن ٿيون. خروج (32:1) ۾ آهي ته:
سونو گابو خود هارون ٺاهيو هو، ليڪن قرآن ۾ صاف
صاف بيان ڪيو ويو آهي ته:
حضرت هارون جو دامن هن شرڪ کان پاڪ هو، هيءَ حقيقت
۾ سامريءَ جي شرارت هئي.
هتي هي سوال ٿو پيدا ٿئي ته:
سامري ڪير هو؟ هي ان جو نالو هو يا قوميت جو لقب؟
شڪ پئي ٿو ته:
هتي ”سامري“ مان مراد سميري قوم جو فرد آهي، ڇاڪاڻ
ته: جنهن قوم کي اسان سميريءَ جي نالي سان سڏڻ
شروع ڪيو آهي، ان جو نالو آڳاٽي وقت کان عربيءَ ۾
سامري اچي ٿو ۽ اڃا به، ان جي بقايا عراق ۾ انهيءَ
نالي سان سڏي ويندي آهي.
هتي قرآن جو ”اسامري“ ڪري سڏڻ مان صاف ظاهر آهي
ته:
هي نالو نه آهي، پر ان جي قوميت ڏانهن اشارو آهي.
اهو شخص اسرائيلي نه هو، پر سامري هو.
سمير تمدن:
حضرت مسيح عليه السلام کان تقريباً ساڍا ٽي هزار
سال اڳ دجله ۽ فرات جي دوآبي (ٻن دريائن جي درميان
جو علائقو) ۾ ٻه مختلف قومون آباد ٿيون. جيڪي هڪ
عظيم الشان تمدن جا بنياد کڻي رهيون هيون، انهن
مان هڪ قوم جا ڏکڻ کان آئي هئي، سا عرب هئي.
ان جي متعلق، خيال ڪيو ويندو آهي ته: اتر کان آيل
سميري هئي، انهيءَ قوم جي نالي سان قديم تاريخي
شهر ”سامرا“ آباد ٿيو هو. جنهن جو محل هاڻ تل
العبيد ۾ معلوم ٿيو آهي. ۽ اتان پنج هزار سال اڳ
جا ٺهيل زيور ۽سونا ٿانوَ ملي رهيا آهن.
سميري قوم جو اصل:
سميري قوم جو اصل ڪهڙو هو؟ ان باري ۾ هن وقت
تائين، ڪا قطعي راءِ قائم نه ٿي سگهي آهي. ليڪن
نينوا ۾ آشور بني پال رهي نينوا جو اهو ئي عظيم
الشان شهنشاهه آهي، جنهن کي يوناني فرشتن ۾ سروانا
پالس
SARDA PALUS
جي نالي سان سڏيو ويو آهي) متوفي سنه 626 قبل مسيح
جو ڪتب خانو نڪتو اهي. ان ۾ تختين (پٽين) جو هڪ
لغت جو مجموعو ( هي قديم قومن جي علوم ۽ ادبيات ۾
پنهنجو مٽ پاڻ آهي) ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته: اڄ کان ٽي هزار سال اڳ، دوآبه دجله ۽ فرات جون
علمي ترقيون ڪيستائين پهچي چڪيون هيون.
هن لغت جي ڪتاب ۾ صرف آڪاوي ۽ سميري زبان جا ئي هم
معنيٰ الفاظ جمع نه ڪيا ويا آهن، پر ان ۾ قاصي ۽
مصري زبان جا هم معنيٰ لفظ به اچي ويا آهن. هن
ڪتاب جي انڪشاف، قديم زبانن جي واسطي، حرفن ۽
آوازن جا مستند ۽ قطعي ذريعا گڏوگڏ پڻ پهچائي ڏنا.
حتتي اها ئي قوم آهي، جنهن کي اڄڪلهه
(HITTITE)
لکيو ۽ سڏيو وڃي ٿو ۽ قاصيءَ مان مراد
KASSITE
جي آهي. انهن ٻنهي جي لاءِ، تورات ۾ حتتي ۽ قاصيءَ
جي لفظ استعمال ٿيل آهن. انهيءَ ڪري اسان ساڳيا ئي
اختيار ڪيا آهن. (تفصيل جي لاءِ، ڏسو ايم جسٽرو جي
دي سويليزيشن آف بابليونا اينڊ اسيريا- مطبوعه
1915ع ۽ سر اي اي ڊبليو
(BUDGE)
بائينايل اينڊ ٽائگريز مطبوعه 1920ع).
جنهن ۾ آڪاوي ۽ سميري زبان جا هم معنيٰ لفظ جمع
ڪيا ويا آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته: سميري زبان
جا آواز سامي حرفن جي آوازن کان گهڻو مختلف نه
هئا. گهڻو ممڪن آهي ته: اهي به حقيقت ۾ انهن قبيلن
جي مجموعي کان ڪو پري جو تعلق رکندا هجن. اسان جن
جي لاءِ، تورات جي اصلاح، سامي“ اختيار ڪئي آهي.
انساني نسل جا ٻه قبائلي سرچشمه:
حقيقت هيءَ آهي ته: جهڙيءَ طرح قديم زماني ۾
منگوليا جو علائقو صحر انور ۽ قبيلن جو ابتدائي
سرچشمو رهيو آهي، جتان انساني ٽولن جا قافلا نڪري
ڪري، وچ ايشيا، هندستان، ايران، اناتوليا ۽ پوءِ
وري ساري يورپ ۾ ڦهلجي ويا، ٺيڪ انهيءَ طرح انساني
نسل جي قدمن ۽ انشعاب جو هڪ مرڪزي سرچشمو جزيزه
نما عرب به رهي چڪو آهي. هتان جي ريگستانن ۾ هڪ
ٻئي پٺيان انساني نسل جومواد بڻيو رهيو ۽ پوءِ
بڙڪي ڪري، پري تائين پکڙبو ويو. فلسطين، شام، مصر،
عراق، آرمينيا ۽ خليج، فارس جون سامونڊي آباديون
پڻ سڀ، انهيءَ مرڪزي نسل جو انشعاب هيون ۽ سڀني جو
تمدن، انهيءَ عربي نسل جو تمندن هو. قوم ”عيلام“
جنهن جو ذڪر ڪتاب پئدائش ۾ آيو آهي، جا ڏکڻ ايران
۾ آباد هئي. هن ۾ ڪو عجب ناهي، جو حقيقت ۾، انهيءَ
نسل جي هڪ شاخ هجي. (هن جو وڌيڪ تفصيل سوره نوح جي
تشريح ۾ ملندو).
بهرحال ”سميري“ قبيلن جو اصلي وطن عراق هو، مگر هي
پري پري تائين، پکڙجي چڪا هئا. انهن جو مصر سان
تعلقات جو سراغ هڪ هزار سال اڳ، مسيح تائين،
روشنيءَ ۾ اچي چڪو آهي. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته:
انهيءَ قوم جو هڪ فرد پڻ حضرت موسيٰ عه جو معتقد
ٿي ويو هو. جڏهن بني اسرائيل اتان نڪتا ته: پوءِ
هو به، انهن سان گڏجي نڪري آيو. جنهن کي قرآن
”السامري“ جي لفظ سان ياد ڪري ٿو.
سامريءَ جو ايمان آڻڻ
۽ پوءِ وري ان جو مرتد ٿي وڃڻ
ڳئون ڏاند ۽ گابي جي پاڪائيءَ جو خيال سميرين ۾ به
هو ته“ مصرين ۾ به هو. مصري پنهنجي ديوتا ”حورس“
جو چهرو ڳئونءَ جي شڪل جو ٺاهيندا هئا. انهن جو
خيال هو ته: زمين جو گولو هڪ ڳئونءَ جي پٺيءَ مٿان
رکيل آهي. جڏهن سامريءَ ڏٺو ته: بني اسرائيل حضرت
موسيٰ جي غير حاضريءَ کان بيقرار ٿي رهيا آهن ته:
پوءِ ان چيو ته: مون کي هڪ سون جو زيور کڻي آڻي
ڏيو. پوءِ هن ان سون کي پگهاري ڪري، ان مان سون جي
هڪ مورتي تيار ڪئي، مصري مندرن جون ڳجهيون
ڪاريگريون کيس معلوم هيون. ان مورتيءَ ۾ هوا جي
داخل ٿيڻ ۽ ان مان ٻاهر نڪرڻ جي هڪ اهڙي ڪَلَ رکي
جو ان مان هڪ قسم جو آواز نڪرڻ لڳو. حضرت موسيٰ جو
سامري معتقد ٿي ويو هو. ليڪن ان جي اسرائيلي توحيد
تي دل ڄمي نه سگهي. انهيءَ ڪري صرف چند ڏينهن ان
عقيدي تي قائم رهيو. ان کانپوءِ هو مرتد ٿي ويو.
هن تي جڏهن حضرت موسيٰ عه کيس چيو ته: تون هي ڇا
ڪيو؟ هن چيو ته: بصرت بمالم يبصروا به مون کي هڪ
اهڙي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، جا ٻئي ڪنهن کي به
سمجهه ۾ اچي نٿي سگهي، يعني مان گابو ٺاهي
ورتوآهي.
فقبضت قبضته من اثر الرسول فنبذتها مان رسول جي
پيرويءَ ۾ ٿورو ڪي گهڻو حصو ضرور ورتو هو، پر پوءِ
مان ان کي ڇڏي ڏنو، يعني مان ڄڻ توهان جي پيروي
ڪرڻ ۾ چند قدم کنيا هئا، پر منهنجي دل مٿس ڄمي نه
سگهي.
وکذالک سولت لي نفسي مان ڇا ڪريان جو منهنجي طبيعت
اهڙي قسم جي تقاضا ڪئي. انهيءَ ڪري مان توهان جي
پوئتان هلي نه سگهيس. جڏهن عربيءَ ۾ چئبو:
قبضت قبضته مان صرف هڪ مٺ کنئي، ته پوءِ، ان جي
معنيٰ ٿورڙي ٿيندي.
قبضت قبضته اي شيءِ قليل، والقبضته القدر المقبوض
(ابن سيده) ارودءَ ۾ به چوڻي آهي ته: مان ته صرف،
هڪ ئي مٺ کنئي آهي، يعني گهڻو ڪي ٿورو حصو ورتو
آهي.
گابي جي متعلق، يهودين جون بيهوديون ڳالهيون
يهودين پنهنجيءَ قوم جي بربيت جي واسطي هيءَ ڳالهه
گهڙي هئي ته:
گابي جي پوڄا ڪرڻ جي معاملي ۾ هڪ روحاني طاقت جو
هٿ ڪم ڪري رهيو هو.ورنه، ڇو اسان جا بزرگ اهڙيءَ
گمراهيءَ ۾ پون ها؟ انهن جو هي چوڻ هو ته: گابي جي
ڳالهائڻ جي طاقت ان مٽيءَ جو معجزو هئي، جا حضرت
جبرائيل جي گهوڙي جي سنبن سان پامال ٿي هئي. جڏهن
بني اسرائيل مصر مان نڪتا ته: انهن جي اڳيان
جبرائيل هلي رهيو هو جو زندگيءَ جي ملائڪ تي سوار
هو. ان گهوڙي جي شڪل اختيار ڪري ورتي هئي. انهيءَ
گهوڙي جا سنب مٽيءَ تي پيا ٿي، انهيءَ ۾ زندهه ڪرڻ
جي خاصيت پيدا ٿي ويئي ٿي. هن ڳالهه جي ڪنهن کي
به، خبر ڪا نه پئي، پر سامريءَ ڏسي ورتو. جنهن ڪري
ان هڪ گابو تيار ڪري، ان ۾ (آبحيات جي جاءِ تي) ان
زندگيءَ جي مٽيءَ جي هڪ مُٺ وجهي ڇڏي. پوءِ ڇا ٿي
پيو جو هو زندهه ٿي ڪري ڳالهائڻ لڳو.
مفسرن جون غلطيون
افسوس سان چوڻ پئي ٿو ته:
هيءَ ڪهاڻي تفسير جي روايتن ۾ به داخل ٿي ويئي آهي
جو هو اثر الرسول جو مطلب هي ڪڍن ٿا ته:
جبرائيل جي قدمن جي هڪ مٽيءَ جي مٺ سامريءَ کڻي
ورتي هئي. ليڪن هي ياد رکڻ گهرجي ته: هي تفسير
ڪنهن به طرح صحيح ٿي نٿو سگهي. نه صرف ايترو، پر
هن قسم جو تفسير ڪرڻ قرآن جي آداب کي پڻ بي معنيٰ
بڻائڻو آهي.
|