محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، دودي چنيسر جي
ڳالهه جا بنيادي خاڪا پيش ڪندي لکن ٿا ته:
اصل ڳالهه ڪٿان شروع ٿي ۽ ڪيئن شروع ٿي، ان بابت
يقيني طور ڪا به راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي. ڇاڪاڻ
جو هن ڳالهه ۾ بيان ٿيل واقعي بابت ان ساڳئي وقت
جو ڪوبه تاريخي حوالو يا بيان ڪونهي. البت جيڪو به
واقعو ٿيو سو ٿي گذريو ۽ پويان ان جون جيڪي
ميساريل يادگيريون باقي وڃي بچيون تن جي بناءِ تي
سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ جدا جدا سگهڙن، شاعرن ۽ ڳائڻن
ان کي پنهنجي پنهنجي زباني بيان ڪيو ۽ڳايو ۽
انهيءَ مقصد خاطر هنن اصل واقعي جي خاڪي کي وڌايو
ويجهايو ۽ ان ۾ پنهنجي پنهنجي ذهن ۽ فن مطابق رنگ
ڀريو. بهرحال ڳالهه جون مختلف روايتون جيڪي هن وقت
اسان وٽ لکيل حوالن يا زباني بيانن ذريعي موجود
آهن، سي ئي مکيه ماخذ ۽ سرچشما آهن، جن مان
تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي ماحول جو انداز لڳي سگهجي
ٿو.
گذريل سون سالن دوران غالباً هن ڳالهه جون ڪيتريون
ئي روايتن هليون هونديون، جيڪي سڀئي سلامت نه
رهيون آهن، مگر جيڪي هن وقت تائين موجود آهن، سي
به ايتريون گهڻيون آهن جو غالباً اهي گذريل دور
وارين سڀني روايتن جون جاءِ نشين آهن. روايتن ۾
جزوي اختلافن ۽ ڏند ڪٿائي ٽاڻن کي نظرانداز ڪندي،
مجموعي طور سان هيٺين روايتن کي ئي مکيه ۽ مستقل
قرار ڏيئي سگهجي ٿو. اهي روايتون يا انهن جا اهڃاڻ
ٻن قسن جا آهن، هڪ اهي جيڪي لکيت ۾ آيل آهن ۽ ٻيا
اهي جيڪي زباني ۽ صدري طور هلندا آيا آهن. هيٺ
انهن کي مختصر طور مگر ضروري ٽاڻن سميت ۽….. مطابق
سلسليوار ڏجي ٿو.
(الف تاريخ معصومي (اندازاً سال 1009 هه/ 1600ع
ڌاري جي تصنيف) جي هڪ قلمي نسخي جي روايت
سومري حاڪم عمر (پٽ دودو پٽ عمر پٽ ڦتو) جي وفات
وقت سندس پٽ دودو ننڍي عمر جو
هو،
جنهنڪري حڪومت جي سربراهن سندس ڀاءُ چنيسر کي تخت
تي ويهاريو.
پوءِ جڏهن دودو وڏو ٿيو ته چنيسر کيس قيد ڪرڻ
چاهيو، جنهنڪري دودو مدد واسطي، سلطان مودود وٽ
غزني ۾ ويو. سلطان ان وقت بيمار هو ۽ سندس حالت
نازڪ هئي. رستي ۾ دودي کي ڪنهن بزرگ وٽان هڪ معجزي
واري لٺ ملي هئي، جنهن جي مدد سان معلوم ڪيائين ته
سلطان ڪنهن وقت پاڻي پيئندي نانگ جا ٻه آنستر
(ننڍا) ٻچڙا ڳيهي ويو هو، جيڪي اندر وڏا ٿي سُري،
سلطان کي ايذائي رهيا هئا. پوءِ دودي ڪنهن حيلي
سان انهن کي ٻاهر ڪڍيو. سلطان صحتياب ٿي ويو ۽ خوش
ٿي دودي کي چيائين ته: ”جيڪي گهرڻو اٿيئي سو گهر“
دودي وجهه وٺي پنهنجو حال بيان ڪيو، جنهن تي سلطان
ساڻس گڏ هڪ شاهي لشڪر روانو ڪيو. ٻارهن ڏينهن جي
زبردست جنگ کانپوءِ چنيسر مارجي ويو ۽ دودو پنهنجي
پيءُ جي تخت تي ويٺو. هن وڏي عرصي تائين قوت ۽
عقل مندي سان حڪومت ڪئي، جنهن کانپوءِ فوت ٿيو.
(ب) تاريخ معصومي جي ٻئي هڪ قلمي نسخي ۾ ڏنل
روايت
نقل آهي ته: دودو سنڌ جو حقي حاڪم هو، مگر ڀائرن
جي دشمني سببان ڪاوڙجي دهلي ۾ سلطان ناصر الدين
محمود وٽ دانهين ويو. رستي ۾ ملتان لڳ قطب
العارفين شيخ پَٺي رح سان سندس ملاقات ٿي، جنهن
کيس سنڌ جي حڪومت (وٺي ڏيڻ) جو وعدو ڪيو ۽ پڻ
پنهنجي مزار واسطي کانئس ملهه سان زمين ٽڪر
گهريائين. دودي قيمت وٺڻ کان انڪار ڪيو، پر جڏهن
درويش اها ڳالهه نه مڃي تڏهن رقم وٺي زمين (جو
پروانو) کيس ڏنائين. پوءِ دودو دهلي ۾ سلطان ناصر
الدين محمود سان مليو، جنهن کيس شاهانه انعامات
سان نوازيو ۽پنهنجي خاص درٻارين ۾ جاءِ ڏني. دودي
پوءِ درٻار يج هڪ خاص امير سان پنهنجي ڀائرن جي
ظلم ۽ زبردستي جوداستان بيان ڪيو، جنهن اهو
بادشاهه تائين پهچايو- بادشاهه جي حڪم تي ٻئي
ڏينهن صبح جو شاهي لشڪر- پنجاهه هزار پيادا ۽ سوار
۽ ٽي سؤ مست هاٿي- تيار ٿيو، جنهن جو بادشاهه
معائنو ڪيو ۽ پوءِ اهو لشڪر دودي ساڻ سنڌ ڏانهن
روانو ٿيو. ڪي چون ٿا ته بادشاهه پاڻ لشڪر ساڻ
چڙهيو ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته بادشاهه پنهنجي غلام
سارنگ خان کي سپـﮧ سالار ڪري دودي ساڻ گڏ روانو
ڪيو.
جڏهن هي شاهي لشڪر سنڌ پهتو ته: دودي جي ڀائرن جي
وڏو لشڪر گڏ ڪيو ۽ پنهنجي اهل عيال کي درياء جي
ڪناري لڳ محفوظ ڪري مقابلو ڪيو. جنگ ۾ گهڻا ماڻهو
مارجي ويا. ٻئي ڏينهن دودي پنهنجن ڀائرن ڏانهن
پيغام موڪليو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي ڪئي تي
پشيمان ٿيو ته تلوارون ڳچيءَ ۾ لٽڪائي پيش پئو ته
خطائون معاف ڪيون وڃن. هنن انڪار ڪيو ۽ بدستور جنگ
جاري رکيائون. آخر سندن گهڻو لشڪر مارجي ويو ۽
باقي جيڪي بچيا سي ابڙي نالي سردار ڏانهن هليا
ويا. خبرن جي رواين جو بيان آهي ته: ابڙي ڏانهن
ٻارن ٻچن موڪلڻ بعد هنن پنهنجي لشڪر کي نئين سر گڏ
ڪيو. انهيءَ وچ ۾ دودي سومري ابڙي ڏانهن پيغام
موڪليو ته: هڪ ته تو ۾ ايتري طاقت ڪانهي ۽ ٻيو ته
تنهنجو هن معاملي سان ڪهڙو واسطو؟ بهتر ائين آهي
ته: جيڪو عيال تو وٽ آيو آهي، سو بنا دير جي
موٽائي موڪل. ابڙي جواب ۾ چوائي موڪليو ته: خدا نه
ڪري جو اهي مايون جيڪي مون وٽ پناهه ۾ آيون آهن سي
وري توڏي موٽايان. ڌڻيءَ جي مهرباني ۽ حضرت
بادشاهه جي برڪت سان هي ٻه- چار مايون منهنجي
واسطي ڪنهن به طرح نقصانڪار ڪين ٿينديون. بندهه
اهڙو ڪو ڪم نه ڪندو جيڪو شرمندگي ۽ پشيماني جو
باعث بنجي. اهو جواب ٻڌي، دودي لشڪر سان ابڙي تي
چڙهائي ڪئي. ابڙو پنهنجن پنجاهن پهلوانن سان لشڪر
جو پهرو ڏيئي رهيو هو ته پري کان دودي جو لشڪر
ايندو ڏٺائين، تڏهن پنهنجن پنجاهن ساٿين سميت مست
هاٿي ۽ گجندڙ شينهن وانگر پنهنجي لشڪر کي هوڪاري
زبردست جنگ جوٽيائين، مقابلن ۾ ڪيترن کي ماريائين
۽ بالاخر بهادري
سان وڙهندي پاڻ به زخمي ٿي پيو. تڏهن فوج کيس
وڪوڙِ وئي ۽ گهڻا زخم کائي گهوڙي تان ڪري مارجي
ويو.
ان بعد باقي بچيل سومرن وڏي مردانگي سان مقابلوڪيو
۽ اهي پڻ مارجي ويا. هنن جي عيال جي پاڪدامن عورتن
پنهنجي عصمت بچائڻ لاءِ دعا گهري، جنهن تي زمين
چيرجي پئي ۽هو اندر پيهي ويون. هاڻي ان جاءِ تي
ساموئي جي ويجهو درياءِ جي ڪناري تي. انهن ستن ئي
ڀيڻن جون قبرون(مرمت ڪري) ٺاهيون ويون آهن، جيڪي
ٺٽي وارن لاءِ زيارت
گاهه
آهن. چون ٿا ته: وڏي جنگ جدل کانپوءِ، سارنگ خان،
دودي کي ٺٽي جي تخت تي ويهاري ٿورن ماڻهن ساڻ پاڻ
موٽي ويو. ان کانپوءِ دودي ڪيترائي سال خود مختيار
ٿي حڪومت ڪئي. والله اعلم بالصواب:
(ج) تاريخ طاهري (تصنيف سال 1030 هه/ 1621ع) جي
روايت
دلوراءِ جي ظلم، کان درياءِ اروڙ کان رخ بدلائي
سيوهڻ واري طرف کان وهڻ لڳو، ۽ سومرن جا آباد شهر
خشڪي سببان ڦٽڻ لڳا. دودو سومرو،داڳجڻ جي خوف کان،
سلطان علاؤالدين
وٽ دهلي ۾ دانهين ويو. ”سالار“ نالي بادشاهه جو
سپـﮧ سالار وڏي لشڪر سان چڙهي آيو. سومرن پنهنجا
ٻار ٻچا ڏوم (ڀاڳ) سان گڏ ابڙي ابڙاڻي ڏانهن ڪڇ ۾
ڏياري موڪليا، جيڪو خود مٿي ذڪر ڪيل سمن جي آزار
يعني ظلم۽ داڳجڻ جي ڊپ کان ڪڇ ملڪ ڏي ڀڄي ويو هو ۽
ان کي وڃي پنهنجو ڪيوهئائين. (فتح ڪري پنهنجي اتي
حڪومت قائم ڪئي هئائين). پاڻ بهادري
سان وڙهيا، پر ”ساهڙ سلطاني“ نالي سومرن جو سپـﮧ
سالار مارجي ويو ۽ ٻيا ڀڳا. بادشاهي لشڪر سومرن جي
گادي جي شهر محمد طور کان وٺي ڪڇ تائين انهن جي
پٺيان پيو. ابڙي سمي، سلطاني لشڪر سان جنگيون
ڪيون، پر آخر ميدان ۾ مارجي ويو.سومرن جوعيال هڪ
جبل وٽ شاهي لشڪر جي گهيري ۾ اچي ويو. پاڪدامن
سومرين ڌڻيءَ کان دعا گهري ۽ کين جبل جاءِ ڏني ۽
هو غار اندر پيهي ويون.
(د) تحفته الڪرام (تصنيف 11182 هه/ 1768ع) جي
روايت
عمر
سومري جو وزير جيڪو ”تميم“ قبيلي مان هو، تنهن جي
سهڻي زال ”گنگا“ کي سندس هٿان طلاق ڏياري، عمر ان
سان پاڻ شادي ڪئي، جنهن ڪري اهو تميمي وزير داڳجڻ
جي ڊپ ۽ زال جي کسجڻ سببان دهلي جي بادشاهه سلطان
علاؤالدين وٽ دانهين ويو، جنهن تي ڪي چون ٿا ته:
بادشاهه پاڻ ۽ ڪي چون ٿا ته: سالار خان نالي سندس
سپـﮧ سالار سومرن تي چڙهائي ڪئي. سومرن پنهنجو
عيال ابڙي ابڙاڻي سمي ڏانهن ڪڇ ڏانهن موڪلي، جنگ
جوٽي، پر سندس سردار سپڙ سومرو مارجي ويو. ٻين
گادي جي شهر ”محمد طور“ ۾ رهڻ جي همت نه ساري ۽ ڪڇ
ڏانهن ڀڄي ويا. بادشاهي لشڪر سندن پٺيان ڪڇ ۾ويو،
جتي ابڙي سمي، سومرن جي عيال کي بچائڻ خاطر،
سلطاني لشڪر سان ڪيتريون ئي جنگيون ڪيون. چون ٿا
ته: انهيءَ هنگامي دوران ڌڻي پاڪدامن سومرين جي
دعا قبول ڪئي ۽جبل ۾ شگاف ٿيو، جنهن ۾ داخل ٿي
ويون ۽ فقط سندن چادرن جا پلو ٻاهر رهجي ويا. اها
جاءِ ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ماڻهن لاءِ هڪ
زيارتگاهه آهي…. شهر محمد طور جيڪو ”درڪ“ پرڳڻي ۾
هو، سو سلطان جي لشڪر هٿان برباد ٿي ويو. سومرن
کان پوءِ، حڪومت جڏهن سمن جي هٿ ۾ آئي ته هنن شهر
محمد طور کي منحوس ڄاڻي ڇڏي ڏنو ۽ ”ساموئي“ ۽ ٻيا
شهر آباد ڪيائون.
(هه) 17 1۽ 18 صدي جي ڪلاسيڪي سنڌ شاعري م سمايل
اهڃاڻ
17 ۽
18 صدي عيسوي ۾ ميين شاهه عنات، شاهه عبداللطيف
(؟) ۽ ڪن ٻين معاصر شاعرن جي بيتن ۾ هن ڳالهه جا
اهڃاڻ سمايل آهن، جيڪي جلد پهرئين (صفحا 6- 10) جي
شروع ۾ تفصيل سان قلمبند ڪيا ويا آهن. انهن اهڃاڻن
مطابق نه عالا دين بادشاهه وڏي شاهي لشڪر سان ڪاهي
آيو. دودي عالادين سان جنگ ڪئي- ابڙي سمي سامون
جهليون ۽ عالادين بادشاهه سان وڏي بهادري سان
مقابلو ڪيائين ۽ سامن تان سر ڏنائين. اهي بنيادي
ٽاڻا يقيني طور انهن زباني روايتن مطابق آهن، جيڪي
ميين شاهه عنات، شاهه عبداللطيف ۽ سندن معاصرن واي
وقت ۾، يعني ته: 17 صدي جي آخر ۽ 18 صدي جي هلندڙ
هيون.
(و) تاريخ گلزار سنڌ (1340هه / 1922ع) ۾ ڏنل بيان
”گلزار سنڌ نادرات هند“ جي عنوان سان مرحوم مولوي
عبدالرحيم سومري زنگي پوري (تعلقو ٺل) پنهنجي ذاتي
ٻڌ سڌ، ڪن ڪتابي حوالن۽ زباني هلندڙ روايتن جي
بناءِ تي فارسي ۾ ”سومرن جي تاريخ، مرتب ڪئي، جنهن
جي پوءِ سنه 1340 هه (1922ع) ۾ سنڌي ۾ ترجمو
ڪيائين. هن
ڪتاب ۾ ڏنل روايت جو مدار پڪن تاريخي حوالن تي
ناهي، بلڪه ان جو مواد (خاص طور ننگر ۽ منگر جي
جنگ) گهڻي حد تائين سنڌ ۾ هلندڙ ”دودي چنيسر جي
ڳالهه تان ورتل آهين.
گلزار سنڌ جي روايت مطابق، شمس الدين ڀونگر چاليهه
سال حڪومت ڪرڻ بعد، چنيسر کي تخت تي وهاريو ۽ پاڻ
گوشه نشيني اختيار ڪيائين. هن ڪتاب ۾ ڏنل روايت جو
مدار پڪن تاريخي حوالن تائين سنڌ۾ هلندڙ ”دودي
چنيسر جي ڳالهه، تان ورتل آهي.
”گلزارِ سنڌ“ جي روايت مطابق، شمس الدين ڀونگر
چاليهه سال حڪومت ڪرڻ بعد، چنيسر کي تخت تي وهاريو
۽ پاڻ گوشه نشيني اختيار ڪيائين. چنيسر اوڻيهه سال
بادشاهي ڪئي، پر پوءِ سندس نااهليت سببان اميرن
امرائن کيس تخت تان لاهي دودي کي تخت تي ويهاريو،
معزولکانپوءِ، چنيسر هندوستان ۾ سلطان بهرام شاهه
ترڪ وٽ ”پتو راءِ“ ۾ ڏنهن ويو، جنهن کيس دلاسو
ڏنو. ٻن سالن کان پوءِ، سلطان بهرام شاهه وفات ڪئي
۽ علاؤ الدين تخت تي ويٺو، جنهن سالار خان جي
اڳواڻي هيٺ چنيسر سان گڏ، شاهي لشڪر چاڙهي موڪليو.
ننگر، محمد، منگر ۽ آخر ۾دودو جنگيون ڪندي مارجي
ويا. دودي جي مارجڻ تي چنيسر جنگ ڪئي ۽ مارجي ويو.
پوءِ سالار خان ۽ سومرن جي امير محمد صالح سومري
جي وچ ۾ عهد نامو ٿيو ۽ حڪومت دودي جي پٽ ڀونگر جي
نالي ٿي، جيڪوستن ورهين جو ۽ سامن سان گڏ هو.
سالار خان (ابڙي تي ڪو نه ڪاهيو ۽ ) صلح بعد واپس
”پتورا“ ويو، علاؤالدين
چيو ته: بيگناهه هيڏي خون خرابي تي اسان تي ڪا
مصيبت ايندي! سالار خان جي موٽڻ بعد، ڀونگر سامن
کي ٺٽي وٺي آيو. سومرن واري جنگ کانپوءِ، امرائن
سلطان علاؤالدين
کي تخت تان لاهي سلطان ناصر الدين محمود شاهه کي
تخت تي وهاريو.
|