هاڻي ان سلسلي ۾ تحفته الڪرام
جي پيش ڪيل روايت کي پڙهي ڏسو ته: پوءِ اسان کي ان
مان صاف ۽ واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته: انهن ستن
نيڪبخت سومرين عورتن سان دودي سومره جو ڪوبه تعلق
نه هو.
ان ساريءَ روايت ۾ ڪٿي ابڙو يا
دودي سومره جي ظلم جو ذڪر نه ڪيل آهي. انهن فرضي
ڪهاڻين جي گهڙڻ ۽ تاريخن جي ڪتابن ۾ بيان ڪرڻ جو
مطلب ۽ مقصد ڇا هو؟ ۽ ان جي شروعات ڪنهن ڪئي؟ وڏي
غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ، معلوم ٿيو ته:
قرمطي فرقي جي مشنرين، مبلغن،
هندو پنڊتن ۽ ڀاٽن جي زباني انهن ڪهاڻين کي سنڌ ۽
ڪڇ جي ڳوٺن ۾ هڪ خاص مقصد جي تحت رواج ڏنو. پوءِ
هي ٻڌيون ٻڌايون ڳالهيون تاريخ بڻبيون ويون.
ڀلا! ڪو انهن کان پڇي ته: ستن
ڇوڪرين تي، قبضي ڪرڻ جي واسطي، ڳوٺ تلهار جي رئيسن
مٿن لشڪر مامور ڪيو. مگر پوءِ به، سندن مطلب پورو
نه ٿيو. ڪيستائين سچ ٿي سگهي ٿو. وري سيد يعقوب
مشهديءَ جي پناهه ۾ هي ست ڇوڪريون دشمنن جي خوف
کان ساموئيءَ اچي ويون. ڇاهي ڇوڪريون پنهنجيءَ قوم
تي اعتبار نه ڪنديون هيون، يا سومرا سڀ ختم ٿي ويا
هئا جو پنهنجيءَ بهادر قوم جي پناهه ۾ ته نه ويون
۽ ساموئيءَ هليون ويون. جيڪڏهن ائين هجي ها ته:
سومرن جو ٻچو ٻچو پنهنجي ڀينرن جي زت تي، قربان ٿي
وڃي ها!
انهيءَ ڪري، ان روايت جي گهڙڻ
جو مقصد ۽ مطلب هي آهي ته:
سومرا پنهنجين ڇوڪرين جي عزت
بچائي نٿا سگهن ته: سنڌ جي ايڏي وڏيءَ سلطنت جي
مائرن ڀينرن جي ڪهڙيءَ طرح حفاظت ڪري سگهن ٿا.
توضيحات معصوميءَ ۾ لکيل آهي ته:
سومرين عورتن وڃي ڪري، ڪڇ جي
سمي سردار ابڙو وٽ پناهه ورتي. ليڪن سلطاني لشڪر
اتي به وڃي پهتو. بالآخر ابڙو دليرانه مقابلن کان
پوءِ، مارجي ويو، ۽ عصمت مآب عورتون اتي ئي ڪڇ ۾
دعا جي وسيلي زمين ۾ هليون ويون.
هاڻي معزز پڙهندڙ ئي انصاف ڪن
ته: جڏهن اهي ڪڇ جي سرزمين ۾ هليون ويون ته: ٺٽي
جي نزديڪ ساموئي ڳوٺ ۾ درياء جي ڪناري، سندن قبرن
هجڻ جو ڪهڙو مطلب آهي؟
”تاريخ طاهريءَ ۾ لکيل آهي ته:
هڪدم جبل ڦاٽي پيو ۽ سڀئي
پاڪدامن زالون ان ۾ داخل ٿي ويون ۽ جبل وري جيئن
هو تيئن ٿي ويو.
جڏهن پاڪدامن سومريون عورتون
جبل جي ڏري پوڻ سان، ان ۾ اندر هليون ويون آهن، ته
پوءِ سندن قبرون جبل بجاءِ، درياء جي ڪناري تي،
ٺاهڻ جو ڇا مطلب آهي؟
بهرحال، ان گورک ڌنڌي ۾، سومرن
جي تاريخ کي، اهڙيءَ طرح الجهائي ڪري، رکي ڇڏيو
ويو آهي جو وڏي کان وڏي مؤرخ جو به دماغ چڪرائجي
وڃي ٿو.
باب
سترهون
سنڌ جي اوائلي مستند تواريخ جي ڪتابن ۾ سومرن جو
احوال
سنڌ جي اوائلي مستند تواريخ جي
ڪتابن ۾ پهريون ڪتاب ”سنڌ جي فتح جو احوال“ يعني
”تاريخ سنڌ“ جنهن کي چچنامه جي نالي سان سڏجي ٿو،
ٻيو ڪتاب ”تاريخ معصوميءَ“ ۽ ٽيون ڪتاب ”تحفته
الڪرام“ آهن. انهيءَ ڪري، اسان مذڪوره تاريخن مان
سومرن بابت لکيل احوال پڻ هت پيش ڪرڻ نهايت ضروري
سمجهون ٿا.
چچنامہ:
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
صاحب لکن ٿا ته:
هيءُ ڪتاب جو عام طرح ”چچ
نامہ“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو آهي، سو نه فقط
سنڌ جي تاريخ بابت پهريون بنيادي ڪتاب آهي، پر سڄي
برعظيم پاڪستان، هندستان جي تاريخي سلسلي جو آڳاٽي
۾ آڳاٽو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي قبل از اسلام
وارين حڪومتن جو مختصر احوال ۽ سنه 15 کان 95 هجري
(637-714ع) تائين هندستان جي اتر، الهندين سرحدن
تي اسلامي فوجن جي اوائلي بري ۽ بحري حملن ۽ آخر ۾
مڪران ۽ سنڌ جي اسلامي فتوحات جو مفصل ۽ مستند ذڪر
موجود آهي. انهيءَ ڪري قدامت جي لحاظ سان هيءُ
ڪتاب وڏي تاريخي اهميت رکي ٿو.
هيءُ ڪتاب اصل عربيءَ ۾ لکيل
هو، ۽ سنه 613 هجري ڌاري ان جو پارسيءَ ۾ ترجمو
ٿيو. اسان تائين هن ڪتاب جو فقط اهو پارسي ترجمو
پهتو آهي، جنهن جا وري انگريزي ۽ سنڌي ۾ ترجما ڪيا
ويا آهن. گهڻن ئي مصنفن ”چچ نامہ“ بابت ڪافي ڪجهه
لکيو آهي، مگر هن ڪتاب جا هيٺيان پهلو اڃا تائين
تحقيق طلب آهن (1) اصل عربي ڪتاب ڪهڙو هو، ڪنهن جو
لکيل هو، ۽ ڪڏهين لکيو ويو؟ (2) پارسي ترجمو، جو
اسان تائين پهتو آهي ان جي اصل ڪتاب سان مطابقت يا
ان ۾ ڪيل ڦيرگهير ۽ اختلاف بابت ڪهڙي راءِ قائم
ڪري سگهجي ٿي؟ (3) خود پارسي ترجمي جي ترجمن يا
ڇاپي ۾ ڪيتري قدر غلطين جي اصلاح ڪئي وئي آهي ۽
ڪيتري قدر اڃا تائين گنجائش باقي آهي؟
اسان کي بلوچ صاحب جي پيش ڪيل
”چچنامه“ جي مقدمي جي عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته:
ڪنهن عرب جو عربيءَ ۾ لکيل سنڌ
جو پهريون مستند تاريخ جو ڪتاب ”سنڌ جي فتح جو
احوال“ جو فارسيءَ ۾ ترجمو ”چچنامہ“ جي نالي سان
ڪوفي جي رهواسيءَ عليءَ سنه 613هجري ۾ ڪيو هو. ان
۾ نه صرف، قبل از اسلام سنڌ جي حڪومتن جو مختصر
احوال ڏنو ويو آهي، پر سنه 15 کان 96 هجري
(637-714ع) تائين، هندستان جي اتر، الهندين سرحدن
تي، اسلامي فوجن جي اوائلي بري ۽ بحري حملن ۽ آخر
۾ مڪران ۽ سنڌ جي اسلامي فتوحات جو پڻ مفصل ۽
مستند احوال پيش ڪيو ويو آهي.
انهيءَ ڪري، جيڪڏهين سومره قوم
سنڌ جي قبل از اسلام ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جي
حڪمران قوم يا قديم قوم هجي ها ته: ان جو ”چچنامه“
۾ ذڪر ضرور ڪيو وڇي ها! مگر سومره قوم جو ”چچنامہ“
۾ اسلام کان اڳ يا ان کان پوءِ جو سنڌ جي ڪنهن به
خطي جو نه صرف، حڪمران ٿي رهڻ جو ڪو بيان ڪيو ويو
آهي، پر اسان کي سومرن جي پرمار هندو راجپوت قوم
هجڻ جو پڻ نه ڪو پڪو ثبوت يا احوال ملي ٿو. انهيءَ
مان صاف ظاهر آهي ته: سومرا سنڌ جي قديم قوم ”سنڌي
سومرا“ يا پرمار هندو راجپوت قوم جي 35 شاکائن مان
اومره يا چندربنسي ۽ سوريه بنسيءَ جي ٽن راجپوت
شاخن کان علاوه، ڪنهن به هڪ شاخ مان به نه آهن.
اسان هن کان اڳ ۾ واضح طور ثابت ڪري چڪا آهيون ته:
نه صرف، عبدالرحمان بن سمره (سومره) بن جندب
هوازنيه القريشيءَ سنڌ جي سرحد مڪران کي، حاصل ڪرڻ
جي واسطي، بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري، سوڀون ماڻيون،
پر مڪران جو گورنر به رهي چڪو آهي.
انهيءَ ڪري، اسان کي هن مان ان
ڳالهه جي به، پڪي خاطري ۽ تصديق ٿئي ٿي ته:
جيڪڏهين واقعي سومرا بقول مؤرخن ۽ محققن جي، سنڌ
جي قديم قوم پرمار هندو راجپوت قوم يا ”سنڌي
سومرا“ هجن ها ته: پوءِ عرب مجاهد مسلمانن جي، سنڌ
جي فتح ڪيل علائقي مڪران جي گورنر عبدالرحمان
سومره جو هجڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟
رچرڊ برٽن صاحب لکي ٿو ته:
غزنويءَ جي پوين حاڪمن جي
ڏينهن ۾ هڪڙي گمنام نسل جي قوم جيڪا مرد مان سومره
سڏبي هئي ۽ جن با رسوخ زميندارن جي حيثيت ۾ گهڻي
وقت کان وٺي، ملڪ جي ڪيترن حصن تي، پنهنجو ڌاڪو
ڄمايو هو، ايترو زور ورتو جو خودمختياريءَ جو
اعلان ڪري، پنهنجي اباڻي ملڪ جي موروثي حڪومت تي
قبضو ڪيائون.
رچرڊ برٽن صاحب سومره قوم کي
هڪ گمنام نسل جي قوم سڏي، هندو راجپوت قوم يا
”سنڌي سومرا“ هجڻ جي صاف نفي ڪري ٿو. جيڪڏهين برٽن
سومرن کي هندو راجپوت قوم يا ”سنڌي سومرا“ تسليم
ڪري ها ته: پوءِ سومرا گمنام نسل جي قوم، سندس نظر
۾ ڇو؟
انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته:
سومرا ملڪ سنڌ جي ڪابه غير مسلم قوم هرگز هرگز نه
آهي.
برٽن صاحب لکيو آهي ته: سومرن
پنهنجي اباڻي ملڪ جي موروثي حڪومت تي قبضو ڪيائون،
ان مان برٽن صاحب جي اصل مراد ۽ منشاهيءَ آهي ته:
سومرن کي پنهنجي عرب مجاهدن جي سنڌ ۾ قائم ڪيل عرب
حڪومت، عرب هجڻ جي ناتي سان ڄڻ پنهنجي اباڻي ملڪ
(يعني سنڌ جي عظيم فاتح جرنيل محمد بن قاسم الثقفي
القريشيءَ جي فتح ڪيل ملڪ سنڌ جي عرب حڪومت) جي
موروثي حڪومت (انهيءَ ڪري جو بنو ثقيف ۽ بنو سمره
(سومره) جي پڻ هڪ ئي پڙ ڏاڏي هوازنيه القريشيءَ جي
اولاد آهن) سنڌ جي گورنر منصور بن جمهور کان ڄڻ
ورثي ۾ سنه 132هه ملي آهي.
جيڪڏهين هن مان برٽن صاحب جي
مراد ۽ منشاهيءَ اخذ ڪجي ته: هندو سومرن کي پنهنجي
هندن جي ملڪ سنڌ جي اباڻي حڪومت ورثي ۾ ملي هئي
ته: پوءِ سندس نظر ۾، ملڪ سنڌ جا هندو سومرا گمنام
نسل جي قوم ڇو؟
انهيءَ ڪري، اسان جا مٿي پيش
ڪيل ٺوس دليل ۽ ثبوت اهو ثابت ڪن ٿا ته:
”چچنامہ“ ۾ سومرن بابت جي
احوال نه ملڻ ۽ برٽن صاحب جي سومره قوم کي گمنام
نسل جي قوم سڏڻ مان به، هڪ ته: سومرا سنڌ جي قديم
قوم ثابت نٿا ٿين، ٻيو ته: هو هندو راجپوت قوم يا
”سنڌي سومرا“ به هرگز هرگز نه هئا.انهيءَ ڪري ته:
سنڌ جي پهرئين مستند تاريخي ڪتاب چچ نامي ۾ سومره
قوم جو ڪٿي به ڪو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. جيڪڏهين
سومرا واقعي سنڌ جي غير مسلم قديم قومن مان ڪنهن
به قوم مان هجن ها ته: پوءِ سومرن جو چچ نامي ۾ ان
حوالي سان ذڪر ضرور ڪيو وڃي ها!
(2)
”تاريخ معصوميءَ“ جا مصنف مير محمد معصوم صاحب:
”تاريخ معصومي“ جا مصنف حضرت
سيد نظام الدين شاهه محمد معصوم متخلص نامي، سندن
والد سيد صفائيءَ حسيني صاحب وڏا بزرگ ۽ سنڌ جا
شيخ الاسلام هئا.
مير محمد معصوم سنه 982هجريءَ
۾ شهنشاهه جلال
الدين اڪبر جي درٻار ۾ نهايت
سٺي ۽ اعليٰ منصب تي فائز ٿيا هئا.
مير محمد معصوم وڏا اهل علم ۽
صاحب ذوق اڪبري امرائن مان هئا. عبدالرحيم
خانخانان سان گڏ، فتوحات م اڪثر شريڪ رهيا هئا.
مير معصوم هڪ جامع مقنن (قانوندان) طبع شخص هئا.
بهادر ۽ بيباڪ سولجر هجڻ سان گڏ، هڪ ماهر طبيب،
جهانديده سيلاني، خوشخط ڪتبه نويس، برجستو شاعر ۽
ايماندار تاريخ نويس هو. هو هرفن ۾ پنهنجو يادگار
ڇڏي ويو آهي. آگرهه ۾ فتح پور سيڪريءَ جي شاهي
بلند دروازي تي، جيڪي ڪتبه نصب ٿيل آهن، سي مير
معصوم جي ياد هميشه تازي رکندا ايندا، جي پڻ هن
بذات خود نصب ڪرايا هئا. پاڻ ”تاريخ معصومي“ سنه
1009هجريءَ ۾ اڪبر جي زماني ۾ لکي هئائين.
(3)
”تحفته الڪرام“ جا مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي
صاحب: تحفته الڪرام جا مصنف
سيد مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب آهن. سندن زمانو
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دؤر حڪومت سنه
1180هجريءَ ۾ ٿي گذريو آهي ۽ هي ڪتاب انهيءَ دور ۾
لکيو ويو آهي. پهريون هي ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيو ويو
هو. پوءِ ان جو سنڌي ايڊيشن، سنڌي ادبي بورڊ،
ڪراچي، حيدرآباد سنڌ سال 1957ع ۾ شايع ڪيو آهي.
مير موصوف سنه 1180 هجريءَ ۾ تحفته الڪرام لکڻ
شروع ڪيو.
ڪلهوڙن جي حڪومت جو ذڪر ڪندي
لکن ٿا ته:
”ذڪر ايشان در طبقهء علحده
ميگر دد، وبنا برمزيد فائده و اداي حقوق نمڪ ذڪر
از اصل مع بيان بزرگان اين سلسله محملا ”گذارش
ميڪند“.
”اداي حقوق نمڪ“ جي اشاري مان
ظاهر آهي ته: 1180 هه کان اڳ مستقل ملازمت کان آجو
ٿي، ٺٽي هليو آيو هو، ۽ حق جي نمڪ نباهڻ سبب سنه
1180هه ۾ به کيس اهو خيال هو ته هو ڪلهوڙن جي
تاريخ جا ٻئي ڪتاب ضرور ختم ڪندو.
بهرحال مير صاحب جي مستقل
ملازمت رهي يا نه رهي، ليڪن سندس تعلقات ملازم ٿيڻ
کان اڳ انهيءَ حڪمران گهراڻي سان جهڙيءَ طرح
خوشگوار هئا، اهڙيءَ ريت پوءِ به رهيا، جنهن جي
تصديق اسان کي انهن فرمانن ۽ سندن بيان مان ملي
ٿي، جيڪي وقت بوقت وظيفن، تنخواهن ۽ مزروعه زمينن
جي سلسلي ۾ مير صاحب کي انهيءَ خاندان طرفان ملندا
رهيا.
تاريخ معصوميءَ ۾ سومرن جو احوال:
”سومرا“
مٿي ذڪر ٿي آيو ته جڏهن سلطان
محمود غازي غزنيءَ کان ملتان پهچي ملتان جو قلعو
فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ آخر هٿ ڪيائين تڏهن پنهنجا
ماڻهو سنڌ روانا ڪيا هئائين، جن سنڌ ملڪ پنهنجي
قبضي ۾ آندو هو. سلطان محمود غازيءَ جي فوت ٿيڻ
کان پوءِ، جڏهن شهنشاهت سندس اولاد ڏانهن منتقل ٿي
۽ حڪومت ۽ بادشاهيءَ جو وارو عبدالرشيد بن سلطان
مسعود وٽ پهتو ۽ هو عيش ۽ خوشيءَ جون مجلسون قائم
ڪري، خوشيءَ ۽ عياشيءَ جي رسمن ۾ مشغول ٿي، حڪومت
جي ڪاروبار کان غافل رهيو، تڏهن گهڻين ڏورانهين
سرحدن جا ماڻهو سرڪشي شروع ڪري فرمانبرداريءَ کان
نڪري ويا.
غرض ته انهيءَ وقت سومرن ماڻهن
ٿريءَ جي آسپاس گڏ ٿي سومري نالي هڪ شخص کي حڪومت
جي گاديءَ تي ويهاريو. هن، ڪجهه وقت انهيءَ قوم جو
سردار رهي، ملڪ جي پسگردائيءَ کي فسادين کان صاف
ڪيو، ۽ صاد نالي هڪ زميندار سان، جو انهيءَ ملڪ ۾
خودمختياريءَ جو دم هڻي رهيو هو، صلح جو ڳانڍاپو
ڳنڍي سندس نياڻي نڪاح ۾ آندي. انهيءَ مان (کيس)
ڀونگر نالي پٽ پيدا ٿيو، جنهن پيءُ جي فوت ٿيڻ کان
پوءِ موروثي حڪومت جي گاديءَ تي ويهي اڳتي قدم
وڌايو ۽ آخر بيماريءَ جي بستريءَ تي جان، جان قبض
ڪندڙ جي حوالي ڪئي. انهيءَ کان پوءِ دودي نالي
سندس پٽ حڪومت جي ڪاروبار جو سنڀاليندڙ ٿي ڪي سال
خودمختياريءَ سان گذاريا ۽ نصرپور تائين ملڪ قبضي
۾ ڪيو. هو اول جوانيءَ ۾ انتقال ڪري ويو. کانئس
پوءِ سنگهار نالي هڪ ڇوڪرو رهيو تنهنڪري تاريءَ
نالي سندس ڌيءَ ڪجهه وقت تائين، حڪومت ڪئي ۽ رعيت
سندس تابعدار ۽ فرمانبردار رهي. جڏهن سنگهار بالغ
ٿيو ته: بادشاهيءَ جي تخت تي ويهي ملڪ ۽ مال جو
ڪاروبار سنڀالڻ لڳو، ۽ جيڪي ماڻهو سرڪشتي،
نافرماني ۽ بغاوت ڪري رهيا هئا تن کي تنبيهه ڪري ۽
سيکيت ڏيئي، ڪڇ ملڪ تي چڙهائي ڪري ناڪني (نانڪي)
تائين ملڪ هٿ ڪيائين. هن ٿوري وقت کان پوءِ آخرت
جو سفر قبول ڪيو، ۽ کانئس پوءِ ڪوبه فرزند نه رهيو
سندس زال همون نالي وڳهه ڪوٽ ۾ حڪومت ڪرڻ لڳي ۽
محمد تور ۽ ٿرڙيءَ جي حڪومت تي پنهنجا ڀائر مقرر
ڪيائين. ٿوري وقت اندر دودي جا ڀائر، جيڪي ڪنهن
ڪنڊ ۾ لڪا پيا هئا، تن نڪري همون جي ڀائرن جو
پاڙون پٽي ڇڏيون. ايتري ۾ دودي جي اولاد مان هڪ
شخص ڦتوءَ نالي ظاهر ٿيو جنهن وٽ ڏاڍو لشڪر اچي گڏ
ٿيو. هو حڪومت جي دعويدار جماعت، جيڪا کڙي ٿي هئي،
تن سڀني جو بنياد ڪڍي پاڻ حڪومت جي تخت تي ويٺو.
ڪجهه وقت حڪومت ۾ مشغول رهڻ کان پوءِ سندس حياتيءَ
جا ڏينهن پورا ٿيا. هن کان پوءِ خيري نالي هڪ شخص
بادشاهيءَ جو سنڀاليندڙ ٿي ملڪ جي معاملات ڏانهن
توجهه ڪيو. هو وڻندڙ اخلاق جو مالڪ هو پر ٿورن
سالن کان پوءِ سندس حياتيءَ جو سج پڻ مماتيءَ جي
افق ۾ غائب ٿي ويو. کانئس پوءِ ارميل نالي هڪ شخص
حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هو ظالم ۽ ماڻهو
ايذائيندڙ هو جنهنڪري ماڻهن هن جي ظلم کان متنفر
ٿي سندس قتل ۽ موقوف ڪرڻ جو ارادو ڪيو.
جيئن ته سما جماعت جا ماڻهو ڪڇ
طرف کان اچي سنڌ جي گرد و نواح ۾ ويٺا هئا، ۽ انهن
۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ دوستي ۽ لاڳاپن جو رستو جاري ٿي
چڪو هو، ۽ سما جماعت ۾ انڙ نالي هڪ شخص هو جنهن جي
پيشانيءَ ۾ هدايت جا نشان بکي رهيا هئا، تنهنڪري
ملڪ جا سڀ مکيه ماڻهو باک ڦٽڻ وقت مخفي طور سندس
گهر ۾ گڏ ٿيا، ۽ هڪٻئي سان صلاح ڪري يڪراءِ ٿي
ارميل کي قتل ڪري سندس سر شهر جي دروازي تي
لڙڪايائون. تنهن کانپوءِ ماڻهن اتفاق ڪري انڙ کي
بادشاهي جي تخت تي ويهاريو.
(3) تحفته الڪرام ۾ سومرن جو احوال
هن قوم جي حڪومت جي ابتدا،
انتها ۽ سندن نالن جو تعداد ٻيءَ طرح پڻ بيان ٿيل
آهي. جيئن ته ”منتخب التواريخ“ ۾ لکيل آهي ته
”جڏهن سلطان محمود غازيءَ جو فرزند سلطان
عبدالرشيد تخت تي ويٺو، تڏهن هن جي سادگيءَ ۽ ڪم
عقليءَ جو فائدو وٺي، سنڌ جي ماڻهن سرڪشي ۽ بغاوت
شروع ڪري ڏني، ۽ سنه 445هه ۾، سومرا قوم جي ماڻهن
ٿرڙيءَ ۾ لشڪر گڏ ڪري، ”سومري“ نالي هڪ شخص کي
گاديءَ تي ويهاريو. سومرو گهڻو وقت خودمختيار
رهيو، ۽ آخر ”صاد“ نالي هڪ زميندار جي ڌيءَ مان
”ڀونگر“ نالي هڪ پٽ وليعهد ڇڏي، گذاري ويو. ڀونگر
بن سومره پندرهن سال مرادون ماڻي، سنه 461هه ۾
عالم بقا ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ کانپوءِ، ”دودو“
بن ڀونگر چوويهه سال حڪومت ڪري سنه 485هه ۾ گذاري
ويو. تنهن کانپوءِ سنگهار پندرهن سال، انهيءَ کان
پوءِ ”خفيف“ ڇٽيهه سال، تنهن کانپوءِ ”عمر“ چاليهه
سال، انهيءَ کانپوءِ ”دودو ثاني“ چوڏهن سال،
انهيءَ کانپوءِ، پهٽو (ڦتو) ٽيٽيهه سال، انهيءَ
کانپوءِ کهينرو (گنرو) ڪجهه سال، تنهن کانپوءِ
”دودو ثالث“ چوڏهن سال، تنهن کانپوءِ “طائي“
چوويهه سال، انهيءَ کانپوءِ ”چنيسر“ ارڙهن سال،
انهيءَ کانپوءِ ”ڀونگر – ثاني“ پندرهن سال، تنهن
کانپوءِ ”خفيف- ثاني“ ارڙهن سال، تنهن کانپوءِ
”دودو رابع“ پنجويهه سال، انهيءَ کان پوءِ عمر-
ثاني“ پنجٽيهه سال، انهيءَ کانپوءِ ”ڀونگر- ثالث“
ڏهه سال، تنهن کانپوءِ همير (هڪ ٻئي جي پويان)
حڪومت جون واڳون وٺندا رهيا. هيءُ (همير) جنهن
صورت ۾ ظالم هو، تنهنڪري سما قوم کيس تخت تان لاهي
ڇڏيو.
سلطان
محمود غزنوي ۽ سلطان عبدالرشيد
تاريخ معصومي ۽ تحفته الڪرام
ٻئي هن ڳالهه تي متفق معلوم ٿين ٿا ته: ٿريءَ ۾
سومرن سلطان عبدالرشيد جي دور حڪومت ۾ پنهنجي
سلطنت سنڌ ۾ قائم ڪري ورتي. معصومي ان معاملي ۾ سن
وغيره نٿو لکي. مگر تحفته الڪرام ٿريءَ ۾ سومرن جي
دوباره دارالخلافه جي قيام جو سنه 445هه ٻڌايو
آهي.
معصوميءَ جو بيان آهي ته:
”عبدالرشيد رات ڏينهن عيش عشرت ۾ مشغول رهندو هو“
۽ حڪومت جي ڪاروبار کان غافل رهڻ جي سببان سومرن
سنڌ تي قبضو ڪري ورتو ۽ تحفته الڪرام جي مصنف جو
چوڻ آهي ته: عبدالرشيد جي سادگيءَ ۽ ڪم عقليءَ مان
فائدو وٺي ڪري، سومرن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو.
معصوميءَ جو هي به بيان آهي
ته: سلطان محمود غزنويءَ ملتان فتح ڪرڻ کانپوءِ،
پنهنجو لشڪر سنڌ روانو ڪيو، جن سنڌ ملڪ پنهنجي
قبضي ۾ آندو هو.
ان بيان جي ترديد خود معصوميءَ
جي حاشيه نويس هنن لفظن ۾ ڪئي آهي، هن (ڳالهه) کان
قطع نظر سان به سلطان محمود ۽ سندس جائنشين جي
هٿان سنڌ جي فتح ثابت ناهي.
جڏهن سنڌ تي محمود غزنويءَ يا
ان جي اولاد جو قبضو ئي نه هو ته: هي ٻيئي روايتون
غلط ثابت ٿين ٿيون. هي سچ آهي ته: سومرن منصوره جي
تباهيءَ کانپوءِ، ٿريءَ کي پنهنجو تخت گاهه بنايو.
تنهنڪري تحفته الڪرام ۾ لکيل
آهي ته:
هن (سومره) قوم جي ڪن ماڻهن جو
غلبو، سنڌ جي زمين جي ڪجهه حصي تي، درحقيقت هن کان
اڳ ۾ پڻ هو. جيئن ته هنن جي خودمختياري جي ڏينهن
سميت، هنن ماڻهن جي حڪومت جو سمورو عرصو پنج سؤ ۽
پنج سال لکيا اٿن. اهو هن ڪري جو بني عباس جي
پوئين گورنر آل تميم کانپوءِ، هنن مان گهڻن جو دخل
ڏسي، تاريخ دانن جي هڪڙي ٽوليءَ هن قوم جو زمانو
انهيءَ وقت کان لکيو آهي.
|