سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 15

صفحو ؛ 26

 

منصوره جي برباديءَ جو داستان

”تاريخ معصوميءَ“ جي توضيحات ۾ لکيل آهي ته: سنه 122 هجريءَ ۾ نئونن شهر منصوره تعمير ٿيو ۽ اهو سنڌ جو نئون تخت گاهه ٺهيو. (معصومي صفحه 378).

ٻئي جاءِ تي لکيل آهي ته:

”عمرو، حڪم بن عوانه سان گڏجي سنڌ ۾ آيو ۽ حڪم جي زماني ۾ بطور ڪمانڊر رهيو. ان ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ ڏانهن سوڀون ڪيون ۽ انهن سوڀن جي يادگار ۾ منصوره جي نالي سان هڪ نئين شاندار شهر جو بنياد وڌو جو بعد ۾ تختگاهه بڻيو (تاريخ معصومي صفحه 390).

مٿي مان بيان ڪري چڪو آهيان ته: عمر بن محمد بن قاسم منصوره جو بنياد وڌو، لفظ عمرو مان مغالطو پيدا ٿئي ٿو. اگر ان جي وضاحت هجي ها ته: بهتر هو.

رهيو هي سوال ته: سنڌ ۾ منصوره جو تختگاهه ڪهڙي هنڌ تي واقع هو.

تاريخ معصوميءَ جي ”توضيحات معصومي“ ۾ لکيل آهي ته: نئون شهر منصوره برهمڻ آباد کان ٻن فرسنگ جي مفاصلي تي، آباد ڪيو ويو هو. منصوره جا کنڊرات شهدادپور کان اٺ ميل ڏکڻ، اوڀر ڏانهن ۽ جمڙائو واهه جي متصل اوڀر ڏانهن واقع آهن. انهيءَ ڪري قديم برهمڻ آباد کي انهيءَ شهر منصوره کي ٻن فرسنگ (5-6 ميل) جي مفاصلي تي تلاش ڪرڻ گهرجي. اسانکي ان جي پسگردائيءَ ۾ ٻه کنڊرات اهڙا ملن ٿا، جن مان ڪو به هڪ برهمڻ آباد ٿي سگهي ٿو. هڪ ڳاڙهو ڀڙُو“ (ڳاڙهو دڙو) متصل ڳوٺ پيلي لغاري تعلقي سنجهورو جي اولهه ۾ ڦهليل کنڊرات، ٻيا ڏيپرو گهانگهرو جا دڙا، شهر جهول تعلقه سنجهورو جي اولهه ۾ ڦهليل گنڊرات، (معصويم صفحه 384).

365 هجريءَ ۾ تقريبن ساري اسلامي دنيا شيعه طاقت کان مرعوب ۽ مغلوب ڏسڻ ۾ آئي ٿي، ان عرصي ۾ ملتان جي اندر شيعن جي گهڻائي ٿي.

بغداد جي حڪومت تي، ويلمين جو تسلط هو. سندن نالي جو خطبو بغداد جي مسجدن جي منبرن تي پڙهايو ويندو هو. فارس، مڪران، بلوچستان تي، پڻ ويلمين جي خود مختيارانه  حڪومت هئي. بحرين، نجد، شام تي قرمطي مسلط هئا. مصر ۽ فلسطين وغيره سڀ عبيدين جي تسلط ۾ حجاز تي ڪڏهن قرمطي ڪڏهن عبيدي قابض ٿي ويندا هئا. صرف ماور النهر جي ساماني سلطنت ۽ ۽ سنڌ جي سومره حڪومت ئي سني مذهبي جي پيروي ڪندڙ هنيون. مگر سامانين ۾ ڪمزوري ۽ گهٽتائي پيدا ٿي چڪي هئي. مگر منصوره جي سومره حڪومت شيعن جي اثر کي هرگز قبول نه ڪيو. انهيءَ زماني ۾ ملتان ۽ منصوره جي رياستن ۾ نا اتفاقي پيدا ٿي ۽ هڪ ٻئي سان برسر جنگ رهڻ لڳا.

ان حالت جي پيدا ٿينديئي، سنڌ ۾ مسلمانن جي اثر ۽ اقتدار ۽ اسلام جي اشاعت جي ڪم کي سخت نقصان پهتو.

قرمطين جي هڪ جماعت مڪران ۽ نوشڪيءَ جي رياستن ۾ داخل ٿي ڪري، بلوچن جي فرقن کي اڀاري ڪري، سنڌ جي حڪومت منصوره جي مغربي حدن تي، حملو شروع ڪري ڏنو. هوڏانهن ملتان جي حڪومت حملو ڪيو. ان طرح منصوره جي خلاف ٻين آس پاس جي رياستن ۾ بغاوت جا جذبا پيدا ڪرايا ويا. انهيءَ ڪري سڀني ملي ڪري، سومرن جي تخت گاهه منصوره تي حملو ڪيو. سنه 384 هجريءَ ۾ ان تخت گاهه جو خاتمو ڪري ڇڏيو. سومرن آخري وقت تائين، مقابلو ڪيو. مگر جڏهن شهر ۽ قلعو بلڪل ختم ٿي ويو ته: هو ٺٽي ڏانهن هليا ويا. سومرن ٺٽي کي پنهنجو مرڪز بڻائي ڪري، دشمن کي چين سان ويهڻ نه ڏنو ۽ جڏهن موقعو ملندو هو، لڪي ڇپي حملو ڪندا هئا. انهيءَ، بنا تي، انهن مؤرخن جي پڻ فريق مخالف جي زير اثر هئا. پنهنجين تاريخن ۾ سومرن جي سردارن کي سرڪش ۽ ظالم وجابر وغيره لکيو آهي.[1]

ماحاصل

اسان کي مهاشيه صاحب جي پيش ڪيل تاريخي ڪتاب جي اقتباس مان هيٺين ڳالهين جو پڻ پڪو ثبوت ملي ٿو.

(1) عرب سياح مسعودي جو پڻ سنه 303 هجريءَ ۾ سنڌ آيو هو ان، ان وقت جي سنڌ جي تخت گاهه منصوره جي حاڪم امير هبار بن اسود کي قريشي لکيو آهي جو بيواجبي مؤرخ ۽ محقق مغالطي ۾ پئي، شڪ ڪري رهيا آهن ته: هي سنڌ جي تخت گاهه منصوره جو قريش حاڪم امير هبار بن اسود سومرو ٿي نٿو سگهي. انهيءَ ڪري، اسان جيئن ته: هن کان اڳ ۾ صاف ۽ چٽو سومره قوم کي نج ۽ خالص عرب قوم قريش ثابت ڪري آيا آهيون، تنهنڪري هاڻ منصوره جي عرب حڪمران قريشي کي سومره حاڪم نه سمجهڻ جي پڻ غلطي نه دهرائڻ گهرجي.

نه صرف هي، پر اسان کي ان مان هيءَ به پڪي ثابت ملي ٿي ته: سومرن جو راڄ سنه 303 هجريءَ تائين، بنا ڪنهن ناغي جي، مسلسل دائم ۽ قائم رهندو آيو آهي.

(2) بزرگ بن شهريار سيلاني جو سنه 370 هجريءَ ۾ سنڌ جي سير ڪرڻ واسطي آيو هو. ان پنهنجي سفرنامي ”عجائب الهند“ ۾ سنڌ جي حڪمران کي ابو المنذر عبدالله بن عمر سومرو لکيو آهي. اسان کي ان مان هڪ ٻئي منصوره جي حڪمران سومرو هجڻ جي پڻ پڪي تصديق ۽ خاطري ٿئي ٿي. نه صرف هي، پر منصوره جي حاڪم سومرو جي دؤر حڪومت ۾ سنڌ جي عرب عالم پنجاب جي راجا مهروگ جي فرمائش ڪرڻ تي، هنديءَ ۾ قرآن پاڪ جي سورت ياسين شريف جو ترجمو ڪيو هو. سنڌ جي عرب عالم پنجاب جي راجا مهروگ وٽ سنه 373 هجريءَ تائين رهيو هو. انهيءَ دوران پنجاب جو راجا مهروڳ سچيءَ دل سان مسلمان ٿي چڪو هو.

اسان کي ان مان هيءَ به، پڪي خاطري ۽ تصديق ٿئي ٿي ته: سنڌ جي منصوره سومره حڪومت سنه 373 هجريءَ تائين پڻ بلڪل قائم هئي. جيستائينڪه قرمطين جي سازش ڪرڻ جي باعث، سنه 384 هجري ۾ منصوره جو شهر برباد نه ٿي ويو. ان کانپوءِ، ان وقت جي، سنڌ جي سومره حاڪم ٺٽي کي تخت گاهه بڻايو.

اسان کي عرب سيلانين جي سفرنامن مان، هيءَ به پڪي ثابتي ملي ٿي ته: سومرا پڪا حنفي مسلڪ جا مڃيندڙ هئا.

ٺٽي جو تاريخي شهر

تاريخ معصوميءَ جي توضيحات ۾ لکيل آهي ته:

ٺٽي جو بنياد ئي گهڻو بعد ۾ سومرن جي دور جي آخر سنه 1337ع / 1333ع ۾ پيو.[2]

تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته:

ٺٽو، جنهن کي سنڌ جا مؤرخ تمدني بلنديءَ، ثقافتي برتريءَ ۾ علمي اوج اقبال سبب، قرطبه، دمشق، ۽ بغداد سان تشبيهه ڏيندا آهن، سو باوجود دارالسلطنت واري حيثيت وڃائي ويهڻ جي به، اڃا تائين سابقه صديقن وارين پنهنجي علمي روايتن کي زندهه رکيون ٿي آيو. سوين دارالعلوم، اڪيچار خطاب (ڪتب) خانا، ۽ بيشمار مدرسا ۽ مڪتب، ديني خواه دنيوي علوم جي نشر و اشاعت لاءِ رات ڏينهن روشن ۽ آباد هئا.[3]

ٻئيءَ جاءِ تي لکيل آهي ته: سنه 1111 هه مطابق سنه 1699ع ۾ هڪ انگريز سياح مسٽر هئملٽن ٺٽي آيو، جنهن ٺٽي جي علمي برتريءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته: شهر ۾ چار سؤ دارالعلوم موجود آهن، جن ۾ هزارين طالب علم، راتو ڏينهن تعليم پرائڻ ۾ مشغول آهن. (تحفته الڪرام ص 25، سوانح حيات).

محمد بن قاسم کانپوءِ، سومرا اسلامي حڪومت جا صحيح جائنشين ثابت ٿيا ۽ علم ۽ تهذيب جي روشني ڦهلائي، عدل ۽ انصاف قائم ڪيو. غير قومن کي اسلام جي طرف رجوع ڪيو. هندن تي احسان ڪيا. سنڌ ۾ عربي زبان کي سرڪاري زبان قرار ڏني. وڏا وڏا شهر آباد ڪيا. زراعت کي ترقي ڏني.

 عمر ڪوٽ سومرن جوٽيون تخت گاهه

”تاريخ سنڌ“ مصنف مولانا غلام رسول مهر، مطبوعه سنڌ ادبي بورڊ ڪراچي، جلد اول صفحه 80 تي لکن ٿا ته: حاشيه.

مؤرخن جي تحقيق جي مطابق،سومره خاندان جي حڪمرانن ۾ ٻه عمر ٿي گذريا آهن. پهريون عمر بن دودو چوٿون جوسنه 794 هجريءَ ۾ فوت ٿيو. هي ئي آخري عمر ”عمرڪوٽ“ جوباني هو.

انهيءَ عمر سومره جي متعلق، جناب اختر مليح آباديءَ هڪ بهترين ڪتاب ”عمر مارئي“ لکيو آهي، جو سلطان حسين اينڊ سنز ڪراچيءَ شايع ڪيو آهي. ان ڪتاب ۾ ۾ عمر سومره جي حڪومت جي دٻدٻي ۽ عمرڪوٽ تي، نهايت بيحد خيالن جو اظهار ڪيو آهي، جو پڻ مطالعي ڪرڻ جي قابل آهي.

 

چند اقتباس پيش ڪجن ٿا.

اڄ جمعي جو ڏينهن هو، بادشاهه عمر سومرو محلات مان هلي ڪري، شاهي مسجد ۾ پهچي ٿو. اتي نماز پڙهڻ کانپوءِ، عام درٻار ڪري ٿو. ته جيئن ماڻهن سان ملي ڪري، انهن جي فرياد  ٻڌي ۽ انهن جي مشڪلاتن کي دور ڪري.

بادشاهي سواريءَ جا بادشاهي محلات کان جامع مسجد تائين ويندي هئي ۽ جنهن جي ٻنهي پاسن کان بادشاهي فوج جا محافظ سپاهي هٿن ۾ تراريون کڻي ڪري، بادشاهيءَ سواريءَ جي حفاظت ڪرڻ جي واسطي، بيهجي ويندا هئا. محافظ فوج جا سپاهي ڍلا ڪپڙا پائي ۽ اڇا عماما مٿن سان ٻڌي، هٿن ۾ اگهاڙيون تراريون کنيون بيٺا هئا: ماڻهو ڌڙا ڌڙ بادشاهه جي ديدار ڪرڻ جي واسطي، سڻڪ جي ڪناري گڏ ٿي رهيا هئا. بادشاهي سواريءَ جو جلوس ڏسڻ جي واسطي، عورتون به گهرن مان نڪري اينديون هيون. (صفحه 136).

عمر ڪوٽ جوبادشاهي محلات

بادشاهي محلات جو اڇوڪلس پري، بلنديءَ کان نظر اچي رهيو هو. اس ۾ بادشاهي محلات اهڙيءَ طرح چمڪي رهيو هو، جهڙيءَ طرح ڪو آئينو ڏيکاري رهيو هجي. چانڊوڪي راتين ۾ ماڻهو بادشاهي محلات جي چمڪ دمڪ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏسندي، محظوظ (مسرور) ٿيندا هئا. بادشاهه عمر سومرو جو اڇو محلات بلند ٽڪريءَ تي، سراب وانگر چمڪي رهيو هو.  بلند ٽڪريءَ واري سفيد محلات ۾ سنڌ جي مشهور ۽ مقبول بادشاهه عمر سومرو رهندوهو، جو پڻ پنهنجي وقت جو گهڻو ئي مشهور و معروف بادشاهه هو، صرف ان سبب جي ڪري نه ته: سندس دؤر ۾ بغاوتون نه ٿيون، ماڻهو آرام ۽ سڪون سان رهندا هئا، هر طرف امن ۽ سڪون هو،پر بادشاهه عمر کي پنهنجيءَ رعيت جو تمام گهڻو خيال هوندو هو. سندس رحمدلي، مروت، خلوص ۽ عدل جا افسانه سڀني تي ظاهر هئا. هي چيو وڃي ته هن ۾ ڪوبه مبالغو نه ٿيندو ته، عمر بادشاهه دلين تي حڪومت ڪندو هو. (صفحه 139، 138).

همايون بادشاهه عمرڪوٽ ۾

جوهر آفتابچي جي نالي هڪ سردار جنهن بادشاهه همايون جي همراهه ان جي مصيبت ۽ تڪليفن ۾ هندستان ايران ۽ افغانستان وغيره جي سفر ۾ گڏ هو، ۽ انهن واقعن کي ”تذڪره الواقعات“ جي نالي سان فارسي زبان ۾ قلمبند ڪيو. هي فارسي نسخا، ميوزم آف لنڊن، انڊيا آفيس لئبرري لنڊن، آصفيه لئبرري حيدرآباد دکن، پنجاب يونيورسٽي لاهور، پٽنه يونيورسٽي لئبرري انڊيا، علي ڳڙهه يونيورسٽي لئبرري ۾ موجود آهن.

ان ڪتاب جو اردو ترجمو ”همايون نامه“ جي نالي سان جناب احمد الدين احمد بي اي (عثمانيه) ڪليم پريس ڪراچي شايع ڪيو آهي. ان ۾ لکيل آهي ته: جڏهن شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي ڪري، همايون آگرهه، ملتان ۽ اچ مان ٿيندي سنڌ ۾ پهتو ته: وڏيون وڏيون تڪليفون سٺيون. اميرن ساٿ ڇڏي ڏنو. لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو. ڀائر دشمن ٿي ويا ۽ بادشاهه همايون تي زمين تنگ ٿي ويئي.

جڏهن هو راجپوتانا جي ريگستانن ڏانهن متوجهه ٿيو ته: هندو راجا هر قدم تي، مقابلو ڪرڻ جي واسطي، تيار ٿي ويا. انهن جاين ۾ رهي کهي فوج به ختم ٿيندي ويئي ته: بادشاهه همايونءَ سومرن جي تخت گاهه عمرڪوٽ ۾ پناهه ورتي. انوقت عمرڪوٽ جو حاڪم وڏي اخلاق سان پيش آيو ۽ پنهنجو لشڪر همايون بادشاهه کي پيش ڪيو ۽ هر طرح جي امداد ڏني. چناچه عمرڪوٽ ۾ ئي شهنشاهه جلال الدين اڪبر جو بعد ۾ مغل سلطنت جو عظيم الشان شهنشاهه ٿي گذريو، پيدا ٿيو.

جوهر آفتابچي مذهبن شيعو اهي، ۽ سومرا اموي دور جا يادگار حڪمران هئا. ان ڪري ان اصل واقعن کي چٻاڙي چباڙي بيان ڪيو آهي، لکي ٿو:

جڏهن جيسلمير جي راجا مال ديو جي آزار پهچائڻ جي خبر صحيح نڪتي ته: بادشاهه امر ڪوٽ قلعي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو.

رواني ٿيڻ کان اڳ روشن بيگ ڪوڪه (کير شريڪ ڀاءُ) ۽ شمس الدين محمد آتڪه کي حڪم ڪيو ته: ڪنهن رهبر کي پڪڙي وٺي اچو، ته جيئن هو اسان جي قلعي امرڪوٽ تائين، رهبري ڪري سگهي، انهن ٻنهي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ ٻن ڏاچين سوارن کي اچي  حاضر ڪيو. (ص 86). ٻئي جاءِ تي لکن ٿا ته:

امر ڪوٽ هاڻ هتان کان ويهه ميل باقي هو. ان جاءِ تي، روشن بيگ حضرت حميده بانوءَ کان پنهنجو گهوڙو ورتو. بادشاهه کي اطلاع مليو ته: ان پنهنجو گهوڙو حضرت بيگم کي عنايت ڪيو ۽ خود پيادل روانو ٿيو. ان کانپوءِ، پاکڙي سان اٺ گهرائي ڪري، ان تي سوار ٿيو، ٻه ميل نڪري وڃن کانپوءِ خالد بيگ کي هيءَ خبر پئي ته: ان فورن حاضر ٿي ڪري، پنهنجو گهوڙو پيش ڪيو. بادشاهه ان تي سوار ٿي ڪري، قلعي امر ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن بادشاهه ستن سوارن سان همراهه قلعي ۾ داخل ٿيو ته: امر ڪوٽ جي راجا پنهنجن ٽن ڀائرن کي ان جي خدمت ۾ روانو ڪيو. هنن قدم بوسي ڪرڻ کان پوءِ عرض ڪيو ته: اڄ جي ساعت مهاراجا جي واسطي، مناسب ناهي، هوصبح جو ضرور درٻار ۾ حاضر ٿيندا. ان کانپوءِ، بادشاهي جماعت به، جا بادشاهه جي پوئتان اچي رهي هئي، هتي اچي پهتي، ٻئي ڏينهن راجا درٻار ۾ حاضر ٿي ڪري، بازياب ٿيو ۽ عرض ڪيو ته: حضور جو اچڻ مبارڪ هجي. ٻانهي جا ٻه هزار سوار قوم سومره جا ۽ پنج هزار سوار قوم سميجا، ان طرح جملي ست هزار سوار حضور جي جان نثاريءَ ۽ خدمت جي واسطي، تيار آهن. (صفحه 94).

هڪ مقام تي لکن ٿا ته:

جنهن ڏينهن بادشاهه امر ڪوٽ جي هڪ تلاءَ جي ڪناري لٿو. ان جي ٻئي ڏينهن علي الصبح صبح جي نماز جي وقت هڪ قاصد قلعي امر ڪوٽ مان حاضر ٿي ڪري، بادشاهي درٻار ۾ مبارڪباد پيش ڪئي ۽ عرض ڪيو ته: حق شانـﮧ ڪاشانـﮧ همايونءَ کي پنهنجي فضل و ڪرم سان منور فرمايو آهي.

حضور کي فرزند دلبند مبارڪ هجي. هيءَ خبر ٻڌي ڪري، بادشاهه نهايت خوش ٿيو. شهزادي جي پيدائش ماهه شعبان ۾ ڇنڇر جي ڏينهن ٿي. جڏهن ته چوڏهينءَ رات جو چنڊ پنهنجي پوري عروج تي هو. جيئن ته: ان رات جي چنڊ کي بدر چوندا آهن ۽ شهزادي جي ولادت انهيءَ رات ۾ ٿي، ان ڪري ان جو نالو محمد اڪبر غازي بدرالدين رکيو ويو ۽ جلال الدين خطاب عطا ٿيو. (صفهه 97).

”جوهر آفتابچي“ هر جاءِ تي، عمرڪوٽ کي امرڪوٽ لکي ٿو، جنهن مان توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته: هو ڪنهن جذبي جي تحت مجبور آهي. جڏهن همايون عمرڪوٽ پهتو ته: فخرالدين عمر سومره عمرڪوٽ جو حاڪم هو. جنهن بادشاهه همايون کي عزت سان نوازيو ۽ پنهنجو مهمان ڪيو. هر طرح تسلي ۽ تشفي ڪئي ۽ ايران تائين، پهچڻ جي واسطي، مدد ڪئي. ان دور ۾ سنڌ جي قلعي بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي تي مرزا حسين ترڪمان جو قبضو هو. هر جاءِ تي، انهن ماڻهن همايونءَ کي تنگ ڪيو ۽ ويڙهيون ويڙهيون.مگر سومره حڪمران همايونءَ جي مدد ڪئي. جنهن کي جوهر راجا، رانا ۽مهاراجه جي نالن سان ياد ڪري ٿو، جو ان جي مجبوري آهي.

اهو ئي سبب آهي جو جڏهن اڪبر اعظم هندستان جو شهنشاهه ٿيو ته: ان کي سنڌ سان وڏي محبت هئي ۽ پنهنجي درٻاري نورتن ۾ سنڌ جي شاهه مبارڪ جي پٽ ابوالفضل ۽ قيضيءَ کي جاءِ ڏني ۽ مير معصومي بکري مصنف ”تاريخ معصومي“ جي عزت افزائي ڪئي ويئي. اڪبر کي هميشه فخر رهيو ته: هو عمرڪوٽ سنڌ ۾ پيدا ٿيو ۽ سومره قوم مصيبت ۾ همايون جي مدد ڪئي.[4]

 

تبصرو

جوهر آفتابچي، هر هنڌ عمرڪوٽ کي امر ڪوٽ لکي ٿو. عمرڪوٽ جي مسلمان حڪمران فخرالدين عمر سومره کي راجا، رانا ۽ مهاراجا جي بيواجبي لقبن سان ياد ڪري ٿو.

جڏهن ته: سنڌ جي مسلمان سومرن حڪمرانن کي عرب هجڻ جي باعث، سردار جي لقب ۽ خطاب سان سڏيو ۽ ياد ڪيو ويندو آهي. جڏهن همايون بادشاهه ستن سوارن سان همراهه قلعي ۾ داخل ٿيو ته: امر ڪوٽ (عمرڪوٽ) جي راجا (سردار) پنهنجن ٽن ڀائرن کي ان جي خدمت ۾ موڪليو. هنن قدم بوسي ڪرڻ بعد، عرض ڪيو ته: اڄ جي ساعت (گهڙي) مهاراجا جي لاءِ، مناسب نه آهي. هو صبح جو دربار ۾ ضررور حاضر ٿيندا.

اسان کي ان مان معلوم ٿئي ٿو ته: فخرالدين عمر سومره مسلمان نه، پر هو هندو هو، ڇاڪاڻ ته: ان ۾ عمر سومره کي وهمي خيالن جوڏيکاري، هندو هجڻ جو پڻ اشارو ڪيو ويو آهي. نه صرف هي، پر سندس ٽن ڀائرن جي ، همايون بادشاهه جي قدم بوسي ڪرڻ مان ڏيکاريو ويو آهي ته: هو هندو هئا. ڇو جو مسلمان سواءِ خدا تعالي جي“ٻئي ڪنهن جي اڳيان سيس نه نوائيندا آهن.

جيڪڏهين واقعي عمر سومره کي هندو تسليم ڪجي ته: پوءِ مسٽر غلام علي الانا صاحب جي، ان چوڻ جي پڻ ازخود نفي ٿي وڃي ٿي ته: سلطان محمود غزنويءَ هٿان ملتان جي قرمطي حڪومت سن 401 هه ۾ تباهه ٿيڻ بعد، سيدنا الحاڪم مصر جي فاطمي خليفي ۽ امام ابن سومار راجپال سومره کي شيخ جو لقب ڏيئي، سومرن ۽ اسماعيلين جي سردار بنائي، سنڌ جي تخت تي، انهيءَ سال (يعني سنه 401 هه) ويهاريو. جڏهن سومرا سنه 401 هه ۾ اسماعيلي مسلڪ اختيار ڪري چڪا آهن ته: سنڌ جي والي فخرالدين عمر سومره جو پڻ سنه 758 هه مطابق 1356 ع ۾ ٿي گذريو آهي، جا هندڪا لقب رانا، راجا ۽ مهاراجا ڇا معنيٰ رکن ٿا؟ نه صرف هي، پر جيڪڏهين واقعي سومرا هندڪن نالن هجڻ جي ڪري، هندو تسليم ڪري سگهجن ٿا ته: پوءِ عمرڪوٽ جي هندو حڪمران جو پڻ مسلمانڪو لقب ۽ نالو فخرالدين عمر سومره ڇو؟ هن مان صاف ظاهر آهي ته: سومرا اول کان آخر تائين، غير مسلم هندو راجپوت قوم نه، پر جيئن اسان کين اڳ ۾ صاف ۽ واضه طور بني سمره (سومره) هوازنيه القريشي ثابت ڪري چڪا آهيون تيئن آهن.

جيڪڏهين واقعي سومرا هندو راجپوت قوم هئا، ۽ بعد ۾ مسلمان ٿيا هجن ها ته، انهن کي شيخ يا راجپوت ڇو نه سڏيو ويو؟ جيڪڏهين سومرا قوم پنهنجي پڙڏاڏي سومرو جو اولاد هجڻ جي نسبت سان سومرو سڏجڻ ۾ آئي ته: پوءِ هي به، بلڪل غلط آهي. ڇاڪاڻ ته: سومرو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو نه پر هڪ قومي نالو آهي. جيڪڏهن ”سومرا، سومرو جي بگڙيل صورت ٿي پيا هجن ها ته: پوءِ سومرن کي سومرو نه، پر سومراڻي سڏيو وڃي ها! جيڪڏهين عمر سومرو ملڪ سنڌ جو هندو راجا هجي ها ته: پوءِ هومسلمان همايون بادشاهه جي ميزباني ۽ فوجي امداد هرگز نه ڪري ها! ڇاڪاڻ ته: ان وقت جي هندو راجائن بادشاهه همايون کي نه صرف تنگ ڪيو هو، پر ساڻس جنگ به ڪئي هئائون.

جيڪڏهين سنڌ جي تختگاهه جو قلعو امر ڪوٽ، سومرن جي حڪمران ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪنهن هندوءَ جي ٺهرايل هجي ها ته: پوءِ لازمي هو ته: سومرن جا تخت گاهه منصوره، ٿرڙي، درميله، محمد طور وغيره بجاءِ امر ڪوٽ هجي ها! ان مان صاف ظاهر آهي ته: قلعو عمرڪوٽ جو پڻ عمر سومرو جو تخت گاهه هو، ان جو ئي بلڪل تعمير ڪرايل آهي.

اسان کي ان کان علاوه سومره جي تخت گاهه عمرڪوٽ جي حاڪم مسلمان عمر سومرو مان هيءَ به صاف ۽ چٽي خبر پئي ٿي ته،سومرا پنهنجي حڪومت علاؤالدين خلجيءَ هٿان وڃائڻ بعد، حضرت مخدوم ذڪريا ملتاني رحه جي ڪرامت ڏيکارڻ تي به پنهنجي مکيءَ سميت مسلمان ٿيل ڪو نه آهن.


[1]  (تاريخ سومره سندهه پر ايڪ نظر، مهاشيه عبدالڪريم نظامي صاحب صفحه 162، 163، 164، 165، 166، 167، 168، 169، 170، 171).

[2] (”تاريخ سومره سندهه پر ايڪ نظر ص 206، بحواله ”توضيحات معصومي“ صفحه 365).

[3]  (تحفته الڪرام ص 25، سوانح حيات)

[4] (تاريخ سومره سندهه پر ايڪ نظر،صفحه 207، 208، 209، 2110، 211، 212).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org