سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 2

صفحو ؛ 4

 

باب ٻيو

(2) سومرا قوم جو نسل ڪٿان شروع ٿئي ٿو؟

سومره قوم جو حسب نسب

”سومرا“ حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبي صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي جيد صحابيءَ حضرت سمره بن جندب هوازنيه القريشيءَ جي اولا آهن.

جڏهن حضرت سمره جي اولاد عربستان جي سر زمين تي آباد هئي ته: اتي بني سمره (سمره جي اولاد) جي نالي سان سڏيا ويندا هئا. هتي هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ جي قابل آهي ته: ڪتاب اسماء ارجال ۾ لکيل آهي ته:

سمرة بن جندب: هي سمره بن جندب الفزاري آهن. هي قبيلي انصار جا حليف (مددگار) هئا. پاڻ حديث جي حافظن مان هئا ۽ رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن کان گهڻيون روايتون ڪيون اٿائون ۽ انهن مان هڪ جماعت روايت ڪري ٿي ته: بصره ۾ سنه 59 هجريءَ جي آخري ۾ انتقال ڪيائون. [1]

انهيءَ صحابيءَ سان بني سمره (سومره) قوم جو ڪو به خانداني ۽ نسلي ميل ميلاپ ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي.

بلازري ۽ ابن عساڪر جي حوالي سان مولانا اڪبر شاهه خان اڪبر آبادي لکن ٿا ته:

حضرت سمره بن جندب رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جا جيد صحابي هئا ۽ کين ست پٽ ۽ چار ڌيئر اولاد هئي.

 

پٽن جا نالا:

(1) عبدالرحمان بن سمره (2) جابر بن سمره (3) جعفر بن سمره (4) احمد بن سمره (5) سرجيل بن سمره (6) عبدالله بن سمره. (نوٽ: ستين پٽ جو نالو نه لکيل آهي).

 

ڌيئرن جا نالا:

(1) حليمه بنت سمره (2) عائشه بنت سمره (3) فاطمـﮧ بنت سمره (3) صفيه بنت سمره.

 هي صحابي مديني جي انصارن سان تعلق رکندا هئا. ان کان سندن قبيلو عراق عرب ۾ آباد ٿي ويو. عجم جي سوڀن ۾ ڀرپور حصو ورتائون. حضرت سمره ڪثرت سان حديثون پڻ بيان ڪرڻ فرمايون آهن. [2]

نه صرف حضرت سمره بن جندب هوازنيه القريشي بذات خود حديثن جا راوي آهن، پر سندن اولاد کان به، حديثوي مروي ٿيل آهن. تنهن ڪري هت نموني طور، کانئون مروي ٿيل حديثون پيش ڪجن ٿيون:

علامه جلال الدين سيوطيءَ پنهنجي مشهوري ”تاريخ الخلفاءِ“ ۾ هنن حديثن کي ويلمي، ترمذي شريف، موطا امام مالڪ ۽ بخاري شريف وغيره مان ماخوذ فرمائي ڪري، درج ڪيون آهن: جهڙوڪ:

حضرت سمره فرمائين ٿا ته:

حضوررسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن هڪ ڀيري فرمايو ته: مون کي خداوند تعاليٰ جو حڪم ٿيو آهي ته:

مان خوابن جا تعبير حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنـﮧ جي آڏو بيان ڪريان.

ويمليءَ جي هڪ ٻئي حديث آهي ته:

حضرت سمره چون ٿا ته:

اسلام هڪ حصن حصين ۽ وڏو مضبوط قلعو هو. مگر عثمان جي قاتلن ان ۾ رخنو وجهي ڇڏيو جو قيامت تائين، ڪڏهن به بند نه ٿيندو ۽ اهل مدينه ۾ خلافت هئي، حضرت عثمان جي قاتلن اهڙي ڪڍي، جو وري قيامت تائين، مديني ۾ ڪڏهن به واپس موٽي ڪري نه ايندي.[3]

حضرت سمره رضي الله تعاليٰ عنـﮧ جا فرزند پڻ رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جا صحابي هئا. انهيءَ ڪري کانئون به، حديثون مروي ٿيل آهن: ان ڪري انهن جو به، مروي ٿيل حديثون پيش ڪجن ٿيون- ملاحظه فرمايو:

مسند امام احمد بن حنبل ۾: جابر بن سمره کان رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جو فرمان روايت ڪيل آهي ته:

هميشه اسلام غالب رهندو، جيستائينڪ قريش جا ٻارنهن خليفا نه ٿي گذرندا. قريش جي چند ماڻهن هن تي، حضور سرور ڪائنات صلي الله عليـﮧ وسلم جن کان پڇيو ته حضور صلي الله عليـﮧ وسلم ان کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ هن تي حضور صلي الله عليـﮧ وآلـﮧ وسلم جن ارشاد فرمايو ته: پوءِ قتل ۽ فساد برپا ٿيندو.[4]انهيءَ حديث کي لڳاتار ”سير الصديق“ ۾ پڻ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي: امام بخاريءَ جابر بن سمره کان روايت ڪئي آهي ته: مان رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن کان ٻڌو. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته: هي دين قائم رهندو، ايستائينڪ جو توهان تي، ٻارنهن خليفا نه ٿي گذرن اهي سڀ قريش هوندا.[5]هڪ ٻئي حديث امام جلال الدين سيوطيءَ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ الخلفاءِ ۾ نقل ڪئي آهي. فرمائين ٿا ته: ترمذي عبدالرحمان بن سمره کان روايت ڪن ٿا ته:

جنهن وقت عشره جو لشڪر حضور صلي الله عليـﮧ وسلم جن تيار ڪرڻ فرمايو ته: عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنـﮧ هڪ هزار دينار کڻي ڪري، اچي حضور سرور عالم صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي جهول ۾ وجهي ڇڏيا. پاڻ سڳورا صلعم دينارن کي لٽائيندي، فرمائي رهيا هئا ته: جيڪڏهن اڄ کان پوءِ عثمان ڪو به نفلي ڪم نه ڪندو ته: ڪو به حرج نه آهي. [6]

هڪ ٻئي حديث ترمذي شريف ۾ ابو سعيد خدريءَ کان مروي آهي ته:

رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن فرمايو ته: وڏيءَ عزت وارا ماڻهو اهڙيءَ طرح ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جهڙيءَ طرح تارا آسمان جي اڀ تي نظر ايندا آهن، ابوبڪر ۽ عمر انهن مان آهن. هن کي طبرانيءَ جابر بن سمره ابو هريره کان روايت ڪيو آهي. [7]

حضرت سمره بن جندب رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي صحابيءَ سنه 60 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. [8]

حضرت سمره بن جندب هوازنيه القريشيءَ سومره قوم جي پڙ ڏاڏي سنه 60 هجريءَ ۾ وفات ڪئي آهي. جڏهن ته: انهيءَ جي برعڪس حضرت سمره بن جندب الفزاريءَ سنه 59 هجريءَ ۾ وفات ڪئي آهي. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته: حضرت سمره هوازنيه القريشي ۽ حضرت سمره الفزاري ٻه الڳ الڳ رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جا صحابي آهن.

مخدوم صاحب جو هي چوڻ ته:

سومرا قوم جي نسل جي ڪا خبر ڪا نه پئي ٿي ته: ڪٿان شروع ٿئي ٿو؟ هاڻ کين سمجهڻ گهرجي ته: سنڌ جي سومره قوم جو حسب نسب رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي جيد صحابيءَ حضرت سمره بن جندب هوازنيه القريشيءَ کان شروع ٿئي ٿو.


 

 

باب ٽيون

(3) ”سومره“ قوم جڳ مشهور عرب سيلاني ابن بطوطه جي نظر ۾:

ابن بطوطه:

چوڏهين صديءَ عيسويءَ ۾ مسلمان سياح ٿي گذريو آهي. جنهن جي ولادت سنه 1304ع مطابق سنه 703 هجريءَ ۾ بمقام طنجه ۾ ٿي. سندس نالو ابو عبدالله محمد بن عبدالله طنجي آهي. ابن بطوطه جينالي سان مشهور ٿيو. ان جي سفر نامي جو عربي نالو تحفته النظار في غرائب الانصار عجائب الامصار آهي. مگر ان جا ترجما سنه 19 صدي عيسويءَ ۾ بزبان انگريزي، فرانسيسي، جرمني، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿي چڪا آهن. ابن بطوطه پنهنجو سفرنامو خود نه لکيو، پر سلطان ابي عنان بني مرين حاڪم فاس جي درٻار ۾ پنهنجيءَ ياداشت جي ذريعي بيان ڪندو رهيو ۽ بادشاهه جي حڪم سان اندلس جي فقيه ابن جزيءَ تحرير ڪيو.

اسان سومره قوم جي حسب نسب کي اڃا به وڌيڪ صاف ۽ وا ضح طور، ابن بطوطه جي بيان جي روشنيءَ ۾ چٽو عربي النسل ثابت ڪرڻ نهايت ضروري سمجهون ٿا.

محترم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو صاحب ”تاريخ معصومي جي توضيحات معصوميءَ“ ۾ سومرن جي متعلق، جڳ مشهور عرب مسافر ابن بطوطه جي ڏنل شاهدي ۽ گواهيءَ جي عربي عبارت جي سنڌي ترجمي ڪرڻ کان علاوه پنهنجي زرين خيالن جو اظهار ڪندي لکن ٿا ته:ابن بطوطه جناني شهر جي وصف ڪندي (ج 3، ص 101- 102) چوي ٿو: سنڌو نديءَ کان ٻه ڏينهن پنڌ ڪري، جناني شهر ۾ پهتاسون- (هي) سنڌو ندي جي ڪناري تي وڏو سهڻو شهر آهي. منجهس وڻندڙ بازاريون آهن. سندس رهاڪو هڪ جماعت آهي، جنهن کي سامره سڏجي ٿو. هنن هن شهر کي آڳاٽي سمي کان وطن بنايو آهي. سندن وڏا انهيءَ  شهر ۾ انهيءَ زماني کان رهن ٿا، جڏهن حجاج بن يوسف جي زماني ۾ فتح ٿيو. جيئن سنڌ جي فتح (جي بيان) ۾ تاريخ نويسن لکيو آهي. مون کي شيخ، امام، عالم عامل، زاهد، عابد رڪن الدين بن شيخ فقيه صالح شمس الدين ولد (ص 102) شيخ، امام، عابد، زاهد بهاؤ الدين زڪريا قريشي ٻڌايو ته: سندس وڏو ڏاڏو محمد بن قاسم القرشي (القريشي) سنڌ جي فتح وقت انهيءَ لشڪر (287) ۾ موجود هو، جيڪو انهيءَ ڪم لاءِ حجاج بن يوسف پنهنجي عراق جي حڪومت واري زماني ۾ موڪليو هو ۽ هو اتي (سنڌ ۾) ٽهڪي (ٽڪي) پيو ۽ کيس گهڻو اولاد ٿيو. هن فقري مان نتيجو وٺي سگهجي ٿو ته هي سامره قوم (سومره) سنڌ جي سر زمين ۾ پهرئين صدي هجري جي پڇاڙيءَ کان رهندڙ آهي. رفته رفته طاقت حاصل ڪري ٽينءَ صديءَ هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جو لاڙو وارو ڀاڱو سمورو پنهنجي تصرف هيٺ (288) آندائون، جيئن ته هن معاملي متعلق اسان کي پوري معلومات ڪانهي. تنهنڪري يقين سان نٿو چئي سگهجي ٿو ته:

محمد بن قاسم القريشي اهو ساڳيو سنڌ جو فاتح محمد بن قاسم الثقفي آهي. جيڪڏهن هي ثابت ٿئي، ته پوءِ سومرن جو نسل محمد بن قاسم سان ملائي سگهجي ٿو. سو الائجي ڪيئن [9] مترجم.

(4) ابن بطوطه جي مٿئينءَ پيش ڪيل ساڳيءَ عربي عبارت جو ابن بطوطه جي سفرنامون جو سنڌي مترجم: محترم محمد ابراهيم عباسي صاحب لکي ٿو ته:.

پوءِ اسان سنڌو نديءَ کان ٻه ڏينهن پنڌ ڪري اچي جنانيءَ جي شهر ۾ پهتاسين. هيءَ سنڌو ندي جي ڪناري تي هڪ وڏو ۽ سهڻو شهر آهي ۽ منجهس وڻندڙ بازاريون آهن. هن شهر ۾ سومرا قوم جا ماڻهو آباد آهن، جيڪي قديم زماني کان هتي رهندڙ آهن. جيئن ”سنڌ جي فتح“ ۾ مؤرخ لکن ٿا ته: حجاج بن يوسف جي وقت ۾ سنڌ فتح ٿي، ته هنن جا وڏا هن شهر ۾ رهندا هئا.“

شيخ رڪن الدين بن شيخ شمس الدين بن شيخ بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ رح مون ٻڌايو ته: سندس پڙڏاڏو،محمد ابن قاسم قريشي فاتح سنڌ جي ان لشڪر ۾ موجود هو، جيڪو حجاج بن يوسف عراق کان موڪليو هو. پوءِ هو هن ملڪ ۾ ترسي پيو ۽ هن جو اولاد وڌي ويو. هيءُ شيخ رڪن الدين اهو آهي، جنهن جي باري ۾ مونکي شيخ برهان الدين اعرج اسڪندريا جي شهر ۾ چيو هو ته:

تون ان سان ملندي. هي سومرا قوم جا ماڻهو ڪنهن سان به گڏ ڪين کائيندا آهن ۽ جڏهن به هو کائيندا آهن. تڏهن ڪوبه شخص هنن جي طرف ڏسڻ جي جرئت ڪري ڪين سگهندو آهي. هو پنهنجي قوم وارن کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به مائٽي ڪين ڳنڍيندا آهن. [10]

(3) مسٽر سي ايف بيڪنگهام به عنوان“ ابن بطوطه سنڌ ۾“ لکن ٿا ته:

سنڌو ندي اڪرڻ کان ٻه ڏهاڙا پوءِ ابن بطوطه جنانيءَ جي شهر پهتو، شرح ڪندڙ ان هنڌ جي سڃاڻپ کان قاصر آهن. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته:

اهو سنڌو درياء جي ڪپ تي هڪڙو وڏو شاندار شهر هو، ان جون بازاريون عاليشان هيون، ”مدينـﺔ کبيرة حسنـﺔ عليٰ ساحل نهر السند لها اسواق مليحـﮧ“ اتي ايامن کان سامرا رهندڙ هئا، جن الحجاج ابن يوسف هٿان سنڌ جي فتح جي وقت ۾ اتي پير کوڙيا هئا، ”اسوطنوها قديما واستقربها اسلافهم حين فتحا علي ايام الحجاج ابن يوسف مسبما اثبت اعور خون في فتح السند“.

پوءِ هو چوي ٿو ته:

مون کي شمس الدين جو پٽ ۽ بهاء الدين ذڪريا القريشي جي پوٽي متقي بزرگ شيخ رڪن الدين ٻڌايو ته:

منهنجو وڏو ”جدة الاعليٰ“ محمد ابن قاسم القريشي هو، جنهن حجاج طرفان انهيءَ مقصد لاءِ، موڪليل لشڪر ۾ رهي، سنڌ جي فتح اکين سان ڏٺي، ”وشهده فتح السند في العسڪر الذي بعث هولي الذالک الحجاج“ سوڀاري لشڪر جي سالار جي ذڪر جو هيءُ طريقو نهايت عجيب آهي، توڻي جو اسان کي پتو آهي ته: ابن بطوطه ڪو تاريخدان نه هو. گبِ اها ڳالهه محسوس ڪا نه ڪئي ته:

ابن بطوطـﮧ ابن قاسم کي القريشي ڄاڻائي غلطي ٿو ڪري. سنڌ جو فاتح، پنهنجي بالادست ۽ مائٽ الحجاج جيان، قريش نه، پر ثقيف قبيلي مان هو. گب رائزني ٿو ڪري ته:

رڪن الدين جي دعويٰ شڪ جوڳي آهي ۽ وڌيڪ ٿو چوي ته: جن هندستانين بهاءُ الدين جي سوانح لکي آهي تن جو سندس ڏاڏو خراسان کان ملتاني لڏي آيو هو. بهرحال، هيءَ ڳالهه دلچسپي کان خالي نه آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته: ڪنهن اهميت واري هجي ته: چچنامي جي مذڪور موجب، اروڙ جا قاضي هڪڙي ثقفيءَ جا پويان هئا، جنهن کي محمد ابن قاسم انهيءَ عهدي تي مقرر ڪيو هو. اروڙ جي انهن قاضين مان ڪن عربيءَ ۾ سنڌي تاريخ لکي هئي. جنهن جي فارسي ترجمي مان جيڪو علي ابن حامد ابن ابي بڪر الڪوفيءَ ابن بطوطه جي اچڻ کان صدي کن اڳ ڪيو هو، اسين واقف آهيون.

الڪوفي ڄاڻائي ٿو ته:

آءٌ اروڙ جي قاضيءَ، اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن يعقوب بن طائي بن موسيٰ بن محمد بن شهاب الدين بن عثمان الثقفيءَ جي خدمت ۾ ويس، جنهن مون کي ٻڌايو ته سنڌ تي مسلمانن جي سوڀ جوبيان سندس وڏن عربيءَ ۾ لکيو آهي. الڪوفيءَ اها تصنيف فارسي ۾ ترجمو ڪئي، ۽ هاڻي اسان ان کي ”چچنامي“ جي نالي سان سڃاڻون. ڇا اروڙ جي قاضي جا، اهي وڏائي، اهي مورخون آهن، ابن بطوطه ”سامره“ جي تاريخ جي تصديق لاءِ، جن جي لکيل فتحنامي جوحوالو پيو ڏئي” اهو ناممڪن نه آهي.[11]

(4) تحفته الڪرام جو مصنف محترم علي شير قانع ٺٽوي صاحب لکن ٿا ته:

بغداد جي ”آل تميم“ جا ڪي ماڻهو سنڌ جي حڪومت تي مقرر ٿيا. ”سامره“ جا رهاڪو عرب پڻ وڏي انداز ۾ تميم سان گڏجي سنڌ ۾ آيا، ۽ سڪونت اختيار ڪيائين. گهڻي عرصي گذرڻ ڪري جيئن ”بني تميم“ مان بگڙي ٿهيم ٿي پيو، ساڳيءَ طرح ”سامره“ وارن مان پڻ هزارن جي تعداد ۾ مستقل قوم ”سومرا“ تيار ٿي پيئي، جنهن ۾ ڪيئي سرڪش سردار پيدا ٿيا.[12]

اسان هاڻي اڳتي جيڪو به ذڪر ڪنداسين، سو مٿي پيش ڪيل چئن مکيه ۽ اهم عبارتن تي، بحث مباحثو ڪنداسون. تنهنڪري معزز پڙهندڙن کي گذارش ٿي ڪجي ته: ڪنهن به ڳالهه جي تصديق ڪرڻ جي واسطي، انهن عبارتن کي، چڱيءَ طرح ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.

جڳ مشهور عرب سياح ابن بطوطه (جنهن جي لاءِ، لکن ٿا ته: ابن بطوطه ڪو تاريخدان نه هو. ان جي باوجود به، ڪو به ليکڪ توڻيجو انگريز به ڇو نه هجي، سندس تحرير جي مڃڻ کان انڪار ڪرڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي) جي عربيءَ ۾ پيش  ڪيل سومرن جي متعلق، عبارت جو مختلف ترجمو ڪندڙ صاحبن ڪيترو نه، لاپرواهيءَ ۽ ڇڙواڳيءَ کان ڪم ورتو آهي، جو کين ائين هرگز نه ڪرڻ گهربو هو. ڇاڪاڻ ته: اهي ڪي معمولي ليکڪ نه پر جڳ مشهور مهان بزرگ مؤرخ ۽ محقق هئا. انهيءَ ڪري کين گهربو هو ته: ابن بطوطه جي سومرن جي متعلق، لکيل عربي عبارت جو توري تڪي (بغير ڪنهن ليکڪ جي تحرير جي تقليد ڪرڻ جي) سنڌي ترجمي ڪرڻ جي وقت، سڀني ڳالهين کي مدنظر رکي، بعد ۾ پيدا ٿيندڙ غلط فهمين ۽ الجهنن کي خود ئي حل ڪري وڃن ها ته: بعد مؤرخن ۽ محققن کي


[1]  (الاڪمال في اسماء الرجال يعني اسماء الرجال مشڪوا (الاڪمال في اسماء الرجال يعني اسماء الرجال مشڪواة المصابيح- تاليف: صاحبِ مشڪواة علامه ولي الدين ابو عبدالله محمد بن عبدالله الخطيب- اردو ترجمه: مولانا اشتياق احمد، مولانا معراج الحق- ناشر نور محمد ڪارخانه تجارت ڪتب آرام باغ ڪراچي- ص 44- 45)

[2]  اردو تاريخ سومره سنده پر ايڪ نظر، از: مهاشي عبدالڪريم نظامي مبلغ اسلام ڪراچي پاڪستان، اشاعتي سنه 1381هه مطابق 1962ع ص 49، بحواله تاريخ اسلام جلد 2، ص 632، آگره مطبوعه ستاره هند پريس)

[3]  (تاريخ سومره سنده پر ايڪ نظر، ص 50، بحواله ”تاريخ الخلفاء“ ص 163، مطبوعه مڪتبه تهانوي بندر روڊ ڪراچي)

[4]  (تاريخ سومره سندهه پر ايڪ نظر، ص 50، بحواله ”تاريخ الخلفاء“ ص 13).

[5]  (تاريخ سومره سنده پر ايڪ نظر، ص 50، بحواله ”سير الصديق“ ص 279، مطبوعه ڪتب خانه اشرفيه دهلي).

[6]  (تاريخ سومره سندهه پر ايڪ نظر، ص 51، بحواله ”تاريخ الخلفاء“ ص 150).

[7]  (تاريخ سومره سنده پر ايڪ نظر، ص 51، بحواله ”تاريخ الخلفاء“ ص 50).

[8]  (تاريخ سومره سنده پر ايڪ نظر، ص 51، بحواله عمده الڪلام في تاريخ سلاطين الاسلام ص 35 ص 35).

[9]  (”تاريخ معصومي“ سنڌي ايڊيشن، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، ڇاپو ٻيو سال 1959ع توضيحات معصومي“ ص 343- 344).

[10]  (”تاريخ معصومي“ سنڌي ايڊيشن، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، ڇاپو ٻيو سال 1959ع توضيحات معصومي“ ص 343- 344).

 

[11]  (”سنڌ صدين کان“ مرتب: ممتاز مرزا، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، اشاعتي سال 1982ع، ص 240- 241)

 

[12]  (تحفته الڪرام، سنڌي ايڊيشن، مترجم: مخدوم امير احمد سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٽيون، سال 1989ع ص 69- 70)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ