باب ڏهون
سنڌي سومرا
بعض مؤرخن جو چوڻ آهي ته: سومرا حضرت سنڌ بن حام
بن نوح عليـﮧ السلام جي اولاد هجڻ جي نسبت سان“
سنڌي سومرا آهن، جو ڪنهن طرح به، صحيح ۽ درست هرگز
نه آهي. ڇاڪاڻ ته: حضرت حام کي سنڌ نالي ڪوبه پٽ
ڪو نه هو. رحيمداد مولائي شيدائي صاحب، جنهن حوالي
سان حضرت حام جا ڇهه پٽ تحرير ڪيا آهن. سي سڀ جا
سڀ غلط آهن. لکن ٿا ته:
(1) اسلامي تاريخن ۾ لکيل آهي ته: ”هند“ ۽ ”سنڌ“
حامبن نوح عليـﮧالسلام جا پٽ هئا، جن جي هن سرزمين
تي، سندن اولاد سميت گهڻو وقت حڪومت رهي هئي،
تنهنڪري سندن نالي پٺيان ئي هن ملڪ تي سند (سنڌ)
نالو پيو.
(2) سنڌ (تحفته الطاهرين“ جي مؤلف پنهنجي ٻئي
ڪتاب، هيئت العالم“ جي فصل ٻي ۾ ”اقليم دوم“ جي
عنوان سان سنڌ ملڪ ۾ سندس وڏن شهرن جو ذڪر هن ريت
ڪيو آهي) هي ولايت سنڌ ولد حام بن نوح ڏي منسوب
آهي.
ميرزا قليچ بيگ صاحب لکن ٿا ته:
(3) سنڌ ملڪ تي نالو سند تان پيو، جيئن هندستان يا
هند تي نالو هند تان پيو، سند ۽ هند ٻئي ڀائر هئا
۽ حام بن نوح جا پٽ هئا. حضرت نوح مشهور وڏو نبي
هو، جنهن طوفان کان پوءِ دنيا کي آباد ڪيو.
منجهانئس جيڪودرياءَ وهي ٿو، تنهن کي سنڌو ندي چون
ٿا. سنڌو ندي به سنڌ جي نالي تان ٿي سڏجي. پر ڪي
چون ٿا ته: سنڌ ملڪ تي نالوئي سنڌو نديءَ تان پيو،
جنهن جي معنيٰ سنڪسڪرت ٻوليءَ ۾ وڏو درياءُ آهي.
جنت السنڌ تحفته الڪرام ۽ قديم سنڌ جي مصنف تحفته
الڪرام جي مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب جي،
مولاناسيد ابوالحسن جي پيش ڪيل حوالي جي بناء تي،
حام جا پٽ هند ۽ سنڌ تحرير ڪري رهيا آهن، جو ڪنهن
به طرح صحيح ۽ درست هرگز نه آهي.
ڇاڪاڻ ته:
(1) علامه سيد سليمان ندوي صاحب، حام بن نوح عليـﮧ
السلام جا چار پٽ هن طرح لکن ٿا ته:
(1) ڪوش (پدر حبش)(2) مصرائيم (پدر مصر) (3) ڪنعان
(فينيقيه) (4) فوط.
(2) قاضي محمد سليمان سلمان منصورپوري صاحب حام بن
نوح عليـﮧ السلام جا چار پٽ پڻ هن طرح لکن ٿا.
(1) ڪوش، (2) مصر، (3) فوط ۽ (4) ڪنعان
(3) ڀيرومل مهر چند آڏواڻي صاحب، حام بن نوح عليـﮧ
السلام جي پٽن هند ۽ سنڌ جي نه هجڻ تي، جامع روشني
وجهندي لکن ٿا ته: عيسائين جوبائيبل يا انجيل
”پيدائش جي ڪتاب“
(Genesis)
سان شروع ٿئي ٿو. پيدائش جي ڪتاب جي چوٿين باب ۾
ڄاڻايل آهي ته: بيبي حوا کي حضرت آدم مان ٻه پٽ
قابيل ۽ هابيل
(Cain and Abel)
ڄاوا، وڏي هوندي قابيل پنهنجي هابيل جو خون ڪيو،
ته ڌڻي تعاليٰ مٿيس ڪوپ ٿيو ۽ کيس ڏيس وٽو (ديس
نيڪالي) ڏنائين. هو پوءِ باغ عدن جي اڀرندي طرف
”ناڊ“
Nod
ڏي لڏي وڃي رهيو. (آيت 1 کان 11 تائين).
”ناڊ“
Nod
لفظ ۾ حرف صحيح فقط ٻه آهن. ن ۽ ڊ
(N.D)
”انڊيا“
India
نالي ۾ به، اهي ئي ساڳيا ٻه حرف صحيح آهن ۽ ٻيا سڀ
حرف علت آهن. جن يورپين ٻولين جي ڀيٽ پئي ڪئي، تن
ڀانيو ته: ڏاڍي ڪا وڏي کوجنا ڪئي اٿئون، سو کڻي
هڪدم هلايائون ته: باغ عدن ڇڏڻ کانپوءِ، قابيل
”انڊيا“ (هندستان) ۾ وڃي رهيو! ڀائنجي ٿو ته:
انهيءَ هل پوڻ کانپوءِ، ماڻهن وري انهيءَ ڳالهه کي
پنهنجو رنگ ڏيئي، ڪتابن ۾ لکيو ته: يورپ جون ڪي
قومون قابيل جو اولاد آهن.
آڳاٽن يورپي لوڪن کي ٻولين ۽ تاريخ جي کوجنائن ڪرڻ
جو عقل اِجهو اهو هو!
وٺو ٻيو مثال پيدائش جي ڪتاب
(Genesis)
جي باب ڏهين آيت پهرينءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته: حضرت
نوح عه کي شيم
(Shem)،
هئم (حام
(Ham
۽جئفيٿ
(Japheth)
نالي پٽ ڄاوا ۽ دنيا ۾ جڏهن مها پر لئي ٿي هئي،
تنهن کانپوءِ انهن به پٽ ڄڻيا. انهن شيم ۽ هئم
نالن مانسيميٽڪ ۽ هئميٽڪ لفظ جڙيل آهن.
يهودين جي ٻولي، عربي ڪئلڊي وغيره سيميٽڪ خاندان
جون ٻوليون آهن ۽ توراني توڙي آفريڪا طرف واريون
ٻوليون هئميتڪ خاندان جون ٻوليون سڏجن ٿيون (ڏسو
اينسائي
ڪلو پيڊيا) ”شيم“ (سيم) ۽ ”هئم“ نالن سان سنڌ ۽
هند نالن جو ڪو به لاڳاپو آهي ئي ڪو نه، ته ب اهو
هل پيو ته: اهي حضرت نوح جي پٽن جا نالا آهن! اهي
هل عربستان تائين پئجي ويا! مصنف کي ائين سمجهڻ ۾
اچي ٿو، ته سيد علي شير قانع ٺٽي وارو ڪنهن وقت حج
ڪرڻ ويو يا ٻيو ڪو حج ڪري موٽيو ۽ اهو هل اتان ٻڌي
آيو، تنهن کانپوءِ اها ڳالهه سيد علي
شير پنهنجي ڪتاب ”تحفت الڪرام“ ۾
لکي، جو هجري سنه 1187هه مطابق سنه 1772ع ۾ يعني
سروليم جونس جي 1786ع واري نامياري تقديد کان به،
چوڏهن ورهيه اڳ جولکيل آهي. اهو ئي وقت هو، جنهن
وقت يوروپي لوڪن ٻولين ۽ تاريخ جون کوجنائون
اونڌيءَ ريت پي ڪيون.
سنه 1925ع ۾ مرحوم شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ
”قديم سنڌ“ نالي ڪتاب لکيو، جو گهڻو ڪري سمورو
”تحفته الڪرام“ تان ترجمو ٿيل آحي. اهو ڪتاب شروع
ئي هنن لفظن سان ڪيو اٿس. سنڌ ملڪ تي نالو ”سنڌ“
تان پيو. جيئن هندستان يا هند تي نالو هند تان
پيو. سند ۽ هند ٻئي ڀائر هئا ۽ حام بن نوح جا پٽ
هئا ۽ حضرت نوح مشهور وڏو نبي هو، جنهن طوفان
کانپوءِ دنيا کي آباد ڪيو.
ڏسو ته: ڪٿي جي ڳالهه ڪٿي اچي پهتي آهي! هي آسر
پوٽاڻيون ڳالهيون هن وقت جا يورپي عالم سچيون ڪري
نٿا سمجهن، جيئن هٽي صاحب پنهنجي جوڙيل عربستان جي
تاريخ ۾ ڄاڻايو آهي.
حقيقت به هن طرح آهي ته: آڳاٽن يورپيلوڪن کي ان
وقت نڪا علم لغات جي اصولن جي نڪادنيا جي تاريخ جي
سُڌ هئي. تنهنڪري ههڙيون بيهوديون ڳالهيون پئي
ڦهلايون.
”فلا لاجي“ جي ذڪر ڪندي، اينسئڪلو پيڊيا برٽينيڪا
۾ به آڳاٽن يورپين جي اهڙن غلط نتيجن ڪڍڻ جو ذڪر
کولي کولي ڪيو اٿن
هڪ ڪري انهن اڳوڻن يوروپي لوڪن کي گهڻو ڏوهه نه
ڏيو، جو اڳي وٽن جنسي اوندهه هئي. هن وقت اها اڳين
اوندهه ڪانهي ته به پنهنجيءَ سنڌ ۾ ڏسو ته سنڌيءَ
۾ جيڪي هندستان جون تاريخون اسڪولن ۾ پيا پڙهائين
تن ۾ ڇا لکيو پيو آهي.
اول سندن ڪتاب جونالو ڏسو. ڪتاب کي سڏيون اٿن
”هندستان جي تاريخ“ نالو ئي غلط
. ڪتاب ۾
اندر ڏسو ته: منڍ ۾ لکيل آهي ته: هندستان لفظ جي
معنيٰ آهي ڪارن ماڻهن جي رهڻ جو هنڌ= ڪارو + آستان
= جاءِ)، ساڳين تاريخ نويسن هئن به لکيو آهي ته:
آريه لوڪ شڪل جا سهڻا ۽ قد جا ڊگها ۽ مظبوط
(مضبوط) هئا. جڏهن پاڻ لکيو اٿن ته: آريه شڪل جا
سهڻا هئا، تڏهن ”هندستان“ ڪارن ماڻهن جو ملڪ ٿيو
ڪيئن؟ مطلب ته: جن کي نه ٻوليءَ جي سُڌ، نه تاريخ
جي خبر، بلڪه جنهن ملڪ ۾ پاڻ رهن ٿا، تنهن جي نالي
جي معنيٰ جي به سڌ ڪا نه اٿن، ته چئبو ته: ههڙا
ڪتاب رڳو شاگردن تي مڙهڻ واسطي لکن ٿا، ۽ اها
نهايت ارمان جي ڳالهه آهي، سنڌو ۽ هندو لفظ جي
معنيٰ هتي کولي ٻڌائجي ٿي ته: پڙهندڙن کي انهن
لفظن جي صحيح معنيٰ جي سڌ پئي.
”سنڌو“ نالو ۽ ان جي معنيٰ- سنڌ تي سنڌو نديءَ تان
نالو پيو آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌ“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو
درياءُ- اڳي ڪابل ندي، گومتي (گومال) وغيره سنڌو
نديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون
(Tributaries)
هونديون هيون، تنهنڪري ”سنڌو“
رواجي ندين کان تمام گهڻي وڏي هوندي هئي ۽ سمنڊ
سان ڪلهو پئي هڻندي هئي. انهيءَ سبب آڳاٽن آرين
اهو نالو رکيس.
اڄ به سنڌو نديءَ جو پيٽ ديري اسماعيل کان وٺي
ڪالاباغ تائين، ايڏو وڏو آهي، جو ڪا ٻيڙي وچ سير ۾
هوندي، ته نڪي اورينءَ ۾ نڪي پرينءَ ڀر کان ڏسڻ ۾
ايندي.
هندستان جي امپيريل گزيٽيئر، بينفي صاحب واري
سنسڪرت ڊڪشنري پروفيسر آپٽي واري سنسڪرت ڊڪشنري ۽
ٻين ڪيترن ڪتابن موجب ”سنڌو“ جو ڌاتو يا بنياد
آهي. سنسڪرت لفظ سنيد
(Syand)
معنيٰ وهڻ.
انهيءَ سبب ”سنڌو“ جي بنيادي معنيٰ آهي ”اها ندي
جا سدائين پيئي وهي“ پروفيسر مئڪس ملر جي خيال
موجب ”سنڌو“ جو ڌاتو آهي ”سڌ“ معنيٰ رکي وٺڻ يا
بچاءِ ڪرڻ، سنڌو ندي جن هنڌان وهي ٿي، تن هنڌن جي
رهاڪن جو ڌارين جي ڪاهن ۽جهنگلي مرن جي حملن کان
بچاءِ ڪري ٿي. ٻئي ڌاتو ٺهي اچن ٿا. پر پهرين
معنيٰ وڌيڪ عام آهن.
اسان کي نه صرف علامه سيد سليمان ندوي صاحب ۽ قاضي
محمد سليمان سلمان منصورپوريءَ جي حام جي پٽن جي
لکيت مان هام جي پٽن هند ۽ سنڌ جي نه هجڻ جي پڻ
پڪي ۽ پختي ثابت ملي ٿي. پر آڏواڻي صاهب ته: حام
جي پٽن هند ۽ سنڌ جي نه هجڻ تي، ڀرپور ۽جامع روشني
وجهي، صاف صاف ۽ واضح طور ثابت ڪيو آهي ته: ميرزا
قليچ بيگ صاحب ۽ مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب جن
جيڪي حام جا ٻه پٽ هند ۽ سنڌ تحرير ڪيا آهن. سي
بلڪل غلط آهن، ڇاڪاڻ ته: حام کي هند ۽ سنڌ نالي
نرينه اولاد ڪا نه هئي. بعض مورخ ۽ محقق تحفته
الڪرام، تحفته الطاهرين ۽ قديم سنڌ (مصنف ميرزا
قليچ بيگ) جي لکيل بيواجبي تحريرن جي ڏنل حوالن جي
بناءِ تي، خواهه م خواهه ڀنڀلجي سومرن کي حام بن
نوح عليـﮧ السلام جي پٽ سنڌ جي اولاد هجڻ جي ناتي
سان ”سنڌي سومرا“ سڏين ٿا، جو ڪنهن طرح به، صحيح
مڃڻ جي قابل هرگز نه آهي. ڇاڪاڻ ته: جڏهن ته: حام
کي سنڌ نالي پٽ ئي ڪو نه ٿو ثابت ٿئي ته: پوءِ
سندس نسل جا سومرا ”سنڌي سومرا“ ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟
يا وري هن ڳالهه کي ڪيئن قبول ۽ تسليم ڪري سگهجي
ٿو ته: حام جي پٽ سنڌ جي نالي پٺيان ملڪ سنڌ تي،
نالو سنڌ پيو آهي- ملڪ سنڌ تي، سنڌ نالو ته ”سنڌو
درياءِ“ جي هن خطي مان وهڻ جي ڪري پيو آهي، نه صرف
هي، پر جڏهن سومرا حام جي پٽ سنڌ جي اولاد هجڻ جي
نسبت سان ”سنڌي سومرا“ نه آهن، ته پوءِ سومرن کي
سنڌ جي قديم قوم ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح تسليم ڪري
سگهجي ٿي؟ انهيءَ ڪري ميمني صاحب ۽ ڪئرنگٽن صاحب
جن جوهي چوڻ ازخود غلط ثابت ٿي وڃي ٿو ته: سومرا
سنڌ مان لڏي مال جي چراگاهه سانگي دجله ۽ فرات
ندين جي سرسبز ۽ شاداب ميدانن ۾ وڃي آباد ٿيا هئا.
باب يارهون
سومره قوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب
۽ محمد بخش خان ٽالپر صاحب جن جي نظر ۾:
(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، سومرن جي حسب
نسب جي متعلق لکن ٿا ته:
ڳالهه جي مختلف روايتن ۾ سومرن جي اصل نسل بابت
جيڪي اشارا ۽ اهڃاڻ ڏنل آهن تن مطابق، سومرن جو
سلسلو عربن سان ملي ٿو. ان کانسواءِ، سندن ٻيو ڪو
به حسب نسب ڄاڻايل ڪونهي. سندن عربي نسل بابت
هيٺيان اهڃاڻ ڏنل آهن.
(1) پهريون ته سومرا حضرت علي رضه جي اولاد مان
آهن.
(2) ٻيو ته: سندن (عرب) قبيلو ڪربلا جي جنگين ۾
امام حسين رضه جي پاران وڙهيو، ٻيا مارجي ويا،
باقي هڪ پير مرد ۽ سندس پيرسن زال بچيا، جن کي هڪ
ننڍو ڇوڪرڙو ”سومر“ نالي هو. ان کي پڻ پنهنجيءَ
ماءُ امام حسين رضه جي آڏو پيش ڪيو ته: ڀل هو به
قربان ٿئي. پر امامن حسين رضه دعا ڪئي ته: هو ڀل
جيئي ۽ اهل اولاد وارو ٿئي. انهين سومرن مئون ساٿ
ٿيندا، سڏبا سومرا سردار.
(3) ٽيون گهٽ: سومرن جو پهريون وڏو ڏاڏو جيڪو ڪنهن
عرب گهراڻي جو هو، بلڪه حضرت علي رضه جي اولاد مان
حسيني وياءُ هو، سو مڪي ۾ ڄائو. هو پوءِ سنڌ ۾آيو
۽ وڏو ٿيو. هو وڏي طاقت ۽ ڪلان وارو هو. ايتري قدر
جو ڄڻ کيس واءُ اڏائي، سنڌ ۾ آندو. ديو سندس هٿ ۾
هئا ۽ انهن ئي سندس گاديءَ جو شهر ”وڳهه ڪوٽ“
اڏيو. يعني ته: ديون جهڙي ڪنهن طاقتور لشڪر جي مدد
سان هن هي هٿ ڪيو ۽ اتي پنهنجي حڪومت ۽ گادي قائم
ڪئي. حڪومت جي انهيءَ پهرئين باني مباني جونالو ڇا
هو، تنهن بابت مختلف اهڃاڻ ڏنل آهن، ٽن روايتن ۾
کيس سندس زور ۽ طاقت جي لحاظ سان ”واڇرو“ يا
”واڇڙو“ سڏيو ويو آهي.
اهو ”واڇڙو“ ڇوڪرو مڪي ۾ ڄائو. معصوم هوندي به،
واڇن جي طاقت اهڙي هئس جو کير پيئڻ وقت ڄڻ ماءُ جا
ببا ڇني پيو ڇڏي. انهيءَ ڪري، ”واڇڙو“ سڏيائونس،
پوءِ مينهن ڌاريائونس ۽ ڄڻ پاڏڙو ٿي ڪري کير
پيتائاين ۽وڏو ٿيو انهيءَ ڪري ”واڇڙو“ (اوڇڙو)
سڏيائونس پوءِ ”واڇڙي“ کي واءُ اڏائي سنڌ ۾ آندو ۽
هو هتي وڏو ٿيو. سندس پٺيءَ مان ”ڪارو دودو“ ٿيو ۽
ڪاري دودي مان ڀونگر ٿيو.
واءُ اڏابو واڇڙو، مڪي مدينه کان
پوٽو علي شير جو، حسيني وياء.
واءُ اڏايو ”واڇڙو“ مڪي شهر مٿاء
رهندو شهر ٻنگار ۾راڄڪندو ڀونگر راءِ،
حڪم ٿيو ديون کي، اڏيو وڳهه ڪوٽ اوهان.
���
واءُ اڏايو، ”واڇرو“ مڪي مديني اوريا
پاڻ ڌڻي پيدا ڪيو، ڀلو ڀونگر راءِ
پوئين بيت جي مراد ته وڏو ڏاڏو ”واڇرو“ مڪي مديني
کان آيو جنهن جي پٺيءَ مان پوءِ ڀونگر راءِ ٿيو،
جيڪو اهڙو ڀلو هو، جو ڄڻ پاڻ ڌڻي کيس ڀلو ڪري
جوڙيو.
(4) چوٿون ته: ڪارو دودو (هڪ روايت موجب) ڀونگر
راءِ جو پٽ هو ۽ ڀونگر راوَ جي شادي اهڙي قبيلي
وارن مان ٿي هئي، جيڪي (ڄڻ) ديو هئا، يعني ته وڏا
پهلوان ۽ طاقتور هئا.
هڪ روايت موجب هو ”سَڪر“ ديو جي ڌيءَ ”ليل“ سان
پرڻيو، جنهن مان دودو ڄائو.
”سڪر“ ۽ ”ليل“ ٻئي عربي نالا آهن، ڪارو دودو
پنهنجي انهن ناناڻن ۾ ڄائو ۽ اهي عرب هئا. پوءِ
(اتان عرب مان) انهيءَ ڪاري دودي کي واءُ اڏائي
سنڌ ۾ آندو.
(5) پنجون ته: ”ٿهيم قبيلو“ نسب جي لحاظ سان عرب
قبيلو ”بنو تيميم“ آهي ۽ هڪ روايت موجب ٿهيم کي
سومري جو ويجهو ڀاءُ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن پڳ
جو سوال اٿيو ته راڄن پهريائين اها صلاح ڏني هئي
ته: پڳ ٿهيم کي ٻڌايو ”چُون: ڏيو پڳ ٿهيم کي جيڪو
آ ڀلو ڀونگر ڀاءُ“ پوءِ چنيسر تي راءِ بيٺي ۽
چنيسر ماءُ کان پڇڻ ويو ته دودي جي ڀان وزير وري
به اها صلاح ڏني ته: پڳ ٿهيم کي ٻڌايو، پر جي هو
نه ٻڌي ته پوءِ ٻيو ڪو ٻڌي.
هن ٽاڻي مطابق: اهو ٿهيم عرب قبيلي بنو تميم مان
هئا ۽ انهيءَ لحاظ سان ٻين قبلين جي ڀيٽ ۾ اهي ڄڻ
ڀونگر سومري جا وڌيڪ ويجها ڀاءُ هئا. ڇاڪاڻ جو
سومرا پڻ عرب قبيلي مان هئا.
(6) ڇهون ته: وڏو دودو (ڪارو دودو يا نهرو دودو؟)
جنهن جا ناناڻا عرب گهئا، تنهن کي دلوراءِ بادشاهه
پنهنجي ڌيءَ پرڻائي، اڌ بادشاهي ڏني ۽ کيس ”وڳهه
ڪوٽ“ جي تخت تي ويهاريو، ان مان ظاهر آهي ته:
دلوراءِ جو خاندان ۽ دودن جو خاندان ويجها شريڪ
ڀاءُ هئا. ٻين روايتن مطابق، دودو (پويون) دلوراءِ
جي ڌيءَ مان هو ۽ اها ڏاڏي پوٽي هئي.
”دودو دلؤ ڏوهٽو، سو پيڙهيءَ ويٺو راءِ“
ان اهڃاڻ مطابق، دلوراءِ سومرن واري ساڳئي خاندان
مان هو، دلوراءِ. جو قبيلو ”عمراني“ هو، جيڪو يا
ته عرب قبيلو هو، يا ته سومرن جي وڏي عرف ”واڇري“
وانگر ڪنهن عرب قبيلي جو ڏوهٽاڻ هو.
سومرن جا اوائلي سردار ۽ حڪمران
مٿين ٽاڻن مطابق، بالڪل اوائلي سومرن سردان مان ٻن
جا نالا مشهور آهن:
هڪ اهو جيڪو ”واڇڙو“ جي عرف سان مشهور ٿيو ۽ جنهن
جي پٺي مان ”ڪارو دودو“ ٿيو.
۽ ٻيو اهو جنهن جو نالو ”سومر“ هو، جنهن جو ججهو
اولاد ٿيو، جن مان ”سومرا سردار“ (حڪمران) ٿيا.
ڪارو دودو انهيءَ لحاظ سان سڀ کان ”وڏو دودو“ يا
پهريون دودو هو. ان جي پري بابت ٻه اهڃاڻ ڏنل آهن:
پهريون ته: هو عرب نسل جي سردار عرف ”واڇڙي“
جي پٺيءَ مان ٿيو (يعني ته سندس پٽ پوٽو يا اڃا به
پڙ پوٽو هو) ۽ ٻيو ته: هن ڪاري دودي مان پوءِ
(سندس پٽ، پوٽو يا پڙپوٽو) ”ڀونگر راءِ ٿيو، چئن
روايتن ۾ اها پري ڄاڻايل آهي.
ڪن روايتن ۾ ڪاري دودي کي ڀونگر راءِ جو پٽ ڪري
ڄاڻايو ويو آهي
|