سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 7

صفحو ؛ 15

 

سنڌي عالمن ۽ حڪمين جا ڪئين مثال عربي ڪتابن ۾ موجود آهن، جن مان ملڪ جي ماڻهن جي ذهني ڪاوش ۽ علمي برتريءَ جي ثابتي ملي ٿي. هڪ دفعي خليفو هارون رشيد بيمار ٿي پيو. بغداد جي طبيبن، جن ۾ يوناني، مجوسي، عيسائي ۽ عرب حڪيم شامل هئا. ڏاڍا وس ڪيا، پر هو چاڪ نه ٿي سگهيو. آخر ۾ سنڌي ويد ”ماڻڪ“ کي گهرايو ويو، جنهن هارون کي ٿوري عرصي اندر چاڪ چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.[1]  کيس پوءِ خليفي هارون، ”بيت الحڪمـﺔ“ جي دارالترجمـﮧ واري شعبي تي مقرر ڪيو ته جيئن سنڌ مان آندل ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿي سگهن. ٻئي دفعي هارون جو سوٽ سڪتي (بيهوشي) جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو، ۽ ٽي ڏينهن چرڻ پرڻ کانسواءِ هنڌ تي پيو هو. سڀني حڪيمن آخر اها راءِ ظاهر ڪئي ته هو مري ويو آهي. پر سنڌي حڪيم، صالح بن تهلا، سنڌي طب، جي اصولن کي ڪم آڻي، وري کيس زندهه ڪري ڏيکاريو.[2]

وسطي دور جي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن مان، جيڪي ناگري رسم الخط ۾ موجود هئا. حساب، نجوم، طب، هيئت، اخلاق، سياست، راڄنيتي ۽ پڻ راندين وغيره تي ڪتاب ڪافي مشهور آهن. عربن پاڻ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هنن حساب جي انگن (يعني، 1 کان 9 تائين) لکڻ جو طريقو هندستان کان سکيو.[3]  اهو ئي سبب آهي جو هو انگن کي ”الحساب الهندي“ ڪري سڏيندا هئا. يورپ جون قومون اهي انگ عربن کان سکيون. ان ڪري مٿن نالو رکيائون ”عرب نيو مرلس“- ديوناگري رسم الخط ۾ جيڪي انگ عربن تائين پهتا، اهي هيئن هئا:

.......................................................

عربن انهن ۾ ڪجهه ترميم ڪئي، ۽ هي انگ رائج ڪيا، سي اسپين جي معرفت يورپ ۾ پهتا.[4]

..................................................

اهي انگ کاٻي کان ساڄي لکيا وڃن ٿا، جنهن مان پڻ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ٿي ٿئي ته اهي نشان عرب يا سامي اصليت جا نه آهن، پر اهي اصل ۾ برصغير پاڪ- هند جي دماغي لياقت جو نتيجو آهن. سڀ کان اهم ايجاد جا وسطي دور ۾ ٿي، اها هيءَ ”ٻڙي“، جنهن کي عربن ”صفر“ جو نالو ڏنو. جيئن ته ٻڙيءَ کي ڪا به قيمت نه آهي، ان ڪري عربن جونالو ”صفر“ يعني ”خالي“ صحيح پيو لڳي. سڀئي عالم انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته صفر جي ايجاد سنڌ جي مشهور ڪتاب سوريه سڌانت جي ترجمي جي ڪري ٿي، جو هڪ عربي عالم محمد ابن ابراهيم الفزاريءَ ڪيو هو.[5] الفزاري اسلامي دنيا ۾ پهريون سائنسدان تصور ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن حسابن جي علم ۽ انگن تي هڪ جامع مسودو پڻ تيار ڪيو هو. محمد بن موسيٰ الحوارميءَ انهيءَ تي تحقيقات ڪري هڪ جدول تيار ڪئي، جنهن کي ”زج الخوارزمي“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. ساڳئي وقت هن هڪ نهايت عظيم ڪتاب، الحساب الجبر والمقابله“ تيار ڪيو، جنهن جي معرفت آلجبرا جي سائنس وجود ۾ آئي. ٽرانگونوميٽري جي سائنس پڻ الخوارزميءَ جي محنتن جو نتيجو آهي، جا ”الگورزم“ جي نالي سان وسطي دور ۾ مشهور هئي. الخوارزميءَ کانپوءِ حسابن تي ٻيو مستند ڪتاب المقنع في حساب- الهندي آهي جو علي بن احمد نسويءَ لکيو. ابوبڪر بن محمد الڪرجيءَ، سڌانت“ کان متاثر ٿي، انگن جي ابجد جي حساب سان ڳڻپ ايجاد ڪئي[6] جا اصل ۾ رومين وٽ موجود هئي. علم حساب جي ٻين ماهرن، جهڙوڪ ابو ريحان البيروني، ابوعبدالله بستاني، عمرالخيام، وغيره پڻ پنهنجين تصنيفن ۾ اهو اعتراف ڪيو آهي ته حسابن ۾ سندن علمي لياقت جو دارو مدار سڄو سارو هندي سائنس تي هو. حساب جي مشهور ماهر يعقوب بن طارق جو چوڻ آهي ته عربن کي هڪ هزار کان وڌيڪ حساب ڪرڻ ڪو نه ايندو هو، ان ڪري کين وڏن حسابن ڪرڻ ۾ ڏاڍي مشڪلات درپيش ايندي هئي، پر هندستاني ڪتاب ”کنڊا کانڊيڪ“ جي ترجمي کانپوءِ اها تڪليف دور ٿي ويئي، ۽ پوءِ ڪروڙن جو حساب نهايت آسانيءَ سان ڪري سگهبو هو، جيئن ته انهيءَ ساڳئي دور ۾ يونان جي مشهور عالم بطليموس (Ptolemy) جو ڪتاب ”المجستي“ به ترجمو ٿيو هو، ان ڪري ابوبڪر الڪرجيءَ انگن ۽ اکرن کي ملائي، هڪ جامع ۽ مستند ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو ”الڪافي في الحساب“ رکيائين. انهيءَ ڪتاب ۾ هاڻوڪي علم حساب جا مسئلا جهڙوڪ جُزن جو ورهاڱو (Division of Fractions) ۽ پڻ چورس ۽ ڇهه- ڪُنڊي بنياد جي اصليت (Extraction of square and cubicroot) نهايت جديد طريقي سان سمجهايا ويا آهن.[7]

نصيرالدين طوسيءَ پڻ علم حساب تي هڪ ڪتاب ”المتوسط“ لکيو آهي، جو عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ موجود آهي، سندس ٻيو مشهور ڪتاب ”قوائد الهندسيه“ جاميٽري جي سائنس تي آهي- جنهن ۾ هنديءَ جي مشهور ڪتاب ”سلوا سوتراس“ کان مدد ورتي ويئي آهي. تاريخ اسلام ۾ سڀ کان وڏو جاميٽريءَ جو ماهر ثابت بن ڪره سمجهيو وڃي ٿو، پر هن جي تحقيقات گهڻو ڪري يوناني عالمن، جهڙوڪ اڪليدس (Euclid) بطلويموس (Ptolemy) ۽ اپولونيس (Appolonius) جي ڪتابن تي منحصر هئي- اهي سڀ ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته حسابن جي دنيا ۾ سنڌي (هندي) ڪتابن جو عربن تي تمام گهڻو اثر رهيو. سنڌي حسابن ۾ وڏي مهارت رکندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو عرب واپارين وٽ بغداد ۽ ٻين مکيه شهرن ۾ خزانچي هميشه ڪو نه ڪو سنڌي هوندو هو.[8] هندو حسابي سائنس جو بلند پايه هجڻ ”واجسينيتي سمهيتا“، ”ڪٿا ڪا سمهيتا“ ”بستا پٿا براهمنا“، ”لليتا وستارا“، ”چندا سوترا“، ”مهاڀارتا“ ۽ ٻين ڪتابن مان ظاهر آهي، جن ۾ نهايت جديد مسئلا علم حساب تي حل ڪيا ويا آهن.  الخوارزمي، النسوي ۽ الڪرجيءَ جا ڪتاب پوءِ لئٽن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا، ۽ اهڙيءَ طرح حسابن جو علم يورپ جي قومن تائين پهتو. حڪمت ۽ طب جي علم ۾ پڻ سنڌ مان آندل ڪتابن عرب دنيا ۾ جن انقلاب آڻي ڇڏيو، جنهن جو اعتراف واضح لفظن ۾ وسطي دور جي عالمن پنهنجي تصنيفات ۾ ڪيو آهي. ابن نديم جي ”الفهرست“، ابن ابي اصيبيـﮧ جي ”عيون الانبياء“ قفطيءَ جي ”اخبار الحڪماء“، صاعد اندلسيءَ جي ”طبقات الامم“ ۽ پڻ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن ۾ سنڌي طب جو اُتم هئڻ ثابت ٿيو آهي. انهيءَ جي تصديق سنسڪرت ۽ علم حساب جي ماهر البيرونيءَ به ”ڪتاب الهند“ ۾ ڪئي آهي. سڀ کان پهرين هندستان جي ٻن مشهور طبيبن شسئرٽ (Sushratta) ۽ چرڪ (Charaka) جي ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن مان پهريون ڪتاب ماڻڪ نالي هڪ سنڌي طبيب، برمڪي وزير خالد جي حڪم سان، هنديءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ٻيو ڪتاب فارسيءَ ۾ اڳي ئي ترجمو ٿي چڪو هو ۽ ان جو عربيءَ ۾ ترجمو عبدالله بن عليءَ ڪيو. ان کانپوءِ، سون جو تعداد ۾ سنڌ مان آندل ڪتابن جا ترجما ٿيا، پر انهن جا اصلي نالا مفقود ٿي ويا ۽ مٿن نوان عربي نالا پيا. جهڙوڪ سند شان (سنديسن)، استانگر، سد برم (ستيا ورم)، نمودار في الاعمار، اسرار المواليد، قرانات الڪبير، قرانات المغير، ڪتاب في التوهم، زجر الهند، وغيره[9] ڏٺو ويندو ته: عربي طب جي هر هڪ شعبي ۾ سنڌي ڪتابن جو اثر نمايان طور ظاهر آهي ۽ عربن نهايت ايمانداريءَ کان ڪم وٺي اها ڳالهه قبول ڪئي آهي. مختلف بيمارين جو احوال، انهن جي سڃاڻپ، تيمارداري، دوائن جا مرڪب ۽ علاج وغيره نهايت سهڻيءَ ۽ سليس ٻوليءَ ۾ سمجهايل آهن، ۽ هاڻوڪيءَ طبي امداد جي اصولن کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهي. طب جي علم ۾ عربن ٻين قومن کان به گهڻو ڪي پرايو، خاص ڪري يوناني کان، جن ۾ حڪيم جالينوس (Galen) ڪافي مشهوري رکي ٿو.

علمِ طب ۾ عربن وڏا حڪيم پيدا ڪيا، جن ۾ يوحنا بن مامويه، جبريل بن بختشوع، حنين بن اسحاق، جابر بن حيان، ثابت بن قره چڱي مشهوري رکن ٿا. پر جن حڪيمن پهريون دفعو سائنٽيفڪ طريقي سان علاج ڪيو ۽ ڪتاب لکيا، تن ۾ علي بن سهل ربان طبري، محمد بن زڪريا رازي، علي بن عباس مجوسي، ابو علي حسين ابن سينا، ۽ علي بن عيسيٰ جا نالا قابل ذڪر آهن. سائنٽيفڪ طريقي سان علاج ڪرڻ جو ڏانءُ هنن حڪيمن سنڌ جي آندل ڪتابن جي مطالعي کانپوءِ ڪرڻ شروع ڪيو، نه ته ان کان اڳ يوناني طب جو زور هو. علي طبريءَ پنهنجي مشهور ڪتاب ”فردو الحڪماء“ (سياڻن جي جنت) ۾ صاف طور ٻڌايو آهي ته طب ۾ سندس مهارت جو سڄو دارو مدار اصول يوناني طب کان اعليٰ ۽ وڌيڪ موثر ثابت ٿيا آهن.[10]

محمد بن ذڪريا رازي عربي طب ۾ نهايت وڏو درجو رکي ٿو، ۽ هن انهيءَ سائنس تي 113 وڏا ڪتاب ۽ 28 ننڍا ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ”الهاوي“ (کليل، جامع، ڪشادو) سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي. رازيءَ اهو اعتراف ڪيو آهي ته سندس لکيل ڪتابن ۾ سنڌي ڪتابن مان وڏي مدد ورتي ويئي آهي ۽ ”فردوس الحڪماء“ جو ته اڌ جو اڌ ڪتاب ششرت جي ڪتاب جو ترجمو آهي، جنهن ۾ طبريءَ وضاحت لاءِ اضافا ڪيا آهن. چرڪ جي مشهور ڪتاب ”ندان“ جوبغداد جي بيت الحڪمت ۾ ترجمو ٿيو هو، تنهن ۾ 404 جدا جدا بيمارين جي سڃاڻپ (Diagnosis) ۽ انهن جي علاج مفصل طور بيان ڪيل آهي.[11]

عرب حڪيمن به اهي ساڳيا طريقا بيمارين جي سڃاڻپ ۽ علاج متعلق اختيار ڪيا هئا، ۽ اهي پنهنجي ڪتابن ۾ ورجائي لکيا آهن.  ”الهاوي“ جو سڀ کان پهريون ترجمو فرج بن سليم نالي هڪ يهوديءَ، چارلس پهرئين (اُنجو) جي حڪم تي، 1279 عيسويءَ ۾ لاطين ٻوليءَ ۾ ڪيو، ۽ اهو ڪتاب صدين تائين يورپ ۾ ”طب جي انسائيڪلوپيڊيا“ سڏجڻ لڳو. علي المجوسي، هندي ڪتابن کان متاثر ٿي، طب جي دنيا ۾ پهريون دفعو  اها ڳالهه ظاهر ڪئي ته ٻار ڄمڻ وقت خود بخود ٻاهر نه ٿو نڪري اچي، پر اهو ڳيهڻ جي رڳن جي سڪڙجڻ (Contraction) جي ڪري ڌڪجي ٻاهر ٿو نڪري.[12] ڏٺو ويندو ته: اها ڳالهه سنڌ جي مشهور ڪتاب ”اسرار المواليد“ ۾ موجود هئي، جنهن کي علي المجوسيءَ عام ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ ڪڍي پڌرو ڪيو. ماتا ۽ ارڙيءَ جو علاج ۽ انهيءَ ۾ صفائي رکڻ جا طريقا به هندي ڪتابن جي ئي اثر هيٺ ڪم آندا ويا، ڇاڪاڻ ته ان کان بستري تي پيل مريض متعلق (Clinical) ڪي به اصول اڳي استعمال نه ڪيا ويا هئا. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ هندو عورتون ماتا ۽ ارڙيءَ جي علاج ۾ ماهر هونديون هيون ۽ بستري تي پيل مريض جو علاج نه فقط صفائيءَ ۽ سٺائيءَ سان ڪيو ويندو هو، پر انهن کي وندرائڻ لاءِ لوليون پڻ ڳائي ٻڌايون وينديون هيون. وسطي دور جو مشهور  (طبيب ابن سينا، جنهن کي عربن“. شيخ الرئيس“ جو لقب ڏنو هو، تنهن پڻ پنهنجي ڪتابن ۾ هندي طب کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي. علم طب تي هن 21 وڏا ۽ 24 ننڍا ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ”قانون في الطب“ (Canon) دنيا جي مشهور ۽ عمدن ڪتابن مان هڪ تصور ڪيو وڃي ٿو. ابن سينا پنهنجي ڪتابن ۾ اهو بيان ڪيو آهي ته: هن طب جا ڪيترائي اصول هندي، ايراني يوناني ڪتابن تان نقل ڪيا آهن. عمر بن ابراهيم الخيام، جو سلجوقي دور جو سائنسدان هو، تنهن ٻڌايو آهي ته هن سلطان سنجر جو ماتا ۾ علاج هندي نسخن مطابق ڪيو، ۽ هو چڱو ڀلو ٿي ويو، اهو ئي سبب آهي جو کيس شاهي طبيب مقرر ڪيو ويو، ۽ اصفهان جو مشهور رسدگاهه (Observatory) سندس حوالي ڪيو ويو. هن رسدگاهه ۾ مشاهدا ڪري، جو هاڻوڪي شمسي ڪئلينڊر کان به وڌيڪ صحيح آهي، خيام جي ڪئلينڊر موجب، سال ۾ 365 ڏينهن 5 ڪلاڪ ۽ 49 منٽ آهن. محمد بن جابر مبتني موجب، 365، ڏينهن 5 ڪلاڪ 46 منٽ ۽ 24 سيڪنڊ آهن. بطليموس موجب 365 ڏينهن 5 ڪلاڪ 55 منٽ برهمگپت موجب 365 ڏينهن 6 ڪلاڪ 9 سيڪنڊ ۽ هاڻوڪي حساب موجب 365 ڏينهن 6 ڪلاڪ 9 منٽ 239 ڀاڱي 100 سيڪنڊ آهن.[13]

عرب دنيا ۾ سڀ کان پهرين اسپتال ۽ شفاخانن جو رواج به سنڌي ڪتابن جي اثر هيٺ پيو، ۽ انهن کي ”بيمارستان“ سڏيو ويندو هو. ”بيمارستان“ فارسي لفظ آهي، ۽ ڏيکاري ٿو ته: اسپتالن جوبنياد ايراني اثر هيٺ، بغداد ۽ ٻين شهر ۾ پيو سڀ کان پهرين ايران ۾ اسپتال نوشيروان جي زماني ۾ قائم ٿي، جا حڪيم بروزيه جي چوڻ تي وجود ۾ آئي هئي، جنهن کي ساساني بادشاهه واديءَ سنڌ مان جڙين ٻوٽين ۽ طب جي ڪتابن هٿ ڪرڻ لاءِ موڪليو هو.[14] هونئن به انسانذات جي تاريخ جي مطالعي مان ظاهر ٿو ٿئي ته بيمار مريضن جي علاج ۽ رهائش لاءِ سڀ کان پهرين شفاخانا برصغير پاڪ- هند ۾ ئي ٺهرايا ويا هئا.  مشهور چيني سياح فاهيان، جو 400 عيسويءَ ڌاري برصغير ۾ آيو هو، تنهن جو چوڻ آهي ته: پاتلي پتر جي مشهور شهر ۾ وڏو شفاخانو موجود هو، جنهن ۾ غريبن ۽ مسڪينن جو مفت علاج ٿيندو هو. ضرورت موجب کين دوا ملندي هئي ۽ انهن جي رهائش ۽آرام جو پورو پورو بندوبست ٿيل هو. هيون چانگ به انهيءَ ڳالهه جي تصديق ٿو ڪري، ۽ ٻڌائي ٿو ته هن متي پور، مٿرا ۽ ملتان ۾ دواخانا ڏٺا، جتي وڏي ۽ ننڍي، غريب ۽ شاهوڪار کي دوا ملندي هئي. نه فقط دوا مفت ۾ ڏني ويندي هئي، پر ان سان گڏ کين کاڌو ۽ ڪپڙو به ڏنو ويندو هو.[15]

حمل فاسد ۽ زنانين بيمارين ۾ پڻ هندي حڪيمن جي مهارت نه فقط عربن تسليم ڪئي آهي، بلڪه انهيءَ جو اعتراف يورپ جو مشهور عالمن پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر سيل جو چوڻ آهي ته شاگردن جي مشاهدي ۽معائني لاءِ هندستان ۾ تازن پوريل لاشن تي ئي عمل جراحي ڪيو ويندو هو، ۽ اهو ساڳيو طريقو بغداد جي مشهور حڪيمن، علي بن سهل ربان طبريءَ ۽ محمد بن زڪريا رازيءَ استعمال ڪيو. مسٽر بيور نالي هڪ عالم جو چوڻ آهي ته ”اڄ به مغربي دنيا هندستان جي جراحي جي علم مان گهڻو ڪي پرائي سگهي ٿي. مثال طور: هنن وڍيل نڪ جي جوڙڻ جي ترڪيب جي سکيا به انهن کان ئي ورتي آهي.[16] هندي طب جو عربن تي اثر انهن دوائن  ۽ نسخن جي نالن مان ملي ٿو، جي وسطي دور ۾ عرب دنيا ۾ رائج ٿي ويا هئا. اهي نالا هي آهن: صندل (چندن) تنبول (پان، سنسڪرت: مُسکا)، ڪافور (ڪافور)، فوفل (سوپاري، سنسڪرت: پوگا، ڦلا)، زنجبيل (سنڍيا ادرڪ)، هيل (الائچي)، جائفل (جائيفل)، هليليـﮧ (هريڙ)، بليلع (ٻهيڙا)، آملـﮧ (آنئورا)، ليمون (ليمون)، نارجيل (ناريل) قونفل (لونگ، نيلوفر (نيلوفر)، قسط (ڪُٽ)، تمر هندي (گدامڙي)، نيل (نير)، وغيره.[17]

عربن وٽ مشهور دوا جو نسخو ”اطريفل“ اصل ۾ سنڌي لفظ ”ٽڦلو“ مان نڪتل آهي، جنهن ۾ ٽي دوائون هريڙ، آنئورا ۽ ٻهيڙا، ملايون وينديون هيون. ساڳيءَ ريت، ”انبجات“ نالي دوا پڻ هندستان ميوي ”انب“ (جنهن کي عرب ”انبج“ سڏيندا هئا) ۾ ماکي، ليمون ۽ هريڙ ملائي ٺاهي ويندي هئي. سنڌ جو مشهور کاڌو ”ڀت“ پڻ عرب دنيا ۾ ”بهطـﮧ“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو، جو بيمارن کي مرض جي دوران کارايو ويندو هو.[18]

الخوارزميءَ جو چوڻ آهي ته:  اهو کاڌو چانور ۽ کير ملائڻ سان تيار ڪيو ويندو هو. اڄڪلهه جا طبيب به بيمارن کي ڀت ۽ کير جو ڏس ڏيندا آهن ۽ مرچ، کٽاڻ ۽ مڇيءَ کان پرهيز ڪرائيندا آهن.برصغير پاڪ- هند جي ٻين مشهور شين جن عربن جي دل ۽ دماغ تي اثر ڪيو ۽ انهن کان واقف هئا، انهن مان ڪن جانالا هي آهن:

عنود الهندي، عنبر، سنبل، خولنجاب، دارچينسي، فلفل (ڪاريون مريون)، توتيو، بيد، ڪُمَ، ساج (ساڳ)، گيندي ۽ هاٿيءَ جا ڏند، موز (ڪيلو، هندي: موشه) ڪارو لوڻ،قرمز (قمرچي) خوشبودار کؤنر، بادام وغيره. [19]

اهي شيون به دوائن ۾ استعمال ٿينديون هيون، ۽ اڄ به استعمال ڪيون وڃن ٿيون. علم جراحي (Surgery) جو علم برصغير پاڪ، هند جي ڏات آهي. جنهن مان عربن گهڻو ڪي پرايو. چرڪ ۽ ششرت انهيءَ فن ۾ ماهر هئا، ۽ جيئن ته: طب جا ٻيا اصول سندن ڪتابن ۾ موجود آهن، ان ڪري جراحي جي طريقن تي به ڪافي بحث ٿيل آهي. ڏٺو ويندو ته: علم صحت جي ٽن موجدن- دووداس، ڀاردواج ۽ اشولي ڪمار، جو ذڪر رگويد ۾ به آيل آهي. مها ڀارت ۾ ڀيشم جو تيرن جي بستري ليٽڻ تي دريوڌن جو جراحن کي سڏائڻ جو ذڪر آيو آهي. اشو گهوش لاءِ ٻڌايل آهي ته هن هڪ پنڊت جو نواسير جو علاج جراحي جي رستي ڪيو هو. ڀوڄ پر ٻنڌ ۾ بيهوش ڪري جراحي جو عمل ڪم آندو ويو هو، جنهن ۾ لوهه جا اوزار استعمال ڪيا ويا هئا. راجائن ۽ ٻين وڏن ماڻهن لاءِ سون ۽ ٽامي جا اوزار ڪم آندا ويندا هئا. اوزار اٺن قسمن جا ٻڌايا ويا آهن.

(الف) وڍيندڙ (ب) چيريندڙ (ج) پاڻي ڪڍندڙ (د) رڳن جي اندر زخم معلوم ڪندڙ (هه) ڏند يا پٿر ڪڍندڙ (و) سير کوليندڙ (ز) سبندڙ ۽ (ح) ٽڪا لڳائيندڙ- جراحيءَ جا ڪل 13 قسم برصغير ۾ عمل ۾ آندا وياآهن. ششرت طب جا ڪل اوزار 101 ٻڌايا آهن، پر باگ ڀٽ انهن جو تعداد 115 ڏنو آهي. بواسير، نواسير، رحم جي بيمارين، پڇي جي مرضن ويم مان پيدا ٿيندڙ بيمارين، وغيره لاءِ جدا جدا اوزار استعمال ٿيندا هئا. اوزارن مان ڪن جا نالا هي آهن: برن وستي، وستي ينتر (سيني ۽ معدي جي صفائيءَ جواوزار)، پشپ ينتر( عضو تاسل جو اوزار) شلاڪا ينتر، منکهاينتر، گرپ شڪر، پرجنن شنڪر، سرپ مک وغيره.[20]

ڏسڻ ۾ ايندو ته بغداد ۾ جراحيءَ جو علم ۽ عمل نهايت دير سان ڪم ۾ آندو ويو. بنو اميه جي دور ۾ جيتوڻيڪ عرب يوباني ۽مصري طب کان چڱيءَ طرح واقف ٿي چڪا هئا پر ان هوندي به سائنٽيفڪ طريقي سان جراحيءَ جي عمل بابت ڪو به مستند مثال نه ٿو ملي. اهو هندي ڪتابن جو اثر هو، جنهن عربن کي علم طب ۽پڻ جراحيءَ ۾ ماهر بنائي ڇڏيو.

بر صغير جا عالم نه فقط انساني طب کان واقف هئا، پر حيوانن جي علم ۾ به کين وڏي مهارت حاصل هئي. شنشرت، جنهن جو مشهور ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو، حيوانن جي علم جو ماهر هو. يونانين جو اهو اعتراف آهي ته ڪکيل ماڻهوءَ جو وٽن ڪوبه علاج ڪو نه هو، پر  هندستان وارا اهڙي مريض کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏين.[21] پر هسپت  جون جيڪي تصنيفون بغداد ۾ گهرايون ويون هيون، انهن ۾ گوويد شاستر چڱي مشهوري رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته: انهن ۾ چوپائي مال جو علاج قلمبند ڪيل آهي. انهيءَ علم ۾ ٻين عالمن جا ڪتاب- جهڙوڪ جئي دت جو ”اشوچڪتسيا، نڪل جون تصنيفون“ شالي هوتر شاستر“ ۽ اشوتنتر“ گن جا ڪتاب ”اشو ايورويد“ ۽ ”اشولڪشن“، پال ڪاپيه جا ڪتاب ”گج چڪتسيا“ ”گج آيورويد“ ”گج ورپن“ ۽ گج ”پريڪشا“، عالم آشڪار آهن، جن ۾ جانورن جا نسل، ڄم، رهائش جو انتظام، انهن جا رنگ ۽ ذاتيون، سندن عيب ۽ هنر، جسم ۽ عضوا، انهن جي بيمارين جو علاج، انهن جي خوراڪ، کين تندرست ۽ مضبوط بنائڻ جا نسخا ۽ ڏندن مان سندن عمر سڃاڻڻ جا قاعدا ٻڌايا ويا آهن.[22]

ابن نديم، ”راءِ“ نالي هڪ پنڊت جو ذڪر ڪندي، ٻڌايو آهي ته: سندس هڪ ڪتاب، نانگن جي قسمن ۽ انهن جي زهرن بابت، عربيءَ ترجمو ڪيو ويو آهي. [23]

عيون الانباءِ“ ۾ پڻ ابنابي اصيبيـﮧ اهڙن ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي.[24]

”پرشيه پران“ ۾ ٻڌايل آهي ته نانگ برسات کان اڳ لڳ ڪندا آهن ۽ ڇهن مهينن جي عرصي ۾ نانگڻ 240 آنا لاهيندي آهي. آنن جو وڏو تعداد نر ۽ مادي کائي ويندا آهن، پر جيڪي باقي بچندا آهن، تن ۾ ٻن مهينن کان پوءِ، ٻچا پيدا ٿيندا آهن. ستين ڏينهن انهن جو رنگ ڪارو ٿي ويندو آهي، ۽ ٻن هفتن کان پوءِ، انهن کي ڏند اچي ويندا اهن.ٽن هفتن ۾ سندن ڏندن ۾ زهر پيدا ٿيندو آهي، ۽ ڇهين مهيني اهي کل ڇڏيندا آهن. انهن جي کل ۾ 240 ور هوندا آهن. سؤت جي ڪتابن ۾ ڪيڙن ماڪوڙن ۽ ريڙهيون پائيندڙ جيون جي مختلف حالتن تي پڻ روشني وڌي ويئي آهي.[25]

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته هندستاني ايو رويدڪ علم عربن جي معرفت يورپ ۾ پهتو. چرڪ ۽ سشرت اڄ به يورپ ۾ مشهور آهن، ۽ انهن جون تصويرون ۽ جراحي ڪرڻ جا طريقا وقت بوقت ولايت مان ايندڙ طبي مخزن ۾ ڏنا وڃن ٿا. حڪيم نياز همايوني صاحب جو ”سنڌ جي طبي تاريخ“ لکي رهيو آهي.  تنهن مون کي جيڪي تصويرون ڏيکاريون، انهن مان هڪڙيءَ تصوير ۾ چرڪ صاحب پنهنجن ٻن ڪمپائونڊرن جي مدد سان هڪ عورت جي نڪ جو آپريشن ڪري رهيو آهي.[26]

پرش ميد يعني انساني قربانيءَ ۾ هڪ هڪ ڪري عضوو وڊيو ويندو هو ان ڪري علم بدن ۽ علم صحت تي هندي طب کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن به قوم وڌيڪ ترقي نه ڪئي.ايورو يدڪ علم به عربن جي معرف يورپ پهتو ۽ اهڙيءَ طرح يورپ جو علم شفا، هندي علمِ طب جو ممنون آهي.[27] موسيقيءَ جي وسيلي طبي علاج ڪرڻ جو رواج به هندستان ۾ نهايت قديم آهي، اڃا تائين جاهل ماڻهن ۾ جاڳر جو رواج موجود آهي. جنهن ۾ ساز ۽ راڳ جي رستي جنن ڀوتن ۽ وڏين بيمارين جوعلاج ڪيو وڃي ٿو. مون پاڻ هڪ لاعلاج مريض، جوعلاج موسيقيءَ جي معرفت ٿيندي ڏٺو، جنهن جا سنڌ سڪي ويا هئا، پر هاڻي اهو چڱو ڀلو ۽ نوبنو ٿي ويو آهي.[28]


[1]  نئين زندگي اپريل 1969ع ص 27، بحواله الفهرست ابن نديم 245 مصر ايڊيشن.

[2]  (نئين زندگي، اپريل 1969ع ص 27، بحواله ”تاريخ الاطباء“، جلد 2 ص 34 (مصر ايڊيشن).

[3]  (نئين زندگي اپريل 1969ع ص 27، بحواله ”تاريخ يعقوبي“ بيروت ايڊيشن، جلد 1، ص 96).

[4]  (نئين زندگي، اپريل 1969ع ص 27، بحواله ”العُروة“ جلد1، نمبر 2، ص 36 (بمبئي)

[5]  (نئين زندگي، اپريل 1969ع ص 27ع ص 27، بحواله ”اخبار الحڪماء“ قفطي ص 177، (مصر ايڊيشن).

[6]  (نئين زندگي، اپريل 1969ع ص 28 بحواله ”عرب و هندڪي تعلقات“ سليمان ندوي، ص 136).

[7]  (نئين زندگي اپريل 1969ع ص 28، بحواله ”هسٽري آف عربس“ ص 379)

[8]  (نئين زندگي اپريل 1969ع ص 28، بحواله ”فخر السودان علي البيضان“، جا خط، ص 81، مصر ايڊيشن، سنڌين کي انهيءَ ڪري پيسا حوالي ڪيا ويندا هئا جو هو نه فقط حساب ڪتاب ۾ چالاڪ هئا. پر ان سان گڏ ايماندار پڻ هئا. عراق ۾ سڀ صراف گهڻو ڪري سنڌي هوندا هئا).

[9]  (نئين زندگي سيپٽمبر 1969ع بحواله ”عيون الانباء في طبقات الاطباء“ (ابن ابي اصيبيـﮧ) مصر ايڊيشن، جلد2، ص 32، ”اخبار العلماء باخبار الحڪماء (علي بن اشرف قططي)، مصر ايڊيشن، ص 174، 175، ”الفهرست“ (ابن نديم)، مصر ايڊيشن ص 435).

[10]  (نئين زندگي، سيپٽمبير 1969ع ص 26، بحواله ”عيون النباء في طبقات الاطباء“ (ابن ابي اصبييـﮧ) جلد 2، ص 32).

[11]  (نئين زندگي، سيپٽمبر 1969ع ص 26، بحواله”عيون الانباء في طبقات الاطباء“ جلد 2، ص 32).

[12]  (نئين زندگي، سيپٽمبر 1969ع ص 27، بحواله ”هسٽري آف عربس“ (هِٽي) ص 367).

[13]  (نئين زندگي سيپٽمبر 1969ع ص 27، بحواله خيام جي ڪئلينڊر کي ”تقويم جلالي“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. 1934ع ۾، فردوسيءَ جي هزار ساله ورسيءَ جي موقعي تي، ايران سرڪار خيام جي قبر تي هڪ منارو ٺهرايو)

[14] (نئين زندگي سيپٽمبر 1969ع ص 28، بحواله ”طبقات الاسم“ صاند اندلسي) بيروت ايڊيسن، ص 13- 14).

[15]  (نئين زندگي، سيپٽمبر 1969ع ص 28، بحواله ”قرون وسطيٰ ۾ هندستاني تهذيب“ (هامهو پاڌيا گوري شنڪر) هندستان اڪيڊمي، الهه آباد، ص 151).

[16]  (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 29، بحواله ”انڊين لٽريچر“ (بيور) ص 270).

[17]   (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 29، بحواله ”المعارف“ نمبر 6، جلد 9، ص 446 ۽ 448).

[18]  (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 29، بحواله ”عرب و هند ڪي تعلقات“ (سليمان ندوي) ص 152).

[19]  (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 29، بحواله ”ڪتاب البلدان“ (ابن فقيـﮧ) ليڊن ايڊيشن، ص 251: ”المسالڪ و المالڪ“ (ابنخرداز ۾)، ليڊن ايڊيشن، ص 71).

[20]   (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 30، بحواله قرونوسطيٰ ۾ هندستاني تهذيب (منها مهتو پاڌيا گوري شنڪر) ص 146).

[21]   (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 30، بحواله ”هسٽري آف ميڊيسن“ (وائيز) ص 9).

[22]  (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 31، بحواله ”قرون وسطيٰ ۾ هندستاني تهذيب“ ص 148.

[23]  (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 31، بحواله الفهرست (ابن نديم) ص 314).

[24]  (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 31، بحواله ”عيون الانباء“ (ابن ابي اصيبيـﮧ) ص 33).

[25]  (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 31، بحواله ”هندو ايچيومينٽس ان اڪزيڪٽ سائنسز“ روني ڪمار (سرڪار) ص 71).

[26]  (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 31، بحواله ”اهي تصويرون ”ريزينا“ نالي هڪ طبي مخزن ۾ ڏنيون ويئون آهن، جا ملان اٽلي) مان نڪرندي آهي.)

[27]   (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع ص 31، بحواله اينشنٽ هندو ميڊيسن (رولي) ص 38).

[28]  (نئين زندگي سيپٽمبر، 1969ع، سامي تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو چوٿين ۽ آخري قسط، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، ص 25، 26، 27، 28، 29، 30، 31).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org