سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 16

صفحو ؛ 33

 

چون ٿا ته جڏهن شاهي قيامت خيز لشڪر، اچي دودي جي ڀائرن تي ڪڙڪيو. تڏهن هو سنڌ جي لشڪر ۽ آس پاس مان هڪ وڏي جماعت گڏ ڪري پنهنجو عيال ۽ اطفال درياء جي ڪناري تي ڇڏي سامهون ٿيا. آخر ٻئي لشڪر سمنڊ وانگيان ڇوليون هڻڻ لڳا ۽ گهڻي خلق ڪٺل ۽ ڦٽيل ٿي. ٻئي ڏينهن دودي پيغام موڪليو ته توهان جيڪڏهن پنهنجي ڪئي کان پشيمان ٿيا هجو ته پوءِ تراريون ڳچيءَ ۾ وجهي اچي اسان وٽ حاضر ٿيو ته توهان جون بي ادبيون معاف ڪيون وڃن. هنن هيءَ ڳالهه پسند نه ڪئي، ۽ ساڳيءَ طرح لڙائي جاري رکندا آيا. نيٺ انهن مان گهڻا ماڻهو قتل ٿي ويا ۽ باقي جيڪي ٿورا وڃي رهيا، سي پنهنجا ٻار ٻچا وٺي ابڙي نالي (هڪ شخص) وٽ ويا.

خبرن جا نقل ڪندڙ هن طرح روايت ڪن ٿا ته ابڙي وٽ سومرن جي ٻارن ٻچن وڃڻ کان پوءِ هن پنهنجن ڀائرن جي جماعت کي گڏ ڪري پنهنجي لشڪر کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ايتري ۾ دودي سومري ابڙي کي پيغام موڪليو ته ”تون هڪ نهايت ضعيف ماڻهو آهين تنهنجو هنن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو؟ جيڪي به باقي بچيل خواهه ڀڳل (سومرا) ۽ ٻار ٻچا تون وٽ آيا آهن سي بنا هٻڪ جي هيڏانهن ڏياري موڪليو. توهان سان ڪا به گفتگو يا قيل مقال ڪانه رهندي“ ابڙي جواب ۾ هن طرح پيغام موڪليو ته ”شال ائين خدا نه گهريو هجي! ته جيڪي عورتون اسان جي سام پيو هجن تن کي تو ڏانهن ڏياري موڪليان. الله پاڪ جي مهرباني ۽ حضرت بادشاهه جي بخت جي برڪت سان اميد آهي ته: هي ٻه چار صاعفائون (زالون) اسان کي ڪو به هرج ڪونه رسائينديون. هن بندي کان اهڙو ڪوبه ڪم نه ٿيندو جو شرمندگي ۽ ڪنڌ هيٺ ڪرڻ جو باعث هجي“.

انهيءَ کان پوءِ دودو پنهنجو لشڪر سينگاري ابڙي ڏانهن روانو ٿيو. هوڏانهن ابڙو پنجاهه سوار وٺي محافظ بنجي پنهنجي لشڪر جي چوڌاري چڪر لڳائي رهيو هو ته: اوچتو دودو هڪ وڏي لشڪر ۽ گهڻي خلق سان پري کان ظاهر ٿيو. ابڙو انهن ئي پنجاهه سوارن سان مست هاٿي ۽ گجندڙ شينهن وانگر صف سنواري لڙائيءَ جي ميدان ۾ گهڙي پيو ۽ ٻنهي طرفن کان بهادرن جون گجگوڙيون ۽ هڪلن جو آواز آسمان ۾ گونجڻ لڳو. ابڙي ثابت قدم رهي ڪيترن کي قتل ڪري ڇڏيو. بادشاهه جي فتحمند لشڪر درياء وانگر ڇولين تي ڇوليون (ٿي هنيون) ۽ هڪٻئي پٺيان فوجن مٿان فوجون پهچي رهيون هيون. ابڙو، جو ساهه کان هٿ ڌوئي چڪو هو، تنهن ڪيترن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ پڻ ڦٽجي بهادريءَ جو حق بجا آندائين. آخر لشڪر چئني طرفن کان حملو ڪري ڌڪ هڻي کيس گهوڙي تان ڪيرائي قتل ڪري وڌو. جيڪي سومرا باقي بچيا تن نهايت نااميد ٿي تراريون ڪڍي، پنهنجا ٻار ٻچا قتل ڪري، پاڻ لڙائيءَ جي ميدان ۾ اچي لڙائيءَ جي باهه ڀڙڪائي. جنهن صورت ۾ حياتيءَ جي اميد ڪانه هين، تنهنڪري هٿ پير هڻن ۾ ڪوبه قصور ڪونه ڪيائون ۽ آخر سڀيئي ڪسي ويا. چون ٿا ته: سومرن جون ست نيڪبخت عورتون، جن اهڙي ته پاڪدامني ۽ پرهيزگاريءَ سان عمر گذاري هئي جو مٿن ڪنهن به نامحرم جي نظر نه پيئي هئي، تن بي پردگيءَ جي خوف کان نهايت زاريءَ سان پروردگار (پاڪ) جي بي وسيلن ۽ فرياد ڪندڙن جو وسيلو آهي، جي درٻار ۾ هٿ کنيا ۽ اميد ڀرين اکين سان دربار ايزدي ڏانهن واجهائڻ لڳيون. سندن دعا بروقت قبول ٿي، زمين ڦاٽي پيئي ۽ اهي ستئي ستيون زمين ۾ هليون ويون. هاڻي اتي ساموئي وٽ درياء جي ڪناري انهن ستن ڀينرن جون قبرون ٺاهي ڇڏيون اٿن، جيڪي ٺٽي جي ماڻهن جي زيارتگاهه آهن.

روايت ڪئي اٿن ته: گهڻي ڪوس ۽ ڪوشش کان پوءِ سارنگ خان دودي کي ٺٽي جي حڪومت جي گاديءَ تي ويهاري، پاڻ ڪن ٿورن ماڻهن سان موٽي ويو. دودي انهيءَ کان پوءِ ڪي سال خود مختيار رهي حڪومت هلائي. وڌيڪ ڄاڻڻهار ڄاڻي ٿو.

 

تحفته الڪرام 456 ۽ 457 تي لکيل آهي ته:

ڇوڪرين جي زمين ۾ گهڙي وڃڻ جو واقعو

چون ٿا ته: سومرن جي اولاد مان، ست سهڻيون، پاڪدامن، تارڪ دنيا ۽ خدا پرست ڇوڪريون هونديون هيون، جيڪي تلهار جي ڳوٺ ۾ شاديءَ جي لالچ رکندڙن ماڻهن جي ظلم کان پاسو ڪري، اصحاب ڪهف وانگيان، گمناميءَ جي گوشي ۾ رهنديون هيون. انهن ڏينهن ۾ سيد يعقوب مشهدي، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، ڏاڍي پيراڻي شان شوڪت سان اچي اتان لنگهيو. مٿيون ستئي ڄڻيون دشمن جي ڊپ کان هن سيد جي امان وٺي اچي ”ساموئي“ ۾ پهتيون. اتفاقاً هتي پڻ رئيسن جي هڪ ٽولي سندن خواهان ٿي پئي. پر جئن ته: هي راضي نه ٿي ٿيون. تنهن ڪري کين قيد ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر مقرر ڪيائون. هڪڙي ڏينهن جيئن دستور موجب، هيءُ باک ڦٽڻ کان اڳ ۾ درياهه تي غسل ڪرڻ لاءِ ويون هيون، تئن، انهن وٽن پهچي پنهنجي مطلب جي گهر ڪئي. جنهن تي شيخ جندي پاتڻي حقيقت معلوم ڪري، ڇوڪرين کي درياء ٽپائي ڇڏيو. دشمنن پڻ انهيءَ ڊپ کان ته متان ڪنهن پناهه جي جاءِ تي پهچي وڃن، سندن تعاقب ڪيو. جنهن صورت ۾ عاجزن لاءِ خدا پاڪ کانسواءِ ٻي ڪا پناهه ڪانهي، تنهنڪري، انهن پاڪدامن ڇوڪرين، الله جي درگاهه ۾ ٻاڏائي زمين کان پنهنجي ڍڪ ڍڪڻ جي درخواست ڪئي. اها زمين هڪدم انهن ستن ئي ڇوڪرين کي ڳهي ويئي. انهيءَ ڏينهن کان وٺي هيءُ واقعو دنيا لاءِ عبرت آهي ۽ انهن معصوم نياڻين جو آرام گاهه عام خلق لاءِ زيارت گاهه آهي.(1)

”تاريخ طاهريءَ“ ۾ لکيل آهي ته:

دلوراءِ جي انڌيري کان پوءِ، سنڌوندي اروڙ وٽان رخ بدلائي سيوهڻ وٽان وهڻ شروع ڪيو ته: انهيءَ پاسي جون سڪيون ٻنيون سايون ٿي ويون، ٻئي طرف سومرن جا وسندڙ پٽ پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪري ڀڙڀانگ ٿي ويا. دودي سومري ماڻهن جي ڪلهن تي ڏنڀ ڏيڻ جي جيڪا رسم شروع ڪري ڏني هئي.(2)

سلطان انهن مظلومن جي دانهن ورنائي، سالار نالي پنهنجي سپهه سالار جي اڳواڻي ۾ سومرن مٿان لشڪر چاڙهي موڪليو. هيڏانهن سومرن به پوري تياري ڪري ڇڏي ۽ پنهنجا ڪٽنب ابڙي آبڙاڻيءَ جي سام ۾ ڏئي آيا. اهو ابڙو به سمو هو. جنهن سومرن جي آزار کان سنڌ ڇڏي وڃي ڪڇ ۾ پناهه ورتي هئي، جيئن هن کان اڳ سمن، سومرن واري ويڙهه بابت بيان ٿي چڪو آهي. هنن ٻنهي قومن ۾ سندن اڳوڻي رواج مطابق مڱڻهارن، ڀٽن ۽ چارڻن جو وڏو مان هوندو هو. جيڪي اڃا تائين سندن سورهيائي جا داستان ڳائيندا اچن ٿا.

سومرن پنهنجا ڪٽنب ابڙي وٽ سام ڇڏي اچي علاءالدين جي لشڪر سان جنگ جوٽي جنهن ۾ ساهڙ نالي دودي جو سپهه سالار مارجي ويو ۽ ٻين کي مايوس ٿي ميدان ڇڏڻو پيو. شاهي لشڪر اتان واندو ٿي سومرن جي ڪٽنب پٺيان روانو ٿيو. محمد طور کان وٺي ڪڇ تائين منزلون هڻندو ويو، جتي به رات ٿي پئي، ته ابڙي جي ڏهڪاء کان چوڌاري کاهيون کوٽائي انهن جي وچ ۾ داٻو ٿي ڪيائين اهي کاهيون ايڏيون ته وڏيون هيون، جو ڀانء ته شاهي لشڪر ڪي تلاء تيار ڪرائي ڇڏيا هئا، آخر لشڪر وڃي ڪڇ جي حدن ۾ شامل ٿيو. ايتري ۾ ابڙي سمي به پريان منهن ڪڍيو، جو مڙسيءَ سان پاڻ ملهائي پنهنجا پساهه پورا ڪري ويو. پڇاڙيءَ شاهي لشڪر انهن عورتن مٿان ڪاهي پيو، جن ويچارين، سڄي ڄمار ۾ ڪنهن اوپري جو پاڇو به ڪونه ڏٺو هو. هنن لاءِ خدا کانسواءِ ڪو وسيلو نه رهيو. شاهي لشڪر جي پهچڻ کان اڳ ڌڻيءَ در دانهون ڪرڻ لڳيون. الاهي! اسان کي توکانسواءِ ڪنهن جو به آسرو ڪونهي، تون جبل کي حڪم ڪر ته اسان کي امان ڏي. جيئن ظالمن جا هٿ اسان جي دامن تائين پهچي نه سگهن. خدا جيڪو سڀني قريبن کان قريب تر آهي، جنهن جي دوستي وقت تي واقعي مددگار ثابت ٿئي ٿي، تنهن هنن جون آزيون اگهايون. هڪدم جبل ڏري پيو ۽ سڀئي پاڪدامن زالون ان ۾ داخل ٿي ويون ۽ جبل وري جيئن هو تيئن ٿي ويو، پر ڪن زالن جي پوتين جا پلاند ٻاهر رهجي ويا هئا. جڏهن شاهي لشڪر اچي اتي پهتو ته پوتين جا اهي ٻاهر نڪتل پلاند ڏسي عبرت ۾ پئجي واپس هليو ويو. اهي نشان اڃا سوڌو ڪڇ جي پاسي موجود آهن.(1)

تبصرو: اسان کي بلوچ صاحب جي پيش ڪيل سگهڙن جي بيانن ۽ روايتن ۽ شاعرن جي شاعريءَ مان سومرن جي سومرين عورتن جو پڻ ابڙي ڏانهن سام ٿي وڃڻ بلڪل ڪوڙ ۽ ڏند ڪٿا تي مبني ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

ڇاڪاڻ ته:

صابر نوحاڻي سامن جو تعداد اڍائي لک ٻڌائي ٿو. ڪن بيانن ۾ سومرين ماين سامن جو تعداد ست بيان ڪيو ويو آهي. بعض جو چوڻ آهي ته: ست ويهون يعني 140 سومرن ماين سامن جو تعداد هو. هڪ روايت موجب، سومرين عورتن سامن جو تعداد 9 ۽ ساڻن گڏ 900 دايون مايون بيان ڪيو ويو آهي. بعض روايتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته: سومريون عورتون سامون دودي سومري جي شهيد ٿي وڃڻ کان پوءِ، دودي جي ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ سان گڏجي، روپاهه يا وڳہ ڪوٽ مان ابڙو ڏانهن روانيون ٿيون هيون. هڪڙا لکن ٿا ته: دودو سومرو جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ پنهنجيون سومريون عورتون ابڙو وٽ سام ڪري ڇڏيو آيو هو. ڪن جو وري انهيءَ حقيقت جي برعڪس چوڻ آهي ته: چنيسر سومرو پنهنجيون سومريون عورتون پنهنجي يار جوڻيجو ابڙو وٽ پاڻ سام ڪري ڇڏي آيو هو. ڪن جو وري هي به چوڻ آهي ته: دودي پنهنجيون سومريون پنهنجي ڀائٽي محمد خان يا پنهنجي در جي ڀان يا ڀاڳ فقير جي معرفت سام ڪري موڪليون هيون. ڪن جو چوڻ آهي ته: جڏهن سومريون مايون سام ٿي، ٻاگهل ٻائيءَ جي قيادت ۾ رامڏيي سمي، جنهن جو نالو پڻ ابڙو هو، ان وٽ سامون وٺي پهتي ته: رامڏيي ٻاگهل ٻائيءَ کي طعنو ڏنو ته: پنهنجا مارائي، هاڻ اسان کي مارائڻ آئي آهي. جڏهن سامون مهڙ ڄام نوتيار جي ملڪ مان مٽيون ته: هن سندن آجيان ڪئي ۽ کين ڏڍ ڏيئي، اڳتي حفاظت سان روانيون ڪيون. پوءِ جڏهن عالادين جو لشڪر آيو ته: جنگ ڪيائين ۽ پنڌرنهن هزار لشڪر ماري، پوءِ پاڻ مئو. ڪن جو چوڻ آهي ته: سامون ابڙي جي نالي جي پويان ڀلجي ابڙو جوڻيجو وٽ ويون هيون. جو ڀانيائون ته: اهو ئي ابڙو سمو آهي. جنهنڪري ابڙو جوڻيجو پنهنجيءَ ماءُ ۽ گهر واريءَ جي چوڻ تي، سومرين عورتن کي پنهنجيءَ سام ۾ نه ورتو. جڏهن ته: مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته: ابڙو جوڻيجو جو چنيسر جو يار هو، هو بذات خود پنهنجيون عورتون وٽس سام ڪري ڇڏيو آيو هو. پوءِ ابڙو جوڻيجو جو پنهنجيءَ ماءُ ۽ گهر واريءَ جي چوڻ تي، سومرين عورتن کي امان نه ڏيڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟

ڪن روايتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته: جڏهن سامون ابڙي جوڻيجي جي ماڳ تي آيون ته: پاڻ ڪو نه هو. سامن کي جيڪو رکو جواب ڏنو سو سندس ماءُ ڏنو هو. جنهن تي اهي مڏي کڻي اڳتي روانيون ٿي هليون ويون هيون. جڏهن ابڙو جوڻيجو موٽي پنهنجي ماڳ آيو ۽ کيس ماڻس ڳالهه ڪري ٻڌايس ته ڏمريو ۽ پوءِ جڏهن عالادين مٿس چڙهي آيو ته: هو سندس ”تيرهن تنبي“ لشڪر ۾ پيو ۽ گهڻا ماريائين ۽ مڙس ٿي پاڻ ملهايائين.

اسان کي انهن مڙني بي بنياد هڪ ٻئي کان مختلف سگهڙن ۽ شاعرن جي بيان ڪيل بيانن ۽ روايتن مان صاف ۽ واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته: نه صرف سومرين ماين جو تعداد متضاد ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر نه وري ڪو انهن جو ڪنهن ابڙو سمو يا ابڙو جوڻيجي جو امان ۾ وٺڻ پڻ ثابت ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري سومرين عورتن جو ابڙو وٽ سام ٿي وڃڻ پڻ هڪ ڏند ڪٿا کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.

تاريخ ريگستان

اسان کي هن کان اڳ ۾ پيش ڪيل به عنوان ”علاؤالدين جي سنڌ تي ڪاهه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته: سومرين عورتن جو ابڙو ڏانهن سام ٿي، وڃڻ جو تعداد 140 هو ۽ اهي ڌڻيءَ در دعا گهرڻ تي، زمين ڦاٽي پوڻ سان، زمين دوز ٿي ويون هيون. مگر بحواله امر ڪوٽ اتهاس جي مطابق، پناهه ۾ ويل سومريون عورتون ڪڇ جي راجپوتڻين عورتن سان گڏ، باهه ۾ جلي ميون يعني جوهر ڪيو هئائون.(1)

مسٽر رائچند ته: بذات خود، سومرين عورتن جو ڌڻيءَ در دعا گهرڻ تي، زمين دوز ٿي وڃڻ لکي ٿو، پر تاريخ امرڪوٽ جو مصنف وري انهن سومرين عورتن جو ڪڇ جي راجپوتڻين هندو عورتن سان گڏ، بيواجبي سڙي مرڻ لکي ثابت ڪري ٿو ته: سومريون عورتون مسلمان نه، پر غير مسلم هندو راجپوتڻيون عورتون هيون. هاڻ جيئن ته: سومرا صاف ۽ واضح طور عرب مسلمان ثابت ٿي چڪا آهن، سو هن بيجا حقيقت کي ڪوڙ تي مبني سمجهڻ ۾ ڪو به وڌاءُ هرگز نه ٿيندو ته سومريون عورتون جوهر ڪري نه ميون هيون.

توضيحات معصومي

”توضيحات معصوميءَ“ جي پيش ڪيل عبارت تي، تبصرو ڪندو، رنڇوڙ جي صاحب لکي ٿو ته:

هي روايت ۾ اصليت کي ڇپايو ويو آهي، ۽ دودي سومره کي ظالم، جابر، پنهنجيءَ قوم جي عورتن سان بدسلوڪيءَ ڪرڻ وارو، ۽ خدا بهتر ڄاڻي ٿو ته: ڇا ڇا نه الزام لڳايا ويا آهن. مگر حقيقت صرف ايتري آهي ته: دودي سومري جي حڪومت تي، مغل قبضي ڪرڻ جي واسطي، ڪوشش ۾ هئا، ۽ انهن ڪڇ جي جادون ۽ جاڙيجا راجپوتن کي اڀاري ڪري، سنڌ تي حملو ڪرائي ڏنو. انهن راجپوتن ٺٽي تي قبضو ڪري ورتو، ته: دودي پنهنجي ڀاءُ چنيسر کي باقي سلطنت حوالي ڪري، دهليءَ ۾ سلطان ناصرالدين محمد بن التمش جي درٻار ۾ امداد جي واسطي، وڃي رهيو هو ته: رستي ۾ ملتان جي نزديڪ حضرت پير پٺته رحمته الله عليہ سان ملاقات ٿي. دودي ان کان پنهنجي حق ۾ دعا ڪرائي. حضرت پير پٺه رحمت الله عليہ فرمايو: وڃ اسان سنڌ جي ساري سلطنت، توکي بخشي ڇڏي. الله ڪامياب ڪندو. انهن ڏينهن ۾ اچ ۽ ملتان تي، مغلن قبضو ڪري ورتو هو ۽ سنڌ ۾ راجپوتن جي ذريعي سومرن جي سلطنت جي خلاف بغاوت ڪرائڻ ۾ به، مغلن جو اشارو هو. انهيءَ ڪري، دودو دهليءَ امداد حاصل ڪرڻ جي واسطي، روانو ٿيو.(1)

اسان کي مٿينءَ پيش ڪيل عبارت مان نه صرف دودو سومرو جو دهليءَ جي سلطان ناصرالدين ڏانهن راجپوتن جي حملن کي روڪڻ لاءِ، فوجي ڪمڪ وٺڻ جي واسطي، وڃڻ جو خاص مطلب ۽ مقصد معلوم ٿئي ٿو، پر پنهنجي ڀاءُ چنيسر کي پڻ حڪومت جون واڳون حوالي ڪرڻ مان، اسان کي هيءَ به، پڪي تصديق ۽ خاطري ٿئي ٿي ته: ڀونگر سومرو جي پٽن دودو ۽ چنيسر جي وچ ۾ اقتدار جي جنگ يا ڇڪتاڻ پاڻ ۾ ڪا نه هلندڙ هئي ۽ هو پاڻ ۾ پڻ بلڪل اڪن شڪن ۽ کير کنڊ هئا.

انهيءَ ڪري، چنيسر جو دهليءَ جي سلطان علاؤالدين خلجيءَ ڏانهن پنهنجي ڀاءُ دودو کان حڪومت وٺي ڏيڻ لاءِ، نه صرف، دانهين ٿي وڃڻ غلط ثابت ٿئي ٿو، پر پنهنجيءَ ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ جي سڱ ڏيڻ جي پڻ لالچ ڏيئي، کيس به نفس نفيس يا سندس جرنيل سالار خان سنڌ تي چاڙهي اچڻ به، ازخود غلط ثابت ٿي وڃي ٿو. ان کان علاوه اسان کي جڏهن دودو ۽ چنيسر جو هڪ ٻئي جي خلاف حڪومت وٺي ڏيڻ جي لاءِ به، علاؤالدين جو سنڌ ۾ وٺي اچڻ به، ثابت نٿو ٿئي ته: پوءِ دودو ۽ چنيسر جو پنهنجين سومرين عورتن کي ابڙو سمو يا ابڙو جوڻيجو وٽ سامون ڪري، بذات خود يا محمد خان يا پنهنجي در جي ڀان فقير جي معرفت سام ڪري ڏياري موڪلڻ پڻ ازخود غلط ثابت ٿي وڃي ٿو.

سلطان ناصرالدين محمود بن التمش

ان دور ۾ ناصرالدين محمود هندستان جو جليل الشان بادشاهه هو. تاريخ مان ان جي دور جا چند حالات پيش ڪجن ٿا.

ناصرالدين محمود، غياث الدين بلبلن کي پنهنجو وزير بنايو ۽ الخ خان جو خطاب ڏنو. حڪومت جا ڪم ان جي حوالي ڪيا. خود اڪثر عبادت ۾ گذاريندا هئا. قرآن پاڪ جي لکڻ جي اجرت تي گذران ڪندا هئا. درٻار ۾ عام ۾ شاهي پوشاڪ پائيندا هئا. گهر ۾ درويشن جيان ڦاٽل ٽٽل چتين لڳل ڪپڙا پائيندا هئا. پنهنجيءَ زال جي هٿ جو پڪل کاڌو کائيندا هئا. گهر ۾ ڪابه نوڪرياڻي نه رکي. چوندا هئا ته: سڀ خدا جا ٻانها برابر آهن. پنجاب کي ڪڪڙ قوم جي فساد کان پاڪ ڪيو. بلبن جي ڀائيٽي شير خان کي پنجاب جو حاڪم بنايو. گنگا ماٿريءَ جي سرڪش هندن کي مطيع ڪيو. سنه 648 هجريءَ ۾ ميوات تي قبضو ڪيو. اتان جو راجا هرديو ڀڄي ويو. ان جو قلعو نرور فتح ٿيو. پنجاب جي صوبيدار شير خان غزنيءَ کي فتح ڪري ورتو ۽ دهليءَ جو صوبو بنائي ڏنو. سنه 655 هه ۾ بادشاهه سڀني اميرن رئيسن کي دهليءَ مان ڪڍي ڇڏيو. انهيءَ سال جي آخر ۾ مغلن اچ ۽ ملتان تي زور شور سان حملو ڪيو. جڏهن شاهي لشڪر مقابلي تي پهتو ته: تاب نه جهلي، خراسان ڏانهن ڀڄي ويا. انهيءَ سلطان ناصرالدين محمود جي درٻار ۾ سنه 663 هه ۾ هلاڪو خان جو سفير آيو.

بادشاهه بلبن کي 50 هزار سوار 2 لک پيادا ۽ 2 هزار هاٿي ۽ ٽي هزار آتشبازيءَ جي گاڏين سان گڏ، سفير جي استقبال ڪرڻ جي لاءِ موڪليو. ان جلوس سان گڏ گڏ سفير کي درٻار ۾ آندائون. بادشاهه جي تخت جي چوڌاري ان وقت 25 بادشاهه بيٺا هئا، جن مغلن جي هٿان دهليءَ ۾ پناهه ورتي هئي. انهن ۾ سنڌ جو حاڪم دودو سومره به هو.

سنه 664هه ۾ ناصرالدين محمود وفات ڪئي. انهيءَ جي دور ۾ سنه 656هه ۾ شيخ فريدالدين شڪر گنج ۽ سنه 657هه ۾ شيخ بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ وفات ڪئي. تاريخ جي مشهور ڪتاب ”طبقات ناصري“ ان جي دور ۾ سندس نالي تي، تصنيف ٿي. شمس الدين دبير ۽ امير فخرالدين حميد تولڪي ان جي زماني جا مشهور شاعر ٿي گذريا آهن.(1)

ان ناصرالدين محمود جي درٻار مان، جيڪڏهن دودو ظالم ۽ جابر هجي ها ته: امداد حاصل ڪري سگهي ها! سارنگ خان لشڪر جي سپہ سالار دودي جي چوڻ تي، ايترا ناروا ظلم ڀڃي ها! هرگز نه. ان افساني جو ڪوڙ ته، اتي ئي معلوم ٿئي ٿو ته: ابڙو ڪڇ ۾ آهي ۽ باغي سومرن کي پناهه ۾ ورتيون ويٺو آهي. جڏهن دودي سومري ابڙي کي پيغام موڪليو ته: تون هڪ نهايت ضعيف ماڻهو آهين تنهنجو هنن ڳالهين سان ڪهڙو واسطو؟ جيڪي به باقي بچيل خواهه ڀڳل (سومرا) ۽ ٻارٻچا تو وٽ آيا آهن سي بنا هٻڪ جي هيڏانهن ڏياري موڪليو. توهان سان ڪابه گفتگو يا قيل مقال ڪانه رهندي.

ابڙي جواب ۾ هن طرح پيغام موڪليو ته: شال ائين خدا نه گهريو هجي! ته جيڪي عورتون اسان جي سام پيون هجن، تن کي توڏانهن ڏياري موڪليان. الله پاڪ جي مهرباني ۽ حضرت بادشاهه جي بخت جي برڪت سان اميد آهي ته هي ٻه چار ضاعفائون (زالون) اسان کي ڪو به هرج ڪونه رسائينديون.

ڀلا! پناهه گزين عورتن جي دودي ڪڏهن گهر ڪئي؟ ان ته: انهن باغين جي گهر ڪئي هئي، جيڪي سنڌ ۾ شرارت ڪري رهيا هئا. وري ان جواب مان هي به، معلوم ٿئي ٿو ته: ابڙو مسلمان هو ۽ بادشاهه جو پڻ وفادار هو. هي سراسر غلط آهي. هو هندو راجپوت راٺوڙ سردار هو ۽ بادشاهه جي خلاف مغلن سان سازش ڪيل هو. هاڻي جنگ جي ميدان ۾ شاهي لشڪر سان مقابلو ڪندي، ابڙو قتل ٿي ويو، ته باقي بچيل سومرن جو لشڪر قطعي نااميد ٿي ڪري ۽ تراريون ڪندي، جنگ جي ميدان ۾ شاهي لشڪر جي مقابلي تي اچي ويا.

هاڻي ڪو کانئون پڇي ته: جڏهن توهان وٽ ٻه چار سومرن جون عورتون ئي پناهه ۾ هيون ته: هي سومرن جو لشڪر ڪٿان ميدان ۾ ڪڏي پيو اڃا انهيءَ تي بس نه ڪئي، اٿائين، پرلکن ٿا ته:

پنهنجا ٻار ٻچا قتل ڪري، پاڻ لڙائيءَ جي ميدان ۾ اچي لڙائيءَ جي باهه ڀڙڪائي. جنهن صورت ۾ حياتيءَ جي اميد ڪانه هين، تنهنڪري هٿ پير هڻڻ ۾ ڪوبه قصور ڪونه ڪيائون ۽ آخر سڀيئي ڪسي ويا.

هاڻي انصاف ڪريو ته: جڏهن هنن پنهنجي هٿن سان اهل و عيال کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ خود به ختم ٿي ويا ته: هي ست عورتون ڪٿان اچي ويون، جو لکي ٿو ته:

چون ٿا ته: سومرن جون ست نيڪبخت عورتون، جن اهڙي ته پاڪدامني ۽ پرهيزگاريءَ سان عمر گذاري هئي جو مٿن ڪنهن به نامحرم جي نظر نه پيئي هئي، باقي بچي ويون هيون، تن بي پردگيءَ جي خوف کان نهايت زاريءَ سان پروردگار (پاڪ) جو بي وسيلن ۽ فرياد ڪندڙن جو وسيلو آهي، جي دربار ۾ هٿ کنيا ۽ اميد ڀرين اکين سان دربار ايزدي ڏانهن واجهائڻ لڳيون. سندن دعا بروقت قبول ٿي، زمين ڦاٽي پيئي ۽ اهي ستئي ستيون زمين ۾ هليون ويون. هاڻي اتي ساموئي وٽ درياء جي ڪناري تي انهن ستن ڀينرن جون قبرون ٺاهي ڇڏيون اٿن، جيڪي ٺٽي جي ماڻهن جي زيارت گاهه آهن.


(1) (تحفته الڪرام صفحه 456، 457).

(2) (تاريخ طاهري، تصنيف: سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي، 1030هه مطابق 1621ع، تصحيح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي مترجم نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/ حيدرآباد سنڌ 1408هه/1988ع ص 57، حاشيه) دودي جهڙي وطن دوست سورمي تي ايڏو الزام محض ان جي قومي ڪردار کي داغدار ڪرڻ لاءِ مڙهيو ويو آهي، تاريخي لحاظ کان ان الزام جي ڪا به اهميت ناهي- مترجم) تنهن تان هنن دهليءَ وڃي سلطان علاء الدين کي دانهن ڏني ۽ کانئس انصاف جي طلب ڪيائون.

(1) (”تاريخ طاهري“ صفحه 56، 57، 58).

(1) (صفحه 63، 64).

(1) (تاريخ سومره سنڌ پر ايڪ نظر، صفحه 218، بحواله تاريخ سورٺ بزبان گجراتي صفحه 204، مصنفنه ديوان رنڇوڙ جي).

(1) (تاريخ سومره سنڌ پر ايڪ نظر، صفحه 218، 219، 220، بحواله عمدة الڪلام في تاريخ سلاطين اسلام صفحه 357).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org