ستومري يا سميري قوم جو دنيا تي وڏي ۾ وڏو احسان
آهي ”ڪيونيفارم“ رسم الخط جو ايجاد ٿيڻ، جنهن کي
”خط ميخي“ ڪنڊن وارو خط“ ڪري سڏجي ٿو. اها صورت
خطي سر جي تيليءَ جي گهڙيل قلم سان مٽيءَ جي ٺهيل
ڦرهيءَ تي لکي ويندي هئي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو ان
۾ قلم کي هيٺ ۽ مٿي يا پاسيري ڪرڻ سان ڪنڊون پيدا
ٿينديون هيون. ڏٺو ويندو ته: سميري دنيا جا پهريان
ماڻهو آهن، جن مورتن واري صورتخطيءَ کي سڌاري نئون
رسم الخط ايجاد ڪيو، جو ڪيترين صدين تائين وچ اوڀر
جي ملڪن ۾ سڀني قومن وٽ رائج هو. اها صورتخطي سامي
قومن ۾ آڪادي ۽ کانئن پوءِ، بابلي، اشوري، ڪلداني
۽ پڻ ڪنعاني ۽ امورو قومن وٽ مقبول هئي. ايشيا
مائنر (انا طوليه) جي هند، يورپي قوم کٽي
(Khati)
به انهيءَ کي اختيار ڪيو، آرين ۾ ڪشائي
(Kushite)،
مٽاني
(Mitani)
۽ هخامنش
(Achaemanias)
خاندان به انهيءَ صورتخطيءَ مان فائدو ورتو.
”مراة النعمان“ جنهن کي قديم ”ماريءَ“ سان تشبيهه
ڏني ويئي آهي. تنهن مان ويهه هزار ڪيونيفارم
ڦرهيون لڌيون ويون آهن. جن کي امورو قوم جي آخري
بادشاهه ”زمري ليم“
(Zimrilim)
جا سرڪاري، دستاويز سڏيو وڃي ٿو.
ساڳيءَ ريت، آشور بني پال
(Ashurbanipal)
جي لئبرريءَ مان پڻ، جانينوا جي کنڊرن مان لڌي
آهي، ٽيهن هزارن کان وڌيڪ ڪيونيفارم ڦرهيون مليون
آهن. اهي مٽيءَ جون ڦرهيون قديم دور جا نهايت اهم
دستاويز آهن، جن ۾ حڪومت ۽ سياست، مذهب ۽ اعتقاد،
گهرو ۽سماجي زندگي،واپار ۽ اقتصادي حالت، ڏوهه ۽
انهن جي سزا ۽پڻ معاشري جي اخلاقي حالت تي، ڪافي
مواد ڏنو ويو آهي.
انهن دستاويزن ۾ ديوتائن ۽ ماڻهن جي تخليق، دنيا
جي عظيم ٻوڏ، موت ۽ زندگيءَ جو فلسفو، بهشت ۽ دوزخ
”آبحيات“ جي ڏند ڪٿا، نيڪي ۽ بدي، پوڄا پاٺ جو
نمونو، سٺي ۽ خراب سوڻ ڪڍڻ جو نمونو، ختمن جو
رواج، مطلب ته سامي زندگيءَ جي هر پهلو ۽هر شعبي
تي سميري اثر ظاهر ۽ عالم آشڪار آهي. سامين جو
پهريون مستند قانون ”حمو رابي
(Hamurabi)
جا قاعد“ ڪري سڏيو وڃي ٿو، سو پڻ سميري قاعدن ۽
قانونن جو مجموعو آهي، جي انهن وٽ صدين کان وٺي
رائج هئا. قانون جو اهو مسودو جو رڪ جي پٿر جي
وڏيءَ ڦرهيءَ تي اڪريل آهي، 1902ع ۾، کوٽائيءَ جي
فرينچ ماهر سوسا (قديم شوشان
(Shushan)
مان هٿ ڪيو، ۽ هاڻي اهو پئرس جي جڳ، مشهور ميوزيم
”لووئر“
(Lovure)
۾ موجود آهي.
انهيءَ قانون جو اثر نه فقط ڪنعاني، آرامي، اشوري،
ڪلداني، يهودي ۽ عربي قومن تي رهيو، پر يورپ جي
قومن جي اوائلي قانونن ۾ به انهيءَ جو اثر نمايان
آهي. يورپي تهذيب جي باني مائنا
(Minos)
ڪرپٽ ۾ پڻ انهيءَ ساڳئي قانون ۾ ڪي ترميمون آڻي،
انهيءَ کي اياني (يوناني
(Ionian)
دنيا ۾ رائج ڪيو. يهودين جي مشهور ڪتاب تورات ۾
حمورابيءَ جي قانون جا ڪيترا (نقل ڏنل آهن ۽ سميري
مذهب جو يهودين تي اثر قرآن جي انهن مشهور آيتن
مان ملي ٿو، جي حضرت موسيٰ يهودين کي مخاطب ٿي
چيون هيون.
سميري فلسفي ۽ اعتقاد جو اثر نه فقط يهودين تي
رهيو، پر ٻين سامي مذهب، جهڙوڪ نصرانيت ۽ اسلام تي
به انهيءَ جو ڪافي اثر نمايان آهي. سميري ڪئلينڊر
به اهو ساڳيو ئي هو، جو اڄ يهودي ۽مسلمان استعمال
ڪن ٿا. سميري ٽپڻي جو سڄو دارومدار چنڊ تي هو،
جنهن ۾ 355 ڏينهن هوندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو
سميري، هندن وانگر، ٽن سالن کانپوءِ، ٽيهه ڏينهن
ڳنڍي حساب پورو ڪري ڇڏيندا هئا. ميت کي دفن ڪرڻ جو
رواج منجهن البت عجيب هو. شهر جي ٻاهران مقام
هوندي، به ڪن ماڻهن کي گهر ۾ ئي دفن ڪيو ويندو هو.
اهو طريقو فقط معزز ۽ خاص ماڻهن لاءِ استعمال ڪيو
ويندو هو، جنهن ۾ ميت کي قبر ۾ وجهڻ کان اڳ سندس
زالن، نوڪرن، ڍور ڍڳن وغيره کي قتل ڪري سندس شخصي
سامان، ڪپڙن ۽ زيورن سان گڏ پوريو ويندو هو.
سميرين جو خيال هو ته: مئي کانپوءِ، هر ڪنهن
ماڻهوءَ کي سندس زال نوڪرن ۽ ٻئي ضروري سامان جي
ضرورت ٿئي ٿي. ان ڪري سندن دفن ٿيڻ لازمي سمجهيو
ويندو هو. هاڻوڪيءَ مسلماني رسم جيان، پوڄاري (يا
مُلي) کي مئل ماڻهوءَ جا ڪپڙا، اناج، گيهه ۽پڻ غسل
ڏيڻ ۽ فاتحا پڙهڻ جومعاوضو پيسن ۾ ڏنو ويندو هو.
سامي قومن جو سنڌ سان سٻنڌ صدين تائين قائم
رهيو،
جيتوڻيڪ اڪادي يا بابلي قومن جو سنڌ سان ڪو تعلق
ثابت نه ٿيو آهي، پر آشوري بادشاهن جو سنڌ سان
اڻسڌيءَ طرح چڱو واسطو رهيو آهي. ڪن عالمن جي راءِ
آهي ته: آشوري قوم جي هڪ راڻي سيميرا مس، واديءَ
سنڌ تي حملو ڪري، اهو ملڪ آسوري سلطنت ۾ ملائي
ڇڏيو هو، پر انهيءَ جو ڪو به مستند احوال نه ٿو
ملي. البت اهو ثابت ٿيو آهي ته: آشوري شهنشاهه
سنخريب
(Sennachirb)
جي زماني ۾، پهريون دفعو وونڻن جي پوک عراق ۾ رائج
ٿي، جنهن لاءِ ڪڪڙا سنڌ مان گهرايا ويا هئا.
ڀانئجي ٿو ته: ڪڪڙا وغيره واپارين آڻي ڪڍيا هوندا،
ڇاڪاڻ ته: آشورين جي حڪومت واديءَ سنڌ تي ڪنهن به
طرح ثابت نه ٿي سگهي آهي. ڪي دوائون به سنڌ مان
گهرايون ويئون هيون، جن مان ڪن جا نالا هي آهن:
ليسوڙا، ايريو، تارپيت، لئي، هريڙ، آنئورا، ڪافور،
چندن، ٻهيڙا وغيره.
آشوري حڪومت 612 ق.م ۾ ختم ٿي، جڏهن نينوا جي شهر
تي ميد پارسي ۽ ڪلداني قومن حملو ڪري، ان کي تباهه
۽ برباد ڪري ڇڏيو. ڪلدانين پڻ، جي سامي هئا، بابل
کي پنهنجو تخت گاهه بنايو، ۽ 535ق . م تائين حڪومت
ڪئي. انهن جو مشهور بادشاهه نبوخدرزر هو، جنهن کي
عرب تاريخ نويسن ” بخت نصر“ جو نالو ڏنو آهي.
انهيءَ بخت نصر يهودين جي حڪومت جي پڄاڻي آندي، ۽
يروشلم کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، اهڙيءَ طرح، جو
ڇتيون پهرين ۽ ڀتيون تن جي مٿان ڪيرايون ويئون
هيون. يهودين جي آخري بادشاهه زديخيا جي ٻنهي پٽن
کي سندس آڏو قتل ڪرائي، پوءِ سندس اکيون ڪڍايون
ويئون. يهودين جو قتل عام ٿيو ۽باقي جيڪي بچيا، تن
کي هو ٻڌي بابل وٺي ويو، ۽ اتان انهن کي ”ميڊيا“ ۽
ٻين ملڪن ڏانهن بدر ڪيو ويو. انهيءَ تباهيءَ
جومنظر نهايت جامع لفظن ۾ قرآن ۾ آيل آهي.
انهيءَ حادثي کانپوءِ، يهودين کي حڪومت ۽ سلطنت
ڪڏهن به نصيب ڪا نه ٿي. هاڻي يورپ جي قومن، بين
القوامي سازش ڪري، کين اسرائيل جي حڪومت ٺاهي ڏني
آهي، جا عربن لاءِ هڪ وبال ثابت ٿي آهي. بخت نصريا
ان جي پوين جو سنڌ سان تعلق ثابت نه ٿيو آهي،
ڇاڪاڻ ته: ڪلدانين جو سڄو زور مصر کي فتح ڪرڻ ۾
صرف ٿيو ۽ ان کين ايڏو ته ڪمزور بنائي ڇڏيو جو ميد
۽پارسين گڏجي ”قُرش“ کي پنهنجو سالار بنايو ۽ انهن
بابل تي حملو ڪري، اولهه ايشيا ۾ سامي حڪومت جي
پڄاڻي آندي. هڪ هزار سالن تائين، سامي هڪ غلام قوم
جي حيثيت سان زندگي بسر ڪندا رهيا، تان جو پيغمبر
اسلام منجهن هڪ وڏو انقلاب آندو، ۽ هو وسطي دور ۾
صدين تائين دنيا جي ڳچ حصي تي قابض ٿي ويا. قرش،
جنهن کي ”سائرس“
(Cyrus)
به ڪري سڏيو آهي، تنهن نه پاڻ سنڌ تي حملو ڪيو ۽
نه وري سندس پٽ ڪمبوچا
(Cambysus)
ڪو اهڙو خيال ڏيکاريو. البت ڪمبوچا کانپوءِ، دارا
پهريون
جڏهن بابل جي تخت جو مالڪ ٿيو، تڏهن هن واديءَ سنڌ
جي خلاف هڪ مهم، امير البحر اسڪائليڪس
(Skylax)
جي معرفت ڏياري مُڪي، سنڌ جو ملڪ فتح ڪيو ويو: ۽
انهيءَ کي ايران جي سئٽرپي
(Satrapi)
سڏيو ويندو هو. انهيءَ سئٽرپي جو ساليانو خراج،
ايشيا جي سڀني ملڪن جي خراج جو ٽيون حصو هوندو هو.
دارا هخامنش
(Achaemenian)
خانان مان هو، جو ايران جو ٽيون خاندان شمار ڪيو
وڃي ٿو. پر سند جي خيال کان هيءُ پهريون تاريخي
خاندان هو. هن کان اڳ جي ٻن خاندانن، پيش داديان
(Pishdadian)
۽ڪياني بادشاهن کي ڪا به تاريخي حيثيت حاصل نه
آهي. جيتوڻيڪ ڪياني بادشاهه ”بهمن“ سان سنڌ جو
گهرو تعلق ثابت ٿيو آهي. ٻڌايو ويو آهي ته ”بهمن
جاذويه“ جنهن کي ”ارد شير درازدست“
(Artaxaxes Longimanu)
به ڪري سڏيو ويندو هو. تنهن بلوچستان وارو علائقو
فتح ڪري اتي هڪ شهر ٻڌايو، جنهن تي هن قندابيل جو
نالو رکيو.سنڌ به هن فتح ڪئي، ۽ هڪ شهر به پنهنجي
نالي پٺيان ٻڌائين، جنهن کي ”بهمن آباد“ سڏيو
ويندو هو.
جڏهن سنڌ تي برهمڻن جو زور وڌيو ۽ حڪومت قائم
ڪيائون، تڏهن انهيءَ شهر جو نالو ”بهمن آباد“ مان
ڦيرائي ”برهمڻ آباد، رکيائون. اهو شهر آخر ۾ اچي
عربن تباهه ڪيو ۽ ان جا کنڊر جهول شهر جي ڀر ۾، ۽
ٺل ڏيپر گهانگري وٽ موجود آهن. همخامش جي خاندان
جي پڄاڻي سڪندر يونانيءَ آندي. دارا ٽيون شڪست
کائي مارجي ويو، ۽ سنڌ يونانين جي زير اثر اچي
ويئي. سنڌ جو يوناني دنيا تي اثر ڪهڙو رهيو، ان
بابت تاريخي مواد نهايت گهٽ آهي ۽ ڏٺو ويو آهي ته:
واديءَ سنڌ جو ثقافتي اثر، وچ اوڀر (سامي) ملڪن
تي، ايران جي معرفت، مسلسل طور جاري رهيو. ساساني
بادشاهه خسرو نو شيروان
(Annaushirwan)
جنهن جي سلطنت جي گادي سيسيفان
(Xcesiphon)
عراق ۾ هئي.
تنهن سنڌ ۽ ان جي ثقافت ۾ ڪافي دلچسپي ڏيکاري،
انهيءَ ڏس ۾ هن پنهنجي خاص حڪيم ۽ درٻاري برزويه ۾
(Burzoyan)
کي سنڌ ڏانهن موڪليو هو، ان وقت سنڌ جو الهندو حصو
سا سائين جي حڪومت ۾ شامل هو، ۽ سنڌو درياهه
ايراني سلطنت ۽ هندستان جي وچ ۾ قدرتي سرحد هئي.
بروز ۾ سنڌ مان نهايت ڪم جهڙيون ٻوٽيون ۽ دوائون
پاڻ سان کڻي ويو هو ۽ ان سان گڏ ڪي سائنسي ڪتاب به
پاڻ سان کڻي ويو هو، جن ۾ هندي فلسفي جو مشهور
ڪتاب ”پنچتنتر“ وڏي مشهوري رکي ٿو. انهيءَ ڪتاب جو
فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، ۽ ان جي دور ۾ هي ڪتاب
فارسيءَ (پهلوي) مان عربيءَ ۾ عبدالله بن مقفع
ترجمو ڪيو، ۽ هاڻي اهو ”انور سهيلي“ جي نالي سان
مشهور آهي. اهو ڪتاب ايڏو ته دلچسپ ۽ مشهور آهي جو
دنيا جي چاليهن ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
اصل ڪتاب حڪيم بيدپا جو لکيل هو ۽ گمان سان چئي
سگهجي ٿو ته: پراڪرات ٻوليءَ ۾ لکيل هو، جا ان وقت
سنڌ ۾ رائج هئي. سنڌي ڪتابن جو نوشيروان تي اهو
اثر پيو جو. هن انهن تي وڌيڪ کوجنا جاري رکڻ خاطر،
هڪ وڏي اڪيڊمي (تعليمي ادارو) گنديسا بور يا
جنديسا بور) ۾ قائم ڪئي، ۽ اتي هڪ رسدگاهه ۽ به
تعمير ڪرايو، جنهن ۾ سنڌ مان آندل ڪتابن جي مدد
سان آسمان جي مختلف تارن ۽ گرهن بابت معلومات حاصل
ڪرڻ لاءِ، عالمن جو هڪ وڏو ميڙ مقرر ڪيو ويو.
نوشيروان جي زماني ۾ دنيا جون مشهور رانديون شطرنج
۽ چوسر ايران ۾ آنديون ويون. اهي رانديون اڄ به
دنيا جي هرهڪ ملڪ ۾ کيڏيون وڃن ٿيون ۽ هن برصغير
جي ماڻهن جي ذهانت جي کليل ثابتي آهن، ڇاڪاڻ ته:
انهن ۾ نه فقط حساب ڪتاب جو داءُ پيچ رکيل آهي، پر
ان سان گڏ، انهن ۾ فلسفو به سمايل آهي. انهن ٻني
راندين مان چوسر جي راند ۾ (ان جي خانن ۾) آسماني
برجن 360 ڏينهن ۽ هر ڏينهن ۾ 24 ڪلاڪن، 12 ڪلاڪن
جو هڪ ڏينهن ۽ 12 ڪلاڪن جي هڪ رات جو پورو نقشو
ڏنو ويو آهي. شطرنج ۾ وري 64 خانا، پوءِ 32، پوءِ
16، پوءِ 8 ۽ آخر ۾ 4 تي آهي. حساب ڪتاب جي اٿل
پٿل کانسواءِ، اهي ٻئي رانديون هندستان جي ديني
اعتقاد جي ٻن مسلڪن (مذهبن) جي تشريح پڻ آهي. چوسر
جي راند مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ماڻهو هڪ مجبور
جيو آهي ۽ آسمان تارن جي گردش کانئس جيڪي چاهي سو
ڪرائي سگهي ٿي. زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ سندس ڪو به قدم
سندس ارادي يا نيت سان نه ٿو کنيو وڃي، اها ڪا ٻي
طاقت آهي، جا کانئس ڪم ڪرائي ٿي. ان ڪري هو پنهنجي
ڀلائي يا برائيءَ جو ذميوار نه آهي. انهيءَ جي
برخلاف، شطرنج راند ۾ اهو فلسفو لڪل آهي ته دنيا ۾
جيڪي ڪجهه آهي. سو انسان جي پنهنجي ذاتي ڪوشش جو
نتيجو آهي. سندس هار ۽ جيت، ڪاميابي ۽ ناڪامي،
سندس دل ۽ دماغ، سوچ ويچار ۽ ڊڪ ڊوڙ تي منحصر آهي.
چوسر جو اصل نالو ”نرد“ آهي، ۽ شطرنج جو ”چرنگ“،
جي ٻئي اصل هندي نالا آهن. ايرانين جي دعويٰ آهي
ته شطرنج اصل ۾ ”هشت رنج“ آهي، ۽ ايراني راند آهي.
پر هاڻوڪن کوجنائن اهو غلط ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
جيتوڻيڪ شطرنج جي سڀني مهرن تي ”شاهه“ (بادشاهه)،
”فرزين“ (وزير ۽ ”پياده“ وغيره جي ڪري ايراني
انهيءَ کي پنهنجو ٿا سمجهن، پر ان ۾ ٻه شيون
اهڙيون آهن،جن کي ڪا به قوم لڪائي نه ٿي سگهي. اهي
ٻه شيون هي آهن: هاٿي ۽ رُخ- هاٿي ته هونئن به
هندستان جي نشاني آهي، پر رخ نالي سواري هندستان
کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نٿي ملي. ازانسواءِ،
”چترنگ“ راند جو ذڪر رامائڻ ۾ پڻ موجود آهي.
۽ ان جي هندستاني اصليت بابت عربن پڻ اعتراض ڪيو
آهي.
چوسر ۽ شطرنج راند جو سامي دنيا تي ايڏو ته اثر
ٿيو جو بنواميه جي آخري دور ۾ ئي جبر ۽ قدر جو
مسئلو عربن ۾ پيدا ٿيو. خليفي مامون جي زماني ۾
جبر ۽ اختيار تي ايڏو ته جهيڙو ٿيو جو بغداد ۾ رت
جون نديون وهڻ لڳيون. اسلام جي اصلي تعليم ماڻهن
کان بلڪل وسري ويئي، ۽ مسلمان ٻن گروهن ۾ ورهائجي
ويا. اڄ به دنيا جا ماڻهو ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن.
هڪڙا اهي، جي ”جبر“ (يعني قسمت) ۾ ايمان رکن ٿا، ۽
ٻيا اهي، جن ”قدر“ (يعني عمل ۽ اختيار) تي اعتقاد
رکن ٿا. جيئن ته سا سانين جو عراق، شام، عمان ۽
يمن تي سياسي ۽ اقتصادي اثر رهيو هو، ان ڪري هند،
پاڪ جي تهذيب جو مٿن اثر هئڻ لازمي هو.
خدا جي وحدانيت جي باري ۾ پڻ اهو چوڻ آهي ته اهو
نظريو به سامين جو ايجاد ڪيل آهي ۽ سڀ کان پهرين
يهودي قوم ان جو پرچار ڪيو. اهو خيال به سراسر غلط
آهي، ڇاڪاڻ ته يهودي، جي پڻ سامي آهن، تن اهو
اصول مصر مان هٿ ڪيو، ۽ مصر ۾ انهيءَ هڪڙي خدا جي
ايجاد امنهيٿوپ چوٿين ڪئي، جنهن کي تاريخ ۾
”اخنتان“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. اخنتان جو دور
15 صدي ق.م ڌاري شروع ٿيو، ۽ سندس وحدانيت وارو
خدا ”سج“ هو، جنهن کي قبطي ”رِآ“ ڪري سڏيندا هئا.
جيئن ته مصري ڪتن، ٻلن وغيره کي پوڄيندا هئا، ان
ڪري اخنتان، جو هڪ فلسفي پڻ هو، تنهن انهن جو
رجحان ڦيرائي فقط ”سج“ تي مرڪوز ڪيو. پر اخنتان تي
پڻ هڪ ڌارينءَ قوم جو اثر ٿيو، جنهن کي ”هائيڪساس“
(Hyksos)
ڪري سڏبو آهي. عالمن جو رايو آهي ته اها قوم انڊو
يورپي نسل جي قوم هئي جنهن شام مان حملو ڪري مصر
جو ملڪ والاريو هو. هائيڪساسا تهذيب جو اصلي مرڪز
اناطوليه جي ڏکڻ ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. اهي سڀ شهادتون
ظاهر ڪن ٿيون ته ”وحدانيت“ جو اصول پڻ هند- يورپي
قوم جو قائم ڪيل آهي، جنهن ۾ سميري ۽ هندستان جا
آريا ٻئي شامل آهن. هونئن به جيڪڏهن وحدانيت تي
کوجنا ڪبي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته اها دنيا جي سڀ کان
پهرئين لکيل ڪتاب ”رگ“ ويد“ ۾ موجود آهي، جو
واديءَ سنڌ ۾ گڏ ڪيو ۽ لکيو ويو هو.
وحدانيت جو اصول ڪهڙن نه سهڻن لفظن ۾ ڄاڻايل آهي:
ماڻهو کيس اندرا، مترا، اگني ۽ورونا ٿا سڏين، ۽ ان
جي ساراهه جا ڍڪ ٿا ڀرين. پر حقيقت ۾ اها هڪڙي ئي
هستي آهي، جنهن کي شاعرن جدا جدا نالا ڏنا آهن.
وسطي دور کي سامي تهذيب جي ارتقا جو دور سمجهيو
وڃي ٿو. انهيءَ دور ۾ سامي (عرب) حڪومت، مذهب،
ثقافت ۽ تهذيب جو دنيا ۾ ڌاڪو هو. يورپي محققن جي
راءِ آهي ته: ستين صدي عيسويءَ کان ٻارهين صدي
عيسويءَ تائين (يعني پنج سؤ سال) عرب ۽عربي
ڳالهائيندڙ ماڻهو تهذيب ۽ تمدن جي لاٽ جا روشن
ڪندڙ هئا، جا 1258ع ۾ منگولن هٿان اجهامي ويئي، ۽
اڄ تائين روشن نه ٿي سگهي آهي. عالم آشڪار آهي ته
عرب بيابان جي هڪ وحشي ۽ جاهل قوم هئي، جن جي
اخلاق ۽ ڪردار ۾ پيغمبر اسلام (صلعم) هڪ وڏو
انقلاب آندو ۽ اهي ٿوري ئي عرصي اندر دنيا جي وڏي
حصي جا مالڪ بنجي ويا. جيئن ته خلافت جي دور ۾ عرب
ٻين ملڪن سان جنگ ۾ مشغول هئا، ان ڪري علم ۽ ادب
ڏانهن تمام گهٽ لاڙو ڏيکاريو ويو. ويتر جو گهرو
جنگ عربن ۾ شروع ٿي، تنهن نه فقط سندن طاقت کي
زائل ڪري ڇڏيو پر ان سان گڏ علمي، مذهبي ۽ ثقافتي
سرگرمين کي به ڄڻ ٻنجو اچي ويو. بنو اميه جو دور
اسلامي تاريخ ۾ خالص عربي دور جي نالي سان مشهور
آهي، ڇاڪاڻ ته اسلامي برادريءَ جي اصل اصول کي
وساري، عرب قوميت ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. اهو
ئي ئي سبب آهي جو نون مسلمانن کي ”موالي“ جي نالي
سان ياد ڪيو ويندو هو.
۽ انهن کي ملڪي نظم ۽ نسق ۽ پڻ فوج يا زندگيءَ جي
ٻئي شعبي ۾ گهٽ درجي جو تصور ڪيو ويندو هو. نه فقط
ايترو، پر موالين کان، جي عربن وانگر مسلمان هئا،
”جزيو“ پڻ وصول ڪيو ويندو هو، جو اسلامي قاعدي
موجب فقط ”غير مسلم“ رعايا کان سندن جان ۽ مال جي
حفاظت بدران ورتو ويندو هو. ترڪ، منگول ۽ بربر
قومن کائنن فقط جزيو وصول ڪيو ويندو هو پر ان سان
گڏ کانئن ”ٻار ٽئڪس“ به ورتو ويندو هو، جوسراسر
غير اسلامي قاعدو آهي.
بنو اميه جي انهيءَ روش سبب هڪ وڏو انقلاب آيو،
جنهن جا اڳواڻ خراسان جا مسلمان هئا. نتيجو اهو
نڪتو جو بنو اميه جي حڪومت ختم ٿي، ۽ عباسين جو
دور شروع ٿيو، جنهن کي تاريخ ۾ اسلام جو بين
الاقوامي دور سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ دور ۾ عجم جا
ماڻهو نه فقط حڪومت ۽ سياست تي غالب پئجي ويا پر
ان سان گڏ اهي علم ۽ ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جا به
اڳواڻ ٿي ويا. دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان پهرين تحقيق
۽ تجسس جودور شروع ٿيو، ۽ سائنس جي علم جو بنياد
پيو. بنواميه جو دور معاويه کان وٺي مروان ٻئي
تائين، ڪل 84 سال رهيو، پر عباسين جو دور حڪومت
پنج سؤ سالن کان به مٿڀرو هو- 750ع کان 1258ع.
عباسين عرب قوميت جي اصول کي ترڪ ڪري، اسلامي
برادريءَ جو پرچار ڪيو، ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندن
حڪومت ۽ خاندان گهڻو وقت جٽاءِ ڪري سگهيا. عباسي
دور جو اوائل ۾ خليفا رڳو نالي جا حاڪم هئا، ڇاڪاڻ
ته اقتدار جون واڳون هڪ غير عرب خاندان جي هٿ ۾
هيون، جن کي تاريخ ۾ ”برمڪ“ (يا برمڪي) ڪري سڏيو
وڃي ٿو. ڪن ماڻهن جي راءِ آهي ته ”برمڪ“ اصل ۾
”بر- مـﮧ- گاهه“ آهي- يعني عبادت خانو جنهن ۾ چنڊ
جي پوڄا ڪئي وڃي- اهڙن عبادت خانن ۾ باهه کي
روشنيءَ جي نشاني سمجهي، ان کي پوڄيو ويندو هو،
جنهن مان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته:
برمڪي اصل ۾ آتش پرست مجوسي هئا- پر اهو غلط آهي،
ڇاڪاڻ ته عرب ليکڪن جو چوڻ آهي ته برمڪي خاندان جي
ابي کي بلخ جي نوو هارمندر مان قتيبه بن مسلم جي
فوجن هٿ ڪيو هو، پر پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. تاريخ
شاهد آهي ته ڪُشان خاندان جو بادشاهه ڪنشڪ، جنهن
جي گاديءَ جو هنڌ پروشاپورا (پشاور) هو،ٻڌمت جووڏو
پوئلڳ هو، ۽ هن انهيءَ مذهب کي ڦهلائڻ لاءِ،
افغانستان جي رستي باختر، سنڪيانگ، کوٽان ۽ ٿٻيٽ
جا علائقا فتح ڪيا هئا. انهيءَ ڳالهه جي تصديق
عربن پڻ ڪئي آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته: سنڌ، پنجاب،
افغانستان، وچ ايشيا، خراسان، سنڪيانگ وغيره ۾
ٻڌمت وڏي اوج تي هو، ۽ انهيءَ مذهب جي پوڄارين کي
”شمني“ ڪري سڏيو ويندو هو. ان ڪري ”نوهار“ مندر جو
پوڄاري آتش پرست ڪو نه هو، پر ٻڌمت جو پوئلڳ هو،
جنهن جو بلخ ”وچ ايشيا“ ۾ تمام گهڻو زور هو-
”وِهار“ (يا بهار) انهيءَ جاءِ کي چئبو
آهي،
جتي گوتم ٻڌ ويهي چلو ڪڍيو هو- اڄ به هندستان جو
شهر ۽ علائقو ”بهار“ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ٿو
ڪري- ٻڌ مذهب وارن پوءِ، جتي به ٻُڌ مورتي رکي،
انهيءَ کي”بهار“ يا ”وِهار“ جو نالو ڏنو- عربن جي
سنڌ تي حملي وقت اهڙو هڪ ”وهاَرو“ جو نالو ڏنو-
عربن جي سنڌ جي حملي وقت اهڙو هڪ ”وهارو“ ديبل ۾
به موجود هو، جنهن جي امق 360 فٽ هئي، ”برمڪ“ اصل
۾ هندي لفظ ”پرمک“ آهي، جو ٻڌ مذهب جي پوڄارين ۽
پڻ معزز ماڻهن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. تحقيقات
اهو به ظاهر ڪيو آهي ته برمڪي اصل ۾ ڪشمير جا
رهاڪو هئا، ۽ انهن جا خاندان جا وڏا ٻڌ مذهب جي
پرچار لاءِ وچ ايشيا ڏانهن هجرت ڪري ويا هئا.
برمڪي جيئن ته اصل ۾ هندستان جا هئا، ان ڪري هنن
برصغير جي علم ۽ فن تي وڌيڪ توجهه ڏني (ڏنو) ۽
انهن کي عرب دنيا ۾ شهرت ڏيئي، نه فقط عربي ادب ۾
واڌارو آندو پر ان سا گڏ ”سائنسي کوجنا“ جوپڻ
بنياد وڌو. انهيءَ ڏس ۾ سڀ کان پهرين بغداد ۾ هڪ
علمي مرڪز قائم ٿيو، جنهن کي ”بيت الحڪمـﺔ“ ڪري
سڏيو ويندو هو. اهو مرڪز خالص علمي تحقيقات ۽ بحث
مباحثي لاءِ قائم ڪيو ويو هو، جتي عالمن جي هڪ
جماعت ڪم ڪندي رهندي هئي. انهيءَ اداري جو وجود ۾
اچڻ به هڪ هندي ڪتاب ”پنجتنتر“ جي اثر هيٺ ٿيو.جو
ايران جي ساساني بادشاهه خسرو نوشيروان جي زماني ۾
سنڌ مان گهرايو ويو هو. عالمن جي جماعت کي ”اخوان
الصفا“ جو نالو ڏنو ويو، جو پڻ ”پنجتنتر“ تان ورتو
ويو هو، ۽ انهن علم جي مختلف شعبن ۾ وڏو ڪم
سرانجام ڏنو ”پنجتنتر“ جوعربيءَ ۾ ترجمو عبدالله
بن مقفع ڪيو، ۽ ان کي ”ڪليلـﮧ و دمنـﮧ“ جو نالو
ڏنو ويو، پر وري جڏهن ان جو فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو،
تڏهن مٿس ”انوار سُهيلي“ جو نالو رکيو ويو. برمڪي
خاندان جا چار وزير ٿيا. خالد، يحييٰ، فضل ۽ جعفر-
اهي چئن مشهور عباسي خليفن، منصور، مهدي، هادي ۽
هارون جي دور ۾ اڇي- ڪاري جا مالڪ هئا. برمڪين سنڌ
مان جن عالمن جو وفد بغداد گهرايو هو، انهن مان ڪن
جا نالا
هيٺ ڏجن ٿا: نالا هندي نالن جي بگڙيل شڪل ۾ اسان
کي مليا آهن، جهڙوڪ:
(مَنڪا (ماڻڪ)، بَهلا (ڀولا يا ڀَلا رام)، ڪنڪا
(گنگا)، راجا، باجهر (ٻاجهراءِ)، دهنو تري (ڌنو
تراٰءِ)، رسکهل شُڪل يا سيگل) وغيره اهي عالم جي
گهڻو ڪري، پنڊت يا ٻڌ شمني هئا، سي پاڻ سان ڪي
ڪتاب به کڻي ويا هئا، جن مان ڪن جا نالا هي آهن:
سندهند (سڌانت)، ارجبهذر (آريه ڀٽ)، کنڊا کانڍيڪ،
سندهشان، برهم گپت، مهاڀارت، ندان،پتتجلي ۽ ٻيا.
|