سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 9

صفحو ؛ 17

 

باب نائون

سومرا ڪڏهن مسلمان ٿيا

 

مسٽررائچند راٺوڙ صاحب، هن سلسلي ۾ لکن ٿا ته:

سومرن جي مسلمان ٿيڻ بابت، تاريخدانن جا ڌار ڌار رايا آهن. جيئن ته:

(1) پر سڌ اتها سڪار راءِ بهادر پنڊت گوري شنڪر هيرا چند اوجها، سپرنٽينڊنٽ راجپوتانا ميوزيم اجمير، پنهنجي
”راجپوتانا اتهاس“ ۾ 12 صديءَجي مليل شلا ليکن، سومري راجا جو نالو جئسنگهه ڏيکاريو آهي. ان موجب 11 صديءَ تائين ته اهي هندو هئا.

(2) ”راس مالا“ ۾ لکيل آهي ته ”علاو الدين جي لشڪر دودي کي شڪست ڏني، ان کانپوءِ سومرا مسلمان ٿيا. ڇاڪاڻ ته ان وقت، جي سومرا مسلمان هجن ها ته پنهنجو اهل و عيال ڄام ابڙي جي شرڻ ڪو نه موڪلين ها، جو هڪ هندو راجا هو.

(3) گجراتي ڪتاب ”جاڙيجو وير کنگهار“ جي صفحي11 ۾ لکيل آهي ته: سنڌ جي سومرا ۽ سوڍا راجپوتن کي مسلمان بنائڻ وارو، گجرات جو حاڪم سلطان محمود بيگڙو هو. ”مرات سڪندري“ وارو ائين لکي ٿو ته هن سنڌ تي ٽي ڪاهون 1471ع، 1472ع ۾ 1506ع ۾ ڪيون

(4) سومرا علاو الدين جي ڪاهه بعد ڪڇ ڏانهن ويا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته اهي پنهنجي مکيءَ سميت لکپت جي اولهه طرف رڻ مان لنگهي رهيا هئا، ته پاڻي کٽي وڃڻ سبب بلڪل ويا ڪل ٿيا، ان وقت هڪ بهاؤ الدين نالي مسلمان اولياء پر گهٽ ٿيو ۽ هڪ ئي ڪونري مان سڀني کي پاڻي پياريو. ان جي اها ڪرامت ڏسي وڙسر (ڪڇ) ۾ اچڻ بعد انهن جو مکي سڄيءَ قوم سميت مسلمان ٿيو.[1]

(5) سر ايئلٽ ”هسٽري آف انڊيا“ جلد پهريون صفحي 256 ۾ لکي ٿو ته سومرا شيخ بهاؤالدين ملتاني[2] جي فيض سان مسلمان ٿيا.

(6) جن سومرن سنڌ تي حڪومت ڪئي سي هندو هئا. چنيسر سومرو جنهن ”چچ نامي“ جي لکڻ موجب سنه 1282ع کان 1300ع تائين 18 ورهيه حڪومت ڪئي، سو هندو ڌرم رکندو هو.

ڇاڪاڻ ته ان جو لاشو ليلان جي لاش سان گڏ، هندو رسمن موجب ساڳئي چکيا تي ساڙيو ويو[3].

تبصرو:

(1) سومرن حاڪمن جي ڏنل نالن جي مختلف تاريخن جي لسٽن ۾ ڪنهن به تاريخ جي مصنف جئسنگهه نالي ڪو به سومرو سنڌ جو حڪمران نه لکيو آهي. ازانسواءِ، هندڪن نالن جي بناءِ تي پڻ سومرا هندو ٿي نٿا سگهن. جيئن مان هن کان اڳ ۾ تفصيل سان ثابت ڪري چڪو آهيان. نه صرف هي، پر جڏهن ته: 11 صديءَ عيسويءَ ۾ چچ نامي جلد ٻئي جي مطابق، سنڌ جي سومري حاڪم جو نالو پڻ جئسنگه بجاءِ سنگهار تحرير ٿيل آهي. پوءِ ڪيئن مڃڻ ۾ اچي سگهي ٿو ته: ڪو سنڌ جو سومرو حڪمران نالي جئسنگهه به هو.

(2) طبقات ناصريءَ جي اصل متن ۾ به، سنان الدين چنيسر جو پڻ نالو جشن لکيل آهي. ان کي دائود پوٽه صاحب،بلڪل رد ڪري چڪا آهن. انهيءَ ڪري چنيسر سان منسوب ڪيل هٿ ٺوڪن هندڪن نالن جشن، چند ايشور ۽ جئسنگهه وغيره کي پڻ رد سمجهڻ گهرجي.

باقي رهيو چنيسر سومرو جو ليلان سان گڏ ساڳئيءَ چکيا تي چڙهي، سڙي مرڻ جو سوال ته: مان هن کان اڳ ۾ واضح طور ثابت ڪري چڪو آهيان ته، چنيسر جو موت طبعي طور ٿيو هو. نه صرف هي، پر اسان کي سندس مزار جو پڻ سراغ روپا ماڙيءَ جي کنڊرات ۾ (بقول معمور يوسفاڻي صاحب) ليلان چنيسر، ڪونئروءَ کي ”قديم قبرستان“ ۾ دفنايو ويو هو، جو هاڻ ”ليلان جو قبرستان“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ته پوءِ، اسان اهڙين پڪين ۽وزندار ثابتين جي موجودگيءَ ممسلمان چنيسر کي ليلان سان گڏ (جڏهن ته، ليلان کي به نه ساڙيو ويو هجي) سڙي مرڻ کي تسليم ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ يا وري هن مان مسلمان چنيسر سومرجو جو هندو هجڻ ڪيئن ثابت ٿئي ٿو؟

(3) جيڪڏهن سومرا واقعي 11 صدي عيسويءَ جي مطابق 485هه تائين،هندو هجن ها ته پوءِ سنه 416هه ۾ سنڌ جي تخت گاهه منصوره جو حڪمران خفيف قرمطي سومرو ڇو؟

(4) بقول الانا صاحب، سيدنا الحاڪم، شيخ ابن سومار کي جڏهن سلطان محمود غزنويءَ ملتان جي حڪومت فتح ڪري ملتان واپس موٽي هليو ويو هو) انهيءَ سال يعني سنه 401 هه سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو، نه صرف هي، پر ابو خلفه ندوي صاحب ابن سومار جي تخت نشيني پڻ سنه 401هه تحرير ڪئي آهي.

انهيءَ ڪري مٿيون ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته: سومرا نه ته 11 صديءَ عيسويءَ تائين ڪي هندو هئا ۽ نه وري ڪو سندن مسلمان ٿيڻ جو کر پير لڳي ٿو، سومرا ته: پاڻ سنه 134هه ۾ عرب مسلمان هجڻ جي باعث، سنڌ جا والي ٿيا هئا.

(2) سومرا علاو الدين جي هٿان شڪست کائڻ بعد، مسلمان ٿيا هئا: مهاشيه صاحب لکن ٿا ته:

(1) توهان علاؤالدين خلجيءَ جي پوري دؤر جي تاريخ جو مطالعو ڪري، ڏسو ته: سندس سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ڪو به ثبوت نه ملندو.  پهريون ته: ان جو دور سنه 1295ع ۾ شروع ٿيو ۽ سنه 1315ع ۾ هو وفات ڪري ويو.[4] ته سنه 1333ع ۾ علاؤ الدين خلجيءَ ڪهڙيءَ طرح سومرن جو دور حڪومت ختم ڪيو.[5]

(2) توضيحات معصومي صفحه 351 تي لکيل آهي ته:

محمد طور جي ويران ٿيڻ لاءِ ٻه سبب بيان ڪن ٿا: هڪ هيءُ ته سنڌو ندي يعني مهراڻ پنهنجو پراڻو وهڪرو ڦيرائي، سيوهڻ طرف وهڻ لڳو. تنهنڪري هي شهر، جنهن جي آبادي مهراڻ جي پاڻي تي موقف هئي، پاڻي نه ملڻ ڪري ويران ٿي ويو. تاريخ طاهري ص 30- 50) ٻيو هيءُ ته (ته) سلطان علاؤالدين خلجي (695- 51) جي لشڪر سالار خان جي اڳواڻيءَ هيٺ انهيءَ کي ويران ۽ برباد ڪري ڇڏيو. تحفته الڪرام ڇاپو بمبئي جلد 3، ص 48)، اسان جي خيال ۾ پهريون سبب ڪافي قوي آهي. ڇاڪاڻ ته: چنيسر جو علاؤ الدين جي درٻار ۾ وڃڻ ۽ کانئس لشڪر وٺي دودي سان جنگ ڪرڻ يا عمر سومري کي سزا ڏيڻ لاءِ علاؤالدين جو لشڪر موڪلڻ هڪ ڏند ڪٿا جهڙي ڳالهه آهي.

اسان کي مٿين پيش ڪيل عبارتن مان معلوم ٿئي ٿو ته:

دهليءَ جي بادشاهه علاؤالدين خلجيءَ يا سندس سپـﮧ سالارن مان ڪنهن به هڪ سپـﮧ سالار ۽ دودو سومرو جي وچ ۾ جنگ لڳڻ ثابت نٿي ٿئي. نه وري ڪو چنيسر جو علاؤالدين خلجيءَ جي درٻار ۾ دانهين ٿي وڃڻ ثابت ٿئي ٿو. ته پوءِ، هن صورت حال جي موجودگيءَ ۾ سومرن جي ٻارن ٻچن جو هندو ابڙو ڏانهن سام ڪري موڪلڻ جو باقي ٻيو ڪهڙو ڪارڻ ٿي سگهيو ٿي؟

انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته: هي غيور سومرن کي بدنام ڪرڻ جي واسطي، من گهڙت ۽ بي بنياد الزام لڳايو ويو آهي.

جيڪڏهن واقعي سومرن جي حڪومت سنه 1333ع ۾ علاؤ الدين خلجيءَ يا سندس ڪنهن سپـﮧ سالار جي هٿان ختم ٿي ويئي هجي ها ته: پوءِ سومرن جي حڪومت سنه 1439ع تائين ڪيئن هلي؟ انهيءَ ڪري سومرا علاؤ الدين خلجيءَ هٿان شڪست کائڻ بعد، مسلمان به ڪو نه ٿيا هئا.

(3) سنڌ جي سومرا ۽ سوڍا راجپوتن کي مسلمان بنائڻ وارو گجرات جو حاڪم سلطان محمود بيگڙو هو،

جيڪڏهن سلطان محمود بيگڙو سنه 1871ع- 1472ع ۽ 1506ع ۾  سنڌ تي واقعي حملو ڪيو آهي ته: پوءِ ان وقت سنڌ جا حڪمران سومرا نه هئا، ڇاڪاڻ ته: چچنامي جلد 2 جي مطابق، سومره دور حڪومت سومرن جي آخري حڪمران حمير سومرو تي سنه 1439ع تي بلڪل ختم ٿي ويو هو. ته پوءِ، سلطان محمود بگيڙو سنڌ جي حڪمران سومرن تي حملو ڪري (جڏهن گجرات جو صوبو به سنڌ ۾ شامل هو) ڪيئن مسلمان ڪيو هوندو؟ انهيءَ ڪري سومرا سلطان محمود بيگڙو (جو پڻ بيگڙو سومرن جي ماتحت هو) جي هٿان به، مسلمان ڪو نه ٿيل ٿا ڀانئنجن.

(4) سومرا علاؤ الدين خلجيءَ جي هٿان شڪست کائڻ بعد، حضرت بهاؤالدين زڪريا رح ملتانيءَ جي ڪرامت ڏيکارڻ تي، پنهنجي مکيءَ سميت مسلمان ٿيا:

هڪ ته: علاؤ الدين خلجيءَ جي هٿان سومرن جي بربادي ۽ شڪست ثابت ناهي. ٻيو ته حضرت مخدوم بهاؤ الدين زڪريا رح ملتاني سنه 1270ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، جڏهن ته: علاؤ الدين خلجيءَ جو سنڌ جي سومره حڪومت تي حملو ڪرڻ جو سنه 1333ع ڄاڻايو وڃي ٿو ۽ سومره حڪومت جو خاتمو پڻ 1439ع تي ٿئي ٿو ته: پوءِ حضرت مخدوم بهاؤ الدين ذڪريا ملتانيءَ رح جي پڻ علاؤالدين خلجيءَ جي سنڌ تي حملي ڪرڻ کان 53 سال اڳ ۾ وفات ڪري ويا آهن، ته پوءِ هن مري ويل رڻ ۾ سڀني پياسن سومرن کي هڪ ئي ڪونئري مان پاڻي پياري پنهنجي ڪرامت ڏيکاري جو سومرا سندن ڏيکاريل ڪرامت کان متاثر ٿي، پنهنجي مکيءَ سميت مسلمان ٿيا کي ڪهڙيءَ طرح تسليم ڪري سگهجي ٿو؟

(5) بقول سر ايلئٽ سومرا شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي فيض سان مسلمان ٿيل آهن:

رائچند راٺوڙ صاحب لکي ٿو ته:

سومرن جي مسلمان ٿيڻ بابت، ڪنهن به اتهاس (تاريخ) ۾ چٽي خاطري ڪانهي ته، ڪڏهين مسلمان ٿيا، پر اها پڪ آهي ته هو اصل هندو راجپوت هئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا.[6]

ابو ظفر ندوي صاحب لکي ٿو ته: سومرا هندو راجپوت نه هئا، بلڪه هو مسلمان هئا. [7]

ابو ظفر ندوي صاحب ته: سومرن جي هندن راجپوت قوم هجڻ جي نه صرف نفي ڪن ٿا، پر سندن اصل مسلمان هجڻ جي پڻ پڪي خاطري ۽ تصديق ڪرائين ٿا.

جڏهن ته: انهيءَ ٺوس ۽ اصل حقيقت جي بلڪل برعڪس راٺوڙ صاحب کي سومرن جي مسلمان ٿيڻ جي به، ڪنهن به تاريخ مان چٽي خاطري ۽ تصديق به ڪا نه ٿئي ٿي، پوءِ به سومرن جي هندو راجپوت قوم هجڻ جي به پڻ پڪي خاطري به ڪرائي رهيا آهن. جيتوڻيڪ سومرن جي مسلمان ٿيڻ جا به ڪافي رايا ۽ خيال گڏ ڪري رکيا آهن. جن جو مان ازالو ڪري رهيو  آهيان). انهيءَ مان بلڪل صاف ظاهر آهي ته: راٺوڙ صاحب مڙني فرسوده پيش ڪري رکيل راين ۽ ثبوتن کي بذات خود ڪوڙو ۽ باطل قرار ڏين ٿا. پوءِبه، الائجي ڇوئ سومرن کي بلڪل بيواجبي هندو راجپوت قوم سڏين ٿو؟ اسان هن فيصلي ڪرڻ جو اختيار (معزز پڙهندڙن جي سپرد ڪريون ٿا).

بهرحال، ڪنهن به اتهاس (تاريخ) مان سومرن جي مسلمان ٿيڻ جي ثابتي نه ملڻ مان صاف ظاهر آهي ته: سومرا واقعي رسول الله صلي الله عليـﮧ وسلم جن جي جيد صحابيءَ حضرت سمره بن جندب هوازنيه القريشيءَ جي اولاد آهن.

انهيءَ ڪري ته، اسان کي ڪنهن به تاريخ مان سومرن جي  مسلمان ٿيڻ جي پڻ سواءِ ڏند ڪٿا ۽ قياس آرائي ڪرڻ جي، ٻئي ڪا به مستند ۽ پڪي ثابتي ڪا نه ملي ٿي. بني سمره (سمره جي اولاد) سومرا هوازنيه القريشي ته: بذات خود پهرين مسلمانن مان بيت تابع جي اولاد آهن. جيئن اسان هن کان اڳ ۾ صاف ۽ واضح طور ثابت ڪري آيا اهيون. ته: پوءِ، سومرا پنهنجي سنڌ جي حڪومت بيواجبي دهليءَجي بادشاهه علاؤالدين خلجيءَ جي هٿان  وڃائڻ بعد، حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح (سي به، سومرن جي حڪومت برباد ٿيڻ کان 53 سال اڳ ۾ رحلت فرمائي ويا هئا) جي ڪرامت ڏيکارڻ تي، پنهنجي مکيءَ سميت ڇو ۽ ڪيئن مسلمان ٿيا هوندا؟ انهيءَ ڪري هن مان بلڪل سمجهڻ گهرجي ته: نه ته بعض  سومرن پهريائين  ڪو اسماعيلي مسلڪ اختيار ڪيو هو  ۽ نه وري ڪي سڀ سومرا بعد ۾ ابو حنيفه مسلڪ جا هئا جو هو سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ شموليت اختيار ڪري، بقول ابن بطوطه جي، پنهنجيءَ هم قوم سومرا سان، جي پڻ سندن سنڌ ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ ۾ سنڌ جي نهايت خوبصورت شهر جنانيءَ ۾ رهائش پذير ٿيل هئا، سان اچي گڏ رهڻ لڳا هئا. ڇو ته: سنڌ جي فتح جو اسلامي لشڪر سني مسلمان عرب قبيلن تي مشتمل هو. انهيءَ ڪري، اسان جا مٿي پيش ڪيل ٺوس دليل ۽ ثبوت، هن ڳالهه کي بلڪل رد ۽ باطل ثابت ڪن ٿا ته: نه ته ڪي سومرا پنهنجي سنڌ جي حڪومت علاؤالدين جي هٿان وڃائڻ بعد حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح جي ڪرامت ڏيکارڻ تي پنهنجي مکيءَ  سميت مسلمان ٿيا هئا ۽ نه وري ڪي سنه 401 هه ۾ مصر جي فاطمي سلطنت جي خليفي ۽ امام سيدنا الحاڪم سومرن کي اسماعيلي عقيدي جو بنائي، سنڌجي حڪومت تي مقرر ڪيو هو ۽ نه وري ڪو گجرات جو حاڪم سلطان محمود بيگڙي سومرن کي سنه 1471ع- 1472ع ۽ 1506ع ۾ مسلمان ڪيو هو.


[1]  (”تاريخ ريگستان“ ص 59 حاشيه، بحواله ”بمبئي پريزيڊنسي، گريٽيئر“ جلد ۽ ڪڇ، پالنپور ۽ ماهي ڪانٺا صفحو 99 ۽ 100)

[2] (شيخ بهاوالدين ذڪريا ملتاني 27 رمضان المبارڪ 566هه – 1970ع ۾ تولد ٿيا ۽ 1270 ع ۾ فوت ٿيا).

[3]  (ڏسو تحفته الڪرام، جلد 3، صفحو 42) (”؛تاريخ ريگستان“ صفحه 58، 59).

[4]  (تاريخ سومره سندهه پر ايک نظر، صفحه 202، بحواله ڏسو عمدة الکلام في تاريخ سلاطين اسلام ص 362).

[5]  (تاريخ سومره سنده پر ايک نظر، ص 202).

[6]  (”تاريخ ريگستان“ صفحه 60).

[7]  (سـﮧ ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، جلد 22، نمبر پهريون سال 1974ع ص 117).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org