سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 8

صفحو ؛ 16

 

اسان کي حضرت مولانا ابو الڪلام آزاد رح ۽ محترم جناب ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ صاحب جن جي پيش ڪيل تحريرن مان هن ڳالهه جي پڪ ۽ تصديق ٿي وڃي ٿي ته: ساڍا ٽي هزار سال قبل مسيح ملڪ عراق جي ٻن حصن اتر ۽ ڏکڻ جون جيڪي به قومون سميري  ۽ عرب  دجله ۽ فرات ندين جي ڪناري تي اچي آباد ٿيون هيون تن جو اصل وطن عراق ئي هو. انهيءَ ڪري ازخود محترم علامه عبدالعزيز ميمني صاحب ۽مستر رچرڊ ڪئرنگٽن جو هي چوڻ بلڪل غلط ثابت ٿي وڃي ٿو ته: سنڌ جا سومرا پنج هزار سال قبل مسيح مال جي چراگاهه سانگي دجله ۽ فرات ندين جي سربسز ۽ شاداب ڪناري تي وڃي آباد ٿيا هئا. ڇاڪاڻ ته: اسان هن کان اڳ ۾ ثابت ڪري چڪا آهيون ته: سومرا نه ته، ملڪ سنڌ جي قديم قوم پرمار هندو راجپوت قوم جي 35 شاکائن مان اومره، چندر بنسي ۽ سوريه بنسيءَ کان علاوه ڪنهن به شاخ جي نسل جا آهن ۽ نه وري ڪي حام بن نوح عليـﮧ السلام جي پٽ سنڌ جي اولاد جي نسبت سان سنڌي سومرا آهن. جي کڻي بانور ڪجي ته: واقعي سنڌ جا ”سومرا“ مال جي چراگاهه سانگي سنڌ مان نڪري عراق جي ندين فرات ۽ دجله جي سرسبز ۽ شادات ڪنارن تي وڃي آباد ٿيا هوندا. نه صرف هي، پر ”سومرا“ بغداد جي شهر ”سامره“ جي بگڙيل صورت عرب سومرا به بلڪل نه آهن. سومرا ته: عرب قريش قوم حضرت اسماعيل عه بن حضرت ابراهيم عليـﮧ السلام جي پٽ عدنان جي قريش اولاد جي نسل مان آهن، جي پڻ ملڪ عراق جا عرب نه، پر عرب ملڪ حجاز جي شهر مڪي شريف جارهاڪو هئا. اسان هن پهلوءَ تي اڃا به وڌيڪ روشني هن طرح وجهڻ چاهيون ٿا:

 

محترم علامه طالب الهاشمي صاحب، عرب قبيلن قحطان ۽ عدنان تي روشني وجهندي لکن ٿا ته:

(1) قحطان:

سام بن نوح عليـﮧ السلام جو پٽ ارفخشند هو. سندس نسل مان قحطان ٿيا. قحطان جو پٽ يعرب، يعرب جو پٽ يشجب ۽ يشجب جو پٽ سباهو (يعني سبابن يشجب بن يعرب بن قحطان بن ارفخشند بن سام) هي ئي سبا قحطاني قبيلن جا پڙ ڏاڏا آهن. انهن قبيلن کي عرب عاربه سڏيندا آهن. عرب بائده جن نوح عليـﮧ السلام جي طوفان کانپوءِ، عرب تي حڪومت ڪئي. جڏهن پنهنجي ڪفر ۽ شرڪ ۽ بدڪردايءَ جي سببان تباهه ٿي ويا ته: عرب عاربه يا قحطاني قبيلن عرب تي حڪومت ڪئي. هي قبيلا يمن ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ آباد هئا. يمن جي مشهور بند ”سدمارب“ جي ڀڄڻ کانپوءِ، انهن مان ڪي قبيلا يمن مان نڪري ڪري، جزيرة العرب جي ٻين حصن ۾ به آباد ٿيويا.

عدناني:

عدناني قبيلن جا پڙڏاڏا عدنان آ هن جي پڻ حضرت اسماعيل عه بن حضرت ابراهيم عه جي نسل مان آهن. انهن قبلين کي ”عرب مستعربه“ سڏيندا آهن. عدناني ۽ قحطاني مڙني قبلين جي نسب جو سلسلو ار فخشذ بن سام بن نوح عليـﮧ السلام تي وڃي ملي ٿو. عدناني قبيلا حجاز، نجد ۽ اتر عرب جي علائقن ۾ آباد ٿيا. رسول اڪرم صلي الله عليـﮧ وسلم جو قبيلو قريش پڻ عدناني قبيلو هو.[1]

حضرت مولانا اڪبر شاهه خان نجيب آبادي لکن ٿا ته: قحطاني قبيلا ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. هڪ يمينيه ٻيو سبائيه، قحطان جينسب ۾ عالمن گهڻو اختلاف ڪيو آهي. بعض چون ٿا ته ته:

عابر بن شالح بن ارفخشذ بن سام بن نوح عليـﮧ السلام جو پٽ ۽ قانع ۽ يقطن جو ڀاءُ هو. ليڪن توريت ۾ ان جو ذڪر ٿيل نه آهي، پر ها! فانع ۽ يقطن جو ذڪر توريت ۾ موجود آهي.

بعض جو خيال آهي ته:

يقطن جو ئي معرب (اهو لفظ جنهن کي عربي بناء تي ورتو ويو هجي ۽ حقيقت ۾ اهو لفظ ٻئيءَ زبان جو هجي) قحطان آهي يعني جنهن کي يقطن سڏيو ويو آهي، اهو ئي قحطان آهي.

ڪن جو وري هي خيال آهي ته:

يمن بن قيدار بن اسماعيل عليـﮧ السلام جو پٽ قحطان هو.

ابن هشام جو چوڻ آهي ته:

يعرب ابن قحطان کي، يمن به سڏيندا هئا ۽ انهيءَ جي نالي سان يمن جوملڪ منسوب ٿيو. جيڪڏهن قحطان حضرت اسماعيل عليـﮧ السلام جي اولاد مان آهي. ته پوءِ ڪل اهل عرب بني اسماعيل عليـﮧ السلام ثابت ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته: عدنان ۽ قحطان ٻيئي شخص تمام عرب قبيلن جا پڙ ڏاڏا آهن. مگر وڌيڪ تحقيق ڪيل ۽ وڌيڪ قبول ڪرڻ جي قابل هي ئي قول آهي ته: قحطان ۽ يقطن هڪ ئي شخص جا ٻه نالا آهن ۽ قحطاني قبيلا بني اسماعيل نه آهن.[2]

اسان مٿي جيڪي ڪجهه سميرين قومن جي متعلق، اهل قلم اشخاص جونهايت قيمتي ۽ اهم وسيع معلومات سان لبريز مواد پيش ڪري چڪا آهيون، تن مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿو ته: سميرين جنهن کي عرب سامي سڏيندا آهن، سي هند ۽ سنڌ جون قديم قومون بنهه ثابت نٿيون ٿين، البت هند ۽ سنڌ جي قديم قومن تي، سميري تهذيب جو اثر ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. بقول حضرت مولانا ابو الڪلام آزاد رح ڏسڻ ۾ اچي ٿو. بقول حضرت مولانا ابوالڪلام آزاد رح سميري قبلين جو اصل وطن عراق هو. جيڪي ٽي هزار سال ق. م دجله ۽ فرات تي آباد ٿيون. اهل عرب ٻن قومن تي مشتمل هئا، يعني قحطاني ۽ عدناني، قحطاني قومن ۾ عرب ۽ يهودي قومون اچي وڃن ٿيون. جڏهن ته حضرت اسماعيل عليـﮧ السلام جي پٽ عدنان جي نسل جي قومن کي، صرف نج ۽ خالص قريش قومون سڏيو ويندو آهي، جن ۾ بني ثقيقف ۽ بني سمره (سومره) قومون پڻ شامل آهن.

انهيءَ ڪري ته: ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ صاحب، سومره قوم جو، سميرين (سامي) جنهن کي توريت شريف ۾ سماريٽن“ سڏيو ويو آهي، مان هجڻ جي نفي ڪندي، صاف لکن ٿا ته:

سومرن جي اصليت بابت مختلف قياس آرائيون ڪيون ويون آهن، جي گهڻو ڪري، ڏند ڪٿائن يا زباني روايتن تي قائم ڪيل آهن.

ليکڪن جي راءِ آهي ته:

سومرا سميري قوم جي هڪ شاخ آهن، جن 3500 سال قبل مسيح ڌاري عراق جو ملڪ وسايو ۽ اتي انساني تهذيب تمدن جو ٻج ڇٽيو.

ڏٺو ويندو ته:

اها دعوا بلڪل غلط آهي- ڇاڪاڻ ته: سميري قوم هڪ اهڙي نسل سان وابسته هئي جو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، سميري نه ته آريا نسل مان هئا ۽ نه وري سامي نسل جا سميري ۽ سومرن جي وچ ۾ اٽڪل چئن هزار سالن جي وٿي آهي، جنهن ۾ انهيءَ نالي جي ڪا به قوم برصغير پاڪ- هند ۾ نه ڏٺي ويئي ۽ نه ٻڌي ويئي.

البت تورات ۾ انهيءَ نالي سان ملندڙ جهلندڙ قومن ”سماريٽن“ جو نالو ڏنل آهي، جا آشوري ۽ يهودي قوم جي ميلاپ مان پيدا ٿي هئا.

ياد رهي ته:

آشوري قوم يهودين جي نسل تباهه ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي. انهن جا شهر ساڙي تباهه ڪيا، يهودين کي غلاميءَ ۾ جڪڙي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ بدر ڪيو ويو هو. سماريٽن کي يهودي قوم گاڏڙ ۽ گهٽ ذات سمجهندي هئي.

بهرحال، سماريٽن جو سنڌ جو سومرن سان ڪو به تعلق ڪو نه رهيو آهي، اهو سامارا جي انهن يهودين ڏانهن اشارو آهي، جن حرفت سان ڳالهائيندڙ گابو ٺاهي، ان جي پوڄا يهودين ۾ رائج ڪئي هئي. سامارا يهودين جي اسرائيل حڪومت جو تخت گاهه هو، جنهن کي آشوري بادشاهه سارگان ٻئي تباه ۽برباد ڪري ڇڏيو.[3]

بهرحال هاڻي سومره قوم جي عراق جي سميري قوم جي هڪ شاخ مان هجڻ جي ڳالهه ڪرڻ، ڪنهن به طرح درست ۽ قابل قبول ڪرڻ جي لائق بنهه نه رهي آهي.

انهيءَ ڪري ته: اسان معزز پرهندڙن حضرت جي آڏو محترم جناب حضرت ابوالڪلام آزاد رح ۽ محترم جناب ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ صاحب جن جي نهايت قيمتي سميري ۽ سميرين جي اصل نسل ۽ وطن تي وڌل ڀرپور روشني هت موقعي جي مناسبت سان پيش ڪري رکي آهي، ته جيئن بذات خود معزز پڙهندڙ صاحب ان مان بخوبي روشناس ٿي، ساريءَ حقيقت کان چڱيءَ طرح واقف ٿي، سومره قوم کي سميري، سميرين جنهن کي سمارٽين به چيو ويندو آهي جي نسل مان نه هجڻ جي، مؤرخن، محققن کان علاوه اسان جي ڪيل واجبي ۽ صحيح فيصلي کان انڪار نه ڪري سگهن ۽ دل جي خلوص سان پڻ ان کي تسليم ڪري سگهن.


 

 

باب اٺون

چنيسر جو موت

سنڌ هجي واليءَ سنان الدين چنيسر سومرو (جنهن سان 682 هه کان 700 هه تائين 18 سال حڪومت ڪئي آهي) جوموت ڪيئن ٿيو ۽ پنهنجيءَ زال ليلان جي مرڻ بعد، بقول مؤرخن جي) ساڻس گڏ جيئري ساڳئيءَ چکياتي، چڙهي سڙي مئو به آهي يا نه؟ يا انهيءَ فرسوده بيان ڪيل حقيقت جي بلڪل برعڪس ليلان چنيسر کي دفنايو ويو آهي؟ تي ڀرپور روشني وجهي، هن ڳالهه کي واضح طور ثابت ڪندس ته: نه ته، چنيسر سومرو ليلان سان گڏ، چڱيا تي چڙهي سڙي مئو آهي ۽ نه وري ڪو چنيسر غير مسلم هندو راجپوت قوم مان هو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، چنيسر سومرو جي موت بابت لکن ٿا ته:

چنيسر جي پڇاڙي ڪيئن ٿي ۽ هو ڪيئن مئو هڪڙن بيانن موجب دودي جي مرڻ کانپوءِ چنيسر پاڻ وڙهيو ۽ مارجي ويو يا کيس زهر ڏنو ويو يا پاڻ زهر کائي مئو. ٻين بيانن موجب، دودي جي مرڻ کان پوءِ به چنيسر عالادين سان گڏجي ڪڇ ويو، جتي ابڙي سمي جي مارجڻ کانپوءِ، عالادين سان وڙهيو ۽ مارجي ويو. بهرحال سندس موت بابت هيٺيان بيان ملن ٿا.

(1) جڏهن دودو مارجي ويو ته عالادين دودي جي مڙهه کي ٿڏو هنيو، جنهن تي چنيسر چڙيو ۽ اچي عالادين جي لشڪر ۾ پيو. وڙهندي وڙهندي ڪونڌ ٿيو، يعني سر لهي ويس ته به سندس ڌڙ وڙهيو جو پوءِ حيلي سان ڪريو.[4]

(2) دودي جي مارجڻ کانپوءِ جڏهن عالادين وڳـﮧ ڪوٽ ۾ چڙهي آيو ۽ چنيسر کان سڱ  گهريائين ته چنيسر سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي کيس ماري اندر ڪوٽ ۾ گهڙي پيا پر سومريون ان کان اڳ هليون ويون هيون.[5]

(3) دودي جي مرڻ بعد، جڏهن عالادين چنيسر تي تاب رکيو ته سومريون ڏي، تڏهن انڪار ڪيائين ته وڏي جنگ ڏنائين. عالادين سان باقي ڏهه هزار فوج وڃي بچي هئي جو چنيسر ماريو، ۽ پوءِ عالادين ابڙي تي چڙهائي ڪئي.[6]

(4) چنيسر اٽڪل ڏسي، جنهن سان دودو ماريو، عالادين دودي جي لاش کي ٿڏو هنيو، جنهن تي چنيسر کي جوش آيو ۽ عالادين جو گهڻو لشڪر ماريائين، پوءِ چنيسر وڳـﮧ ڪوٽ ڏي آيو ته لڄن جو سماءُ لهي، پر ڏٺائين ته ات ڪو به ڪونهي، حويليون اوطاقتون ۽ تخت سڃا ڏسي، زهر کاڌائين ۽ اتي مئو.[7]

(5) دودي جو موت ڏسي، چنيسر اچي بگڙيو ۽ عالادين جي گهڻي فوج ماريائين، پوءِ عالادين کيس ريجهائي ويهاريو ۽ شراب ۾ زهر وجهي کيس پياريو ۽ پيئڻ سان چنيسر پورو ٿي ويو[8]

(6) دودي جي مارجڻ کانپوءِ، چنيسر عالادين سان گڏ ڪڇ ويو، اتي ابڙي جي مارجڻ کانپوءِ، جڏهن عالادين ابڙي جي ننڍي پٽ ممٽ کي پڳ ٻڌائي، تڏهن چنيسر ڪاوڙيو ۽ وڙهيو ۽ وڃي عالادين جي مٿان بيٺو، عالادين کيس سندس پنهنجو هٿ لکيل پروانو ڏيکاريو، جنهن ۾ چنيسر پاڻ عالادين کي جنگ تي چاڙهي آيو هو. چنيسر پنهنجو هٿ لکيو ڏسي موٽيو ۽ نفل جوٽي وڃي سجدي ۾ پيو عالادين وٽ جيڪي ست صوبا بچيا هئا، تن حملو ڪري کيس ماريو.[9]

(7) ابڙي جي مرڻ کانپوءِ ابڙي جو پٽ ڏونگر راءِ جيڪو ستن، اٺن ورهين جو هو، تنهن ٽپ ڏيئي ترار کنئي ۽ لشڪر کي سامهون ٿيو. هن جي سورهيائي ڏسي، هن کي ڪو نه ماريائون ۽ بادشاهه کي وڃي ٻڌايائين، تنهن کيس ڀرسان ويهاريو ۽ بالاخر کيس سنڌ جي بادشاهي ڏنائين، تڏهن چنيسر دل ۾ چيو ته: آڪهه اسان جي مئي ۽ راڄ ڏونگر راءِ کي مليو، پوءِ بگڙيو ۽ جنگ منڊيائين، جنهن ۾ چنيسر مئو ۽ بادشاهه سان به باقي ست سوار وڃي بچيا)[10]

ڳالهه ۾ آيل مختلف بيانن موجب چنيسر صورت جو نهايت سهڻو هو:

”صورت ۾ سلطان، جيئن تارن ۾ شعاع“

سندس پار اهي جو لال ڪڪوريل اکيون، سهڻي ٽور، تکي طبع ۽ تاءُ، سبتي ڀير سان مينا ڪاري سائي پڳ، سائو نيزو هٿ ۾، ۽ نيري گهوڙي تي سوار جنهن جي ڀرڻي تي ويٺل باز[11].

چنيسر لاچار ٿي وڃي عالادين کي چاڙهيو آيو هو ۽ باوجود انهيءَ ڪچائي ۽ ڪڌائي جي، هو آخر پنهنجن سان همدردي خاطر يا پنهنجن جي تباهي ڏسي عالادين سان وڙهيو ۽ پنهنجو سر سهسايائين. انهيءَ لحاظ سان، پوين سومرن کيس نه فقط بخشي ڇڏيو، پر ”شهيدن“ ۾ ڪري ڳڻيو. چون ٿا ته: ”روپاهه ماڙي“ جي کنڊرن (تعلقو بدين) واري ماڳ تي، اهو مزار جيڪو ”شاهه حسين“ جي نالي سڏجي ٿو، سو چنيسر جو آهي.[12](2) توضيحات معصومي“ ۾ بحواله جيڪي نسخا ڪپتان ”مالٽ“ پنهنجي انگريزي ڪتاب جي ترجمي لاءِ ڪم آندا آهن ته ۾ هتي سومرن بنسبت هڪ ڊگهو فقرو موجود آهي ۽ ايليٽ به تاريخ هند (جلد اول، صفحن 216، 323) ۾ اهو فقرو مالٽ کان نقل ڪري، ان جي صحت ۾ شڪ ڏيکاريو آهي. مان ان جي اختصار مان هڪ ٽڪرو جنهن مان اسان کي چنيسر جي موت جي اختصار مان هڪ ٽڪرو جنهن مان اسان کي چنيسر جي موت جي خبر پوي ٿي، سو هت پيش ڪريان ٿو. انهيءَ وقت هن جو پٽ دودو ننڍو هو. تنهنڪري بادشاهيءَ جي مکيه ماڻهن سندس ڀاءُ چنيسر کي ان جي جاءِ تي ويهاريو. دودو بالغ ٿيو ته: چنيسر هن کي قيد ڪرڻ چاهيو. (جنهنڪري) دودو سلطان مودود کان مدد گهرڻ لاءِ غزني ڀڄي ويو. انهيءَ وقت سلطان مرڻينگ هو. دودي هڪ معجزي نما لڪڙيءَ جي مدد سان رستي ۾ هڪ پير مرد کان ورتي هئائين. معلوم ڪيو ته: سلطان ڪنهن پاڻي پيئندي نانگ جا ٻه ننڍا ٻچا ڳهي ويو آهي ۽ اهي ٻئي نانگ جا ٻچا وڏا ٿي بادشاهه کي ايذائي رهيا هئا. پوءِ ڪنهن حيلي سان انهن ٻنهي نانگن کي ٻاهر ڪڍيائين ۽ سلطان چڱو ڀلو ٿي پيو. سلطان راضي ٿي فرمايو ته ”گهر جيڪي گهراڻو اٿيئي“ دودي پنهنجو احوال عرض ڪيو. ٻارهن ڏينهن جي لڙائيءَ کانپوءِ، بادشاهي جهنڊي تي فتح جي هير گهلي (بادشاهه جي طرف کي فتح حاصل ٿي) چنيسر پنهنجن گهڻن ماڻهن سميت مارجي ويو. دودي پيءُ جي تخت تي ويهي ڪيئي سال طاقت ۽ عقلمنديءَ سان حڪومت هلائي. نيٺ ”کل نفس ذائقت الموت“ جي حڪم موجب اجل جي ساقي هٿان موت جو شربت پي حياتيءَ جو اسباب دائمي جهان ڏانهن کڻي ويو.[13]

اسان کي بلوچ صاحب جي، خود لکيت يا وري راوين جي پيش ڪيل مختلف قسم جي روايتن مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿو ته:

جهڙيءَ طرح چنيسر سومرو جو موت واقع ٿيڻ بيان ڪيو ويو آهي: ان ۾ ڪا به (سواءِ ڏند ڪٿا ۽ قياس آرائي ڪرڻ جي) سچائي ۽ حقيقت ذري برابر به ڏسڻ ۾ ڪا نه اچي ٿي. مثلاً:

(1) دودي سومري ۽ دهليءَ جي بادشاهه علاؤالدين خلجيءَ جي وچ ۾ جنگ لڳي هئي، جو ڪنهن به طرح صحيح ۽ درست هرگز ناهي.

ڇاڪاڻ ته: هر هڪ تاريخ نويس چنيسر سومرو جي ڪيل حڪومت جو ڪل عرصو 18 سال تحرير ڪري ٿو. جڏهين چنيسر سومرو برسر اقتدار آهي ته پوءِ، سندس دهليءَ جي بادشاهه علاؤالدين خلجيءَ ڏانهن پنهنجي ننڍي ڀاءُ دودو سومرو کان حڪومت وٺي ڏيڻ جي لاءِ، دانهين ٿي وڃڻ، ڇا معنيٰ رکي ٿو. هن مان صاف ظاهر آهي ته: غيرتمند چنيسر سومرو علاؤالدين خلجيءَ کي پنهنجيءَ ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ جي سڱ ڏيڻ جي لالچ ڏيئي ڪري، پنهنجي ننڍي ڀاءُ دودو سومرو جي خلاف پاڻ سان گڏ وٺي ڪري سنڌ تي ڪو نه چاڙهي آيو هو. انهيءَ ڪري چنيسر جو علاؤالدين خلجيءَ جي هٿان مارجڻ يا خود زهر کائي مرڻ ڪنهن به طرح هرگز ثابت نٿو ٿئي. نه صرف هي، پر چنيسر سومرو جي برعڪس بذات خود دودو سومرو به نفس نفيس دهليءَ جي بادشاهه علاؤالدين خلجيءَ وٽ سو به نه، پر غزنيءَ جي سلطان مودود وٽ پنهنجي وڏي ڀاءُ چنيسر کان حڪومت وٺي ڏيڻ جي واسطي، دانهين ٿي وڃڻ بيان ڪيو ويو آهي. اسان کي انگريز ليکڪ مالٽ صاحب جي هن بيان مان واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته: دودي سومري ۽ علاؤالدين جي وچ ۾ جنگ لڳڻ جو ڀٽن ۽ ڀانن ۽ سگهڙن جو بيان ڪيل فرسوده روايتون ۽ قصا ڪوڙ تي مبني ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هونئن به ڏٺو ويندو ته: ڀٽ ۽ ڀان ۽ قصي گو شاعر ڪنهن نه جهڙيءَ ڳالهه کي به، اهڙو ڪري پيش ڪندا آهن جا ٻڌندڙ کي انجي سچي هجڻ ۾ پڻ يقين ٿي ويندو آهي. انهيءَ ڪري، جڏهن دودو سومرو ۽ علاؤالدين جي وچ ۾ جنگ ئي نه لڳي آهي، ته پوءِ پاڪدامن سومريون سام ٿي، ابڙي هندوءَ وٽ ڇو ويون هونديون؟ يا غيور چنيسر سومرو جو علاؤالدين خلجيءَ کي پنهنجيءَ ڀيڻ ٻاگهل ٻائي (ڀاڳل مائي) جي سڱ ڏيڻ جي لالچ ڏيئي ڪري، پنهنجي ننڍي ڀاءُ دودي جي خلاف سنڌ تي چاڙهي ڇو ۽ ڪيئن وٺي آيو هوندو؟ يا وري جڏهن، چنيسر غزنيءَ جي سلطان مودود جي لشڪر سان ٻارهن ڏينهن تائين مقابلو ڪندي، آخرڪار شهيد ٿي وڃي ٿو ته: پوءِ چنيسر سومرو جو خود زهر کائي مرڻ يا ليلان سان گڏ، ساڳئيءَ چکيا تي چڙهي سڙي مرڻ جي ڳالهه ڪرڻ، ڇا ڪوڙ تي مبني ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي؟ جي ها ته پوءِ مسلمان چنيسر سومرو کي هندو ڪيئن مڃي ۽ تسليم ڪري سگهجي ٿو؟

انهيءَ کان علاوه، اسان کي غزنيءَ جي سلطان مودود جي لشڪر جي، سنڌ تي چڙهائي ڪري اچڻ مان ٻن ڳالهين جي به، پڪي ثابتي ملي ٿي ته: پهريون ته: سومرا غزنوي ڪمزور سلطانن جي ڏينهن ۾ سنڌ جا حڪمران ڪو نه ٿيا آهن، ٻيو ته: جيڪڏهن سنڌ جو ملڪ غزنوي حڪمرانن جي قبضي ۾ هجي ها (جيئن بيواجبي مؤرخن ۽ محققن جو چوڻ آهي) ته پوءِ، سلطان مودود سنڌ تي لشڪر ڪڇي ڪرڻ بجاءِ، چنيسر سومرو کي برطرف ڪري، سندس جاءِ تي دودو سومرو کي مقرر ڪري سگهيو ٿي. نه صرف هي، پر اسان کي هن مان هيءَ به پڪي خبر پئي ٿي ته: مبادا! غزنوي سلطانن مودود جي لشڪر جي سنڌ تي چڙهائي ڪري، چنيسر کي شهيد ڪري، دودي کي سنڌ جي تخت تي ويهارڻ جي باعث، مؤرخ ۽ محقق مغالطي ۾ پئي غزنوي سلطان جي هٿان سنڌ جي فتح جي ڳالهه ڪندا هجن؟

بهرحال، هيءَ ڳالهه بلڪل تسليم شدهه آهي ته: غزنوي سلطانن جي ڪنهن به، سلطان جي هٿان سنڌ فتح ٿيل نه آهي ۽ نه وري ڪي سومرا سندن ماتحت هئا.

اسان جڏهن چنيسر سومري جي موت جي مڙني پهلوئن تي، غور ۽ خوض ڪري ڏسون ٿا ته: پوءِ چنيسر ليلان سان گڏ، ساڳئيءَ چکيا تي به چڙهي سڙي ڪو نه مئو آهي، ڇو جو روپا ماڙيءَ جي کنڊرن ۾ جيڪا شاهه حسين جي مزار ملي ٿي، سا (بقول بلوچ صاحب جي) چنيسر جي آهي.

ڪيتري نه، بيواجبي تاريخ نويسن سومرن جي غيرت ۽ تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي.

 

معمور يوسفاڻي صاحب، چنيسر، ليلان ۽ ڪونئرؤ جي موت بابت لکن ٿا ته:

جڏهن محفل متي ته: ان جي آخر ۾ ليلان جو وارو هو. جيڪا منهن تي نقاب ڍڪي ميدان تي آئي هئي. سا پهريائين نچڻ پوءِ درديلي آواز سان ڳائڻ لڳي. جنهن تي چنيسر بيحال ٿي پيو ۽ نماڻو ٿي ڪري، عرض ڪيائين ته: اي نازنين! خدا جي واسطي،پنهنجي منهن تان نقاب پري ڪر ته: تنهنجو منهن مبارڪ ڏسان، اهو ٻڌي ليلان سامهون بيهي نهايت ادب ۽ احترام سان پنهنجي منهن تان نقاب پري ڪيو ته: چنيسر جي زبان مان الفاظ نڪتا ته: ليلان تون! ۽ ليلان ورندي ڏني ته: هائو سرتاج! تنهنجي داسي ليلان! چنيسر ليلان کي ڏسي کيس سڀ ڪجهه بخش ڪري چڪو هو. بلڪه ظاهري ڏيکاء خاطر، پڪائي ڪري، منهن ڦيرائي ڇڏيو. جنهن تي ليلان جي هڪ مائٽياڻيءَ ليلان جي ٺاهيل پروگرام موجب، پريان بيهي، ليلان کي سڏ ڪندي چيو ته: او ليلان! تنهنجو ٻار پيو روئي. ليلان سڏ ٻڌندي به، سڏ ڪو نه ڏنو ته: ان عورت وري ٻيو دفعو وڏي آواز سان سڏ ڪيو. جنهن ۾ چيائين ته: او چنيسر واري ليلان! تنهنجوٻار پيو روئي. اهي لفظ ٻڌي ڄام چنيسر جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ ليلان ڏانهن منهن ڪري چيائين ته: ليلان! ڇا اهو سچ آهي؟ ليلان ورندي ڏني ته: نه سرتاج! ليلان تنهنجي آهي. ٻئي جي ڪيئن ٿي سگهندي. ليلان جا اهي لفظ ٻڌي چنيسر جيڪي لفظ چيا، تن کي شاهه سائينءَ اجهو هن طرح شعر جو روپ ڏنو آهي:

جي تون منهنجي آهين، توکي تڙي ڪير؟

ان لاءِ وڌم وير ته: سکن مان سهاڳڻيون.

چنيسر کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڏسي، ليلان رڙ ڪري وڃي، ان جي پيرن تي ڪري ۽ سندس ساهه هليو ويو. ٻئي طرف چنيسر به، پاڻ روڪي نه سگهيو ۽ جيئن ته ليلان جولاش هنج ۾ کڻي، دانهن ڪيائين ته: سندس روح به ساڳي راهه تي روانو ٿي ويو. ليلان ۽ چنيسر جو انهيءَ طرح ميلاپ ۽ موت ڏسي، ڪونئروءَ جو روح پڻ بيتاب ٿي ويو ۽ جيئن ئي چنيسر جي مڙهه کي چهٽي رڙ ڪيائين ته: پاڻ به وڃي انهن جي دنيا ۾ پهتي.

سڀني کي انهيءَ ايراضي جي هڪ قديم قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. جيڪو قبرستان هن وقت به ”ليلان جو قبرستان“ سڏجڻ ۾ اچي ٿو ۽ موجود جاگرافيءَ موجب، ميرپور خاص تعلقي جي ايراضيءَ ۾ مڱرين جي کاتيءَ لڳ آهي. انهيءَ ايراضيءَ کان اولهه  اتر طرف شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقي جي دنگ وٽ، ”جمڙ واهه“ جي ”ڀاڄي موري“ ۽ ”ڪنگ پٽي جي موري“ جي وچ تي ڪونئروءَ جي شهر جا کنڊر آهن. جتان ڪونئرو ڪشالا ڪي ليهور پهتي هئي. جيڪو انهيءَ هنڌ کان 70، 75 ميل پري هو.[1]

اسان کي يوسفاڻي صاحب جي مٿئينءَ پيش ڪيل عبارت مان واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته:

نه صرف چنيسر سومرو کي تعلقي ميرپور خاص جي هڪ قديم قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي، پر ليلان ۽ ڪونئرو جي پڻ هندو عورتون چيون وڃن ٿيون، تن کي به، سواءِ ساڙڻ جي، ان ۾ ليلان کي دفنائڻ جي باعث، سندس نالي پٺيان قديم قبرستان کي ”ليلان جو قبرستان“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. ته پوءِ ڪيئن چئي ۽ بانور ڪري سگهجي ٿو ته: چنيسر سومرو ليلان سان گڏ رسو به، تڏهين جڏهن ليلان ۽ چنيسر گڏ مئا آهن) ليلان جي ساڳيءَ چکيا تي، مئل چنيسر ڪيئن چڙهي، سڙي مئو هوندو؟ ته ڪو چنيسر ليلان سان گڏ ساڳيءَ چکيا تي جيئري سڙي مئو هو يا محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڏيکاريل هن خيال کي ڪيئن تسليم ڪري سگهجي ٿو ته روپاهه ماڙي جي کنڊرن (تعلقو بدين) واري ماڳ تي اهو مزار جيڪو ”شاهه حسين“ جي نالي سان سڏجي ٿو سو چنيسر جو آهي.

بهرحال، مٿي پيش ڪيل پڪا ۽ ٺوس ثبوت ۽ دليل واضح طور ثابت ڪن ٿا ته: چنيسر سومرو غير مسلم هندو نه، پر پڪو مسلمان هو.

راڻو مسلمان سومرو جڏهن مومل سان ڪنهن به طرح سرچي نه سگهيو ته: آخر مومل مجبور ۽ بيوس ٿي، ڏاگهه تيار ڪرائي، ان ۾ پاڻ کي اڇلايائين ته: راڻو به رهي نه سگهيو جو هن به پاڻ کي ساڳي مومل جي آڙاهه ۾ اڇلائي، هميشه جي لاءِ امر ٿي ويو.

ڇا راڻي مسلمان سومري کي به، مومل سان ڪٺو سڙي مرڻ جي باعث، هندو سڏي سگهون ٿا؟ جيڪڏهين نه ته، پوءِ بغير ليلان ۽ چنيسر کي چکيا تي سڙي مرڻ جي، ٻنهي کي ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح هندو تسليم ڪري سگهجي ٿو؟ انهيءَ ڪري بي بنياد الزامن ۽ اعتراضن جي تحت، چنيسر سومرو کي هندو سڏڻ، عقل کان بلڪل بعيد آهي.


[1]  (”ماهوار نئين زندگي، جولاءِ، 1982ع، معمور يوسفاڻي به.عنوان شاهه عبداللطيف جو ٿرپارڪر جي ايراضيءَ ۾ سير ۽ سفر- نوهٽيءَ کان ليهور تائين، داستان ليلان چنيسر).

[1]  (سيرت حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنـﮧ، حرا پبليڪيشنز اردو بازار لاهور، پهريون دفعو سيپٽمبر 1993ع مؤل طاب الهاشمي حاشيه ص 34).

[2] (تاريخ اسلام، حصه اول مولانا اڪبر شاهه خان نجيب ابادي، الفيصل ناشران و تاجران کتب غزني اسٽريٽ اردو بازار لاهور، ص 57).

[3]  (نئين زندگي، ڊسمبر 1971ع، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، ”سومرا دؤر، سنڌي ادب جي آئيني ۾“ ص 14- 15).

[4]  (سومرن جو دور- دودي چنيسر جي ڳالهه، مصنف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون سيپٽمبر 1980ع ص 122، بحواله صابرنوحاڻي جي روايت، ص 195).

[5]  (دودي چنيسر جي ڳالهه ص 123، بحواله هاشم ڀنڀري جي روايت ص 656).

[6]  (ايضاً ص 23، بحواله فقير عبالستار مهر جي روايت ص 330، 331 ۽ پڻ محمد عظيم ڪلوڙ جي روايت، ص 429).

[7]  (ايضاً ص 123، بحواله عبدالله جمالي جي روايت، ص 108).

[8]  (ايضاً ص 123، بحواله رکيل راڄڙ جي روايت، ص 253).

[9]  (دودي چنيسر جي ڳالهه ص 123- 124، بحواله  غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت، ص 631، 635، 636).

[10]  (ايضاً 124، بحواله منشي اڌا رام واري لکايل ڳالهه، ص 31، 32).

[11]  (دودي چنيسر جي ڳالهه، ص 124، 125، ص 119، 121، 129، 125، 403، 474، 504، 512، 868).

[12]  )(دودي چنيسر جي ڳالهه، صفحه 122، 123م 124، 125).

[13]  (”توضيحات معصومي“ صفحه 350).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org