سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سومره سنڏ

باب؛ 4

صفحو ؛ 7

مٿي ذڪر ڪيل بنو ثقيف جي ٻن خانداني شجرن کان علاوه هشام رح بنو ثقيف جو پڻ خانداني شجرو هن طرح لکيو آهي. بنو ثقيف: ثقيف بن قسي منبه بن بڪر بن هوازن بن. منصور ابِن عڪرمه بن خصفته بن قيسي بن عيلان بن مضر بن نزار بن معد بن عدنان.[1]

هاڻي جيئن ته: سنڌ جو فاتح غازي محمد بن قاسم ثقيف (الثقفي) هجڻ جي باوجود به، مٿي پيش ڪيل مستند عدنان قريشي خاندان جي ٽن شجرن مان قريش (القريشي) بلڪل صاف ۽ چٽيءَ طرح ثابت ٿي چڪو آهي.

تنهنڪري هاڻي بلاشبـﮧ محمد بن قاسم الثقفي ۽ حضرت سمره (سومره) بن جندب جي ٻنهي خاندانن جو پڙڏاڏو هوازن (هوازنيه) کي سمجهي سگهجي ٿو.

باقي رهيو ”تاريخ معصومي“ جي مترجم مخدوم امير احمد صاحب جو پڇيل هي سوال ته: سو الائجي ڪيئن؟

اهو انهيءَ طرح جيئن اسان مٿي نبي ثقيف ۽ بني سمره  ٻنهي خاندانن کي هڪ ئي پڙ ڏاڏي هوازن جي اولاد ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.

البت اسان تي، مؤرخ خواهه محقق هي اعتراض ضرور ڪري سگهي ٿو ته:

سمره (سومره) جي پيءُ جندب کي ڪهڙيءَ طرح هوازن سمجهي سگهجي ٿو.

انهيءَ ڪري اسان ضروري سمجهون ٿا ته:

هيءَ صفائي به پيش ڪري ڇڏيون ته: تمام بهتر آهي.

علامه نور بخش توڪلي صاحب لکي ٿو ته:

بقول ابن هشام جي، عبدالمطلب کي پنجن زالن مان ڏهه پٽ ۽ ڇهه ڌيئر اولاد پيدا ٿي.

زال جو نالو

اولاد

(1) سمراءِ بنت جندب هوازنيه

(2) لنبيٰ بنت هاجره خزاعيه

(3) فاطمـﮧ بنت عمرو مخزوميه

 

 

(4) هاله بنت وهيب زهريه

 

(5) نتيله بنت خباب خزرجيه

حارث [2]

ابولهب (اصلينالو عبدالعزيٰ)

ابو طالب (اصلي نالو عبدمناف)

زبير-عبدالله (رسول الله صه جو پيءُ)

بيضاء، عاتڪه، بره اميمه، ارويٰ رضه حمزه رضه، مقوم، خجل، صفيه رضه، عباس رضه، ضرار [3]

اسان کي حضور صلعم جن جي پياري ڏاڏي جناب عبدالمطلب جي زال سمراء (جا سومرن جي وڏي ڏاڏي سمره جي ڀيڻ آهي) جي پيءُ جندب جي هوازنيه هجڻ مان، هن ڳالهه جي پڪي خاطري ۽ تصديق ٿي وڃي ٿي ته: واقعي سمهر (سومره) جو پيءُ جندب به بلڪل هوازن القريشي آهي. نه صرف هي، پر اسان کي هن مان هيءَ به، پڪي ثابتي ملي ٿي ته: سومرن (سمره ”سومره“ بن جندب هوازنيه القريشي جو تعلق) جو خانداني ۽ نسلي رشتو ۽ تعلق، حضرت سمره بن جندب الفزاريءَ سان به هرگز نه آهي. ڇاڪاڻ ته: دائود پوٽه صاحب جي به، هيءَ ئي فتويٰ جاري ڪيل آهي ته:

جيڪڏهن سنڌ جو فاتحه محمد قاسم الثقفي القريشي ثابت ٿي وڃي ته:  سومرن جو نسل محمد بن قاسم سان ملائي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري، جيئن ته: محمد بن قاسم الثقفي هوازنيه القريشي صاف ۽چٽيءَ طرح ثابت ٿي چڪو آهي: ته پوءِ واقعي سومرا قوم جو پڻ تعلق، هوازنيه القريشيءَ سان ئي بلڪل آهي. هن ۾ ٻيو هاڻ ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ شبهو هرگز ڪري نه ٿو سگهجي.

هاڻي جيئن ته: سومرا بلڪل قريش ثابت ٿي چڪا آهن. انهيءَ ڪري سنه 134هه جي تخت گاهه منصوره جي عرب قريشي حڪمرانن کي سومرا سردار سمجهڻ گهرجي۔

جهڙيءَ طرح عرب سيلانين پنهنجي پنهنجي لکيل ”سفرنامو“ ۾ منصوره جي سومرن سردارن جي نالي سان گڏ قريش لکيو آهي، جو مؤرخ ۽ محقق شڪر ڪري رهيا هئا ته ”سومرا قريش ٿي نه ٿا سگهن. انهيءَ ڪري هاڻي جيئن ته: سومرا بلڪل قريش ثابت ٿي چڪا آهن، سو ملڪ سنڌ جي تخت گاهه منصوره جي سنه 134هه جي قريش حڪمرانن کي سومرا حڪمران ئي سمجهڻ گهرجي.


 

باب چوٿون

4- سومرا قوم پرمار هندو راجپوت قوم آهي

مسٽر رائچند هريجن صاحب لکي ٿو ته:

ڪيترن ئي ڪتابن ۾ سومرن کي هندو راجپوت لکيو ويو آهي: مثلاً

ٽاڊ پنهنجي ڪتاب ”راجستان“۾ سومرن کي پرمار راجپوت ڪري ڄاڻايو آهي.

”سنڌ گزيٽيئر“ صفحي 179 ۾ لکيل آهي ته: سومرا پرمار راجپوتن مان آهن.

سومرا اصل هندو هئا ۽ سندن ڌرم هندو هو. (انتخاب تاريخ طاهري، صفحو 14 ۽ 22 پڻ ”هسٽري آف انڊيا“، جلد 1 صفحو 484) سر ايلئٽ صاحب.

ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”انڊين ڊيلٽا ڪنٽري“ صفحي 73 تي لکي ٿو ته: ”سومرا اصل هندو هئا“.

سومرا، جن جو سنڌ تي راڄ هو، سي هندو جاتي جا آهن. (”بمبئي“ پريزيڊنسي گزيٽيئر“ جلد 7، سال 1880ع صفحو 99)

سنڌ ديس ۾ سومرا راجپوت جاتي پنهنجي بادشاهي برپا ڪئي. (ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا، جلد 3).

مسٽر ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ صفحي 227 ۾ لکي ٿو ته: سومرا اصل هندو راجپوت هئا.

شمس العلماءِ خانبهادر مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ صفحي 41 ۾ لکي ٿو ته: ”سومرا اصل راجپوت هئا جي پوءِمسلمان ٿيا“.

سنڌ جي آکاڻين ۾ لکيل گجراتي اتهاس صفحه 24 ۾ دودي جو نالو ”ڌوڌو“ ۽ چنيسر جو نالو ”جنديشور“
 لکيل آهي.

مسٽر اميد علي ڪريم بخش هيڊ ماستر عمر ڪوٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو گجراتي اتهاس“ صفحي 221 ۾ لکيو آهي ته: ”سومرا راجپوت ذات مان هئا“.

سومرا اصل سنڌ جي سومرا راجپوت ذات مان هئا.(ڪاٺياواڙ سرو سنگر 5، صفحو 116).

سومرا اصل چندر رونسي هئا، ڇاڪاڻ جو سوم ۽ سُوم اهي ٻئي لفظ چندر ماجا پرماڻ آهن. ڪيترا سومرا پاڻ کي عرب جاتيءَ جا قريشي سمجهن ٿا، ان جو ڪارڻ هي آهي ته: عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد، ڪيترائي قريشي سنڌ ۾ آيا ۽ سومرن جي مسلمان ٿيڻ بعد انهن جو پاڻ ۾ سڱابنديءَ جو رواج پيو ۽ پاڻ ۾ ملي ويا، جنهنڪري هو به پاڻ کي عرب خاندان جو ليکجڻ لڳا. (ڪڇ نوڪيسري دودواني چنيسر گجراتي، ليکڪ نارائڻ وشنجي، ڇپيل بمبئي، سال 1929ع، صفحه 12 جو فوٽ نوٽ).

ائبٽ صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ ان جا ماڻهو“ جي صفحي 89 جي فوٽ نوٽ ۾ لکي ٿو ته: ”ڪو زمانو ڪڇ، گجرات ۽ سورت تي جيڪا راجپوٽ قوم حڪمران هئي، سا سومرا قوم هئي.“

جوڌپور جي اتهاس ويتا مونشي ديوي پرشاد پنهنجي ڪتاب ”يو ون راج ونسا ولي“ صفحي 23 ۾ سومرن کي هندو راجپوت لکيو آهي.

گجرات جي مشهور تاريخي ڪتاب ”راس مالا“ ۾ لکيل آهي ته: ”سومرا هندو راجپوت هئا“.

مسٽر عبدالغني عبدالله پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ جلد ٽيون صفحو 133، 134، 135، سال 1939ع ۾ لکي ٿو ته:

سومرن جون جيڪي خاص رسمون ۽چال چلگت جون ڳالهيون تاريخ طاهري ۽ چچ نامي ۾ لکيل آهن، تن مان به ثابت ٿئي ٿو ته سومرا عربي نسل مان نه آهن، ڇاڪاڻ جو اهي رسمون ۽ چلگتون عربي تهذيب ۽ تمدن جي برخلاف آهن.

انهن تي ويچار ڪرڻ سان سومرن جو راجپوت هئڻ ۽پوءِ مسلمان ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي.

هيٺيان دليل انهيءَ سلسلي ۾ وزنائتا آهن.

(الف) جيڪي عربي نسل قومون، عربن جي حڪومت وقت سنڌ ۾ آيون ۽ پوءِ سنڌ ۾ رهجي ويئون، تن مان ڪا به قوم سنڌ کان ٻاهر ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ڏي ڪو نه ويئي، پر سومرن جي قوم قديم وقت ۾ گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف حڪمران قوم جي حيثيت رکندڙ هئي، جهڙيءَ طرح ائبٽ صاحب گجراتي تاريخي ڪتابن مان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي: جيئن هن وقت به سنڌ بنسبت وڌيڪ تعداد انهن ملڪن ۾ آهي.

(ب) سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ سومرا سردارن جون جيڪي خاص رسمون سڀني تاريخن متفق راءِ سان بيان ڪيون آهن. جهڙوڪ:

هٿن ۽ پيرن جا نهن پاڙون ڪڍائي ڇڏڻ.

زال هيڪر ٻار ڄائو (ڄڻيو) ته: ان سان وري همبستر ٿيڻ کان نفرت ڪرڻ.

هڪ دفعو ڍڪيل ڪپڙو ميرو ٿيو ته ، وري ڌئاري نه پائڻ.

پنهنجن غريب عزيزن ۽ زيردستن جي ڪلهن تي غلاميءَ جي نشاني لاءِ، داغ هڻڻ وغيره. اهي رسمون عربي نسل قوم جي تهذيب بلڪه اسلام جي اصول جي بلڪل برخلاف هيون.

 ڍاٽ (اڳوڻو عمر ڪوٽ پرڳڻو) ۽ راجپوتانا ۾ جيڪي اڄ ڏينهن تائين، گيت ڳايا وڃن ٿا، تن ۾ سومرن کي سوڍن سان گڏ، ساراهيو ويوآهي. انهن گيتن جا نالا ڦولان، ڪنڪريو ڪوٽ، ۽ آنٻا آنٻلي وغيره آهن.

ڦولان گيت، جو سانوڻ مهيني ۾ ڳائڻ ۾ ايندو آهي، تنهن ۾ اها ڪنواري ڪنيا ڦولان چوي ٿي ته: مان نه هاڏي راءِ (بوندي (ياست جي راجا) سان پرڻبيس، ۽ نه جيسلمير جي ڀاٽي راجا سان پرڻبيس، مگر سنڌ جي سومري سان پرڻبيس. (امرڪوٽ اتهاس، مسٽر تيج سنگ سولنڪي صفحو 16).

 اڳي راجپوتن ۾ رواج هو ته: ڇوڪريءَ کي ڄمڻ شرط ماري ڇڏيندا هئا. سومرن ۾ به اهو رواج مسلمان ٿيڻ بعد ۾ هليو آيو. (ڪڇ نوڪيسري دودواني چنيسر گجراتي صفحو 10).

مگر شام جو اسماعيلي دروازي امام جو هڪ خط، جو هن 432 هجريءَ ۾ سنڌ جي ابن سومر راءِ ڏانهن لکيو ۽کيس سنڌ ۽ ملتان ۾ دوباره اسماعيلي حڪومت قائم ڪرڻ جي غيرت ڏياري آهي، سو سومرن ۽ عربن جي تعلقات تي هڪ معتبر شاهد آهي.

تاريخ معصوميءَ ۾ آهي ته: غزنين جي ڪمزوري جو فائدو وٺي سومرن پنهنجي سردار سومري کي حڪومت جي والي بنايو، جنهن ”صاد“ نالي هڪ زميندار جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. (”عرب و هند کي تعلقات“ مصنف علامه سيد سليمان ندويءَ ۾ سعد لکيل آهي).

ان مان ثابت ٿئي ٿو ته: انهيءَ نو مسلم سومري حاڪم، ڪنهن قديم عرب مسلمان خاندان مان شادي ڪئي، جنهن مان اهو گهراڻو شروع ٿيو.

(”تاريخ و سياسيات“ اردواپريل 1951ع جلد پهريون، علامه سيد سليمان ندوي صاحب جومضمون صفحو 20).

تاريخ فرشتي ۾ ٺٽي جي سومري حاڪم جو نالو جنيسر لکيل آهي جو اصل ۾ چنيسر آهي.

”طبقات ناصري“ ۾ ”ملڪه سنان الدين چنيسر والي ديول و سنڌ“ جي نالي ۽ ذڪر سان هن جو نالو لکيل آهي، جنهن سال 625 هجريءَ ۾ دهلي جي اطاعت قبول ڪئي.

(حواشي ”تاريخ معصومي“ ڊاڪٽر عمر الدين دائود پوٽه صاحب) چنيسر جو اصل نالو چند ايشورهو جو هندو نسل جو ڀتو ڏئي ٿو، ۽ ملڪ سنان الدين جو لقب اسلام ۾ اچڻ جي ثابتي آهي.

(علامه سيد سليمان ندوي صاحب جو مضمون“ تاريخ و سياسيات“ صفحو 21- 22).

سومرن کي اصل ”سومراء“ چوندا هئا: سوم جي معنيٰ هندي ۾ چنڊ آهي. اهڙيءَ طرح سنگهار کي ”سنگهراء“ ۽ ڀونگر کي ”ڀونگر راءِ“ سمجهڻ گهرجي.

(”تاريخ و سياسيات“ اردو صفحو 22، علامه سيد سليمان ندوي صاحب).

مٿئين تاريخي حوالن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته: سومرا اصل هندو هئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا.[4]


[1]  (سيرة النبي صلي الله عليـﮧ و آلـﮧ وسلم، کامل، مرتبئه ابن هشام حصه اول، ترجمه مولانا عبدالجليل صديقي، نظر ثاني و تهذيب مولانا غلام رسول سهر، ناشرين شيخ غلام علي اينڊ سنز (پرائيويٽ) لميٽيڊ پبلشر لاهور، حيدرآباد، ڪراچي ص 75).

[2]  سيرت رسول عربي، از: علامه نور بخش توڪلي، تاج ڪمپني لميٽيڊ لاهور، ڪراچي، ڍاڪه، طبع سوم 1957ع ص 39، بحواله بقول واقدي حارث جي ماءُ جو نالو صفيه بنت جندب آهي ۽ارويٰ حارث جي سڳي ڀيڻ آهي.

[3]  سيرت رسول عربي ص 39.

[4]  ”تاريخ ريگستان، رائچند هريجن، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ ڪراچي، پهريون ايڊيشن 1956ع صفحو 54، 55، 56، 58.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org