(2)
حضرت علامه شبلي نعماني رح ابو محجن ثقفيءَ جي
شيراب پيئڻ بابت لکن ٿا ته:
جنهن وقت لڙائيءَ جو هنگامون گرم هو. ابو محجن
ثقفي جو پڻ هڪ مشهور شاعر ۽ بهادر هو. جنهن کي
حضرت سعد رضه شراب پيئڻ جو ڏوهه ۾ قيد ڪري رکيو
هو. هي جيل جي دريءَ مان، لڙائيءَ جو تماشو ڏسي،
بهادريءَ جي جوش ۾ جڪ کائي رهيو هو. آخر پاڻ تي
ضابطو نه رکي سگهيو. انهيءَ ڪري سلميٰ (سعد جي
زال) کي چيائين ته: مون کي خدا تعاليٰ جي واسطي،
آزاد ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن مان لڙائي ڪندي، بچي ويس
ته: مان خود جيل ۾ اچي ڪري نيل پائي ڇڏيندس. جڏهن
سلميٰ کيس آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته: هو ڏک ڀرئي
انداز ۾، هي شعر پڙهي رهيو هو.
کفيٰ خزانا ان تردي الحيل بالقنا واترک مشدود اعلي
وثاقيا.
ترجمو: هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو غم ٿي سگهي ٿو، جو
سوار نيزي بازي ڪري رهيا آهن ۽ مان وري زنجيرن ۾
جڪڙيو پيو آهيان.
اذا تمت عنا في الحديد وا غلقب مصاريع من دوني تسم
المناديا.
ترجمو: جڏهن بيهڻ چاهيان ٿو ته: زنجير اٿڻ نٿا ڏين
۽ دروازا اهڙيءَ طرح بند ڪيا ويا آهن جو پڪارڻ
وارا پڪاري پڪاري ٿڪجي پئي ٿو.
سندس
هنن شعرن سلميٰ جي دل تي، اهڙو ته اثر ڪيو جو هن
خود اچي ڪري، ٻيڙيون کولي ڇڏيون. هن فورن گهوڙن جي
ڪڙهه ۾ وڃي ڪري، سعد جي گهوڙي بلقاتي سنج وجهي
ڪري، جنگ جي ميدان ۾ پهچي ڪري، ڀالي کي هوا ۾
لهرائيندي، هڪ دفعو ميمنه (ساڄي ٻانهن جي فوج) کان
ميسره (کاٻي ٻانهن جي فوج) تائين جو چڪر لڳايو. ان
کان پوءِ اهڙي ته، زور ۽ جوش سان حملوڪيائين جو
جنهن به طرف نڪري ٿو ويو ته: صف جي صف اونڌي ڪري
ٿي ڇڏيائين. هن کي ڏسي ڪري، سارو لشڪر حيران هو
ته: هي ڪير بهادر آهي. خود سعد رضه پڻ حيران هو ۽
دل ۾ چئي رهيو هو ته: حملي ڪرڻ جو انداز ته: ابو
محجن جو آهي. مگر هو ته: جيل ۾ بند ٿيل آهي. جڏهن
سانجهي ٿي ته: ابو محجن خود جيل ۾ اچي ڪري، ٻيڙيون
پائي ڇڏيون. سلميٰ هي سارو احوال سعد کي ٻڌايو.
سعد انهيءَ ئي وقت کيس آزاد ڪري ڇڏيو ۽ چيائين ته:
خدا جو قسم! مان اهڙي شخص کي سزا ڏيئي نٿو سگهان
جو مسلمانن تي هن قدر فدا ٿيندڙ هجي. هن تي، ابو
محجن به چيو ته: خدا جو قسم! مان به آئينده شراب
کي هٿ به نه لڳائيندس.
اسان کي مٿين پيش ڪيل عبارتن مان ڀليءَ ڀت معلوم
ٿئي ٿو ته: بحرين جو حاڪم حضرت قدامه رضه ۽ ابو
محجن ثقفي جو پڻ مشهور شاعر ۽ جنگي جوڌو هو، ٻيئي
شراب واپرائيندا هئا. ابو محجن ثقفي ته: بذات خود،
بني سمره (سومره) وانگر هوازنيه القريشي هئا. ڇا
شراب واپرائڻ جي باعث، (جي پهرين مسلمانن مان هئا)
۽ پاڏي جو گوشت به ضرور کائيندا هوندا، کين هندو
سڏي سگهجي ٿو؟ جي نه، ته پوءِ پاڏي جو گوشت شراب
سان کائڻ جي سبب (سو به کاڌائون يا نه) بيواجبي
عرب مسلمان سومرن کي ڪيئن هندو راجپوت سڏي ۽ تسليم
ڪري سگهجي ٿو؟
الله رب العزت جي خاص فضل و ڪرم سان سومرن جي
تاريخ ۽ قوم تي پيل تاريڪ پردا چاڪ ٿي رهيا آهن ۽
ڀرپور 1400 سؤ سالن جي معمي بڻيل بيواجبي مڙهيل
الزامن جا ڍير پڻ مستند تاريخ جي ڪتابن جي روشنيءَ
۾ باحل ثابت ٿي، سڙي رک ۽ خاڪ ٿي رهيا آهن.
(7) چنيسر جو اصل نالو چند ايشور هو جو هندو نسل
جو پتو ڏئي ٿو ۽ ملڪ سنان الدين
جو لقب اسلام ۾ اچڻ جي ثابتي آهي.
سنان
الدين چنيسر سنڌ جي واليءَ عصام الدين ڀونگر جو
نهايت خوبصورت وڏو عاقل فرزند هو. سنان الدين
چنيسر جو اصل متن جونالو ”جشن“ لکيل آهي جو ظاهر
ظهور غلط آهي.
اهڙيءَ طرح چنيسر پڙهيل ۽ نهايت عقلمند هو. عربي،
سنڌي، هندي، فارسي توڙي پشتو پڙهيل هو ۽ قرآن شريف
توڙي ”توريت“ جي علم جو ڄاڻو هو.
اسان کي سنان الدين چنيسر کي مليل ديني تعليم مان
ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿو ته:
هو عرب مسلمان سومرو گهراڻي جو هڪ تعليم يافته،
عالم قابل ۽نهايت هوشيار فرد هو. ورنه، چنيسر
ايتري قدر اعليٰ ديني تعليم ڪنهن غير مسلم هندو
گهراڻي ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح پرائي سگهيو ٿي يا.
کيس ڇو ڏياري ويئي هئي؟ هي اهڙي قسم جا واجبي ۽
معقول سوال ۽ دليل آهن جو هر هڪ مؤرخ ۽محقق کي
مجبور ۽ بيوس ٿي (سواءِ ابو جهل ضديءَ ۽ هوڏيءَ
جي) هن ڳالهه کي بخوشيءَ تسليم ڪرڻو پوندو ته:
سنان الدين چنيسر هندو نه، پر پڪ سان عرب مسلم
گهراڻي جي چشم و چراغ هو. پوءِ هنن پڪن ثبوتن ۽
ثابيتن جي موجودگيءَ ۾ ڪيئن چئي ۽ مڃي سگهجي ٿو
ته:، سندن نالو سنان الدين چنيسر اسلام قبول ڪرڻ
جي ثابتي آهي. انهيءَ ڪري چنيسر جو اصل نالو جشن
يا چند ايشور بجاءِ سنان الدين چنيسر ئي هو.
(8) سومرن کي اصل ”سومراءِ“ چوندا هئا، سوم جي
معنيٰ هنديءَ ۾ چنڊ آهي. اهڙيءَ طرح سنگهار کي
سنگهراءِ ۽ ڀونگر راءِ سمجهڻ گهرجي.
مان هن کان اڳ ۾ بلڪل واضح ۽ صاف طور ثابت ڪري چڪو
اهيان ته: سومرا چند رونسي ۽ سورج ونسي هندو
راجپوت به هرگز هرگز نه هئا. جيڪڏهين هجن ها ته:
پوءِ سواءِ علامه سيد سليمان ندوي صاحب جي، باقي
ٻيا سڀ تاريخ نويس سنگهار کي سنگهراءِ ۽ڀونگر کي
ڀونگر راءِ پنهنجين پنهنجين تاريخن ۾ ضرور تحرير
ڪن ها! انهيءَ مان ثابت آهي ته:
سومرا مذڪوره هندو به بنهه نه هئا ۽ نه وري ڪي اصل
۾ انهن جا هي نالا هئا.
انهيءَ ڪري ندوي صاحب جي، بواجبي ڏيکاريل نالن جي
قافيي کي بلڪل هٿ ٺوڪيو ۽ لفظن جي صنعت گيري سمجهڻ
گهرجي.
هوڏانهن محترم سيد سليمان ندوي صاحب جو چوڻ آهي
ته: سومرن جي قوم جو تعلق، سامره شهر سان لڳائڻ
لفظي صنعت گيريءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.
اهڙيءَ طرح ڀونگر راءِ ۽ سنگهراءِ کي به بي بنياد
۽ بيواجبي لڳايل لقبن ۽ خطابن کي پڻ لفظن جي
هيراڦير سمجهڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.
باب ڇهون
(6)
سومرن حاڪمن جا ٺيٺ هندڪا نالا
اسان هن پهلوءَ تي روشني وجهڻ کان اڳ، سنڌ جي
حڪمران سومرن، سردارن جا نالا جي پڻ مختلف تاريخن
مختلف انداز ۾ پيش ڪيا آهن، تن کي هت لکڻ نهايت
ضرروي سمجهون ٿا، ته جيئن انهن من گهڙت پيش ڪيل
نالن کي مدنظر رکي ڪو صحيح ۽ درست فيصلو ڪري
سگهون.
تاريخ معصومي
تاريخ معصوميءَ ۾ سنڌ جي حڪمران سومرن سردارن جا
صرف 9 نالا ڏنل آهن سي به، بغير سنن وغيره جي.
(1)
سومره
(2)
ڀونگر
(3)
دودو
(4)
تاري
(5)
سنگهار
(6)
همون
(7)
ڦتو
(8)
خيرو
(9)
ارميل
تحفته الڪرام
نمبر |
نالو |
سن وفات هجري |
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19 |
سومره
ڀونگر
دودو
سنگهار
خفيف
عمر
دودا
ڦتو
گهنرو (ڳهڻو)
محمد طور
گهنرو
طائي
چنيسر
ڀونگر
خفيف
دودو
عمر
ڀونگر
همير |
وفات 445-446 هجري
وفات 461 هجري
وفات 485 هجري
وفات 500 هجري
وفات 536 هجري
وفات 576 هجري
وفات 590 هجري
وفات 623 هجري
وفات639 هجري
وفات 654 هجري
وفات 665 هجري
وفات 682 هجري
وفات 700 هجري
وفات 715 هجري
وفات 733 هجري
وفات 758 هجري
وفات 793 هجري
وفات 803 هجري
هن کي سمن جي قوم لاهي ڇڏيو |
دولت علويه (سومرن جي حڪومت)
نمبر |
نالو |
سن وفات هجري |
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21 |
سومرو
عصام الدين ڀونگر
صمصام الدولـﮧ دودو
زينب (تاري)
شهاب الدين سنگهار
همونءَ جو ڀاءُ فخر الملڪ
سراج الدين فتح خان (ڦتو)
عماد الدين خفيف
جلال الدين عمر
صلاح الدين هجو
غياث الدين دودو
علاؤ الدين خيرو (گهنرو)
سيف الدين طائي
شمس الدين ڀونگر
ڪمال الدين چنيسر
اسد الملـﺔ دودو
ظهير الدين ڀونگر
فخر الدين عمر
قمر الدين طاهر
معين الدين ارميل
بهاؤالدين شهمير شاهه عرف حمير |
وفات 448 هه
وفات 466
481 هه ۾ گوشي نشين ٿي ويو.
سنه 491 هه ۾ تخت تان دستبردار ٿي.
وفات 503 هه
هڪ سال حڪومت ڪيائين
وفات 511 هه
وفات 536 هه
وفات 556 هه
وفات 570 هه
وفات 600 هه
وفات 619 هه
وفات 638 هه
وفات 678 هه
هن کي سنه 696هه ۾ تخت تان لاهي ڇڏيائون.
وفات 700 هه
وفات 740 هه
هيءُ سنه 778 هه ۾ گوشي نشين ٿي ويو
وفات 813 هه
وفات 822
وفات 843 |
چچ نامون جلد 2
نوٽ: چچ نامي جلد ٻئي جي صفحي 36 تي، سومرن حاڪن
جي نالن ۽ سنن جي ترتيبوار لسٽ هيٺينءَ طرح ڏنل
آهي.
نمبر |
نالو |
سنه هجري کان سنه هجري تائين |
سنه عيسويءَ کان سنه عيسويءَ تائين |
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19 |
سومره
ڀونگر پهريون
دودو پهريون
سنگهار
خفيف پهريون
عمر پهريون
دودو ٻيو
پنهون
کنيهرو پهريون
محمد طور
کينهرو ٻيو
طائي
چنيسر
ڀونگر ٻيو
خفيف ٻيو
دودو ٽيون
عمر ٻيو
ڀونگر ٽيون
همير |
443 هه کان 446 تائين
446هه کان 461 تائين
461 هه کان485 تائين
485 هه کان500 تائين
500 هه کان536 تائين
536 هه کان576 تائين
576 هه کان590 تائين
590 هه کان623 تائين
623 هه کان639 تائين
639 هه کان654 تائين
654 هه کان658 تائين
658 هه کان682 تائين
682 هه کان700 تائين
700 هه کان715 تائين
715 هه کان733 تائين
733 هه کان758 تائين
758 هه کان793 تائين
793 هه کان803 تائين
803 هه کان844 تائين |
|
سنڌ جا سومرا سلاطين
از: محمد يوسف اٽڪ- مترج: عبدالرسول قادري
(1) مغل دور ۾ ”منتخت التواريخ“ جي نالي سان جدا
جدا. ٽي ڪتاب ملا عبدالقادر بدايوني، حب بن محمد
خاڪي ۽محمد يوسف اٽڪيءَ لکيا. مير علي شير قانع
”تحفته الڪرام“ لکندي، سنڌ جي سومرن بابت محمد
يوسف جي ڪتاب تان مدد ورتي، جيڪو هن سنه 1056هه ۾
ترتيب ڏنو هو ۽اڄ تائين نه ڇپيو آهي. سيد حسام
الدين راشدي مرحوم ”تحفته الڪرام“ ايڊٽ ڪندي، محمد
يوسف اٽڪيءَ جي ”منتخب تواريخ“ ۾ سومرن بابت آيل
مواد کي تعليقات ۾ شامل ڪيو آهي. مواد جي اهميت جي
پيش نظر ان کي سنڌيءَ ۾ آندو وڃي، ياد رهي ته محمد
يوسف جي هن ضخيم تاريخ جو خلاصو، ڪجهه واڌارن سان
ٺٽي جي منشي عبدالشڪور سن 1084هه ۾ ” انتخابا
منتخب“ جي نالي سان تيار ڪيو هو. جنهن جو تعارف اڳ
ئي محترم غلام محمد لاکي رسالي مهراڻ نمبر 1-
1986ع ذريعي ڏنو آهي. سومرن سن 445 هه جي شروع کان
سن 680 هه تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. سومرن جا
ٻاويهه حڪمران ٿي گذريا آهن.
(1) سومرو:
خبرن جي راوين، عجيب شيرين گفتار ۽ آثارن جي نقل
ڪندڙ، اهڙيءَ ريت آندو آهي ته، سلطنت جو وارو
عبدالرشيد پٽ سلطان محمود غزنويءَ وٽ پهتو، جيئن
ته هو تمام ڪم عقل ۽ڪمزور هو، ان ڪري سنڌ جي ماڻهن
سرڪشيءَ جي شروعات ڪري، بادشاهن جي تابعداريءَ جو
ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍي، فرمانبرداري ۽ اطاعت کان منهن
موڙيو، جيئن مٿي مختصر طور ذڪر آيو.
سن 445 هه ۾ سومرا ماڻهو ”ٿري جي آسپاس گڏ ٿي،
سومري نالي شخص کي سرداري ۽ سلطنت جي مسند تي
ويهاري، سندس تابعداري ڪرڻ لڳا. هو گهڻو وقت قوم
جي خدمت ڪندو ۽ حڪومت هلائيندو رهيو. سنڌ ملڪ جي
آسپاس کي فسادين جي شرارتن کان پاڪ صاف ڪيائين ۽
صاد نالي زميندار، جو ان حد ۾ خودمختياريءَ جو دم
هڻي رهيو هو، کي ڪو حيلو ڪري ان جي نياڻي پنهنجي
نڪاح ۾ آندائين، سومري کي ان زميندار صاد جي ڌيءَ
مان ڀونگر نالي پٽ ڄائو. سومري جو اهو پٽ ڀونگر
جڏهن بلوغت جي حد کي رسيو ته سومرو گذري ويو.
(2) ڀونگر بن سومرو:
ڀونگر پيءُ جي وفات کانپوءِ حڪومت جي مسند ۽
موروثي تخت تي ويهي، اڳتي وک وڌائي حڪومت ڪرڻ لڳو.
پنڌرهن سال حڪومت ۽ بادشاهيءَ ۾ مشغول رهيو. سن
461 هه ۾ بقاواري جهان ڏي روانو ٿي ويو.
(3) دودو بن ڀونگر:
والد جي وفات کانپوءِ، حڪومت جو ڪاروبار سڀالڻ
لڳو. چوويهه سال آزادي ۽ خود مختياريءَ سان حڪومت
هلايائين. ڦوهه جوانيءَ ۾ هن فاني جهان مان گذر
ڪري ويو. سن 485هه ۾ کانئس پوءِ سندس پٽ سنگهار بن
دودو جيئن ته ننڍو ٻار هو....
(4) تاري:
ان ڪري سندس ڀيڻ تاريءَ نالي ڪجهه وقت
حڪومت ڪئي، ۽ سڀ رعيت به سندس تابعدار ۽
فرمانبردار رهي.
(5) سنگهار:
سنگهار جڏهن وڏو بالغ ٿيو ته بادشاهيءَ جي تخت تي
ويهي، ملڪ ۽ مال جو ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. جيڪي
ماڻهو سرڪش مخالف، باغي ۽ فسادي هئي، انهن کي
تنبيهه ڪري سيکيت ڏيئي ڪڇ جي پاسي چڙهائي ڪري،
نانگنيءَ (شايد نانڪني) تائين ملڪ پنهنجي قبضي ۾
آندائين، ان کان ڪجهه سال پوءِ آخرت جو سفر اختيار
ڪيائين. سندس حڪومت جي مدت پندرهن سال هئي.
(6) خفيف سومرو:
جڏهن سنگهار فوت ٿيو ته ان کي ڪو پٽ ڪو نه هو، ۽
ان جي زال جو ڀاءُ، خفيف جي نالي سان حڪومت جي تخت
تي ويٺو. ڇٽيهه سال ملڪ هلائي سنه 536هه ۾ گذاري
ويو.
(7) عمر:
ڀاءُ کان پوءِ حڪومت جي تخت تي ويٺو. چاليهه سال
حڪومت جو ڪم هلائي سن 576هه ۾ وفات ڪري ويو.
(8) دودو ثاني:
عمر جي وفات کانپوءِ دودو ثاني جو دودي اول جي
چاچي جي اولاد مان هو، موروثي تخت تي ويهي حڪومت
ڪرڻ لڳو. جڏهن چوڏهن سال حڪومت ڪري چڪو، ته سن
590هه ۾ بقا وري جهان ڏي روانو ٿي ويو.
(9) ڀونگر:
ڀونگر ثاني دودي اول جي اولاد مان هو. تنهن وٽ
گهڻي خلق گڏ ٿي هئي. تنهن ڪوشش ڪري حڪومت لاءِ کڙي
ٿيل دعويدار جماعت جي پاڙ پٽي ۽ پاڻ حڪومت جي تخت
تي ويٺو. ٽيٽيهه سال آزادي ۽ خودمختياريءَ سان
حڪومت هلائي، سن 623 هه ۾ حياتيءَ جا ڏينهن پوري
ڪري ويو.
(10) خيرڀونگر:
جي وفات کانپوءِ خيرونالي سان حڪومت جا معاملا ملڪ
۽ مال سنڀالڻ لڳو، هو وڻندڙ اخلاق سان سينگاريل
هو. سورنهن سال حڪومت ڪرڻ بعد، سندس حياتيءَ جو سج
مماتيءَ جي افق ۾ غروب ٿي ويو.
(11) محمد طور:
خيري جي وفات کانپوءِ، حڪومت جي تخت تي ويٺو،
پنڌرهن سال حڪومت جو ڪاروبار هلائي گذاري ويو.
(12) خيرو بن محمد (طور):
پيءُ جي وفات کانپوءِ تخت ۽ تاج جو والي بنيو چند
سال حڪومت جو ڪاروبار هلائي گذاري ويو.
(13) دودو بن خيرو:
والد جي وفات کانپوءِ حڪومت جي تخت تي ويٺو، چوڏهن
سال حڪم هلائي، بقاءِ واري جهان ڏي راهي ٿيو.
(14) طائي بن دودو:
پيءُ جي فوتيءَ بعد، تخت تي ويٺو، چوويهه سال
آزاديءَ سان حڪومت ڪري گذاري ويو.
(15) چنيسر بن طائي:
سندس پيءُ مري ويو ته پاڻ بادشاهيءَ جي تخت تي
ويٺو ارڙهن سال حڪومت ڪيائين. چنيسر ۽ سندس زال
ليلا جو احوال امير ابول ولد شاهه قاسم ارغون نظم
۾ آندو آهي. هيءُ هڪ بيت هار جي باري)6(
۾ آهي، جيڪو هار ليلا ڪونروءَ کان وٺي ان جي عيوض
کيس چنيسر هڪ رات لاءِ ڏنائين.
شنيدم از ڪسان نيڪ تقرير،
ڪه زيور گشت ليلا را گلوگير.
(16) ڀونگر بن چنيسر:
پنهنجي والد چنيسر جي وفات بعد، حڪومت توڙي
بادشاهي سنڀاليائين ۽ پندرهن سال حڪمران رهي،
هميشه واري جهان ڏي هليو ويو.
(17) خفيف بن ڀونگر:
سندس والد فوت ٿيو ته حڪومت جو ڇٽ مٿي تي رکيائين،
ارڙهن سال حڪومت هلائي، هميشه واري جهان ڏي روانو
ٿي ويو.
(18) دودو بن ڀونگر:
ڀاءُ جي وفات کانپوءِ حڪومت جي تخت تي ويٺو، سندس
حڪومت جو عرصو پنجويهه سال آهي. آخرڪار سندس
حياتيءَ جو سج مماتيءَ جي افق ۾ غروب ٿي ويو.
(19) عمر سومرو:
دودي جي وفات کانپوءِ، سردار ۽ سلطنت جي سرواڻي
سنڀاليائين، عدل ۽ انصاف ۾ ڪوشش ورتائين، حڪومت جو
ڪاروبار پنجٽيهه سال آزادي ۽ خودمختياريءَ سان
هلايائين. سندس دور ۾ سنڌ جي سلطنت نهايت آباد ۽
خوشحال رهي. آخر هميشه واري جهان ڏي موڪلائي ويو.
|