سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 18

صفحو ؛ 35

 

هي سچ آهي، سومرن جڏهن ڏٺو ته: سنڌ جي حڪومت جنهن جي حاصل ڪرڻ ۾ انهن جي بزرگن جان جون بازيون لڳايون هيون. ان جا سارا علائقا قبضي مان نڪرندا وڃن ٿا ته: انهن منصوره کي پنهنجو مرڪز بنائي ڪري، سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. جهڙيءَ طرح مان مٿي بيان ڪري چڪو آهيان. منصوره ۽ ٿرڙي ٻيئي سومرن جا تخت رهي چڪا آهن. سنڌ جا مؤرخ هن ڳالهه کي ته تسليم ڪن ٿا ته: سومرن سنڌ تي پنج سؤ سال حڪومت ڪئي. مگر منصوره جي سومرن جو ذڪر ڪنهن تاريخ ۾ درج ناهي ڇڪي تاڻي ٿرڙيءَ جي حڪمرانن تي پنج سؤ سال ثابت ڪرڻ چاهين ٿا، جو ڪنهن طرح به صحيح نه آهي.

تحفته الڪرام جي هڪ ٻيءَ جاءِ تي لکيل آهي ته:

قصو ڪوتاهه، اڳئين ڪلام جي سلسلي موجب، جڏهن سنه 720هه ۾ غازي ملڪ، سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر گڏ ڪري، دهلي وٺي وڃي خسرو خان تي غالب ٿيو ۽ تخت ۽ تاج جو وارث ٿي ”سلطان غياث الدين تغلق شاهه“ جو لقب حاصل ڪري، انهن طرفن ۾ رڌل رهيو. تڏهن سومرن ماڻهن ٿرڙيءَ جي آسپاس مان ماڻهو گڏ ڪري، ”سومرو“ نالي هڪ ماڻهوءَ کي حڪومت جي گاديءَ تي وهاريو. هن، ملڪ جي آسپاس صاف ڪري، ”صاد“ نالي هڪ زميندار جو خودمختياريءَ جو دم هڻي رهيو هو، جي ڌيءَ نڪاح ۾ آندي، جنهن مان ”ڀونگر“ پٽ پيدا ٿيس. سومري جي گذاري وڃڻ کانپوءِ، ڀونگر پيءُ جو جانشين ٿيو، سندس پٽ ”دودي“ نصرپور تائين ملڪ قبضي ۾ آندو. انهيءَ ”سنگهار“ نالي هڪ صغير پٽ ڇڏيو، تنهنڪري دودي جي ڌيءَ ”تاريءَ“ ملڪ جي واڳ پنهنجي هٿ رکي. سنگهار بالغ ٿيڻ تي حڪومت جو وارث ٿي، ڪڇ جي پاسي ڪاهي نانڪنيءَ (شايد ڪڇ ۾ ڪنهن ڳوٺ جو نالو آهي، حاشيه) تائين ملڪ قبضي ۾ آندو. جيئن ته پٽ ڪونه ڇڏيائين. تنهنڪري کانئس پوءِ سندس زال مسمات ”هيمو“ پنهنجن ڀائرن کي طور ۽ ٿرڙي شهرن تي مقرر ڪيو. پر ٿوري وقت کانپوءِ، ”دودو“ نالي هڪ سومري- جو واهگہ (وڳہ) جي قلعي جو حاڪم. آسپاس مان پنهنجن ڀائرن کي گڏ ڪري، هيمونءَ جي ڀائرن جي پاڙ پٽي ڇڏي. انهيءَ عرصي ۾ وڏي دودي جي اولاد مان هڪ شخص، نالي ”دادو پهٽو (ڦتو)“ بغاوت ڪري، عجيب لشڪر گڏ ڪيو، ۽ ڪيترو وقت حڪومت ڪندو رهيو. انهيءَ کانپوءِ ”خيرو“ نالي هڪ شخص ملڪ جو مالڪ ٿيو. تنهن کانپوءِ ”ارميل“ حڪومت سنڀالي، پر جنهن صورت ۾ هو ظالم نڪتو، تنهنڪري سمن ماڻهن بغاوت ڪري کيس ڪهي ڇڏيو. اهو واقعو 752هه ۾ ٿيو.(1)

 

مهاشيه صاحب لکن ٿا ته:

مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب جي هن روايت کي پيش نظر رکي ڪري، جڏهن تاريخ جا ورق اٿلائڻ شروع ڪيا ته: هيٺئين معلومات ملي: جنهن کي هت پيش ڪريان ٿو:

”بتاريخ شب پنجم ربيع الاول سنه احدي و عشرين و سعمانه روي نمود چون صبح شد خلق کثر ازطائفه پر واران و ديگر متعا بعان خسرو خان جمع گشته وخسرو خان امرارا بحضور خود بازڊاشته و خودرا سلطان ناصرالدين نام نهاده، قدم برتخت بادشاهي گذاشت“.(2)

اڳتي وري لکن ٿا ته:

مورخِ اسلام مولانا اڪبر شاهه خان صاحب نجيب آبادي فرمائين ٿا ته:

خصرو خان سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه خلجيءَ کي ربيع الاول جي پنجين رات سنه 721هه جو هندن جي هٿان شهيد ڪرايو، ۽ دهليءَ جي تخت تي قبضو ڪيو.(1)

خسرو خان جي دل ۾ آيو ته: بادشاهه بڻجي، انهيءَ ڪري ان گجرات مان 40 هزارن جي قريب، پنهنجيءَ هم قوم جي هندن کي گهرائي ڪري، دهليءَ ۾ رهايو، ۽ پوءِ ڌوڪو ڏيئي ڪري، بادشاهه کي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ خود بادشاهه بنجي ويٺو. هي گجرات احمد آباد جي نزديڪ هڪ ڳوٺ جو رهڻ وارو هو. هي پاريا قوم جو هندو هو. علاؤالدين خلجيءَ جي گجرات تي حملي ڪرڻ ۾ گرفتار ٿي ڪري آيو هو. بعد ۾ مسلمان ٿيو، ۽ نالو حسن رکيو ويو.  جڏهن دهليءَ تي قبضو ڪيائين ته: پنهنجو لقب ناصرين خسرو خان اختيار ڪيائين. سندس حڪومت جو عرصو چار مهينا رهيو. سنه 720هه ۾ تخت تي ويٺو هو.

خسرو خان ڪير هو ۽ سندس فعلن مان توهان کي معلوم ٿي ويو هوندو ته: اهڙي غاصب جي اهائي سزا هئي جا کيس ملي.

هاڻي تحفته الڪرام جي هن بيان جي مطابق ته: خسرو خان جي قتل کانپوءِ، ”غازي ملڪ“ دهليءَ جو ئي ٿي ڪري رهجي ويو، ۽ پنهنجو لقب غياث الدين تغلق رکيائين. انهيءَ موقعي مان فائدو وٺندي، سومرو نالي هڪ شخص سنڌ جي حڪومت تي قابض ٿي ويو. هي ڪيستائين صحيح ٿي سگهي ٿو. پهريون ته: سومرو قومي نالو آهي، پر ڪنهن شخص جو نالو نه آهي. ليکڪ کي ان جي بخوبي ڄاڻ هئي، ۽ هن بذات خود، ان قوم جي نالي رکڻ جو سبب بيان ڪندي لکيو آهي ته: گهڻي عرصي گذرڻ ڪري، جيئن ”بني تميم“ مان بگڙي ٿهيم ٿي پيو ساڳيءَ طرح ”سامره“ وارن مان پڻ هزارن جي تعداد ۾ مستقل قوم ”سومرا“ تيار ٿي پيئي (تحفته الڪرام ص 70). ته پوءِ هڪ سومري ٻئي سومري نالي شخص کي تخت تي ويهاريو، هيءَ ڇا تاريخ نويسي آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته: هن روايت سان معين الدين ارميل سومرو تي سنه 752هجريءَ ۾ سومرن جو دور حڪومت ختم ڪيو ويو آهي. گويا ٿرڙيءَ جي سومره حڪومت جي شروعات ان روايت جي مطابق 720هجري آهي، ۽ خاتمو سنه 752هه ته: 32 سالن تائين سنڌ تي، سومرن حڪومت ڪيئ. هاڻي توهان تحفته الڪرام جي هن ٻئيءَ روايت کي ڏسو جو فرمائين ٿا ته: سومرن 505 سؤ سالن تائين، سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي. (ص 92). ان روايت مان ثابت ٿئي ٿو ته: سومرن جو دور غياث الدين تغلق جي زماني سنه 720هجري ۾ شروع ٿيو. پهرين پيش ڪيل روايت جي مطابق، جڏهن سلطان محمود غازيءَ جو فرزند سلطان عبدالرشيد تخت تي ويٺو، تڏهن هن جي سادگيءَ ۽ ڪم عقليءَ جو فائدو وٺي، سنڌ جي ماڻهن سرڪش: ۽ بعاوت شروع ڪري ڏني، ۽ سنه 445هه ۾ سومرا قوم جي ماڻهن ٿرڙيءَ ۾ لشڪر گڏ ڪري، ”سومري“ نالي هڪ شخص کي گاديءَ تي وهاريو.(1)

جيڪڏهين ٻه ٽي سال فرق هجي ته، مڃيو وڃي، صدين جو مفاصلو ڪهڙيءَ طرح مڃي سگهجي ٿو؟ جيڪڏهين پهرئين روايت صحيح آهي ته هيءَ غلط ۽ جيڪڏهين هيءَ روايت صحيح آهي ته پوءِ پهرئين بيان ڪيل روايت غلط هوندي.

”غازي مَلڪ“ سان گڏ، دهليءَ تي قبضي ڪرڻ جي واسطي، سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر ويو هو. ان ۾ سنڌ جي سومرن حصو ورتو. انهن سومرن جڏهن ٻڌو ته: دهليءَ جي بادشاهه قطب الدين مبارڪ شاهه کي هندن قتل ڪري ڇڏيو ۽ دهليءَ جي حڪومت تي قبضو ڪري ورتو آهي ته: سندن غيرت جي رڳ ۾ جوش پيدا ٿيو، ۽ ظهير الدين ڀونگر سنڌ جو لشڪر جونان خان جي تحريڪ تي ملتان روانو ڪري ڇڏيو ۽ ان لشڪر خسروءَ جي فوج کي ٿانيسر جي جاءِ جي نزديڪ شڪست ڏيئي ڪري، چڙهي آيو ۽ دهليءَ تي قبضو ڪري ورتو. سنڌين خسرو خان کي پڪڙي ڪري، غازي مَلڪ جي سامهون پيش ڪيو، ۽ پوءِ ان جي سسي وڍي ڇڏيائون.(2)

سنڌ جي ڪتابن جي بربادي

اڄ سومره دور حڪومت جا تاريخي ڪتاب ڇو نٿا ملن، مخالفن ڄاڻي واڻي کين تلف ڪري ڇڏيو. ته جيئن: سندن يادگيري گمناميءَ جي محلات ۾ پئي رهي. ڪنهن ملڪ يا قوم جي ڪردار معلوم ڪرڻ جي واسطي، ڪتب خانه (لائبريري) جي موجودگي لازمي آهي. ڪتابن ۾ انساني تمدن هوندي آهي. اهڙي تمدن جا سالها سال کان جمع ٿيندي ايندي آهي. ڪتب خانه ان تمدن جا خزانا ۽ موجوده زندهه قومن جي وچ ۾ هڪ واسطو هوندو آهي. مگر سنڌ جي قديمي ڪتب خانن جي بربادي هر دور ۾ ٿي.

انهيءَ ڪري ته، تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته:

نادر شاهه جو مقصد لٽ ڦر ۽ ملڪ جي ملڪيت تي قبضي ڪرڻ جو هو. انساني خون مان ته دهليءَ واري ڪوس ۾ ئي ڍؤ ڪري چڪو هو! ميان نور محمد عمرڪوٽ ۾ هو. نادر پاڻ اتي پهچي، کانئس هڪ ڪروڙ نقد وصول ڪيو، ويهه لک سالياني ڏن جي به مٿس چٽي رکيائين، ۽ موٽندي سندس عظيم الشان ڪتبخانو به کنيو ويو.

انهيءَ طرح جڏهن انگريزن جو دورِ حڪومت شروع يو ته: برٽش ميوزم لنڊن ۾ صرف ٺٽي جي ڪتب خانن جي فهرست جنهن ۾ نمبر (O.R. 2073) آهي، کي ڏسي ماڻهو حيران ٿيندا آهن ته: هي ڪتابن جو نادر ذخيرو هت ڪيئن پهتو. (تحفته الڪرام، سوانح حيات، صفحه 24، تحفته الڪرام سوانح حيات صفحه 45).

 

ڇا سنڌ ۾ مورخ نه هئا؟

مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب لکن ٿا ته:

مخفي نه رهي ته اڳيان سنڌي ماڻهو جيئن ته فارسي زبان کان ناواقف هئا، تنهنڪري ملڪ ۽ بادشاهن جي احوال ۾، ڪوبه ڪتاب وجود ۾ ڪونه آيو. مگر سال 613هه ۾، اچ جو ويٺل، علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي، هن ”ماٿريءَ“ ۾ ڊوڙي (هي خيال رکي)، بکر ۽ الور جي شهر ۾ اچي پهتو، ۽ اچي عرب جي پسمانده خاندانن جي بزرگن کي ڏٺائين ۽ پڇا ڪيائين ته: جيئن کيس اسلام جي فتح جو سچو پچو احوال معلوم ٿي سگهي. نيٺ قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي کي وڃي هٿ ڪيائين، جنهن بزرگ وٽ عربي زبان ۾ هڪ مسودو ڏٺائين، جو سندن وڏن سنڌ ۽ سنڌ جي فتح جي واقعن جي تفصيل متعلق لکيو هو.(1)

علماء ۽ بزرگان دين جيڪي حضرت عمر بن عبدالعزيز جي دورِ خلافت ۾ سنڌ آيا هئا ۽ هتي آباد ٿي ويا هئا. سومرن انهن مان هر اهل علم کي سنڌ جي مختلف علائقن تي قاضي مقرر ڪيا. جيئن ته: سومرن جي دور حڪومت ۾ سرڪاري زبان عربي هئي. انهيءَ ڪري فارسيءَ جو سوال ئي پيدا نه ٿيو ٿي. قاضي اسماعيل کان عربي زبان ۾ سنڌ جي تاريخ يا فتح سنڌ جو عربي احوال وٺي ڪري، ان نووارد اچ جي رهندڙ (جنهن کي بيان ڪيو ويو آهي) فارسي زبان ۾ فتح نامہ جي نالي سان تاريخ لکي جا بعد ۾ ”چچ نامه“ جي نالي سان مشهور ٿي ته: ان مان هي ڪٿي ثابت ٿئي ٿو ته: سنڌ جا رهاڪو تاريخ لکڻ ئي نه ڄاڻندا هئا.

جيڪڏهين قاضي اسماعيل جي پڻ سنڌ جا رهاڪو هئا. ان علي ڪوفي صاحب کي عربيءَ جو مسودو نه ڏين ها ته: هو ڪيئن لکي سگهن ٿا! تاريخ سنڌ هئي، مگر عربيءَ ۾ لکيل هئي. ان کانپوءِ، ان جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو هو. قانع صاحب ان عربيءَ ۾ لکيل تاريخ کي مسودو ٿو لکي. پراڻي زماني ۾ تاريخون هٿ سان لکيون وينديون هيون. ڇاپاخانه ۽ پريس ته بعد ۾ ايجاد ٿيا. هونئن به: هر قديمي ڪتاب هٿ سان لکيو ويو آهي. ان کي توهان کي مسودو چوڻ گهرجي. تعجب آهي. سنڌ جي سرزمين جتي وڏا وڏا علماء بزرگان دين، محدث، مفسر ۽ مورخ ٿي گذريا آهن ۽ وڏا وڏا ڪتاب هر فن تي لکيا ويا آهن. اتي فارسي نه ڄاڻڻ جي سبب تاريخ ئي نه لکي ويئي هجي. فارسيءَ جا معتبر عالم ابوالفضل ۽ فيضي، ڇا سنڌي نه هئا.

 

باب اٺارهون

 

مان هاڻ آخر ۾ چند انهن اولياء ڪرام جو ذڪر ڪندس، جن کي تحفته الڪرام ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جي پڻ سومره قوم سان تعلق رکن ٿا:

مهاشيه صاحب لکن ٿا ته:

سومرن ۾ وڏا وڏا اوليا الله پيدا ٿيا آهن. الاهي مخلوقات ۾ انبياء عليہ السلام کانپوءِ، اولياء ڪرام جو مرتبو سڀ کان افضل آهي. ڇاڪاڻ ته: هي حضرات بمصداق آيت ”يحبهم ويحبونہ“ خدا تعاليٰ جا سچا عاشق به آهن ۽ ان جا محبوب به. اولياء ڪرام جي جماعت هر زماني ۾ موجود رهي آهي ۽ هميشه موجود رهندي. ڇاڪاڻ ته: دنيا جو قيام سندن ئي مبارڪ وجود سان قائم آهي. جهڙيءَ طرح شيخ پير علي هجويري رحمة الله عليہ پنهنجي ڪتاب ڪشف المحجوب ۾ فرمايو آهي:

خدا تعاليٰ ڪنهن وقت به زمين کي بي حجت نٿو رکي ۽ هن امت کي بغير وليءَ جي نٿو رکي. جنهن قوم ۾ الله تعاليٰ جو هڪ به ولي پيدا ٿي وڃي، اها جنتي آهي.

جعفر ابن سمره کان ڪنهن معلوم ڪيو ته: اولياء الله کي ڪهڙي طرح سڃاڻي سگهجي ٿو. فرمايائون ته: زبان جي شيريني ۽ نرمي، حسن اخلاق ۽ ڪشاده روي ۽ خندهه پيشاني، اعتراض کان پرهيز ڪرڻ، عذر قبول ڪرڻ، خدا تعاليٰ جي خلق سان شفقت ۽ محبت سان پيش اچڻ وغيره جملي اخلاق حميده ۾ اهي حضور جي اخلاق حسنه جو نمونو هجن. انهن سان محبت ڪرڻ خدا تعاليٰ سان محبت ڪرڻ آهي. انهن جي صحبت ۾ رهڻ خدا تعاليٰ جي قرب جو سبب آهي. انهن جي تلاش ڪرڻ خدا تعاليٰ جي طلب آهي. انهن سان تعلق رکڻ خداوند تعاليٰ سان تعلق ۽ قرب جي مترادف (برابر) آهي ۽ جيڪو اولياء الله کان نفرت ڪندو، اهو منافق هوندو.

حضرت شيخ الاسلام خواجه عبدالله انصاري قدس سره فرمائيندا هئا: خدايا! هيءَ عجيب ڳالهه آهي. جنهن اولياء جي جستجو ڪئي، ان توکي حاصل ڪري ورتو ۽ جيستائينڪ تنهنجي معرفت حاصل نه ٿيندي، اولياء شناسي ممڪن نه آهي. بعض اولياء نفس جي غرور جي خطري جي سببان ڪرامتن جو اظهار غير ضروري، پر مضر (نقصان پهچائڻ وارو) سمجهندا آهن. انهيءَ ڪري ڪرامتن جي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. بعض وري هن تي مامور نه هوندا آهن.

انهن کان جيڪي ڪجهه به صادر ٿيندو آهي. محض غيبي الهام سان صادر ٿيندو آهي. جهڙيءَ طرح حضرت پير پٺه رحمته الله عليہ غياث الدين دودي سومري کي فرمايو ته: وڃ! اسان توکي سنڌ جي حڪومت ڏيئي ڇڏي. هي الهام غيبي آهي. دنيا ڏٺو ته: غياث الدين دودو سومره ٻيهر سنڌ جو حڪمران ٿيو ۽ حضرت پير پٺه رحمته الله عليہ کي پنهنجيءَ دارالحڪومت (تخت گاهه) ۾ ملتان ۽ اچ مان تلاش ڪرائي، آڻايو ۽ حضور سنڌ ۾ وصال ڪرڻ فرمايو ته: انهيءَ بادشاهه سندن خانقاهه تعمير ڪرائي. هي غلط آهي ته: حضور پنهنجيءَ قبر جي واسطي، زمين خريد ڪئي هئي. جيستائينڪ الاهي حڪم نه ٿيو اولياء الله پنهنجي زبان بند رکندا آهن. الله وارن جو گهمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ جملي افعال الاهي اذن تي، موقوف ٿيندا آهن ۽ جيستائينڪ خدا تعاليٰ  جي طرفان اشارو نه ٿئي، اهي نه کائيندا آهن ۽ نه پيئندا آهن ۽ نه وري ڪنهن کي ڪجهه چوندا آهن.(1)

هاڻي مان چند انهن اولياء ڪرام جو بيان ڪندس جن کي تحفته الڪرام يعني تاريخ سنڌ بيان ڪيو آهي، جي پڻ سومره قوم سان تعلق رکن ٿا:

(1) مخدوم اسماعيل سومرو

هڪ وڏو ولي ۽ ناليرو بزرگ ٿي گذريو آهي. چون ٿا ته: ننڍپڻ کان وٺي پيريءَ تائين سڄي عمر رياضتن ۾ گذاريائين. تمام شاهوڪار هوندو هو ۽ قسمين قسمين طعام ۽ نموني نموني جا شربت ٺاهي حقدارن، ۽ طالب علمن ۽ مسافرن کي ڏيندو هو. پاڻ جَوَنِ جي مانيءَ تي افطار ڪندو هو. سندس ڪرامتون حد کان ٻاهر آهن. سنه 998هه ۾ وفات ڪري ويو.(2)

(2) مخدوم نورنگ سومرو

هڪ ڪامل پير آهي. سندس اولاد ۾ بزرگي موروثي هلندي اچي ٿي.(1)

 

(3) مخدوم عبدالحميد

هتي جي عارفن ۽ پنهنجي وقت جي وڏن (عالمن) ۽ پرهيزگارن مان آهي. مٿئين مخدوم نورنگ جو فرزند هو.(2)

(4) مخدوم اسحاق

سندس فرزند رشيد مخدوم اسحاق، مشهور عالم ۽ پرهيزگار، مخدوم رحمت الله جو ڏاڏو آهي، جنهن جو ذڪر ٺٽي جي بيان ۾ ٿيندو.(3)

 

(5) شيخ حسين سومرو

سيد محمد حسين عرف پير مراد شيرازي جي خاص مريدن مان آهي. هڪ ڏينهن (سيد) سير ڪري رهيو هو ۽ مٿس مهربان ٿي وضوءَ جو بچل پاڻي کيس پيئڻ لاءِ ڏنائين، مٿس اهڙي حالت طاري ٿي جو هڪدم وجد ۾ اچي چوڻ لڳو ته: اها حالت هٿ ائي اٿم جو شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ کان سواءِ ڪوبه انهيءَ کان واقف نه آهي. ڪلا قوم سندس اولاد آهي ۽ انهيءَ وقت کان وٺي مٿئين سيد جي گهراڻي جا مريد آهن.(4)

 

(6) درس علاؤالدين سومرو

سيد علي ثاني شيرازيءَ جو همعصر آهي. ٻنهي جي وچ ۾ گهڻائي سوال جواب سنڌي زبان جي بيتن ۾ مذڪور آهن. نيٺ هن سيد عليءَ کي اهڙو پتو ڏنو جو دعويٰ ڇڏي اچي مريد ٿيو. اصل شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي سلسلي جو مريد آهي. سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. هن جي مزار شيخ جميل ۽ پير پٺي جي وچ تي اهل الله جي زيارت گاهه آهي.(1)

(7) درويش صابر سومرو

مخدوم نوح رحمته الله عليہ جي فيض جي نظر جو خاص نوازيل ۽ ڪمال وارن جي خوبين سان موصوف آهي.(2)

(8) شيخ ريحان جهنگلي

ذات جو سومرو، اتي جو ڪامل آهي. شيخ رڪن الدين ملتاني سندس زيارت لاءِ آيو هو تنهن کانپوءِ انهيءَ ڳوٺ جو نالو سندس نالي پويان سڏجڻ ۾ آيو. شيخ ريحان جو اصلي نالو چنيسر هو. چون ٿا ته اتفاقاً ڪنهن وقت شيخ رڪن الدين ۽ مخدوم لعل شهباز اچي اتي نڪتا ۽ کيس ماني، کير ۽ ماکي کارائڻ لاءِ زور ڀريائون. هڪڙو قدرتي جنڊ پيدا ٿي پيو جنهن جو هڪ پٿر اڃا باقي آهي ۽ جنهن ڪنڊي (ڪنڊيءَ) جي وڻ مان ماکي لاٿي هئائون، اهو (اها) ڪنڊو (ڪنڊي) پڻ يادگار ۽ ماڻهن جي زيارتگاهه آهي.(1)

 

(9) شيخ قطب

سندس فرزند شيخ قطب پڻ وقت جو قطب هو ۽ رڪن پور ۾ آرامي آهي. هر مهيني جي چوڏهين تاريخ اوچتو، بنا تياريءَ جي هڪ وڏو ميلو لڳي ويندو آهي ۽ اڌ رات تائين هر قسم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن.(2)

 

(10) شيخ دودو

مٿئين شيخ محمد قطب جي ڀاءُ شيخ دودي جي قبر پڻ ڀاءُ سان گڏ آهي. چون ٿا ته جڏهن شيخ دودو شهيد ٿيو هو، تڏهن مخدوم لعل شهباز فاتحه خوانيءَ لاءِ اچي پٿر ۾ ويٺو هو.(3) اِهو پپر جو وڻ جنهن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو. سو اڄ تائين موجود ۽ نيڪن جي زيارت گاهه آهي.(1)

(11) شيخ عنايت

هاڻي پيڙهيءَ جي دستور موجب شيخ ريحان جو سجاده نشين شيخ عنايت پڻ چڱيءَ حالت جو مالڪ آهي.(2)

(12) شيخ ڪريمڏنو

۽ شيخ قطب جو خليفو شيخ ڪريمڏنو پڻ اتي رهي ٿو.(3)


(1) (تحفته الڪرام صفحه 96، 97، 98).

(2) (تاريخ سومره سندهه پر ايڪ نظر، صفحه 182، 183 بحواله فرشته جلد اول صفحه 128 مطبع نولشڪور لکنؤ).

(1) (تاريخ سومره سندهه پر ايڪ نظر، صفحه 183، بحواله آئينه حقيقت نما جلد اول صفحه 296).

(1) (تحفته الڪرام صفحه 98، 99).

(2) (تاريخ سومره سندهه پر ايڪ نظر، صفحه 184، 185، بحواله ڏسو عمدة الڪلام تاريخ سلاطين اسلام صفحه 363).

(1) (تحفته الڪرام، مقدمو 7).

(1) (تاريخ سومره سندهه پر ايڪ نظر، صفحه 225، 226، 227، 228).

(2) (تحفته الڪرام صفحه 407).

(1) (تحفته الڪرام صفحه 410).

(2) (تحفته الڪرام صفحه 410).

(3) (تحفته الڪرام صفحه 410).

(4) (تحفته الڪرام صفحه 612).

(1) (تحفته الڪرام صفحه 621).

(2) (تحفته الڪرام صفحه 429).

(1) (تحفته الڪرام صفحه 445، 446).

(2) (تحفته الڪرام صفحه 446).

(3) (تحفته الڪرام صفحه 446، بحواله نسخو ”ن“ درخت انار (ڏاڙهون جو وڻ).

(1) (تحفته الڪرام ص 446).

(2) (تحفته الڪرام صفحه 446).

(3) (تحفته الڪرام ص 446).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org