(13)
شيخ ابراهيم
مٿئين شيخ ريحان جهنگليءَ جي
اولاد مان پنهنجي وقت جو صاحب هو. هڪ ڏينهن سيد
علي شيرازيءَ جي زيارت لاءِ آيو. تسبيح هٿ ۾ هيس.
هٿ ڏٺائين ته سيد فرمايس ته ”توهان کي پڻ تسبيح هٿ
۾ آهي“. وراڻيائين ته ڏٻري ۽ ضعيف گهوڙي لاءِ ته
چهبڪ ضروري آهي پر تازو ۽ تکو گهوڙو به چهبڪ کان
سواءِ نه ٿو سونهين“.
(14)
شيخ ريکن
مٿئين شيخ ريحان جهنگليءَ جو
اولاد آهي. سندس تربت تعلقي چاڪر هالي ۾ خدا وارن
جي زيارت گاهه ۽ پرهيزگارن جي مرجع آهي.
پير پٺه رحمة الله عليہ جي دعا
سان غياث الدين دودو سمره کي حڪومت ملي.
محترم مهاشيه صاحب لکن ٿا ته
اسان مٿي لکي چڪا آهيون ته سومرن جي حڪومت اولياء
الله جون برڪتون ۽ دعائون وٺندي رهندي هئي. انهيءَ
سلسلي ۾ هڪ عام سنڌي چوڻي مشهور آهي ”به برڪت پير
پٺو، هڪ مئو هڪ ٽٺو (يعني ڀڳو) سنڌي چوڻين ۽
محاورن جو تعداد تقريباً 3000 هزار آهي. لساني
نقطي نگاهه کان علاوه انهن جو تمدني مطالعي ۽
تاريخي نقطي نظر سان به وڏو دلڪش آهي. انهيءَ ڪري
انهن مان بعض اهل سنڌ جي سماجي ۽ مذهبي ۽ تاريخي
زندگيءَ تي پڻ روشني وجهن ٿا.
مرات مصطفيٰ آباد تاريخ جونا
ڳڙهه ۾ لکيو آهي ته:
”سلطان محمد تغلق – جونا ڳڙهه
جي مهم کان فارغ ٿي ڪري، گونڊل پهتو – جتي
بيماريءَ جي سببان مدت تائين قيام ڪرڻو پيو. هتي
ڪڇ جي راجا سلطان جي حضور ۾ حاضر ٿي ڪري چند گهوڙا
نذر ڪيا ۽ بادشاهه ان کي خلعت عطا ڪئي. هتان بعض
سردارن کي دهليءَ روانو ڪيو ۽ وري ڪن کي اتان
گهرائي ورتو – بيماريءَ ۾ گهٽتائي اچڻ بعد، گونڊل
کان اتر ڏانهن ڪوچ ڪندي ڪڇ جي ريگستان مان گذرندي،
ٺٽي ننگر سنڌ ۾ پهتو ۽ سنه 752هجريءَ ۾ هتي وفات
ڪيائين. (صفحه 57، 58).
”تاريخ معصومي“ جي توضيحات ۾
لکيل آهي ته فيروز شاهه سلطان محمود جي وفات کان
ٽي ڏينهن پوءِ تخت تي ويٺو ۽ جيئن ته هنن ٽن ڏينهن
۾ سلطان جي لشڪر ۾ ڏاڍو خلل پئجي ويو هو ۽ طغي
سومرن ۽ مغلن سان گڏجي لاڳيتا حملا ڪري، سلطان جي
ماڻهن کي ستائي رهيو هو، تنهنڪري فيروز شاهه نهايت
تڪڙ ۾ سنڌو نديءَ جي رستي سيوهڻ ۾ پهچي اتي ڪجهه
ڏينهن ترسي پيو. توضيحات معصومي سنڌي ايڊيشن ص
335).
انهيءَ روايت کي سنڌي محاوري ۾
چيو ويو آهي ته:
به برڪت پير پٺو، هڪ مئو هڪ
ٽٺو.
يعني: حضرت پير پٺي رحمة الله
عليہ جي برڪت سان سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي ارادي رکندڙ
هڪ بادشاهه کي موت مات ڪيو ۽ ٻيو سومرن جي لشڪر
سان مهاڏو اٽڪائيندي وٺي ڀڳو، ان دؤر ۾ سومرا
حڪمران ظهير الدين ڀونگر جي حڪومت هئي.
تبصرو: اسان جڏهن سومره قوم جي
مڙني تحفته الڪرام مان پيش ڪيل ڪامل اولياء الله
جو غور ۽ خوض سان اڀياس ڪري ڏسن ٿا ته: پوءِ انهن
مؤرخن ۽ محققن جي بيواجبي ڏيکاريل هن خيال جي پڻ
بلڪل نفي ٿي وڃي ٿي ته: سومرا پنهنجي حڪومت دهليءَ
جي بادشاهه علاؤالدين خلجيءَ هٿان يا سندس جرنيل
سالار خان کان برباد ٿيڻ کانپوءِ، مخدوم حضرت
بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ رح جي هڪ ئي ڪونري مان
سڀني سومرن کي پاڻي پياري ڍؤ ڪرائڻ جي ڪرامت ڏسي،
پنهنجي مکيءَ سميت مسلمان ٿيا هئا. ڇاڪاڻ ته: حضرت
مخدوم عثمان مروندي قلندر شهباز رح سيوهاڻي جي
ولادت باسعادت سنه 583هجريءَ مطابق 1187ع ۽ وفات
سنه 650 هجريءَ مطابق 1252ع ۾ ٿي، جي مطابق جيڪي
سومره قوم جي حڪمرانن پنهون، کينهرو ۽ محمد طور جي
زماني ۾ ٿي گذريا آهن، ته پوءِ سومرا پنهنجي سنڌ
جي حڪومت علاؤالدين خلجي جو پڻ سنه 1295ع کان
1315ع تائين، دهليءَ جو سلطان ٿي گذريو آهي.
مؤرخن ۽ محققن جي بيواجبي چوڻ
جي مطابق، جي هٿان وڃائڻ بعد، حضرت مخدوم
بهاؤالدين ذڪريا ملتاني رح جي پڻ 27 رمضان المبارڪ
566هه-1170ع ۾ تولد ٿيا ۽ 1270ع ۾ وصال فرمائي ويا
آهن، ته پوءِ سلطان علاؤالدين خلجي، جنهن جي وفات
سنه 1315ع ۾ ٿي ته، ان مري ويل دهليءَ جي بادشاهه
سنه 1333ع ۾، چنيسر، جنهن پنهنجيءَ ڀيڻ ٻاگهل
ٻائيءَ جي سڱ ڏيڻ جي لالچ ڏيئي، پنهنجي ڀاءُ دودي
کان حڪومت وٺي ڏيڻ جي واسطي، سنڌ تي چاڙهي آيو هو
کي ڪيئن قبول ڪري سگهجي ٿو؟ يا حضرت مخدوم
بهاؤالدين ملتاني رح جي پڻ علاؤالدين خلجيءَ کان
به اڳ ۾ وصال فرمائي چڪا هئا، ته پوءِ ان مري ويل
بزرگ شخص جي مذڪوره پيش ڪيل ڪرامت کي ڏسي، سومرن
جو پنهنجي مکيءَ سميت مسلمان ٿيڻ ڪٿان ثابت ٿئي
ٿو؟ نه صرف هي، پر حضرت مخدوم قلندر شهباز رح ۽
حضرت مخدوم رڪن الدين رح جي پڻ سومره قوم جي ڪامل
ولي سومري ريحان جهنگلي عرف چنيسر جا گهاٽا يار
هئا، ته پوءِ سومري مخدوم حضرت ريحان جهنگلي عرف
چنيسر جو مسلمان ولي هجڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ جيڪڏهين
سومرا واقعي پنهنجي حڪومت وڃائڻ بعد، پنهنجي مکيءَ
سميت مسلمان ٿيا هجن ها ته: پوءِ هندو راجپوت
سومرن جي دورِ حڪومت ۾ غير مسلم هندو راجپوت حضرت
مخدوم ريحان جهنگلي عرف چنيسر سومرو جو ڪامل ولي
هجڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ ڇا هندن مان به، هن درجي جا
اولياء الله ٿي سگهن ٿا يا ٿي گذريا آهن؟ جيڪڏهين
سومرن کي پنهنجي حڪومت جي زوال اچڻ تائين، غير
مسلم هندو راجپوت قوم هجڻ تسليم ڪبو ته، پوءِ ضرور
حضرت مخدوم ريحان جهنگلي عرف چنيسر سومرو کي به،
نعوذ بالله هندو راجپوت تسليم ڪرڻو پوندو؟ نه صرف
هي، پر هو مسلم قوم مان هن درجي جي اولياء الله جي
پيدا ٿيڻ جو سوال ئي پيا نٿو ٿئي؟ جو حضرت قلندر
شهباز رح ۽ حضرت رڪن الدين رح جن جهڙيون جڳ مشهور
نامور بزرگ هستيون پڻ وقت بوقت سندن آستاني تي،
خود ڪهي اينديون هجن، پر جڏهن شيخ دود سومرو شهيد
ٿيو هو ته: حضرت مخدوم لعل شهباز رح فاتح خوانيءَ
لاءِ، اچي پٿر ۾ ويٺو هو. هن مان صاف ظاهر آهي ته:
سومرا نه ته، هندو راجپوت قوم جا هئا ۽ نه وري ڪي
سنڌ جي قديم قومن ڪولن، سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊلوڪن
مان ”سنڌي سومرا“ آهن. جيڪڏهين آهن ته: حضرت سمره
بن جندب هوازنيه القريشيءَ جي تبع تابع جي اولاد،
جهڙيءَ طرح اسان هن کان اڳ ۾ ثابت ڪري چڪا آهيون.
انهيءَ ڪري اڃ ابه، ڪنهن صاحب
کي، سومرن جي عربي النسل مسلم قوم هجڻ ۾ ڪو ڪنهن
قسم جو شڪ شبهو رهي ٿو ته: پوءِ ان صاحب کي سواءِ
ضدي ۽ هوڏي سڏڻ جي، ٻيو ڇا ڪري سمجهي ٿو؟ ضدي ۽
اناپسند پڏو ماڻهو هڪ اهڙو لاعلاج ذهني مريض هوندو
آهي جو ابوجهل جهڙي مثالي ضدي ۽ اناپسند شخص جو
علاج حضور
ﷺ. جيتوڻيڪ ابو جهل (عمر بن هشام) سڀ ڪجهه حقيقت
تي مبني ڏسي ۽ پسي رهيو هو. ان جي باوجود به، هو
آخري دم تائين، پنهنجي بيواجبي ضد ۽ هوڏ تي، قائم
رهي، ڪافر ٿي، هڪ ننڍڙي اسلام جي مجاهد هٿان قتل
نه ٿي ويو.
اسان اول کان آخر تائين، سومره
قوم کي، عرب قريشي مسلم قوم ثابت ڪرڻ ۾ بلڪل سچا ۽
کرا ٺوس ثبوت ۽ دليل معزز پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪرڻ
۾ وسان نه گهٽايو آهي. باقي ضدي ۽ ذهني مريض کي،
بلڪل سچي ۽ کري ڳالهه تسليم ڪرائڻ جي، سواءِ
خداوند قدوس جي، اسان ۾ ڪا طاقت ناهي.
تمت بالخير
BIBLOGRAPHY OF
SINDHI BOOKS
”تاريخ سومره سنڌ“ لاءِ مدد ورتل سنڌي ڪتابن جي
فهرست
(1) ”تاريخ ريگستان“ سنڌي ادبي
بورڊ، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ ڪراچي، پهريون
ايڊيشن، اشاعتي سال 1956ع، مصنف رائچند هريجن
صاحب.
(2) ”جنت السنڌ“ مصنف رحيمداد
خان مولائي شيدائي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
حيدرآباد سنڌ، اشاعتي سال 1985ع، ڇاپو ٻيو.
(3) ”تحفته الڪرام“ مصنف مير
علي شير قانع ٺٽوي صاحب، سنڌي ايڊشن، مترجم: مخدوم
امير احمد صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
حيدرآباد سنڌ، اشاعتي سال 1409هه مطابق 1989ع ڇاپو
ٽيون.
(4) ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾
وسندڙ قومون“.
(Sindh
and the Races that inhabit in the valley of the
Indus)
از: رچرڊ برٽن صاحب، سنڌي
ايڊيشن، مترجم: محمد حنيف صديقي صاحب، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد سنڌ، اشاعتي سال 1971ع، دفعو
پهريون.
(5) ”تاريخ معصومي“ سنڌي
ايڊيشن مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ
ڪراچي، حيدرآباد سنڌ، اشاعتي سال 1959ع، ڇاپو ٻيو.
(6) فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو،
سنڌي ايڊيشن: مترجم: مخدوم امير احمد صاحب، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، اشاعتي سال 1966ع، ٻيو
ايڊيشن.
(7) ”تواريخ اسد الملة، سلطان
دودو سومرو شهيد، مصنف حاجي غلام قادر سومرو صاحب،
رٽايرڊ جج خيرپور ميرس سنڌ، (ڳاڙهي موري) دفعو
اول، اشاعتي سال 1983ع سومرا دارالاشاعت ڳاڙهي
موري، پوسٽ موري ضلع خيرپور ميرس سنڌ).
(8) ”تاريخ طاهري“ تصنيف: سيد
طاهر محمد نسياني صاحب ٺٽوي، سنڌي ايڊيشن، مترجم:
نياز همايوني صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
حيدرآباد سنڌ، اشاعتي سال 1408هه مطابق 1988ع،
ڇاپو پهريون.
(9) ”ابن بطوطه جو سفر“ (سنڌ ۽
هندستان جي سفر متعلق) مدير و مرتب عمر حسين
الحشاب، سنڌي ايڊيشن، مترجم: محمد ابراهيم عباسي
صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، اشاعتي سال
1995ع، ڇاپو ٻيو.
(10) ”قديم سنڌ“ از: ڀيرومل
مهرچند آڏواڻي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي،
حيدرآباد سنڌ، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ ڪراچي،
اشاعتي سال 1957ع، ڇاپو پهريون.
(11) ”لب تاريخ سنڌ، تاليف:
خانبهادر خداداد خان صاحب، سال 1318هه مطابق
1900ع) سنڌي ايڊيشن، مترجم: خير محمد اوحدي صاحب،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، حيدرآباد سنڌ، اشاعتي
سال 1994ع، ڇاپو ٻيو.
(12) ”سنڌ صدين کان“ مرتب:
ممتاز مرزا صاحب، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، اشاعتي سال 1982ع).
(13) سومرن جو دؤر، دودي-
چنيسر جي ڳالهه (ٻئي روايتي ذخيري جي روشني ۾)
مصنف: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد سنڌ، اشاعتي سال 1400هه مطابق
1980ع، ڇاپو پهريون.
(14) ”صوفي لافي ڪوفي“ مصنف:
علامه آءِ آءِ قاضي صاحب، سنڌي ايڊيشن، مترجم:
عبدالغفار سومرو صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
سنڌ، اشاعتي سال 1995ع.
(15) ”سيد عبدالقادر جيلاني
رح“ مصنف: ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب، ڇپائيندڙ:
مولوي محمد عظيم اينڊ سنز تاجران ڪتب شاهي بازار
شڪارپور سنڌ، اشاعتي سال 1968ع.
(16) ”الوحيد سنڌ آزاد نمبر“
اسپيشل ايڊيشن، اشاعتي سال سيپٽمبر 1979ع، ڇاپو
ٻيو.
(17) مهراڻ نمبر 1، ”سنڌ جي
سومرا قوم“ ليکڪ قريشي حامد علي خانائي صاحب، سنڌي
ادبي بورڊ، سال 1974ع.
(18) مهراڻ نمبر3، 1981ع، ”سنڌ
جو آخري سومرو بادشاهه ۽ سندس ڀائر“ ليکڪ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ صاحب، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ
يونيورستي نيو ڪئمپس ڄام شورو سنڌ.
(19) مهراڻ نمبر3، ”سنڌ جا
سومرا سلاطين“ ليکڪ محمد يوسف اٽڪي صاحب، سنڌي
ايڊيشن، مترجم: عبدالرسول قادري صاحب، سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو سنڌ 1990ع.
(20) مهراڻ 3-4، ”سومرا قوم جو
حسب نسب“، ليکڪ مير محمد بخش خان ٽالپر صاحب، سنڌي
ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي نيو ڪئمپس ڄام شورو سنڌ
1979ع.
(21) مهراڻ نمبر 4 سال 1967ع
”سلطان علاؤالدين ۽ سومرا“ ليکڪ مير محمد بخش خان
ٽالپر صاحب.
(22) نئين زندگي، ڊسمبر 1971ع
سومرا دور، سنڌي ادب جي آئيني ۾“ ليکڪ ڊاڪٽر ممتاز
پٺاڻ صاحب.
(23) نئين زندگي فيبروري 1969ع
”سامي تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو، ليکڪ ڊاڪٽر
ممتاز پٺاڻ صاحب (قسط پهرين).
(24) نئين زندگي مارچ 1969ع
”سامي تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو، ليکڪ ڊاڪٽر
ممتاز پٺاڻ صاحب (قسط ٻي).
(25) نئين زندگي اپريل 1969ع
”سامي تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو، ليکڪ ڊاڪٽر
ممتاز پٺاڻ صاحب (قسط 3 ٽئين).
(26) نئين زندگي سيپٽمبر 1969ع
”سامي تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو، ليکڪ ڊاڪٽر
ممتاز پٺاڻ صاحب (قسط 4 آخري).
(27) ماهوار نئين زندگي جولاءِ
1983ع.
(28) جامع سنڌي لغات جلد چوٿون
(س.ڪ) مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاهب.
(29) روزانه سنڌي اخبار ”سنڌ“
حيدرآباد، مورخه اڱارو 26 آگسٽ 1997ع.
(30) مهراڻ جون موجون، ماهنامي
نئين زندگي 1950ع کان 1956ع تائين جو انتخاب مرتب
سيد حسام الدين راشدي صاحب، پاڪستان پبليڪيشنس
پوسٽ باڪس نمبر 183، دفعو ٻيو سال 1964ع ص 127،
سنڌ جا سورهيه.
BIBLIOGRAPHY OF URDU BOOKS
اردو
مددي ڪتاب
(1) تاريخ سومره سندهه پر ايڪ
نظر، از: مهاشيه عبدالڪريم نظامي صاحب، مبلغ اسلام
ڪراچي پاڪستان، اشاعتي سنه 1381هه مطابق سنه
1962ع- پهريون ايڊيشن، معلومات اسلام بڪڊپو، هرداس
بلڊنگ روم نمبر 31، پرنسيس رنڇوڙ لائن ڪراچي.
(2) ”الفاروق“ (سوانح عمري
حضرت عمر فاروق ) حصو پهريون ۽ ٻيو مڪمل، مصنف
شمس العلماء علامه شبلي نعماني رح، مدينه پبلشنگ
ڪمپني بندر روڊ ڪراچي، نمبر 1، پهريون مدني ايڊيشن
سال 1969ع.
(3) ”انسانيت موت ڪي دروازي
پر“ مصنف ابوالڪلام آزاد رح، بيت التوحيد اي 137،
آصف ڪالوني ڪراچي نمبر 16.
(4) ”تاريخ اسلام“ حصو پهريون،
ٻيو مصنف: مولانا اڪبر شاهه خان نجيب آبادي،
الفيصل ناشران و تاجران ڪتب غزني اسٽريٽ اردو
بازار لاهور، جون 1991ع.
(5) سيرت حضرت ابو هريره ،
مصنف: طالب الهاشمي، حرا پبليڪيشنز اردو بازار
لاهور پهريون ڀيرو سيپٽمبر 1993ع.
(6) ”سيرت النبي ﷺ“ ڪامل
مرتبهء ابن هشام، حصو پهريون، مترجم: ”مولانا
عبدالجليل“ صديقي صاحب، نظرثاني و تهذيب مولانا
غلام رسول مهر صاحب، شيخ غلام علي اينڊ سنز
”پرائيويٽ“ لميٽيڊ پبلشرز لاهور، حيدراباد، ڪراچي.
(7) فرهنگ فارسي يعني جديد
لغات فارسي مرتبہ ڊاڪٽر محمد عبداللطيف ايم اي، پي
اي ڊي مطبع مسلم پرنٽنگ پريس دربار مارڪيٽ لاهور.
(8) ”فيروز اللغات“ عربي،
اردو، فيروز سنز لميٽيڊ لاهور، راولپنڊي ڪراچي.
(9) ”سيرت رسول عربي“ از:
علامه نور بخش توڪلي صاحب، تاج ڪمپني لميٽيڊ
لاهور، ڪراچي، ڍاڪا اشاعت سال 1367هه مطابق 1948ع
ٽيون دفعو.
(10) ”تاريخ ارض القرآن حصو
پهريون- تاليف: مولانا سيد سليمان ندوي صاحب رحمت
الله عليہ المتوفي سنه 1373هه. دارالاشاعت مقابل
مولوي مسافرخانه ڪراچي نمبر 1.
(11) ”تاريخ فرشته“ حصو
پهريون، تصنيف: محمد قاسم فرشته صاحب، مترجم:
عبدالحئي خواجه صاحب، ايم اي شيخ غلام علي اينڊ
سنز (پرائيويٽ) لميٽيڊ پبلشرز لاهور، حيدرآباد،
ڪراچي.
(12) رحمته اللعالمين ”سيرت
النبي الامي“ﷺ:
قاضي محمد سليمان سلمان منصور پوري جلد 2، الفيضل
ناشران و تاجران ڪتب غزني اسٽريٽ اردو بازار
لاهور.
(13) تفسير ابن ڪثير.
(14) ”تفسير ترجمان القرآن“
حضرت مولانا ابو الڪلام آزاد رح، جلد ٻيو شيخ غلام
علي اينڊ سنز (پرائيويٽ) لميٽيڊ پبلشرز لاهور،
حيدرآباد، ڪراچي.
|