سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 16

صفحو ؛ 32

 

علاؤالدين مسعود Allaudin Mas'ood

1242ع کان 1246ع تائين

بهرام شاهه جي قتل کان پوءِ، ترڪ، اميرن متفق راءِ سان رڪن الدين فيروز جي ڪم عمر (Immature) پٽ مسعود کي تخت تي ويهاريو. مسعود کي جن اميرن تخت تي ويهاريو، انهن جو اڳواڻ مهذب الدين هو ۽ پاڻ کي نائب بادشاهه سڏائڻ لڳو. ٻين اميرن کي سندس وڏائي ۽ فخر پسند ڪين پيو، تنهنڪري جلد ئي قتل ڪرائي ڇڏيائونس. ان کان پوءِ، نجم الدين ۽ بلبن، بادشاهه جا مکيه وزير مقرر ڪيا ويا. نجم الدين نيڪ انسان هو ۽ ترڪ اميرن جي راءِ تي هلندو هو. البته بلبن Balban، غير معمولي قابليت ۽ شخصيت جو مالڪ هو. هو جلد ئي ملڪ جي حڪومت تي ڇانئجي ويو. هن راجپوتن جي بغاوتن کي ڪچلي ڦٽو ڪيو ۽ حمله آور منگولن سان سخت مقابلو ڪري ڀڄائي ڪڍيو. جون 1246ع ۾ اميرن بلبن جي مهنداريءَ هيٺ منصوبو رٿي، مسعود کي تخت تان لاهي، سندس چاچي نصرالدين محمود کي تخت تي ويهاريو. هي سمورو منصوبو بلڪل پر امن طريقي (سان) ڪامياب ٿيو ۽ ڪابه رتوڇاڻ نه ٿي. بلبن کي تمام گهڻو اقتدار حاصل ٿي ويو ۽ کيس نائب مملڪت Deputy Head of State)) جي عهدي تي مقرري ملي.(1)

اسان کي جڏهن چنيسر جو ڪنهن به طرح دانهين ٿي، دهليءَ ڏانهن علاؤالدين خلجيءَ وٽ وڃڻ به ثابت نٿو ٿئي، پر جيڪڏهن ان جي باوجود به، بيواجبي چنيسر جو دهليءَ سلطان علاؤالدين خلجيءَ وٽ دانهين ٿي وڃڻ تسليم به ڪيو وڃي ته: پوءِ به، هو علاؤالدين مسعود کي ٻيو نمبر دودو سومرو جو سنه 576هه کان 590هه تائين، جي مطابق 1180 کان 1193هه تائين، حڪمران ٿي رهيو آهي، کان حڪومت وٺي ڏيڻ جي لاءِ بنان ڪنهن قسم جي لالچ ڏيڻ بغير وٺي آيو هوندو، سومرن حڪمرانن جي گاديءَ تي بيواجبي سلسليوار ويهڻ جي چڪر ۾ نه پوڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته: مؤرخ ۽ محقق سومرن حڪمرانن جي نالن ۽ سندن گاديءَ تي ويهڻ جي سنن کي پڻ فرضي قرار ڏيئي چڪا آهن. انهيءَ ڪري، جيئن ته: علاؤالدين مسعود ڪم عمر (Immature) نوجوان هو، سو جوانيءَ جي جوش ۾ ٿي سگهي ٿو ته، چنيسر سان گڏجي سنڌ ۾ آيو هجي ۽ ان دودو ٻيو کي شهيد ڪري، چنيسر کي گاديءَ تي ويهاريو هجي. ان مان دودو ٻيو کان پوءِ، چنيسر جو گاديءَ تي ويهڻ به ثابت ٿئي ٿو، جو هن 682هه کان 700هه تائين، جي مطابق 1283ع کان 1300ع تائين، نهايت شان و شوڪت سان سونهاري سنڌ تي حڪومت به ڪئي آهي. سومرن حڪمرانن جي ترتيب وار ويهڻ کي به بلڪل فرضي سمجهڻ گهرجي. انهيءَ ڪري بيواجبي سگهڙن ۽ شاعرن علاؤالدين خلجيءَ جي سنڌ تي چڙهائي ڪري اچڻ کي پڻ مشهور ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري مؤرخن ۽ محققن کي به گهرجي ته: هن پهلوءَ تي به، ٿڌيءَ دل سان ضرور سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي ته، نهايت فائديمند رهندو.

نه صرف هي، بلڪه تاريخي ڪتابن جي مختلف بيانن جي روشنيءَ ۾ به، اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته: دودو ۽ چنيسر جي وچ ۾ اقتدار جي ڪشمڪش يا وري ٻئي ڪنهن قسم جي ڪدورت ۽ ڪلفت به ڪا نه ڏسڻ ۾ اچي ٿي جو کڻي مشڪوڪ حالت ۾ به چئي سگهجي ته، ڪنهن علاؤالدين نالي حاڪم سومره دور حڪومت جو خاتمو ڪيو هو.

توضيحات معصومي صفحه 350 جي لکيت مان معلوم ٿئي ٿو ته: دودو غزنيءَ جي سلطان مودود کان فوجي ڪمڪ وٺي، چنيسر کي قتل ڪرائي، سنڌ جي تخت جو وارث ٿئي ٿو ته: پوءِ جنگ ۾ مري ويل چنيسر پنهنجي ڀاءُ دودو کان حڪومت وٺي ڏيڻ جي واسطي، ڪنهن علاؤالدين نالي بادشاهه يا سندن ڪنهن سپہ سالار کي سنڌ تي ڪيئن چاڙهي آندو؟ نه صرف هي، پر توضيحات معصومي صفحه 364 تي لکيل آهي ته: دودو سنڌ جو مستقل حاڪم هو، هو ڀائرن جي شرارت کان رنج ٿي، سلطان ناصرالدين محمود وٽ هلي وڃي رهيو هو ته: اتان ڪا مدد وٺي پاڻ کي حاڪم بنائي.

هن عبارت ۾ وري ڏيکاريو ويو آهي ته: دودو پنهنجن ڀائرن جي شرارتن کان تنگ ٿي ڪري، فوجي ڪمڪ وٺڻ خاطر، دهليءَ جي سلطان ناصر الدين محمود وٽ دانهين ٿي ويو هو. انهيءَ ڪري سمجهڻ گهرجي ته: هي سڀ جون سڀ سومره قوم جي متعلق، بيواجبي ۽ بي بنياد من گهڙت گهڙيل ڳالهيون محض ڏند ڪٿائون معلوم ٿين ٿيون، جن ۾ سواءِ جڙتو ۽ ڪوڙ تي مبني ڳالهه هجڻ جي، ٻئي ڪنهن به قسم جي ڪا به صداقت ۽ سچائي بنهه ڏسڻ ۾ ڪانه اچي ٿي. انهيءَ ڪري، ان مان بلڪل صاف ظاهر آهي ته: ابو حنيفه مسلڪ رکندڙ سومرن جي خود مختيار حڪومت ختم ڪرڻ ۾ نه صرف قرمطي شيعا مشنرين جو هٿ هو، پر ان ۾ پڻ مغل بلڪل ملوث هئا. جنهنڪري مغلن جي مدد ڪرڻ ۽ هشي ملڻ تي، سمن زور وٺي، سومرن جي حڪومت جو هميشه جي واسطي، خاتمو ڪري ڇڏيو. مغلن عمرڪوٽ جي سومره حاڪم جي، مغل باشاهه همايون جي نهايت ڏکئي ۽ مشڪل وقت ۾ جاني ۽ مالي مدد ڪرڻ جو صلو سومرن کي انهيءَ طرح ادا ڪري ڇڏيائون.

ٻيو ته: هر ابتدا جي انتها ۽ هر شيءِ جي پڻ فنا لازمي ٿيڻي آهي ۽ هميشه بقا صرف رب جليل کي ئي ٿيڻي آهي ۽ رهندي. تنهنڪري سومرن جي دورِ حڪومت جو درخشان ۽ سرسبز چمن آخرڪار مغلن جي مدد ڪرڻ سان، سمن هميشه جي واسطي، اجاڙي ۽ برباد ڪري ڇڏيو.

سومرين عورتن جو ابڙو ڏانهن سام ٿي وڃڻ جو مامرو

محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکن ٿا ته:

مايون سومريون جيڪي سام ٿي ويون، سي ڪيتريون هيون، ڪڏهن روانيون ٿيون، ڪنهن سان گڏجي ويون، ڪٿان نڪتيون، ڪهڙي گس سان ويون ۽ آخر کين ڇا ٿيو؟ انهن مڙني ٽاڻن بابت جدا جدا روايتن ۾ جدا جدا رايا ڏيکاريل آهن. سامن جي تعداد بابت پڻ جدا جدا بيان ڄاڻايل آهن. هڪ روايت موجب سامون ۽ ٻيا جيڪي وڳہ ڪوٽ مان لڏيا، سي ڪل اڍائي لک هئا.

”وڳہ وڏيريون نڪتيون، لڏيا اڍائي لک“(2)

ڪن بيانن موجب فقط ست ڄڻيون هيون ته ڪي چون ٿا، ته ست ويهون (140) هيون(3) .

ٻي هڪ روايت موجب راڻيون 9 هيون باقي ساڻن نو سؤ دايون ٻايون هيون:

”نو ڄڻيون، نوَ سؤ آهي ٻاگهل سان ٻائي“(4)

هڪڙين ڳالهين موجب ننگر جي مارجڻ کان پوءِ، يا محمد جي مارجڻ بعد، دودي سامون روانيون ڪيون ۽ پوءِ پاڻ جنگ تي چڙهيو. ٻين روايتن موجب جڏهن دودي جي مرڻ جي خبر آئي، ته سامون روانيون ٿيون ۽ عالادين جو لشڪر ۽ چنيسر به سندن پويان لڳا آيا. هڪ بيان موجب دودو اڃان جنگ تي ڪونه چڙهيو هو ۽ وڳہ ڪوٽ ۾ ئي هو جو پاڻ پنهنجي سر وڃي سامون ابڙي وٽ ڇڏي آيو(5) .

ٻين بيانن موجب، پنهنجي ڀائٽيي محمد سان(6) يا پنهنجي در جي ڀان يا ڀاڳ فقيرن سان سامون روانيون ڪيائين. ٻين بيانن موجب، دودي جي مارجڻ کان پوءِ، ٻاگهي سامون ساڻ ڪري ڀان يا ڀاڳ فقير سان گڏجي رواني ٿي. ڀانن فقيرن جا نالا به جدا جدا ڄاڻايل آهن. هڪڙين روايتن موجب ڀاڳوڀان يا سندس پٽ گڏجي ويو ۽ ٻين روايتن موجب محمود فقير ڀاڳ سامن سان گڏجي ويو(1) .

تاريخ طاهري جي روايت مطابق مايون سومريون، سومرن جي گادي جي شهر محمد طور مان نڪتيون ۽ ڪڇ ڏانهن روانيون ٿيون.(2) . صابر نوحاڻي جي روايت جي هيٺين بيت ۾ اهڙو چٽو اَهڃاڻ ڏنل آهي ته:

ڀڳيون ڀئه سلطان جي ڦوڙايون وڃن
وڳہ ويچارين، ڇنو نائي ڇڏِيو
(3)

مگر ڪن ٻين بيانن ۾ ڄاڻايل آهي ته: هو روپاهه مان روانيون ٿيون(4) . کين ”وڳہ – وڏيريون“ توڙي ”روپاهه جون راڻيون“ سڏيو ويو آهي. دودي پنهنجي دؤر ۾ ”روپاهه“ کي آباد ڪرايو ۽ ٿي سگهي ٿو، ته ڪي راڻيون روپاهه ۾ به رهنديون هجن. وڳہ ڪوٽ يا روپاه مان جڏهن هي وڏ - گهراڻيون نڪتيون ته هنن ڪڇ ۾ ابڙي جي ملڪ ڏانهن منهن ڪيو، جيڪو ”هالار“ جي رخ تي هو:

وڳہ وڏيريون هليون، ٻانهنِ لائي ٻار
اُس نه سٺي ٿي ان جي ٻانهيءَ سندي ٻار
ڪرُ رکيائون ڪڇ تي، هليون ڏونہ هالار
(5)

هن ڳالهه ۾ ڪڇ جو نالو کنيل آهي ۽ پڻ ڏکڻ - اولهه ڏانهن هالار وارو طرف ڄاڻايل آهي. مگر ان طرف ڪهڙي گس سان ويون، ان بابت صفائي ٿيل نه آهي، جيتوڻيڪ ڪن ڳالهين ۾ ان بابت ڪي اُهڃاڻ ڏنل آهن. ابڙي جي ملڪ جو مکيه ۽ مرڪزي علائقو ”ابڙاسيو“ هو، جيڪو هن وقت تائين سندس نالي پويان پيو سڏجي. وڳہ ڪوٽ کان ابڙاسيي ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻه واٽون ٿي سگهن ٿيون.

* رڻ واري واٽ: وڳہ ڪوٽ، ڏِناهه جو ڍورو - ڪريم شاهي - مياڻو - مهري واري ڊُهي(1) - سؤ تڪ واري سرِي(2) - چراخ ڊُهي (اتي رڻ پورو ٿيو)- قادرني واري ترائي - ڀٽارو - لوڻيو - ٻرڪر - ڦلائي - تلُ - شاهارِي - مورُو - آگلڙِي - نهٽا - ٻانڊيو - ٻٽا - اَبڙاسيو.

وڳہ ڪوٽ کان رڻ مان رڳي اهائي واٽ ويندي ۽ ٻي ڪا واٽ نه ٿيندي. ٻي واٽ وري الهندي پاسي کان سامونڊي ڪاري سان ٿيندي، جنهن سان وڳہ مان توڙي روپاهه مان وڃي سگهجي ٿو، پر پهريائين وڳہ توڙي روپاهه مان ٻهڊمي پهچبو.

* الهندين طرفان رڻ کان ٻاهر واري واٽ- وڳہ يا روپاه:

ٻهڊمي- ميراڻي - احمد راڄو - جاتي - چؤٻٽي ڍنڍ - وير (رڻ) - ڪوٽڙي (کارو دريا ِّ اڪريو) - لکپت - مينڍيارِي ٻرندا - ابڙاسيو. ڪن ڳالهين ۾ ڪي ٽاڻا ۽ اُهڃاڻ جاتي طرف واري واٽ جا ڏنل آهن، جيئن ته واٽ تي سامن جو رامڏيي، مهر نوتيار ۽ ابڙي جوڻيجي وٽ وڃڻ.

رامڏيو. جدا جدا راوين وٽ هيءُ نالو رامڏيو، راٻڏيو، رامڏهو، رامڏيہ ۽ رامڏه جي اچارن سان مگر ساڳيو نالو آهي. ڪن راوين ائين ڄاڻايو آهي، ته هو ”رهمڪي بازار“ واري پاسي جو هو: يعني ته سامون وڳہ مان نڪتيون ته رڻ واري واٽ ڪانه ورتائون، پر ”رهمڪي“ واري پاسي آيون. رامڏيي ۾ ”رام“ جو نالو آيل آهي، انهيءَ ڪري هڪ روايت موجب هو ”مينگهواڙ“ هو(3) .

”ٻانڀڻ“ ۽ ”رامڏيو“ نالا اصل ۾ هندڪا آهن پر اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ به مسلمانن ۾ رسمي طور اهي نالا هلندا آيا ۽ اڄ تائين هلندا اچن. ڪن روايتن ۾ سندس ذات  ”رامڏيو“ ڄاڻايل آهي، ۽ ٻين مطابق ”رامڏيو“ سندس نک هئي، پر هو مٿي سمو هو. سمن جي نسبنامي جي هڪڙي روايت ۾ پڻ ڄاڻايل آهي ته ”رامڏيئا“ سما آهن ۽ راهو جي اولاد مان آهن. اهو راهو پٽ انڙ جو هو جيڪو پٽ ٻانڀڻيي جو هو(1) .

چون ٿا ته: هن ”رامڏيي سمي“ جو نالو پڻ ابڙو هو، ۽ انهيءَ نالي جي ڪري ئي سامون سندس ماڳ وٽان مٽيون ته من کين آٿت ۽ آڌر ڏئي. مگر ٻاگهي ۽ سامن جو ٻڌي آڏو رامڏئي چيو ته ”پنهنجا مارائي هاڻي اسان کي مارائڻ آئي آهي“. اهو گفتو جڏهن ٻاگهي جي ڪنين پيو تڏهن ”رامڏئي“ ڏي چوائي موڪليائين ته:

ڇا ڪڙِي، ڇا ڪَٽِڪي، ڇا ماڪوڙِي گهائي
سنڌ ڏُلي ڙي رامڏيا! ڪا مٿي تو آئي
اسان آڳہ ابڙو، تو هنهئين وڃائي وائي
(2) .

پوءِ سامون اهو ماڳ مٽي اڳتي، روانيون ٿيون.

مهڙ نوتيار: شاعر سامي جي ڳاهن واري روايت موجب سامون جڏهن ”مهڙ ڄام نوتيار“ جي ملڪ مان مٽيون ته هن سندن آجيان ڪئي ۽ کين ڏڍ ڏيئي حفاظت سان اڳتي روانو ڪيائين. پوءِ جڏهن عالادين جو لشڪر آيو ته جنگ ڏنائين ۽ پنڌرهن هزار لشڪر ماري پوءِ پاڻ مئو:

مهڙ مرندي ملهائيا سما سڀ نوتيار
پانڊپ رکيا پڙ ۾ پورا پنڌرهن هزار
(3)

هڪ زباني روايت موجب اهو مهڙ ”ڪلهڙي ڪوٽ“ جو سردار هو. بدين تعلقي جو ڏکڻ اڀرنديون ڀاڱو نوتيارن جو ملڪ آهي، ۽ ”نوت“ سڏجي. هن ٽاڻي موجب، سامون وڳہ ڪوٽ واري طرف کان آيون ۽ اتي پهتيون، ۽ اتان اڳتي جاتي طرف روانيون ٿيون، جتي ”ابڙي جوڻيجي“ وٽ پهتيون.

ابڙو جوڻيجو: دودي - چنيسر  جي ڳالهه ۾ اهو هڪ عام مشهور اُهڃاڻ آهي، ته سامون ”ابڙي جوڻيجي“ وٽ ويون. ڪن سگهڙن وٽ ائين آهي ته ابڙو جوڻيجو چنيسر جو يار هو انهيءَ ڪري سامون وٽس وييون(1).

پر گهڻين روايتن مطابق ائين ڄاڻايل ته سامون ”ابڙي“ جي نالي جي پويان ڀلجي وٽس ويون، جو ڀانيائون ته اهوئي ابڙو سمو آهي.

ابڙي جوڻيجي جي ڪردار بابت ٻه رايا آهن: هڪ لائون ٻيو ڀلو، پهرئين رايي موجب ابڙي جوڻيجي کي سندس ماءُ ۽ گهر وارين انهيءَ ڳالهه تي بيهاريو ته سامن کي جواب ڏيئي ڇڏي. ابڙو جوڻيجو عالادين جي لشڪر جو ٻڌي همت هاري ويٺو ۽ سامن کي مان نه ڏنائين ۽ چيائين ته: ڀلائي ڪري هت مون وٽ نه ترسو ۽ اڳتي راهي ٿيو. انهيءَ ڪلڇڻ (ڪڇڻ) تي کيس ننديائون ته:

”اَبن“ لڄايئي ابڙا، ”مريم“ لڄايئي ماء
جوٺا جوڻيجا، سرڻيين سوٺا نه سهين!

ابڙي جي پيءُ جو نالو”ابن“ ۽ ماءُ جو نالو ”مريم“ هو.  ”ابڙي“ جو شهر ”ريڻ درياءِ“ واري پاسي سان هو جو چيائون ته:

جوڻيجا پائي جنڊ، راڄا ٻڏين ”ريڻ“ ۾
پيو پسين پاڻي ۾، هي سڄو ئي چنڊ(2)

ڪن روايتن ۾ ائين آهي ته ابڙو ستيو ۽ سامن کي دلاسو ڏنائين پر جڏهن گهر وڃي ڳالهه ڪيائين تڏهن ماڻس پڙ ڪڍي بيٺي ۽ چيائين ته:

مَ وجههُ ”مورهري – ڌڻي“! سلطانن سان وير
تيائين ڌرج نه پير، جيائين ٿڙين ابڙا.

ماءُ ۽ گهر وارين کيس ايترو ته مجبور ڪيو، جو لاچار ٿي، موٽي اچي سامن کي جواب ڏنائين ته:

او ڏونگرئي ڏيهه ٻيو، جت ابڙو اَه آڀڳُ
هي جوڻيجاڻو جڳ، سامن سونٺا نه سهي
(3)

يعني ته اهو ابڙو جيڪو اوهان پڇايو ٿا ۽ جيڪو مڙس ٿي منهن ڏيندڙ ۽ هرگز نه ڀڄندڙ (اڀڳ) آهي، تنهن جو ڏونگر ۽ ڏيهه (ملڪ) ئي ٻيو آهي. هيءُ جوڻيجن جو ملڪ آهي، جن ۾ سامن جهلڻ جو ست ئي ڪونهي. هڪ ٻي روايت موجب، هن طرح جواب ڏنائين ته:

او ابڙو اَڀڳُ، اَو ڏونگر ئي ڏيهه ٻيو
اَوُ
جوڻا چاڻو“ جڳُ، جو سرڻيين سوٺا سهي.

يعني ته اهو ابڙو (سمو) ”جوڻاچا“ واري ملڪ ۾ آهي، جيڪو سامون جهليندو(1) .

هن اهڃاڻ جي تائيد ٻئي هڪ بيت مان پڻ ٿئي ٿي، جيڪو مشهور آهي ۽ پڻ ”شاهه جي رسالي“ جي ڪن ڇاپي نسخن ۾ موجود آهي ته:

عالادين آئيو کڻي ڇل ڇڳير
ڪنهين ڪين همتئو، ڪانَ جهليندو ڪير!
سومرين سام کنئي، ابڙي ڪئو اٺ - پير
هو مهائين مير، پر مستو راتن مارئو.
(2)

يعني ته عالادين جي شاهي لشڪر جو ٻڌي، ڪنهن کي همت ڪانه ٿي جو اٿي سامون جهلي. ابڙي (جوڻيجي) به جڏهن اٺ - پير ڪئو (گيسي ڪئي يعني هيڻي ٻولي) ته سومرين اتان سام کنئي، يعني مڏي ڪوچ ڪئي ۽ اڳتي روانيون ٿيون. ابڙو (جوڻيجو) جنگ جو جهونجهار (مهائين) ۽ مڙس جبل (ميرُ) هو، پر سندس گهر جي ضائفن (مستوراتن) کيس هيڻو ڪري وڌو.

ڪن روايتن ۾ آهي، ته جڏهن سامون ابڙي جوڻيجي جي ماڳ تي آيون ته پاڻ ڪونه هو. سامن کي جيڪو رکو جواب ڏنو، سو سندس ماءُ ڏنو، جنهن تي هو مڏي کڻي اڳتي روانيون ٿيون. جڏهن ابڙو موٽي پنهنجي ماڳ آيو ۽ ماڻس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته ڏمريو ۽ پوءِ جڏهن عالادين چڙهي آيو، ته اچي سندس ”تيرهن - تنبي“ لشڪر ۾ پيو، ۽ گهڻا ماريائين ۽ مڙس ٿي پاڻ ملهايائين.

هن ابڙي جوڻيجي جي ماڳ بابت ڪي اهڃاڻ مٿي اچي چڪا آهن، ته سندس شهر ”ريڻ“ جي ڪنڌي سان هو. ماڻس کيس ”مورهري – ڌڻي“ سڏيو آهي. ڪن ٻين راوين جي بيانن موجب هو ”ڪڪرالي“ (شاهبندر - جاتي وارو علائقو) جو ڪو سردار هو. سگهڙ مٺو نهڙيي ڪڇي جي بيان ۾ ڄاڻايل آهي ته:

ابڙي جوڻاجاڻي (ائين) تي قبو آهي، جيڪو مغلڀين (جاتي) کان اٺ - نو ميل ڏکڻ - اوڀر جي ڪنڊ تي آهي(1).

ڪڇ جي ٻئي سگهڙ اِبو جت(2) خاطري سان ٻڌايو ته ابڙي جوڻيجي جي قبر (يا قبو) مڪان ”ڌُئو“، تپو ڪوٺي، تعلقي جاتي ۾ آهي. هن اهڃاڻ موجب چئبو ته سامون جاتي واري واٽ سان ڪڇ ڏانهن ويون. هڪ روايت موجب سامون ابڙو پڇائينديون پڇائينديون اچي ”وَرسل“ جي شهر ۾ پهتيون. ابڙي به آڏو ”وڙسر“ جبل تي ڪپهه جا وڏا ڍڳ ڪرائي انهن کي باهه ڏيئي مچ ٻارائي اوس ڪيو ته سامون انهيءَ اُهاءِ تي سونهيون ٿي اچن. انهيءَ ڏينهن کان وٺي ”ابڙي وارا اوس“ جي چوڻي مشهور ٿي. ”ورسل“ ۾ سامن مان به سومريون مايون پنهنجي کٽيءَ ميون ۽ ٻيون اتي مٿانئن رنيون، جنهنڪري ان ماڳ واري جبل جو نالو ئي ”رُئا - سومريون“ پئجي ويو. واٽ تي سومرين ماين نديءَ تي ڏندڻ هڻي ڇڏيا هئا، جيڪي پوءِ ڦٽي وڏا وڻ ٿيا، انهن وڻن ۽ نديءَ تي نالو ئي ”ڪنجڻي“ پئجي ويو، جو ڏندن جي مٿان اڇڙي مير کي ”ڪنجڻي“ چوندا آهن(3) .

”توضيحات معصومي“ جي صفحن 364، 365، 366 ۽ 367 ۾ لکيل آهي ته: دودو سنڌ جو مستقل حاڪم هو، هو ڀائرن جي شرارت کان رنج ٿي سلطان ناصرالدين محمود (شايد ناصر الدين محمود شاهه (795، 797، 802، 815) جنهن صورت ۾ سومرن جي حڪومت سنه 734هه ڌاري پوري ٿي چڪي هئي، تنهنڪري هتي جيڪي به واقعات ذڪر ٿيل آهن. سي هڪ ڏند ڪٿا جي برابر آهن ۽ منجهن ڪا به حقيقت ڪانهي. والله اعلم بالصواب (حاشيه ع-م) وٽ دهلي وڃي رهيو هو ته: اتان ڪا مدد وٺي پاڻ کي حاڪم بنائي، رستي ويندي ملتان جي ويجهو قطب العارفين شيخ پٺي رحمته الله عليہ سان ملاقات ٿيس. جنهن سڳوري سنڌ جي حڪومت جو وعدو ڪيو. مٿئين شيخ، دودي سومري کان پنهنجي مزار متبرڪ واسطي زمين جو ٽڪرو زرخريد  ڪري ورتو. اگرچ دودي ڏوڪڙ قبول نه ٿي ڪيا، ليڪن شيخ انهيءَ تي راضي نه ٿيو. آخر دودي شيخ جي رضامنديءَ خاطر پئسا وٺي زمين جو ٽڪرو خادمن جي حوالي ڪيو. جڏهن مٿيون دودو سومرو دهليءَ ۾ سلطان ناصر الدين محمود جي خدمت ۾ پهتو ۽ پنهنجي ڏکويل احوال جي سربستي خبر، حضور ۾ عرض ڪيائين، تڏهن بادشاهه کيس شاهي انعامن ۽ خسروانه نوازشن سان سرفراز فرمائي، پنهنجي درٻار جي ويجهڙن ۽ مقربن ۾ داخل ڪيو. هڪ ڏينهن دودي، سلطاني دربار جي ڪنهن خاص ماڻهوءَ سان جور وجفا جا ڪي ٿورا واقعات بيان ڪيا ۽ انهيءَ جي معرفت ڀائرن جي ظلم و ستم ۽ بيوفائيءَ جا اهي واقعا سلطان جي ڪن مبارڪ تائين پهتا، سلطان جي دل مبارڪ تي نهايت رقت طاري ٿي ۽ صبح سويري لشڪر جي حاضر ڪرڻ ۽ ڳڻڻ جو حڪم ڏنائين. ٿوري ئي وقت ۾ اٽڪل پنجاهه هزار پيادا ۽ سوار ۽ ٽيهه سؤ مست هاٿي باشاهه جي خدمت ۾ گڏ ٿيا ۽ دودي سان گڏ سنڌ ڏانهن روانا ٿيا. هن روايت ۾ اختلاف آهي. ڪي چون ٿا ته سلطان پاڻ به نفس نفيس دودي سان گڏجي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سارنگ خان نالي پنهنجي هڪ خاص غلام کي دودي جو همراهه ڪري سنڌ اماڻيائين.


(1) (تاريخ اسلام هندو پاڪ، سيد مقبول حسين موسوي – دفعو ٻيو سال 1966، صفحه 85، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس پبلشرز ائنڊ بوڪ سيلرس شاهي بازار حيدرآباد، ويسٽ پاڪستان، فون نمبر 2718).

(2) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 99، بحواله صابر نوحاڻي جي روايت ص 194).

(3) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 99، بحواله مٺو نهڙيي جي روايت ص 203).

(4) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 100، بحواله فقير عبدالستار مهر جي روايت ص ص 326 - 327 منشي اَڌارام واري لکايل ڳالهه (ص 26) ۾ پڻ ڄاڻايل آهي ته عالادين چنيسر کان نو سؤ نوَ ڄڻيون گهريون. ڪريم بخش مهر جي روايت (ص 389) ۾ ڄاڻايل آهي ته نوَ سؤ سومريون سامون ٿي ابڙي وٽ پهتيون).

(5) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 100، روايت محمد عظيم ڪلوڙ ص 228).

(6) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 100، غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت ص 595، يار محمد ماڇي جي روايت ص 842).

(1) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 100، شاعر سامي جي آڳاٽن بيتن ۾ ”محمو ڀاڳ“ جو نالو ڄاڻايل آهي (ڏسو ص 55).

(2) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 101، بحواله تاريخ طاهري ص 49).

(3) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 101، بحواله صابر نوحاڻي جي روايت ص 193).

(4) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 101، منشي اَڌارام واري لکايل ڳالهه ص 27، بودن فقير ڀنڀري جي روايت ص 303).

(5) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 101، صابر نوحاڻي جي روايت، ص ص 192 - 193. ڪڇ جو ڏکڻ - الهنديون ڀاڱو ۽ پريان ان سان لاڳيتو ڪاٺياواڙ جو الهنديون ڀاڱو جنهن ۾ ڄام ننگر کان وٺي ويندي جهونا ڳڙهه تائين سڄو ملڪ اچي وڃي ٿو سو ”هالار“ سڏجي).

(1) (دودو- چنيسر جي ڳالهه 102) بحواله مهرو جت منداڻي انهيءَ ماڳ تي اڃ وگهي مئو جنهنڪري اهو نالو پيو.

(2) (دودو- چنيسر جي ڳالهه 102، سري يعني سنهڙي ڍوري جنهن ۾ سمنڊ جو پاڻي وير وقت چڙهي اچي).

(3) (دودو- چنيسر جي ڳالهه 103، بحواله بودن فقير ڀنڀري جي روايت (ص 203). سامون ان وٽ ڪين ٿي ويون پر هن سامن کي ايندو ڏسي کين پاسو ڪرڻ لاءِ چيو).

(1) (دودو- چنيسر جي ڳالهه 103، اهو ٻانڀڻيو وڏو هو جيڪو گهڻو اڳ ٿي گذريو، ۽ نه پويون ٻانڀڻيو جيڪو سمن ڄامن (حڪمرانن) مان هو).

(2) (دودو- چنيسر جي ڳالهه 103، رکيل راڄڙ (ص 254). بودن فقير ڀنڀري (ص 303) فقير عبدالستار مهر (ص ص 326 - 327) جي روايتن ۾ هن ڳالهه جي پڙهڻي ٿوري ڦيرگهير سان ڏنل آهي. ”ترائي“ جي ميان تاج محمد ارباب نهڙيي اسان سان هڪ ڪچهري (30 آگسٽ 1953ع) ۾ پڻ اهو بيت ائين پڙهيو، ۽ پڻ چيائين ته ”رامڏيو ذات جو هو ۽ نالو سندس ابڙو هو).

(3) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 104، بحواله سامي شاعر جي ڳاهين واري روايت ص ص 55 - 58 ۽ 60 – 61).

(1) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 104، سگهڙ حاجي ناهڙ چانگ (ڪچهري بدين 19 - ڊسمبر 1964ع) انهيءَ ڳالهه تي گهڻو زور ڏنو).

(2) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 105، سامي شاعر جي ڳاهن واري ڳالهه (ص 55)

(3) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 105) صابر نوحاڻي جي روايت، ص 192. هي بيت موجوده دور جي سگهڙن وٽ مشهور آهي، پر البت جدا جدا نموني سان پڙهيو وڃي ٿو، مثلاً: ميرپورساڪري جي سڄاڻ سگهڙ مرحوم کيئان خان ڪرمتي هن طرح پڙهيو ته:

هو ابڙو اڀڳ، جو سرڻين جا سوٺا ساهي،
اسين جوڻيجاڻو جڳ، سرڻين سوٺا نه ساهيون.

تاج محمد ارباب ۽ ٻين ڪن سگهڙن هن طرح ٻڌايو ته:

هو ابڙو ئي اڙٻنگ، هو ڏونگر ئي ڏيهه ٻئو،
هي جوڻيجاڻو جڳ، سرڻين سوٺا نه سهي.

ظاهر آهي ته قافيي جي لحاظ سان ’اڙٻنگ‘ پڙهڻ صحيح نه ٿيندو.

(1) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 106، تفصيل لاءِ ڏسو مٿي ص 97).

(2) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 106). سام کنئي = سام جي مڏي کنئي ۽ اڳتي روانيون ٿيون. ٻي پڙهڻي موجب ”سومرين سانگ کنئي“، جنهن جي معنيٰ به اها ته انهن مڏي کنئي. هن سٽ جي اڃا به هڪ ٻي پڙهڻي هن طرح آهي ته:

”سمي اٿئي سام کنئي، ابڙي ڪئو اٺ – پير“

جنهن جي معنيٰ نه سمي ابڙي سام جهلي ۽ ابڙي جوڻيجي اٺ - پير ڪيو.

(1) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 107، مٺو نهڙيي ڪڇي جي روايت، ص ص 203 – 204).

(2) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 107، هي سگهڙ اسان کي تعلقي شاهبندر ۾ ”جؤنگي“ (جي بنگلي) تي ڪيل ڪچهري ۾ مليو).

(3) (دودو- چنيسر جي ڳالهه صفحه 108، مٺو نهڙيي ڪڇي جي روايت، ص 204).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org