سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 3

صفحو ؛ 6

 

انگريز ليکڪ گب صاحب ته: محمد بن قاسم کي القريشي لکي ٿو، پر سي ايف بيڪنگهام صاحب، محمد بن قاسم جي الثقفي هجڻ جي باعث، مٿس اعتراض ڪندي لکي ٿو ته:

گب اها ڳالهه محسوس ڪا نه ڪئي ته: ابن بطوطه ابن قاسم کي القريشي ڄاڻائي غلطي ڪري ٿو.

دائود پوٽه صاحب به، محمد بن قاسم کي القريشي تسليم نه ڪندي، لکي ٿو ته: جيڪڏهن سنڌ جو فاتح محمد بن قاسم الثقفي القريشي ثابت ٿي وڃي، ته پوءِ سومرن جو نسل محمد بن قاسم سان ملائي سگهجي ٿو.

گب صاحب، سنڌ جي عظيم فاتح سپهه سالار غازي محمد بن قاسم کي الثقفي هجڻ جي باوجود به حضرت مخدوم رڪن الدين ملتاني رح جي روايت تي، بلڪل اعتبار ڪندي، ابن قاسم الثقفيءَ کي القريشي لکڻ ۾ ڪهڙي اربع خطا ڪري ٿو؟ جڏهن ته: حضرت مخدوم رڪن الدين رح ابن بطوطه کي محمد بن قاسم الثقفيءَ جو القريشي هجڻ ٻڌائين ٿا. پاڻ به، جيئن ته: قريشي آهن، سو کين محمد بن قاسم بنو ثقيف جي قريشي هجڻ جي به، پڪي خاطري ۽ دلجاءِ هئي، نه صرف هي، پر ڪوڙ ڳالهائڻ جهڙا به بزرگ هرگز نه آهن. پوءِ به الائجي ڇو؟اهل قلم ۽ علم غازي محمد بن قاسم کي القريشي مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. هيءَ سندن هڪ بيواجبي عظيم ڀل ۽ غلطي آهي. ڇو جو، هن قسم جا نهايت عظيم ترين نيڪ صفت ۽ سيرت بزرگ شخص ڪوڙ ڳالهائڻ کان به، سختيءَ سان پرهيز ڪندا آهن. انهيءَ جي باوجود به اسان کي ضروري ٿي پيو آهي ته: محمد بن قاسن کي صاف ۽ بلڪل چٽيءَ طرح القريشي ثابت ڪري ڏيکاريون.

تنهنڪري اسان محمد بن قاسم کي القريشي ثابت ڪرڻ کان اڳ، سنڌ جي فتح جي اسلامي عربي لشڪر ۾ شامل مسلم عرب قبيلن جو تذڪرو ڪرڻ نهايت ضروري سمجهون ٿا. ته جيئن: سومره قوم جو اصل عرب قبيلو معلوم ڪري، سندن اصل حسب نسب جي به، مبهم اصل حقيقت عيان ٿي وڃڻ سان، پيدا ٿيل شڪ شبها به آسانيءَ سان دور ڪري سگهجن.

(1) هن سلسلي ۾ مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته:

غازي محمد بن قاسم جي عربي لشڪر ۾ قريش، بنو ڪلب، بنو قيس، بنو اسد، بنو تميم، ربيع، شيباني، عماني، يمن ۽ حجاز جا شريف مجاهد هئا. (1)

(2) مهاشيه صاحب، سنڌ جي فتح جي لشڪر ۾ شامل عرب قبيلن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

محمد بن قاسم شيراز ۾ مقيم هو ۽ فارس جي گورنريءَ ۾ وڏي دانائيءَ ۽ قابليت جو پڻ اظهار ڪري چڪا هئا. حجاج ان کي شيراز مان گهرايو ۽ هدايتون ڪيون. عراق ۽ شام جي قبيلن بني سمره، بني ثقيف، بني تميم، بني صدف ۽ شامي ۽ حجازي تجربيڪار سپاهين کي همراهه ڪيو. [1]

مولائي شيدائي صاحب، سنڌ جي فتح جي اسلامي عرب لشڪر ۾ شامل عرب قبيلن ۾ بني سمره قبيلي جي شامل هجڻ بجاءِ، محض مغالطي پيدا ڪرڻ جي واسطي، عرب قبيلي بني سمره کي قريش خاندان ۾ روپوش ڪري ڏيکاري ٿو. هونئن به، ڏٺو وڃي ته: بني سمره (سومرا) قريشي ئي ته آهن. جيڪڏهن واقعي عرب قبيلو بني سمره سنڌ جي فتح جي عربي لشڪر ۾ شامل نه هو ته: پوءِ مولائي شيدائي صاحب جي پيش ڪيل عرب قبيلن مان (بقول ابن بطوطه جي، سومرا سنڌ جي فتح جي لشڪر ۾ موجود هئا) سومرا ڪهڙي عرب قبيلي مان آهن؟

انهيءَ ڪري، آخر مجبور ٿي مڃڻو پوندو ته، سومرا مهاشه صاحب جي پيش ڪيل عرب قبيلن مان بني سمره قريش قبيلي مان ئي آهن. مير علي شير قانع ٺٽوي صاحب، بني تميم مان بگڙي (جو پڻ عربي لشڪر ۾ موجود آهي) ٿهيم ٿي پوڻ ته، لکي ٿو، پر بني سمره مان بگڙي ”سومرا“ ٿي پوڻ بجاءِ، بيواجبي محض قافيي ٽهڪي اچڻ جي باعث“ ”سامره“ مان بگڙي ”سومرا“ ٿي پوڻ لکي ٿو. هن جيڪو سومرن سردارن کي سرڪش لکيو آهي، ان کي برو سمجهڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته: هو عباسي حڪمرانن جو نمڪ خوار ملازم هو. البت هو، پنهنجيءَ تحرير سان سومرن کي عرب مسلمان قوم مڃڻ کان انڪار نه ٿو ڪري. مگر افسوس جو هو سومرن جي اصل ۽ حقيقي حسب نسب ۾ بيواجبي ۽ اجايا مونجهارا ۽ غلط فهميون ضرور پيدا ڪري رهيو آهي.

اهو انهيءَ ڪري جو، هو پنهنجن عباسي آقائن کي خوش رکڻ ٿو، چاهي، ڇاڪاڻ ته: سومرا بني اميه دور خلافت ۾ سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿي آيا هئا ۽ کين سنڌ جي منصوره حڪومت سنڌ جي گورنر منصور بن جمهور کان سنه 134 هه ۾ ڄڻ پنهنجي عربن جي سنڌ ۾ قائم ڪيل اباڻي حڪومت ورثي ۾ ملي هئي.

انهيءَ ڪري سومرن عباسي خليفي جي بعيت ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جي فتح جو عربي لشڪر جيڪو بني اميه خليفي سليمان بن عبدالملڪ جي متناعي حڪم جاري ڪرڻ جي باعث، سنڌ اندر رهائش پذير ٿي چڪو هو. انهن بهادر عرب غازي مجاهدن سومرن جي مدد ڪرڻ جو به صرف اعلان ڪيو، پر عباسي خليفن طرفان مقرر ڪيل سنڌ جي گورنر سان جنگ ڪرڻ جي واسطي، پڻ سندرو ٻڌي بيٺا هئا.

بهرحال، عباسين جي طرفان مقرر ڪيل سنڌ جي گورنر. هيءَ نهايت خطرناڪ ۽ نازڪ صورت حال ڏسي، سومرن سان جنگ نه ڪرڻ ۾ پنهنجي ڀلائي سمجهي.

جنهنڪري سنڌ جي عرب حڪومت ٻن حصن تي مشتمل ٿي ويئي. هڪ عباسي حڪومت جنهن جو دارالخلافه ملتان هو. جنهن تي عباسين جو گورنر حڪومت ڪندو هو ۽ ٻئي هئي منصوره سومره حڪومت. ابن بطوطه سومرن جون جيڪي صرف ٻه ريتون رسمون بيان ڪيون آهن. تن مان به، سومرا خالص عرب مسلمان قوم واضح طور معلوم ٿين ٿا. لکي ٿو ته:

(1) هو (سومرا) پنهنجيءَ قوم وارن کانسواءِ، ٻئي ڪنهن سان به، مائٽي ڪين ڳنڍيندا آهن:

اسان کي ابن بطوطه جي مٿئينءَ پيش ڪيل گواهيءَ ۽ شاهديءَ مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿو ته:

سومرا بلڪل مسلم عرب قوم جا آهن. ڇاڪاڻ ته: عرب مسلمان خصوصن پنهنجيءَ هم قوم جي عورتن سان شاديون ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ۽ اهميت ڏيندا آهن. ڇو جو، شريعت محمدي صه جي مطابق، مسلمانن کي، هن ڳالهه جو سختيءَ سان تاڪيد ڪيو ويو آهي ته: مسلمانن کي گهرجي ته: پنهنجيءَ هم قوم جي نهايت قريبي رشتيدار جي عورت (جنهن سان شادي ڪرڻ جائز قرار ڏني ويئي آهي) سان شادي ڪرڻ نهايت افضل آهي.

انهيءَ ڪري، دور حاضر جي سومرن کي ڇڏي، آڳاٽي سمي جي خالص عرب بني سمره (سومرا) سواءِ پنهنجيءَ هم قوم بني سمره جي، ٻئيءَ ڪنهن ڌارئيءَ قوم جي ماڻهوءَ کان نه سڱ وٺندا هئا ۽ نه وري ڪنهن ڌارئيءَ قوم جي ماڻهوءَ کي سڱ ڏيندا هئا.

جيڪڏهن ”سومرا“ واقعي بيواجبي بقول مؤرخن ۽ محققن جي، هندو راجپوت قوم جا هجن ها ته: هو پنهنجيءَ  هم قوم جي هندو ڀائي بند سان مٽي مائٽي هرگز نه ڪن ها! ڇاڪاڻ ته: هندو لوڪ سواٰءِ هندو ڌارئيءَ قوم جي، پنهنجيءَ هم قوم جي هندوءَ سان مٽي مائٽي هرگز نه ڪندا آهن.

جهڙيءَ طرح عرب مسلمان ”سومرا“ ٻئي ڪنهن ڌارئيءَ قوم جي عورت سان شادي نه ڪندا هئا. ساڳيءَ طرح وري هو، ٻئي ڪنهن غير مسلم قوم جي ڌارئي ماڻهوءَ سان به گڏجي نه کائيندا هئا. جڏهن هو کائيندا هئا ته: بقول ابن بطوطه جي ”ڪو به شخص هنن ڏانهن ڏسڻ جي جرئت ڪري ڪين سگهندو آهي.“ هن مان ابن بطوطه جي هيءَ مراد آهي ته: سومرن جو ڪو کائڻ نه ڏسي سگهندو هو. ڇاڪاڻ ته، جڏهن هو کائيندا هئا ته: ماڻهن ڏي پٺي ڪري کائيندا هئا.

اهو انهيءَ ڪري جو، مسلمانن کي شرعي حڪم به، اهڙي ئي قسم جو ٿيل آهي ته: مبادا! ڪنهن بکايل شخص جوساهه نه سٽ ڏيئي وجهي.

ان کان علاوه مسلمانن کي هن ڳالهه جو به، سختيءَ سان تاڪيد ڪيو ويو آهي ته: کاڌي ۾ استعمال ڪيل شين جون کلون وغيره به، پنهنجي درجي سامهون ٻاهر اڇلائي نه ڇڏيندا ڪريو. متان ڪو مسڪين ۽ غريب ماڻهو ائين محسوس ڪري وجهي ته: اڄ هن گهر جي ماڻهن ڦلاڻيون ڦلاڻيون شيون کائڻ ۾ استعمال ڪيون آهن.

اسان هاڻي پنهنجي اصل ۽ اهم مقصد تي اچي، سنڌ جي فاتح عظيم جرنيل غازي محمد بن قاسم کي صاف ۽ بلڪل چٽيءَ طرح الثقفي هجڻ جي باوجود قريش (القريشي) ثابت ڪرڻ گهرون ٿا. انهيءَ ڪري اسان هيٺ حضرت اسماعيل عليــﮧ السلام حضرت ابراهيم عليـﮧ السلام جي فرزند عدنان، جنهنجيءَ اولاد کي قريش سڏيندا آهن. جنهن جيءَ اولاد مان اسان جو پيارو نبي حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ صلي الله عليـﮧ وسلم جن به آهن، جو خانداني شجرو پيش ڪريون ٿا.

انهيءَ مان سنڌ جو فاتح غازي محمد بن قاسم بن ثقيف (الثقفي) هجڻ جي باوجود به، القريشي صاف ۽چٽيءَ طرح ثابت ٿئي ٿو.

يعني: عدنان جو پٽ معد، معد جو پٽ نزار، نزار جا پٽ مضر، اياد، انمار ۽ ربيعه، مضر جا پٽ قيش غيلان ۽ ياس، فهر يا قريش قيس غيلان جا پٽ، هوازن، مازن، عقيل، عددان، بنو ڪلاب، سليم، باهله ۽ عظان، هوازن جا پٽ، صعصه، جثم، بنو سعد، بنو بڪر ۽ بنو ثقيف.

اسان کي عدنان قريش (القريشي) خاندان جي پيش ڪيل شجري مان صاف ۽ چٽو بنو ثقيف (الثقفي) جو هوازن قريش (القريشي) جو پٽ هجڻ ثابت ٿئي ٿو.

تنهنڪري هاڻ سنڌ جي فاتح غازي محمد بن قاسم بنو ثقيف (الثقفي) جو فهر يا قريش خانداني شجرو پڻ هن طرح عمل ۾ ايندو. جهڙوڪ:

يعني: عمر بن قاسم بن محمد بن ثقيف بن هوازن بن قيس بن غيلان بن مضر بن نزار بن معد بن عدنان.

اهڙيءَ طرح بني سمره (سمره) بن جندب هوازن (هوازنيه) قريش (القريشي) جو پڻ عدنان قريش (القريشي) شجرو هن طرح ٿيندو.

        

يعني عبدالرحمان بن سمره، جابر بن سمره، جعفر بن سمره، احمد بن سمره ۽ عبدالله بن سمره بن جندب بن هوازن بن قيس غيلان بن مضر بن نزار بن معد بن عدنان.

نه صرف، بنو ثقيف (الثقفي) اڪبر شاهه خان نجيب
آباديءَ جي ڏنل عدنان قريش خاندان جي شجري مان هوازن جو پٽ ثابت ٿئي ٿو، پر قاضي محمد سليما سليمان منصور پوريءَ جي هيٺ ڏنل قريش خاندان مان به، صاف ۽چٽيءَ طرح معلوم ٿئي ٿو.


[1]  (”جنت السنڌ ص 148).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ