سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سومره سنڌ

باب؛ --

صفحو ؛ 1

تاريخ سومره سنڌ

وزير علي

 

انتساب

  

مان هي ڪتاب ”تاريخ سومره سنڌ“ پنهنجي انهن مرحوم هاري والدين کان علاوه ماٽيلي امڙ جي نالي منسوب ڪريان ٿو، جن مون کي زمين جو سخت پورهيو ڪري، حلال جي روزيءَ جي ڪمائي مان تعليم ڏياري، هن قابل ڪيو، شل خداوند ڪريم کين هن صلي رحميءَ جي بدولت جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا ڪرڻ فرمائي، آمين ثم آمين.

وزير علي ايم سمره (سومره)

هوازنيه القريشي

 

 

 

 

 

ٻه اکر

مان گهڻي وقت کان وٺي سوچ ۽ ويچار ڪندو رهندو هوس ته جنهن غيور سومره قوم (هيءَ سومره قوم جي خوش فهمي نه، پر دنيا وارن جي پڻ هڪ مڃيل حقيقت آهي) جي سورهيه ۽ بهادر 36 سردارن  500 سؤ ورهين کا ن به، هڪ وڌيڪ طويل عرصي تائين، خود مختيار رهي، سونهاري   باب الاسلام ملڪ سنڌ تي، نهايت شان و شوڪت ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪئي هجي، ان قوم جي ماڻهن ۾ سو به سواءِ ڪنهن قصور ۽ پاءُ پاڻي هجڻ جي به، پاڻ ۾ دشمني، بغض، وير ۽ ڪينو رکڻ، خود کي ٻئي سومري ڀاءُ کان افضل ۽مٿاهون سمجهڻ توڙي جو پاڻ شتر مرغ کڻي ڇو نه هجي، هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام ڪرڻ بجاءِ ڪدورت، نفرت ۽ حقارت سان ڏسڻ ۽ پيش اچڻ، هڪ ٻئي کي چين، آرام، سک ۽ سانت سان زندگي گهارڻ ڏيڻ بجاءِ، هميشه تڪليفن ۽ پريشانين ۾ مبتلا ڪري رکڻ جا الائجي ڇو عادي ٿي چڪا آهن. ازانسواءِ وڏي جا برائي ۽ بڇڙائي ڪثرت سان سومره قوم ۾ موجود آهي، اها هيءَ آهي ته: ڪريل ۽ گهٽيا سوچ رکندڙ سومرا! ڪنهن غريب سومرو ڀاءُ کي تڪليف، پريشاني ۽ مشڪلات ۾ مبتلا ڏسي ڪري، ساڻس سواءِ ڪم اچڻ، سهاري ڏيڻ، همدردي ۽ مدد ڪرڻ جي، ان ۾ اڃا به وڌيڪ اضافي ڪرڻ جي واسطي، نازيبا حرڪتن ڪرڻ کان به، ڪا گريز ۽ ڪو لحاظ به نه ڪندا آهن. جيتوڻيڪ سندن هن ڪريل روش کي ڏسي ڪري، پنهنجا (يعني سومره قوم جا بعض اهي سومرا، جي پڻ سومره قوم جا خيرخواهه ۽ ڀلو چاهيندڙ نيڪ مرد ۽ بزرگ صفت شخص جن ويچارن جي وس ۽ اختيار ۾ سواءِ ڏک ۽ افسوس ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي) ته ڇڏيو، پر پراوا شرفاٰء ۽ صلح پسند انسانذات جا خيرخواهه ۽ ڀلو چاهيندڙ ماڻهو مٿن دلي ڦٽڪار ڪرڻ جي پڻ ڀرپور بوڇاڙ ڪندا آهن. انهيءَ جي باوجود به، هن قسم جي خراب ذهنيت رکندڙ سومرا سواءِ پڇتاء، ندامت ۽ پشيمان ٿيڻ بجاءِ فخر محسوس ڪندا آهن.

مان جتي به ويو آهيان ۽ جنهن به سومري ڀاءُ سان سومرن ۾ موجود مذڪوره ڪريل ۽ گهٽيا قسم جي براين ۽ خرابين جو ذڪر ڪيو آهي ته  پوءِ ان سومري ڀاءُ به ساڳيائي روئڻا رنا آهن.

هيءَ منهنجي دعويٰ ۽ چئلينج آهي ته: ڪو به سومرو جنهن به مان ۽ مرتبي ۽ اعليٰ عهدي تي رسيو آهي، سو سندس خود جي ڀاڳ جو ڀيڙو سمجهڻ گهرجي، ورنه، ڪنهن به هلنديءَ پڄنديءَ واري خود غرض سومري ٻئي (سواءِ پنهنجن نهايت قريبي رشتيدارن هجڻ جي) ڪنهن غريب سومري ڀاءُ جي (سواءِ چند غيور ۽سومره قوم سان همدردي ۽ خيرخواهي رکندڙ سومرن جي) مدد ڪري، سواءِ هيٺ ڪيرائڻ جي، مٿي چاڙهڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جي، ناڪام ڪوشش پڻ هرگز نه ورتي آهي. جيڪڏهن ڪو سومورو ڀلجي به، ڪنهن غريب سومري جي ڪم به آيو آهي ته پوءِ ان سندس جيئڻ حرام ڪري رکي ڇڏيو آهي. سومره صاحب! تون پنهنجي فرض جي ادائگيءَ کي احسان نه سمجهندو ڪر.

سومرا! ٻين ڌارين قومن جي ماڻهن سان اعليٰ کان ادنيٰ تائين، اڪن شڪن، کير کنڊ، ڏکئي ۽ مصيبت جي وقت همدرد ۽ڪم ايندڙ، وفادار ۽ ٻڌا ٻانها به آهن. اهڙا ويل به نه آهن، ڇو جو ڊڄي ڪري، ڪنهن جي ڪم به ايندا آهن، آخر ته پڏن کي دنيا ۾ به ته رهڻو ۽ هلڻو آهي.

جڏهن ته: انهيءَ سچيءَ حقيقت جي بلڪل برعڪس، غريب سومرو ڀاءُ هلنديءَ پڄنديءَ واري سومري وٽ، ڪنهن ڪم ڪرائڻ سانگي آس کڻي پهچندو آهي، پر کيس ان وٽان نراس ٿي واپس موٽڻو پوندو آهي. انهيءَ جي باوجود به، نه غريب سومري ڀاءُ جي ان مان اميد پلبي آهي ۽ وري ڪا منافق سومري جي منافقيءَ واري ڪيل وعدي جي ڪا تڪميل ٿيندي آهي، تان جو، جو ڪجهه غريب سومرو ڀاءُ سان ٿيڻو هوندو آهي، سو ٿي گذرندو آهي.

سومره صاحب! ڇا توکي مڇيءَ جي کاريءَ ۾ هڪ ڪني ڪرڙيءَ جي خراب هجڻ جي پڻ خبر ناهي؟ انهيءَ جي مصداق، ته پوءِ توکي ڪير غيور ۽ سومره قوم جي خير خواهه ۽ همدرد چوندو؟ هيءَ تنهنجي نازيبا حرڪت، تنهنجي لاءِ، خودڪشي ڪرڻ جي مترادف آهي. ڇاڪاڻ ته، سومرا هڪ ئي قالب ۽ پڻ نسل جا افراد آهن.

سومرن جي برعڪس، ٻيا ڌاريا ماڻهو وري توکي ڪهڙو بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌرائيندا آهن، صرف توکي مان ڪم ڪڍڻ جي واسطي، بيجا خوشامندي جملا استعمال ڪري، ٽيڳرائي، پوزرائي ۽ ڪم ڪڍي بيوقوف بنائي ويندا آهن. ساڳيءَ ڌن ۾ مست ۽ مگن ته: تنهنجي دنيا ۾ وڏي مقبوليت آهي.

هيءَ ڳالهه به، عالم آشڪار آهي ته: ظالم سومرو، پنهنجي غريب سومرو ڀاءُ کي بنا ڪنهن قصور ۽ پاءُ پاڻيءَ هجڻ جي به، (محض پنهنجيءَ انا، وڏيرائپ جي رعب، دٻدٻي ۽ بود ڪڏائڻ لاءِ) ڪلاشن ڪوف هڻڻ کان به گريز نه ڪندو آهي. هونئن وري اهڙو بهادر ۽ دلير هوندو آهي، جو پنهنجي پاڇي کان به ڊڄندو وتندو آهي. هي ڏيکاءُ محض انهيءَ ڪري ڪندو آهي جو کيس هن ڳالهه جي پڪي خاطري ۽ دلجاءِ هوندي آهي ته: وڏي سومري جي خدمت چاڪري، مخبري ۽ اڳ پوءِ ڪرڻ جي باعث، فيصلو ته ضرور سندس حق ۽ فائدي ۾ ٿيڻو ئي ٿيڻو آهي. هن قسم جي انيڪ ظالم سومرن جي طرفان غريب سومرن تي، ٿيل ظلم ڪنهن کان به، ڳجها ۽پوشيده نه آهن.

انهيءَ بلڪل سچيءَ حقيقت جي برعڪس، عام سومرا ته ڇڏيو، پر اسان جو وڏو سومرو ئي کڻي ڇو نه هجي، انتقام وٺڻ بجاءِ، زهر جو ڍڪ پي ڪري، ٻئيءَ ڪنهن ڌارئيءَ قوم جي ماڻهوءَ جي رسايل تڪليف جي بدلي ۾ اخلاقي مار (يعني مٿس احسانن جي بارش ڪري) ڏيئي ڪري، پنهنجو گرويده بنائي رکندا آهن. اڳتي هلي ڪري، جڏهن اهو ساڳيو ئي شخص کين ڪيل احسان جي بدلي چڪائڻ جي واسطي، ڪاپاري ڌڪ هڻندو آهي ته پوءِ به، صرف ان کان نفرت ڪري، (سو به ٿوري وقت جي لاءِ) وساري ڇڏڻ جو ويچارا محض دنيا وارن کي ڏيکارڻ خاطر، مظاهرو ڪندا آهن. ان کانپوءِ، پڇتاءُ ڪندي چوندا آهن: اسان جنهن سان به ڀلائي ۽ احسان ڪريون ٿا، سوئي شخص اسان سان برائي ڪري ٿو.

سومرا! صاحب! هي مظلوم سومرن جي بد دعائن جو اثر آهي، جو تون نه پنهنجن جو رهيو آهين ۽ نه وري ڪو پراون جو. انهيءَ ڪري توکي گهرجي ته: ڪن خاص ۽ مخصوص بنائي رکيل سومرن جي ڪم اچڻ بجاءِ پروان سان گڏ، عام سومرن جي ڀلائي جو به ضرور خيال ڪرڻ گهرجي. هن ۾ تنهنجي برائي نه، پر ناموس آهي. ٻيا کڻي نه به، پر سومرا ته توکي ياد ڪرڻ سان گڏ، دعائون ڪندا رهندا.

الله رب العزت هن ڳالهه جو گواهه ۽شاهد آهي ته: مان هي سڀ ڪجهه ذاتي مشاهدن ۽ مظلوم سومرن ڀائرن کان ٻڌل دردناڪ احوال جي تحت، اڏهيءَ کاڌل ڪمزور ڪلي جي لاوارث غريب ۽مسڪين سومره قوم جي دکي ماڻهن جي ڏکن ۽ سورن جو هڪ ڏٺل ۽ ٻڌل نهايت ڏک ڀريو ۽ عبرتناڪ سچو داستان تمام معمولي طور، سومرا برادريءَ جي اڳيان پيش ڪيو آهي.

”درياءَ توتي دانهن، ڏينديس ڏينهن قيام جي“

هي سومره قوم جو پيش ڪيل سچو ۽ اکين ڏٺو احوال ڪنهن ظالم ۽ بيشناس سومري ڀاءُ کي وڻي يا نه، پر الله لڳ حق جي ڳالهه ضرور غيور ۽ بهادر سومرن ڀائرن جي اڳيان پيش ڪرڻي پوندي. سومرا صاحبو! جيڪڏهن توهان کي اگهور ننڊ مان بيدار ٿي، منهنجي دردمندانه ڪيل اپيل سمجهه ۾ اچي وڃي ته، صرف ان تي عمل ڪندا ته پوءِ، مان توهان مڙني جو شڪر گذار رهندس.

”واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم سومرن ڀائرن جو“

جيڪڏهن اڃا به، سومرا صاحب سومره قوم جي غريب ۽ مسڪين ڀائرن جي ڪم نه ايندا ته پوءِ کين هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙيءَ طرح سمجهائي سگهجي ٿو؟ ٻيو کڻي نه، ته توهان پنهنجيءَ کنيل جوابداريءَ جو ته ڪو خيال رکو.

ابن بطوطه جڳ مشهور عرب سيلاني جنهن جا انگريز ليکڪ پڻ مداح آهن، جو اڄ کان 800 سؤ سال اڳ ملڪ سنڌ جي سومره دؤر حڪومت ۾ سنڌ جي سيرو سفر ڪرڻ جي واسطي، سنه پهرين محرم 734هه مطابق 12 سيپٽمبر 1333ع ۾ آيو هو. ان سومره قوم جي غيرت بيان ڪندي، بلڪل صاف لکرايو آهي ته: سومرا پنهنجيءَ قوم وارن کانسواءِ، ٻئي ڪنهن سان به مائٽي ڪين ڳنڍيندا آهن. مگر افسوس جو انهيءَ بلڪل سچيءَ حقيقت جي بلڪل برعڪس (توکي ڏسي ڪري) دور حاضر جا سومرا ڏٺ به ڏٺئيءَ جي باعث. ميدان صاف ۽ هموار ڏسي ڪري، ٻين قومن جي ڌارين ماڻهن سان ڪڏي ۽ ٽاڄ ڪري، سڱابندي ڪرڻ ۾، سواءِ شرمندگي ۽ پشيماني محسوس ڪرڻ جي نهايت فخر ڪري رهيا آهن. جنهن کا به کڻي پڇجي ٿو ته: ادا! تون ڪهڙيءَ قوم جوآهين؟ اهو جواب ۾ چئي ٿو ته: ادا! مان ڦلاڻيءَ قوم جو آهيان، پر منهنجي زال/ ماءُ سومري آهي. جيڪڏهن سومريءَ عورت جو مڙس گهٽ ذات وارو آهي ته پوءِ هو سومرو سڏرائي رهيو آهي. جنهن جو نتيجو هي نڪتو آهي جو هاڻي اهڙيءَ طرح سومره قوم ۾ ٻيون ڌاريون قومون به ضم ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن هن سيلاب جي رفتار کي بند نه ڪيو ويو ته پوءِ هن جو رزلٽ ڪنهن کا به ڳجهو نه آهي. ائين ڪرڻ جي باعث، نامور قومون پڻ پنهنجو قدرو قيمت وڃائي ويهنديون آهن.

جڏهن ته: اسان جي سومره قوم جي نهايت غيور سورهيه ۽ بهادر دودو سومره جي غيرت جو هي به جڳ مشهور مثال قائم ڪيل اهي ته: جڏهين امير امرائن ۽ راڄ وارن دودو سومرو کي صلاح ۽ مشورو ڏيندي چيو ته: دهليءَ جي بادشاهه علاؤالدين خلجيءَ کي ٻئيءَ ڪنهن ڌارئيءَ قوم جي عورت پرڻائي ڪري، ٽاري ڇڏجي. هن تي غيرتمند دودو سومرو غيرت ڀريو جواب ڏيندي، بيڌڙڪ ۽بهادريءَ سان چيو هو ته: پوءِ به سڏبي ته: سنڌ جي واليءَ سورهيه دودو سومرو جي ڀيڻ.

انهيءَ ساڳيءَ حقيقت کي بيان ڪندي، محترم جناب بزرگ مهان مؤرخ ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکن ٿا ته: اول اول سنڌ جي سومرن حاڪمن سنڌ جي قومي آزادي ۽ پنهنجي خودمختياري ۽ خودداري کي قائم رکڻ لاءِ جنگ آزاديءَ جو بنياد رکيو ۽ دهلي جي سلطنت طرفان سنڌ جي سياست ۾ مداخلت خلاف جنگ جو شاهي طبل وڄايو. سندن هي تاريخي ڪارنامو جيتوڻيڪ هڪ افسانو بڻجي ويو آهي، مگر اهو افسانو نه فقط دردانگيز آهي پر نهايت ئي سبق آموز. هن وقت ڏسڻا وائسڻا ماڻهو ٿورڙيءَ لالچ خاطر آفيسرن ۽ وزيرن کي سڱ ڏيئي پيا سرخرو ٿين، مگر قديم روايت موجب سنڌجي دودي سومري دهليءَ جي سلطان کي پنهنجي ڀيڻ ”ٻاگهي“ جو سڱ ڏيئي پنهنجي بادشاهي برقرار رکڻ به عار سمجهيو. چيائونس ته: ”مصلحت خاطر پنهنجي ڪا ٻانهي کڻي ڏياري موڪل“ جنهن تي جواب ڏنائين ته:

جر نه کٽن ڪينگرين، راءَ ته ڳنڍين ويڻ،

جي گولي ويندي گجرين، ته به چوندا دودي ڀيڻ.

مطلب ته: دهليءَ جي دٻاءَ کان ڪو نه ڊنو، ڪارنهن قبول نه ڪيائين، جنگ جوٽيائين ۽ سر ڏيئي سرهو ٿيو.[1]

سومرؤ صاحبو! جيتوڻيڪ توهان جي نياڻي وانگر علاؤالدين ڪو وڏو سرمائيدار يا وڏيءَ نوڪريءَ وارو نه هو، پر دهليءَ جو پڻ هاڪارو بادشاهه هو. دودو سومرو توهان وانگر سياست حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺندي، نه صرف (علاؤالدين کي ڌارئيءَ قوم جي عورت پرڻائي ڏيڻ سان) پنهنجي حڪومت بچائي سگهيو ٿي پر ان کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور به بنائي سگهيو ٿي. انهيءَ جي باوجود به، هن غيرت کي وڌيڪ ترجيح ڏني هئي.

سومرؤ صاحبو! پوءِ توهان سنڌ جي سورهيه سپوت دودي سومري جي قائم ڪيل غيرت کي (سو به) بغير ڪنهن مصيبت ۽ مشڪلات ۾ ڦاسڻ جي محض سومرن سان حقارت ۽ نفرت رکڻ جي باعث ڇو بيجواز پامال ڪري رهيا آهيو.

انهيءَ ڪري مان سومرن ۾ موجود مذڪوره مڙني بڇڙاين جو سبب معلوم ڪرڻ جي واسطي، پنهنجي قائم ڪيل ”شخصي لئبرري ابن اسماعيل سومرو“ ۾ موجود تواريخ جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ته: مبادا! سومره قوم ۾ موجود بڇڙاين ۽ خرابين جو ڪو خاطر خواه سراغ ملي وڃي. مان هي ڏسي ڪري حيران ٿي ويس جو مون کي سونهاري سنڌ جي حڪمران سومره قوم پرمار هندو راجپوت قوم هجڻ بجاءِ خالص حضرت سمره (بني سمره (سومره) بن جندب هوازنيه القريشيءَ جي تبع تابع اولاد ڏسڻ ۾ آئي.

انهيءَ مان مون کي ڀليءَ ڀت معلوم ٿي ويو ته : سومره قوم ۾ هي سڀ ڪجهه محض عرب مسلم قوم هجڻ جي باعث آهي. ڇاڪاڻ جو هيءَ ڳالهه ڪنهن کان به مخفي نه آهي ته: ٻه قريش ڀائر هاشم ۽ امير نه صرف پاڻ ۾ وڙهيا، پر سندن اولاد پڻ ڪربلا معليٰ جي آخري دل ڏاريندڙ معرڪي ۾ هڪ ٻئي ڏانهن رهيل ڪسر کي به، هميشه جي واسطي پورو ڪري ڇڏيو.

ان کانپوءِ، مون کي سومره قوم جي اصلي حسب نسب لکي نروار ڪرڻ جو پڻ دل ۾ اشتياق پيدا ٿيو.

هي ڪٺن ۽ مشڪل ڪم مون اڻ ڄاڻ لاءِ، جوءِ شير کان گهٽ نه هو. بلڪه قومي جذبي ۽ ادبي خدمت سرانجام ڏيڻ جي واسطي الله رب العزت جو نالو وٺي ڪري، ”تاريخ سومره سنڌ“ لکڻ شروع ڪئي. آخرڪار ويهن سالن جي مسلسل جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪرڻ بعد، نهايت قليل عرصي اندر ڪنهن به اهل قلم و علم سان (سواءِ پنهنجي سڪيلڌي فرزند دلبند اسد الله سومره سان صلاح مشوره ڪرڻ جي جيئن مون کي سمجهه ۾ آيو، تيئن ”تاريخ سومره سنڌ“ جو مسودو لکي تيار ڪيو آهي.

محبت پائي من ۾ رنڊيا روڙيا جن،

تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو.

جي مصداق معزز پڙهندڙن کي ضرور پسند ايندو.

هونئن به اڪثر ڏٺو ويو آهي ته: ڪنهن تيار ڪيل شيءِ مان خاميون ۽ عيب ڪڍڻ ته، اڪ جي ماکي لاهڻ وانگر نهايت آسان ۽ سولو ڪم اهي پر ان کي چڱيءَ طرح ٺاهي ٺڪي ۽ سينگاري تيار ڪرڻ، البت تمام ڪٺن ۽ مشڪل ڪم ضرور آهي.

بهرحال، مان پهريائين، مسودو ”تاريخ سومره سنڌ“ جي عنوان بجاءِ ”سنڌ جي سومره قوم عربي النسل آهي“ جي تحت، ڇپرائڻ جي واسطي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو کي بذريعي پوسٽ رجسٽر ڪري، ڏياري موڪليو هو. مگر افسوس جو ان وقت جي سينيئر ڊپٽي ڊائريڪٽر محترم عبدالقادر جوڻيجو صاحب جن جي موڪليل جوابي خط 1356/94 I.S تاريخ 10.8.1994ع موجب لکي موڪليائون ته:

سنڌ جي سومره قوم عربي النسل آهي“ جي ڇپائڻ لاءِ، منظور نه ٿيڻ بابت سبب پڇيو آهي ته انهيءَ لاءِ گذارش آهي ته: اوهان جي مقالي جو موضوع تڪراري آهي ۽ هي ادارو انهيءَ مسئلي ۾ پاڻ کي الجهائڻ نه ٿو گهري ۽ انهيءَ ڪري اداري جي پبليڪيشن ڪاميٽي اوهان جي مقالي کي ڇپائڻ جوڳو نه سمجهندي واپس موڪلڻ جي هدايت ڪئي. بهرحال انهيءَ سلسلي ۾ اوهان کي اها صلاح آهي ته: مذڪوره مقالو ڪنهن رسالي وغيره ۾ شايع ڪرايو ته بهتر ٿيندو.

مونکي اداري سنڌالاجيءَ جي طرفان بيواجبي مسودو موٽائي ڏياري موڪلڻ تي، نهايت دلي ڏک ۽ افسوس ضرور ٿيو ته: هي ڪٿان جو انصاف آهي جو سنڌ جي نهايت معزز ترين خاندان سومره عرب مسلم قوم قريش جي اصل ۽ حقيقي 1400 سؤ سالن جي معمي بڻيل حسب نسب کي هڪ تڪراري مسئلو قرار ڏيندي، ان کي صحيح طور لکيل حسب نسب کي ڇپرائي پڌري ڪرڻ کان بنا ڪنهن مناسب جواز جي، گريز ڪئي وڃي. آخر ته: سومره قوم جي تڪراري مسئلي جو به ته ڪو صحيح ۽ مناسب حل مؤرخن ۽ محققن کي تلاش ڪرڻو آهي. انهيءَ ڪري، سرڪاري اداري سنڌالاجيءَ کي سومره قوم جي تڪراري حسب نسب هجڻ جي باعث، اصل ۽ حقيقي سومره قوم جي حسب نسب کي نه ڇپرائڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ جيڪڏهن سومره قوم جوحسب نسب تڪراري نه هجي ها ته پوءِ مون کي ان جي صحيح تحرير ڪرڻ جي پڻ ڇو نوبت درپيش اچي ها؟ ڇا ان مان هي نه سمجهڻ گهرجي ته، سرڪاري ادارا سنڌالاجيءَ طرفان صرف هلنديءَ پڄنديءَ وارن اهل قلم جا ڪتاب کين راضي ۽ خوش رکڻ جا واسطي، وڏي اشتياق سان ڇپرايا ويندا آهن. جڏهن ته: هيءَ خبر به سڀني کي آهي ته گورنمينٽ جا هن قسم جا قائم ڪيل ادارا امير خواهه غريب جي ڀريل يڪسان ٽئڪس جي وصول ڪيل پئسي جي مدد سان هلايا ويندا آهن. نه صرف هي، پر هيءَ ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته، اداري سنڌالاجيءَ کي محض خاص هن مقصد جي تحت، وجود ۾ آندو ويو هو ته: هر اهو قديم خواهه جديد سنڌيءَ ۾ لکيل اڻ ڇپيل ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو ويندو. نه صرف سنڌي ادب کي، پر سنڌ جي هر قيمتي شيءِ جي اثاثي کي جتان ڪٿان ميڙي چونڊي، محفوظ ڪيو ويندو. انهيءَ ڪري، جيڪڏهن اداري سنڌالاجيءَ جي طرفان هن قسم جون بيجا ڏاڍايون ۽ زوراوريون ٿينديون رهيون ته: پوءِ سنڌي ادب جي آئيندي جو ڇا ٿيندو؟

بهرحال، مان محترم جناب جوڻيجو صاحب جن جي ڏنل نيڪ صلاح ۽ مشوره تي عمل ڪندي، ”سنڌ جي سومره قوم عربي النسل آهي“ جو مسودو سـﮧ ماهي مهراڻ جي ايڊيٽر محترم جناب نفيس احمد شيخ صاحب ڏانهن بذريعي پوسٽ رجسٽر ڪري، رسالي ۾ شايع ڪرائڻ جي واسطي، ڏياري موڪليو. شيخ صاحب لکي موڪليو ته: مسودو تمام گهڻو ضخيم آهي سو ان کي ڪتابي صورت ڏيارڻ بهتر ٿيندو، جي اوهان جي خواهش هجي ته: پوءِ مان پنهنجي اداري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو جي، سيڪريٽري صاحب کي مسودي کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ، پيش ڪريان. مون کي سندن صلاح ۽ مشورو وڻيو جو مان به، بذات خود اهوئي ڪجهه چاهيو ٿي. انهيءَ ڪري مان کين اهڙي قسم جي اجازت لکت ۾ ڏيئي ڇڏي.

مگر افسوس جو ٻن ٽن سالن کان پوءِ، اداري سنڌ ادبي بورڊ طرفان مسودو موٽائيندي، لکيو ويو ته: اوهان پنهنجو مقالو ٻئي ڪنهن هنڌ ڇپرايو يا ان تي اڃا به وڌيڪ تحقيق ڪريو. ان کانپوءِ، مان ”تاريخ سومره سنڌ“ جي عنوان سان ٻيهر سنڌي مسودو سخت محنت ۽ ڪوشش ڪري، نئين رنگ ڍنگ سان تيار ڪري، تاريخ 25 آگست 1998ع تي، ڇپرائڻ جي واسطي، اداري سنڌي ادبي بورڊ جي جناب سيڪريٽري صاحب جي ائڊريس تي ڏياري موڪليو جو موٽ رسيد جي پهچ جي مطابق 27- 8- 1998ع تي، پهچي چڪو آهي، مگر افسوس جو انهيءَ عرصي دوران جيتوڻيڪ اختياريءَ وارن صاحبن کي ڪافي خط اماڻي چڪو آهيان. پر ڪنهن به صاحب صرف ڪنهن خط جي جواب ڏيڻ جي به جسارت نه ڪئي آهي. انهيءَ حقيقت جي برعڪس، پوءِ به، سنڌالاجيءَ اداري وارا صاحب جواب ته ترت ڏيندا آهن. انهيءَ ڪري، مان سومره قوم جو حسب نسب به عنوان ”تاريخ جو حل طلب سوال“ (يعني سوره قوم جو حسب نسب) الڳ لکي خود ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن جي ڪاپي پڻ سنڌالاجيءَ ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو وارن کي ڏياري موڪلي آهي. انهيءَ جي باوجود به، اداري سنڌي ادبي بورڊ جي اختياريءَ وارن صاحبن مان ڪنهن به صاحب طرفان ڪو به جواب نه پهتو آهي. انهيءَ مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته: اداري ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو آهي جو بلڪل سناٽو ۽خاموشي ڏسڻ ۾ اٿي اچي. ڀلا! ائين ڇو نه ٿئي، جڏهن ڪو کائون صرف پڇڻ وارو ئي ڪو نه رهيو آهي. البت محترم جناب عبدالقادر جوڻيجو صاحب اداري سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر صاحب جن جي طرفان جواب پهچي چڪو آهي.

مون کي مقالي ”تاريخ جو حل طلب سوال“ جي مقبوليت جو اندازو هن مان ٿئي ٿو ته جو محترم جناب ڊاڪٽر ادل (عبدالڪريم) سومره صاحب خط ۾ لکي موڪليو آهي ته: توهان گهڻي محنت ۽ مطالعو ڪري، هي مقالو لکيو آهي. جنهن لاءِ اوهان کي جَسُ هجي.

مان اداري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو طرفان ”تاريخ سومره سنڌ“ جي ڇپرائڻ جي اميد گهٽ سمجهي ڪري، خود ڇپرائي ”سومره قوم“ کي زندهه رکڻ لاءِ، معزز پڙهندڙ صاحبن جي هٿن تائين پهچائي رهيو آهيان. اميد ته: نه صرف سومرن ڀائرن کي، پر سنڌي ادب ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ صاحبن کي پڻ ”تاريخ سومره سنڌ“ گهڻو پسند ايندي.

مان هتي محترم جناب ڪريم بخش خالد صاحب جن کي به ياد ڪرڻ ۽ دعائن ڪرڻ کان به، رهي نه ٿو سگهان جو هن صاحب منهنجا ترجما ۽ لکڻيون رسالي پيغام ۾(به حيثيت ايڊيٽر هجڻ جي) شايع ڪري، منهنجي همت افزائي ڪيائون ته: مان به لکي سگهان ٿو. نه صرف هي، پر مون کي وڌيڪ لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو پڻ شوق ڏياريائون. انهيءَ ڪري الله رب العزت سندن عمر دراز ڪري. آمين.

آخر ۾ هن دعا سان قلم کي وڌيڪ لکڻ کان روڪيان ٿو ته:

درس گاهن سان دل منهنجي، ڪتب خانا وطن منهنجو،

ڪتابن ۾ دفن ٿيندس، ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.

جڙيا پور

25-2-1 200ع

خادم القوم

وزير علي ”ايم“ سمره (سومره)

هوازنيه القريشي


[1]  (مهراڻ جون موجون ماهانامي- ”نيئن زندگي“ (1950ع کان 1956ع تائين) جو انتخاب، مرتب، سيد حسام الدين راشدي. پاڪستان پبليڪيشنس پوسٽ باڪس نمبر 183، دفعو ٻيو سال 1964ع صفح 127، سنڌ جا سورهيه).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ