سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 15

صفحو ؛ 25

 

 باب پندرهون

سومره حڪومت جو زوال

تاريخ معصوميءَ جي توضيحات ۾ لکيل آهي ته:

سنڌ ۾ ٽي سؤ سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ، چوڏهينءَ صديءَ عيسويءَ جي پهرئين اڌ ۾ سومره خاندان جو زوال شروع ٿيو.[1]

تحفته الڪرام، مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ جي صفحه 125 تي لکن ٿا ته:

همير جئين ته ظالم هو، انهيءَ ڪري سمه قوم جي ماڻهن کيس تخت تان معزول ڪري ڇڏيو.

هاڻي انهيءَ همير سومري جو سن 843 هجري لکيل آهي.[2]

ان حساب سان سومرن جودور حڪومت سنه 1403ع ۾ ختم ٿيڻ گهرجي. هاڻي معصوميءَ جي حاشيه نويس جو هي چوڻ ته: سومرن جو زوال چوڏهين صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ ۾ ٿيو، غلط ٿي وڃي ٿو. تاريخ معصومي: مير معصوم صاحب تاريخ معصوميءَ جومصنف لکيو آهي ته:

جيئن ته: سما جماعت جا ماڻهو ڪڇ طرف کان اچي سنڌ جي گردو نواح ۾ ويٺا هئا، ۽ انهن ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ دوستي ۽ لاڳاپن جو رستو جاري ٿي چڪو هو، ۽ سما جماعت ۾ انڙ نالي هڪ شخص هو جنهن جي پيشانيءَ ۾ هدايت جا نشان بکي رهيا هئا، تنهنڪري ملڪ جا سڀ مکيه ماڻهو باک ڦٽڻ وقت مخفي طور سندس گهر ۾ گڏ ٿيا ۽ هڪ ٻئي سان صلاح ڪري يڪراءِ ٿي، ارميل کي قتل ڪري سندس سر شهر جي دروازي تي لڙڪايائون. تنهن کانپوءِ، ماڻهن اتفاق ڪري انڙ کي بادشاهي جي تخت تي ويهاريو.[3]

تحفته الڪرام جو حاشيه نويس سومرن حاڪمن جي فهرست ۾ ارميل سومرو  جو ذڪر به نٿو ڪري، البته 19 سومرن حڪمرانن جا نالا ڏنا آهن. مگر معصوميءَ صرف 9 سومره حاڪم ارميل تي خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. دولت علويه (يا سومره حڪومت) 21 سومرا حاڪم تحرير ڪيا آهن ۽ آخر ۾ ارميل نه، پر همير لکيو آهي.

عين الملڪ ماهرو:

انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻئي روايت پيش ڪجي ٿي. ”منشات ماهرو“ ”ترسلات عين الملڪ ماهرو“ سلطان فيروز شاهه (1351- 1388) جي شروعاتي دور ۾ ملتان ۽ اُچ جو گورنر هو. سندس چٺين مان معلوم ٿئي ٿو ته:

سومرن کي جڏهن اقتدار هٿن مان ويندي ڏسڻ ۾ آيو ته: هنن مدد وٺڻ جي واسطي دهليءَ جو رخ ڪيو. جنهن سمن جو وڌندڙ اقتدار کي روڪڻ جي واسطي، سومرن جي مدد ڪئي. جنهن ڪري عين المڪ گجرات جي گورنر ملڪ المشرق ٻنهي سومرن جي آخري سردار همير دودو سومره جي خزان زده وڻ جي آبياري ڪئي.[4]

اسان کي هن مان هڪ ڳالهه هيءَ معلوم ٿئي ٿي ته: همير سومرن جو آخري بادشاهه هو، ۽ ٻئي هيءَ ته: همير کي دهلي ۽ گجرات مان امداد حاصل ٿي ۽ سمن جي بغاوت ناڪام ٿي ويئي. خزان رسيده وڻ جي آبياري ڪئي، ۽ مان اهو ئي مطلب نڪري ٿو ته: همير جي ڪمزور سلطنت کي هنن بچائي ورتو. خاتمو ڪٿي ٿو ثابت ٿئي.

سومرن جي دؤر جا مکيه شهر ۽ تخت گاهه:

جهڙيءَ طرح سان سومرن حاڪمن جي نالن جي باري ۾ مؤرخن ۾ اختلاف آهن، تهڙيءَ طرح سندن تخت گاهن جي متعلق پڻ مؤرخن ۾ ڪافي اختلاف ۽ قياس آرائيون ٿيل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اسان کي جن تختگاهن ۽ مکيه شهر جو احوال ملي سگهيو آهي. تن مان ڪن جو بيان هٿ ڏيون ٿا:

1 -  ٿري: هي شهر سومرن جو پهريون تختگاهه هو. هن شهر ۾ سومرن جي سردار سومره ٻئي کي تخت تي ويهاريو ويو هو. هيءُ شهر اُلهندي پراڻ جي ساڄي ڪپ تي آباد هو. سندس آثار ديره محبت کان ساڍن ڇهن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ- اوڀر طرف آهن.[5]

 2- محمد طوريا مهاتم طور:

مؤرخن جو رايو آهي ته: ديرڪ پرڳڻو سنڌ جي سري ۾ هو. هنن جو خيال آهي ته لاڙ يا ٿر واري ڪنهن حصي ۾ هو، ان محمد تور جي باري ۾ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي ته ڪٿي هو؟ هينري ايليٽ تاريخ طاهري جي حوالي سان لکي ٿو، ”سومرن جو پهريون تخت گاهه طور هو، جو ديرڪ پرڳڻي ۾ الور جي ويجهو ۽ درياء سنڌ جي ڪپر تي هو. دلوراءِ جي ظلم کان جڏهن درياء وهڪرو ڦيرايو ۽ الور ڦٽي ويو، تڏهن سومرا به محمد تور ڇڏي وڃي ٻين هنڌن ۾ ويٺا ”ايليٽ جو اهو بيان پڻ مبهم آهي. ائبٽ جي بيان موجب گنگرو واهه جي ڪپ تي هو جو ريڻ جي هڪڙيءَ شاخ مان نڪرندو هو. ائبٽ سندس عروج جو زمانو سنه 900ع کان سن 1000ع تائين ڏيکاري ٿو. اڄ تائين هن شهر جي قلعي ۾ محلاتن جا نشان بيٺل آهن. اڄ تائين جڏهن برسات پوندي آهي ته سچا موتي ۽ جواهر لڀندا آهن. هن شهر ۾ وڏا وڏا عالم رهندا هئا. ايليٽ صاحب جو قول آهي ته: ديرڪ پرڳڻو هاڻوڪي ڇاڇري ۽ بدين تعلقن جي طرف هو. محمد تور جي ويراني ٿي ٿري شهر ٿري کان پوءِ ڀانئجي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٿري شهر جي ويراني تي محمد طور آباد ٿيو هجي، جو وڌيڪ ترين قياس آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب مرحوم لکي ٿو ته: محمد طور ٿري کانپوءِ سومرن جو تخت گاهه هو. ان ويران شهر جا دڙا تعلقي ميرپور بٺوري ۾ شاهه ڪپور جي پسگردائيءَ ۾ گونگري واهه جي ڪناري تي موجود آهن. ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ تاريخ طاهريءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته: هن حقير (طاهريءَ جي مصنف) بلڪه گهڻن ماڻهن ان شهر جا دڙا عبرت جي اکين سان ڏٺا آهن. انهيءَ جڳهه جي ويران ٿيڻ کانپوءِ، ان طرف جي ماڻهن جو اولاد، سمن جو دؤر ۾ ساڪوره (ساڪره) ۾ آباد هو، ٻيو ڳوٺ ٻڌي ويٺا، جنهن کي محمد طور سڏين ٿا. ”ڊاڪٽر صاحب هن شهر جي ويران ٿيڻ جا ٻه سبب بيان ڪيا آهن.
(1) درياهه سنڌ جي وهڪري جي رخ بدلائڻ ڪري، هي شهر ڦٽي ڀڙڀانگ ٿي ويو. (2) علاءُ الدين جي سپـﮧ سالار، سالار خان جي اڳواڻيءَ ۾ هن شهر کي ويران ڪري ڇڏيو.
[6]

يادرکڻ گهرجي ته: علاؤ الدين نه پر جلال الدين خوارزمي سومرن سان وڙهيو هو. ان جو تفصيل ڪنهن ٻئي ڀيري پيش ڪيو ويندو (ع-م-گ)

(3) جناني: هي شهر اُچ ۽ بکر شهر جي وچ ۾ درياهه سنڌ جي ڪناري تي هڪ وڻندڙ سهڻو شهر هو. هن شهر ۾ سومرا ڪثرت سان رهندا هئا. هيءُ شهر قديم زماني ۾ مصر تائين مشهور هو. هن شهر لاءِ مشهور سياح ابن بطوطه کي شيخ برهان الدين اعرج اسڪندريه ۾ ٻڌايو هو ته: سنڌ ملڪ ۾ توکي هڪ اهڙي قوم ان شهر ۾ ملندي، جا نه ڪنهن سان (گڏ) کائي ٿي ۽ نه وري ان قوم جا ماڻهو ٻئي قوم سان شادي وغيره ڪندا آهن. آثار قديم جا ماهر اڄ تائين هن شهر جي کنڊرن کي هٿ ڪري نه سگهيا آهن[7].

(4) دمريلا:  هيءُ شهر ديبل جي ضلعي ۾ هو ۽ سومرن جو شهر هو. سلطان محمد تغلق جي دؤر ۾ باغي طعي هن شهر ۾ سومرن وٽ پناهه ورتي هئي. محمد تغلق سنه 744 هه سن 1343ع ڌاري محمد تغلق طغي جو پيڇو ڪندي گجرات جي شهر گوندل کان دمريلا پهتو هو، جتي بخار وگهي دم ڏنائين. علامه دائود پوٽه صاحب لکي ٿو ته: دمريلا ديبل جي ويجهو هو، جيئن تاريخ جهان ڪشاء مان واضح ٿئي ٿو. ضياءَ الدين برني انهيءَ کي ٻن جاين تي مريلا ۽ هڪ جاءِ تي دمريلا لکي ٿو (تاريخ فيروز شاهي برني ص 669- 523) اسان جي گمان ۾ دمريلا مڪران ۽ سنڌ جي سرحد تي هو.

فرشته (ج 2 ص 604- 605) محمد بن قاسم جي حملي جو بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”ازميان مڪران شده بديون و درمل ڪه سرحد ديبل است، آمد مڪران مان ٿيندو ديون ۽ درملا ۾ آيو جا ديبل جي سرحد آهي. اهو درمله ضرور دمريلا آهي. جنهن ڦير گهير سبب هيءَ صورت ورتي آهي.[8]

(5) وڳهيه ڪوٽ يا وجيه ڪوٽ:سومرن کي جڏهن سوڍن سن 1226ع ۾ امر ڪوٽ کان هڪالي ڪڍيو، تڏهن سومرن ڪڇ جي رڻ طرف وڃي پنهنجو نئون راڄ قائم ڪيو. سومرو ۽ ويڳو ٻه ڀائر هئا جي ڏيپلي جي طرف رهندا هئا. ڪڇ جي راجا جي تعمير ڪرايل ڪوٽ، رحمڪي بازار جي ڀرسان ڪڇ جي رڻ ۾ هو، ان کي ويڳي هٿ ڪيو ۽ اهو سندس نالي پٺيان وڳهه ڪوٽ سڏجڻ ۾ آيو.[9]

هن کي وڳو ڳڙهه به ڪري چوندا آهن. هيءُ شهر پلاڻ کان پنج ميل اوڀر طرف الله آباد کان مٿڀرو هئا.[10]

سومرن جو تيرهون حاڪم چنيسر اتي راڄ ڪندو هو (سنه 1282ع کان سنه 1300ع) هيءُ شهر 1809ع ۾ زمين جي زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو.

هينئر سندس کنڊر موجود آهن ۽ سندس قلعي ۽ شاهي دروازي جا ڪجهه کنڊر پڻ ڏسي سگهجن ٿا.

(6)  روپاهه ماڙي: روپاهه ماڙي سومرن جي صاحبيءَ جو عظيم شهر هو. چون ٿا ته: هيءُ شهر دودي ۽ چنيسر جي والد ڀونگر پنهنجي راڻيءَ جي رهائش لاءِ، تعمير ڪرايو هو. هن شهر ۾  جيڪا (جيڪو)بادشاهي محلات هئي (هو) ان جا دروازا چانديءَ جا ٺهيل هئا ۽ انهيءَ ڪري ئي شهر جو نالو روپاهه ماڙي پئجي ويو. هن جي ڀرسان ريڻ درياء وهندو هو[11] ان جا کنڊر اڄ تائين موجود آهن، جتي سومرا قوم پاران ساليانو ميلولڳايو وڃي ٿو.

(7) ملتان: قديم زماني ۾ سنڌ ملڪ ملتان تائين هو. هيءُ شهر وڏو علم ۽ هنر جو مرڪز هو. شهر ورديه بزرگن جي فيض ڪري اسلامي تبليغ ۽ علم دينيات جو مرڪز هو. قباچه، ملانا قطب الدين ڪاشانيءَ لاءِ ملتان ۾ هڪ مدرسو تعمير ڪرايو هو ۽ اهو مدرسو شاهه حسين لانگاهه جي زماني تائين، اوج تي هو.  مولانا ابراهيم جامعي هن مدرسي ۾ سٺ ورهين تائين، علم فقه جو درس ڏيندو رهيو. مرزا شاهه حسن ارغون هن شهر کي وڏو نقصان رسايو هو.[12]

08) بکر: هيءُ شهر به سومرن جي زماني ۾ وڏو علم جو مرڪز هو. وڏا وڏا جيد عالم ۽ فقيـﮧ هن شهر ۾ رهندا هئا. شيخ محمد مڪي ۽ ان جا فرزند شيخ صحرائي ۽ سيد جلال سرخ بخاري هن شهر جا جيد ۽ بلند مقام بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آهن.[13]

(9) سيوهڻ: هيءُ شهر ان زماني ۾ ”قبـة الاسلام“ جي لقب سان اسلامي دنيا ۾ مشهور هو. اسڪندريه جا شاگرد علمي تحصيل لاءِ، هت ايندا هئا. ابن بطوطه سيوهڻ ۾ ان مدرسي جي ڇت تي اچي رهيو هو، مدرسي جي عمارت وچ شهر ۾ هئي.[14]

آگهم ڪوٽ، هيءُ شهر لاڙ ۾ نيرن ڪوٽ کان ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ، اوڀر طرف هو. هن علائقي کي سماواتي پرڳڻو ڪري چوندا آهن. سومرن جي زماني ۾ هن شهر ۾ وڏو علمي مدرسو هو، جنهن ۾ اٽڪل پنج سؤ شاگرد قرآن شريف جو درس وٺندا هئا. هن مدرسي جي شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ ۽ پوشاڪ وغيره جو خرچ سومرا امير درويش دائود، ميان حمل ۽ ميان اسماعيل برداشت ڪندا هئا.[15]

اسان مٿي جن شهرن جو بيان ڪري آيا آهيون، تن ۾ ضرور سومرن حاڪمن جا محلات ۽ اميرن جون جايون هونديون، پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته: انهن جاين جي جوڙجڪ ڪهڙي هئي. مگر ايترو سو ضرور چئي سگهبو ته: منجهن محلاتن، ماڙيون ۽ ڪوٽ هئا، جيئن ڪاڪ ڪنڌيءَ مومل جي ماڙي وغيره.

سومرن جو دؤر رومانوي دؤر ٿي گذريو آهي. هن دؤر ۾ جيڪي به عشق ۽ محبت جا تاريخي خواهه نيم تاريخي قصا ٿي گذريا آهن. جهڙوڪ:

عمر مارئي، مومل راڻو ۽ ليلان چنيسر، وغيره[16]

عمر مارئي جي قصي کي سيد طاهر نسياني فارسي نظم ۾ ”نازونياز“ جي نالي سان منظوم ڪيو آهي. مگر سومرن جي صاحبيءَ ۾ فارسيءَ سان گڏ، سنڌي زبان به زندهه هئي، جنهن کي سنڌ جي شاعرن، سگهڙن، بيتن ۽ ڳاهن جي صورت ۾ زنده جاويد بڻايو- اسان کي سومرن جي دؤر جي شاعرن جي ايتري خبر ڪا نه ٿي پوي ته ان دؤر ۾ ڪهڙا شاعر هئا؟ فقط ايترو سو معلوم ٿئي ٿو ته: صوفي بزرگن جي محفلن ۾ سماع ۽ سرود جي محفل ٿيندي هئي ۽ ان ۾ هندو مسلم گڏ حصو وٺندا هئا. ”سومرن جي دؤر جو سنڌي ادب“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي فاضل ۽ قابل استاد محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا خواجه صاحب هڪ مقالو لکيو آهي، هت ان موضوع تي لکڻ جي وڌيڪ گنجائش نه آهي. اهو مقالو ايڊيٽر مهراڻ مولانا گرامي صاحب جي تائيد ۽ نوٽ سان مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل آهي.

دودو سومرو ۽ علاء الدين خلجي

سنڌ ۾ سومرن جا، جتي رومانوي داستان گهڻو مشهور ۽ مقبول آهن، اتي رزمي داستان دودو سومرو ۽ علاء الدين خلجي به اهڙو ئي مشهور ۽ مقبول آهي. سنڌ جي شاعرن ۽ سگهڙن ان قصي کي ڳاهن جي صورت ۾ نظم ڪيو آهي. دودو سومرو (ٽيون جنهن جو سال حڪومت سن 1331ع کان سن 1356ع تائين ڄاڻايل آهي. ان لاءِ هيءَ ڪهاڻي مشهور آهي.

دودو ۽ چنيسر ٻه ڀائر هئا. چنيسر وڏو هو، پر آدم پوٽيءَ مان هو ۽ دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان هو. سومرن پيءُ جي پڳ چنيسر کي ٻڌائي، پر چنيسر جي ڪنهن اڻوڻندڙ هلت سبب اميرن پڳ دودي کي ٻڌائي.

دودو بهادر ۽ جوان مرد هو. چنيسر ڪاوڙجي دهليءَ جي سلطان علاءُ الدين وٽ دانهن کڻي ويو. علاءُ الدين سندس داد رسي ڪئي ۽ وڏي فوج سالار خان سپهه سالار جي اڳواڻي هيٺ سنڌ تي چاڙهي موڪلي. علاءُ الدين ۽ سومرن جي جنگ لڳي. سومرن پنهنجو ڪچو عيال ڪڇ جي حاڪم سمي ابڙي وٽ سام ڇڏيو. سومرن جي سپهه سالار سلطان سپڙ بهادريءَ سان وڙهيو. سلطان لشڪر ڪڇ تائين سومرن جو پيڇو ڪندو ويو ۽ سمي ابڙي وڙهندي سر ڏنو. سومرين عورتن پنهنجي عصمت کي بچائڻ لاءِ خدا کي ٻاڏايائون ۽ آخر زمين ڦاٽي پئي، سومريون ان غار ۾ اندر لنگهي ويون. اڄ تائين ماڻهو ان کي ستين ٿان ڪري چوندا آهن.“

انهيءَ سموري محورتي، هيءُ قصو ڦرندو رهي ٿو. ليڪن تاريخي اعتبار سان انهيءَ جنگ جو بيان قديم دؤر جي تاريخن ۾ ايترو ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي.تاريخي اعتبار کان دودو سومري جي حڪومت جو سال، علاء الدين خلجي جي حڪومت جي سال سان ٺهڪي ٿو اچي. علاءُ الدين خلجي سنه 695هه – سن 1295ع  ۾ تحت تي ويٺو ۽ سن 716 هه – 1316ع ۾ وفات ڪيائين. سيد ابوظفر ندوي لکي ٿو ته ”عمر سومرو علاءُ الدين خلجي جو همعصر هو. دودي سومري صرف پنج سال حڪومت ڪئي ۽ سن 712 هه ۾ وفات ڪيائين“.[17]

ان مان ظاهر آهي ته: دودو سومرو سلطان علاءُ الدين جي تخت نشين ٿيڻ کان چار سال اڳ ۾ انتقال ڪري ويو. باقي ايترو سو ضرور تسليم ڪرڻو پوندو ته: ڌاريءَ فوج سان سنڌ جي سرويچ سپاهين جي وچ ۾ جنگ ضرور ٿي آهي. گمان آهي ته: شايد ترم شيرين عرف علاءُ الدين جي جنگ کي ”علاءُ الدين خلجيءَ ڏانهن منسوب ڪيو ويو هجي. ان متعلق رسالي ”مهراڻ“ ۾ مير محمد بخش ٽالپر جو علمي مقالوشايع ٿي چڪو آهي. جنهن صاحب ان غلط فهميءَ کي دور ڪري ڇڏيو آهي ته: ڪو علاءُ الدين سنڌ ۾ آيو هو.[18]

منصوره سومرن جو پهريون تخت گاهه

منصوره جو اسلامي مرڪز سڀ کان پهريون سنڌ ۾ محمد بن قاسم جي فرزند عمر بن قاسم قائم ڪيو. ان کانپوءِ، منصور بن جمهور سنڌ جو گورنر ٿي آيو ته: بني عباس جو دؤر خلافت شروع ٿي ويو ۽ منصور جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿيو.

ان کانپوءِ، سومرن منصوره تي قبضو ڪري ورتو ۽ پنهنجو تخت گاهه بڻايو. مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته: عباسين سومرن جون ملتان ۽ منصوره ۾ ٻه طاقتور حڪومتون سنڌ تي قائم ٿي ويون هيون. هي به ذهن نشين رکڻ گهرجي ته: انهن ٻن رياستن کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون اسلامي رياستون سنڌ ۾ انهن سان گڏ ئي قائم ٿي ويون هيون. جيڪي مختلف سردارن ۽ بعض انهن ماڻهن قائم ڪري رکيون هيون جيڪي محمد بن قاسم جي زماني ۾ راجا مسلمان ٿيا هئا ۽ انهن رياستن کي سومرن به تسليم ڪيو هو. انهيءَ سببان سڀ نو مسلم راجا ۽ زميندار سومرن جا معاون بڻجي ويا هئا.

انهن سڀني اسلامي رياستن جي مجمل ڪيفيت جا مسعودي جي ڪتاب ”مروج الذهب“ انهيءَ جي قريبي زماني ۾ پڻ انهن عرب سيلائين جي سفرنامن مان ملي ٿي، اها هيءَ آهي ته: ملتان کان ڏکڻ جي طرف سمنڊ جي ڪناري تائين، يقينن ملتان ۾ منصوره جون ٻيئي زبردست اسلامي حڪومت ڦهليل هنيون. انهن ٻنهي حڪومتن جون حدون مقام الور يعني روڙي (روهڙي) تي جو ڪنهن دؤر ۾ راجا ڏاهر جو تخت گاهه هو، سان ملنديون هنيون. شهر الور منصوره جي سومرن جي قبضي ۾ هو. الور کان اتر جي طرف عباسيه جي حڪومت جو علائقو شروع ٿيندو هو.

مسعودي، ابن حوقل، بزرگ بن شهريار جا سفرناما

مسعودي سنه 303 هجريءَ ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو آهي. هي حضرت عبدالرحمان بن مسعود رسول الله صلي الله عليـﮧ و آلـﮧ وسلم جن جي اصحابيءَ جي اولاد مان هو. هو پنهنجي ڪتاب ۾ ملتان جي عباسي حڪومت جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪن ٿا.

”ملتان جي سلطنت ۾ هڪ لک جي قريب ڳوٺ آهن. ملتان ۾ هندن جو هڪ مندر گهڻو وڏو آهي. جنهن ۾ پوڄا جي واسطي ۽ زيارت جي واسطي، پري پري کان يا تري (زيارتي) ايندا آهن ۽ مورتيءَ تي، سون چاندي، اگربتيون ۽ خوشبودار شيون چڙهائيندا آهن.“

”ابن حوقل“ جو بيان ملتان جي متعلق، هي آهي ته:

ملتان گهڻو وڏو شهر آهي، ان ۾ هڪ قلعو ٺهيل آهي. ملڪ سرسبز آهي. اناج سستو، مگر منصوره جي سرسبزيءَ کي نٿو پهچي.

منصوره پوکي رائيءَ جي معاملي ۾ ملتان تي فضيلت رکي ٿو. امير شهر کان ٻاهر، پنهنجي قلعي ۾ رهندو آهي، ۽ جمعي جي ڏينهن هاٿيءَ تي سوار ٿي ڪري شهر جي اندر، جامع مسجد ۾ ايندو آهي.

هتي ڪو خاص سڪو نه آهي، سڀني ملڪن جا درهم ۽ دينار هتي ملندا آهن. سنڌي ماڻهو عربن جو لباس پائيندا آهن ۽ عرب وري سنڌي لباس استعمال ڪندا آهن. هندن ۽ مسلمانن ۾ ڇوت ڇات جو فرق نظر نٿو اچي. ملتان ۽ منصوره جا ٻيئي حڪمران خود مختيار آهن. انهن مان ڪو به ڪنهن جو زيردست ناهي.

منصوره جي حڪومت جو امير قريشي حڪمران آهي. رياست منصوره سمنڊ جي ڪناري کان شهر الور تائين وسيع آهي. ان رياست جي پکيڙ ملتان جي رياست کان وڏي آهي. ان ۾ ٽي لک ڳوٺ آباد آهن. پوک خوب ٿيندي آهي. باغن جي گهڻائي آهي. سارو ملڪ سنڌ سرسبز ۽ آباديءَ جي لحاظ سان قابل رشڪ آهي. هتان جو امير هبار بن اسود عربي النسل آهي.

منصوره جي فوج به، زبردست ۽ ساڳي وقت ڪرڙ ڪنڊن کان درست ۽ مقابلو ڪرڻ لاءِ، سندرو ٻڌيون بيٺي رهندي آهي. منصوره جي فوج ۾ زرده پوش جنگي هاٿي به، خاصي تعداد ۾ موجود آهن. شهر الور ۾ منصوره جو نائب رهندو آهي.

الور جي شهر پناهه دهري آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترا مضبوط قلعا ۽ وڏا وڏا شهر ان رياست ۾ موجود آهن. هتي سنڌي ۽ عربي زبانون ڳالهايون وينديون آهن. هيءَ اسلامي رياست ايتري طاقتور آهي جو ڪو به، مٿس حملي ڪرڻ جي جرئت ڪري نٿو سگهي. ملتان جي رياست منصوره کان ڪي قدر ڪمزورآهي.

مسعودي ۽ ابن حوقل جي سفرنامن جو هي انتخاب مولانا اڪبر شاهه خان نجيب آباديءَ پنهنجيءَ مشهور تاريخ ”آئينه حقيقت نما“ جلد اول صفحه 118- 119- 120 تي شايع ڪرڻ فرمايا آهن.

ابن حوقل هڪ عرب سياح آهي جو ان دؤر ۾ سنڌ جي سفر دوران جيڪي ڪجهه پنهنجين اکين سان ڏٺو سو لکيو آهي.

ان دؤر جي منصوره جي حڪمران امير هبار بن اسود کي قريشي لکيو ويو آهي. جنهن مان سنڌي مؤرخ مغالطي ۾ پيا آهن ته: هي سومره ٿي نٿو سگهي. حالانڪه ابن بطوطه محمد بن قاسم ۽ حضرت بهاؤالدين زڪريا رحمت الله عليـﮧ کي به قريشي لکيو آهي. توهان اڳ ۾ پڙهي چڪا آهيو. هيءَ ته سڀني کي خبر آهي ته: محمد بن قاسم ثقفي هئا ۽ حضرت بهاؤالدين ذڪريا سيده فاطمه رضه جي اولاد سان تعلق رکندا هئا. جيڪڏهين غور ڪري ڏٺو وڃي ته: هي سڀ قبيلا قريش جون شاخون آهن، ۽ اسماعيل عه جي ئي اولاد آهن. انهيءَ ڪري اسان هن ڪتاب جي ابتدا حضرت ابراهيم عليـﮧ السلام ۽ ان جي اولاد بني اسماعيل جي ذڪر سان شروع ڪئي آهي. جيڪڏهن وڌيڪ تفصيل ڏسڻو هجي ته: مولانا سيد سليمان منصور پوريءَ جي ڪتاب رحمت للعالمين ۽ ڊاڪٽر لي گسٽا ولي بان جي ڪتاب ”تمدن عرب“ جو مطالعو ڪري ڏسڻ گهرجي.

ابن حوقل جي بيان مان ان دور جي سومره حڪومت جو اندازو توهان ڪري چڪا هوندا.

منصوره تي، سنه 134 هجريءَ کان سومرن جو دور حڪومت شروع ٿيو، ۽ سنه 384 هجريءَ ۾، جڏهن اسلام جي دشمنن ۽ منافقن متحد ٿي ڪري، منصوره تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. جيستائينڪه منصوره جي سر سان سر نه وڄائي، سک سان نه ويٺا. سومرن آخري وقت تائين، جنگ ڪئي،مگر جڏهن منصوره جو شهر دشمنن تباهه ڪري ڇڏيو. ان وقت سومرا ٺٽي ڏانهن هليا ويا ۽ هي شهر تاريخ مان گم ٿي ويو. انهيءَ زماني جي سومره تاريخ نٿي ملي. جيڪڏهين ڪٿي ان دور جي سومرن حڪمرانن جو ذڪر ملي به ٿو ته، اهو ان دور جي مسافرن جي سفرنامن جي مدد سان، ڪجهه ڪٿان ڪٿان احوال ملي ٿو.

پنجاب جي راجا جو اسلام قبول ڪرڻ:

بزرگ بن شهريار پنهنجي سفرنامي ”عجائب الهند“ ۾ لکي ٿو ته: سنه 370 هجريءَ ۾ پنجاب جي راجا جنهن جو نالو مهروگ بن رايگ هو. ابو المنذر عبدالله بن عرم سومرو، منصوره جي حڪمران کي هڪ خط لکيو ته: مون وٽ ڪنهن اهڙي مسلمان عالم کي موڪلي ڏيو جو هندستاني زبان ڄاڻندو هجي ۽ جو پڻ اسلام جا اصول ۽ عقيدا مون کي سمجهائي سگهي.

منصوره جي حاڪم هڪ عرب عالم کي جو پڻ عرصي کان سنڌ ۾ رهندو هو ۽ هندستان جي شهرن ۾ سفر ڪندو رهندو هو ۽ ان ملڪ جي ڪيترين زبانن کي خوب چڱي طرح لکي ۽ پڙهي سگهندو هو ۽ چڱي طرح پڻ ڳالهائي سگهندو هو. گهرائي ڪري، ان خط جو مضمون ٻڌايو.

ان تمام اسلامي عقيدن ۽ حڪمن کي ان ملڪ جي زبان ۾ نظم ڪري، هي نظم راجا ڏانهن ڏياري موڪليو. راجا ان نظم کي پڙهي ڪري، گهڻو خوش ٿيو ۽ ابوالمنذر منصوره جي حاڪم کي لکيو ته ان نظم جي لکڻ واري کي مون ڏانهن موڪلي ڏيندا. منصوره جي حاڪم ان عرب عالم کي راجا وٽ موڪلي ڏنو. سنه 373 هجريءَ تائين، راجا وٽ رهيو. انهيءَ عرصي ۾ راجا مسلمان ٿي ويو. مگر پنهنجيءَ رعيت جي خوف کان پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهيو. هي عالم واپس اچي ويو ۽ ابوالمنذر عبدالله بن عمر سومرو کي ٻڌايو ته: راجا مون کان قرآن مجيد جو ترجمو پنهنجيءَ زبان ۾ ٻڌو. جڏهن ان سوره ياسين جي هيءَ آيت ٻڌي: قال من يحيح العظام وهي رميم قل يحيا الذي انشاها اول مرة وهو بکل خلق عظيم ته، ان جو ترجمو ٻڌي ڪري، راجا چيو ته: مون کي ٻيهر ٻڌاءِ مان ٻيهر ٻڌائي. راجا پنهنجي تخت تان لٿو ۽ چند قدم هلي ڪري مٽي تي، جا پاڻيءَ جي ڇنڪار ڪرڻ جي سببان آلي هئي، پنهنجي پيشاني رکي ڪري، زارون زار روئندو رهيو، ان جو چهرو آلو ٿي ويو ۽ هو بي اختيار چئي رهيو هو ته: هي ئي اهو معبود ازلي آهي. جنهن جهڙو ڪو به ناهي. ان عالم هي به ٻڌايو ته: راجا هڪ الڳ گهر ٺهرايو آهي. ان ۾ وڃي ڪري. اڪيلائيءَ ۾ نماز پڙهندوآهي. (آئينه حقيقت نما ”جلد اول صفحه 120- 121) ان روايت مان هڪ ٻئي منصوره جي حاڪم سومره ابو المنذر عبدالله بن عمر جي خبر پئي ٿي جو پڻ سنه 370 هجريءَ ۾ حڪومت جو سربراهه هو. وڌيڪ ان روايت مان سومرن جي تبليغي جذبي جو به اندازو لڳي سگهجي ٿو.

هنديءَ ۾ قرآن شريف جو پهريون ترجمو:

ان روايت جي تائيد مولانا عبدالله منهاس امرتسري پنهنجي مشهور ڪتاب ”پيامِ امين“ ۾ ڪن ٿا. هنديءَ ۾ قرآن پاڪ جو پهريون ترجمو سورت ياسين تائين مڪمل ٿيو هو. راجا ان جو ترجمو ٻڌي ڪري، دل سان مسلمان ٿي ويو. (پيام امين صفحه 49) ٻيو ايڊيشن).

مولانا اڪبر شاهه خان پنهنجي انهيءَ ڪتاب جي انهيءَ صفحي تي هڪ ٻئي روايت به درج ڪرڻ فرمائي آهي، جا پيش ڪجي ٿي. سنه 380 هجريءَ ۾ هڪ سياح بشاري مقدسي به سنڌ آيو هو. هي پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته: ملتان جا ماڻهو شيعا آهن.مگر ٻين شهرن منصوره وغيره ۾ عام طور تي ماڻهو ابو حنيفه رح جي مسلڪ جا پيروي ڪندڙ آهن. مگر مالڪي ۽ حنبلي هتي ڪو نه آهن. هيءَ ڳالهه هڪ هزار سال اڳ، سنڌ جي مسلمانن جي عقيدن تي، هڪ سياح ڪئي آهي. مگر اڄ به سومره قوم پڪي حنفي المذهب جي آهي. انهن ۾ نه ته شيعه، نه وهابي، نه قادياني يا غير مقلد وغيره ملندا. هر سال اهل بيت شهيدان ڪربلا، حضرت غوث اعظم ۽ رسول الله صلعم جي ياد  وعظ ۽ ميلاد جون محفلون ۽ مجلسون منعقد ٿينديون آهن. فاتحه و ختم شريف جو ورد ٿيندو آهي ۽ بزرگانِ دين جا مريد آهن.


[1] (تاريخ سومره سنڌ پر ايڪ نظر، صفحه 204). بحواله. توضيحات معصومي صفحه 456).

[2]  (تاريخ سومره سنڌ پر ايڪ نظر، صفحه 204) بحواله ڏسو حاشيه صفحه 121 تحفته الڪرام.

[3]  (تاريخ معصومي صفحه 99- 100).

[4]  (تاريخ سومره سندهه پر ايک نظر ص 204). بحواله توضيحات معصومي صفحه 457).

[5]  (مهراڻ نمبر پهريون- سال 1974ع، صفحه 131، قريشي حامد علي خانائي صاحب، بحواله ”تاريخ تمدن سنڌ“ مولائي شيدائي، صفحه 359- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي سان فاضل مترجم تاريخ معصومي جي تعليقات جي فوٽ نوٽ ۾ لکي ٿو ته: مير معصوم سانودري کي ”ٿري“ جي نالي سان منجهائي لکيو آهي. سانودري، ساوڙي نالي سان شهر نواب شاهه ضلعي ۾ دوڙ اسٽيشن کان پنج ميل اولهه طرف آهي. ليڪن ائين درست نه آهي. سانودري شهر ۽ ٿري شهر الڳ الڳ شهر آهن. فارسي عبارت جو جن به ترجمو ڪيو آهي انهن مان ڪن ٿري ته ڪن وري ٿرڙي جي نالي سان لکيو آهي. اسان جي گمان وڃي ٿو ته ٿري شهر جو اصل نالو ”ٺري“ ٿي سگهي ٿو، جو خيرپور رياست ۾ هڪ بارونق شهر آهي. الور جي نزديڪ به اهوئي شهر ممڪن ٿي سگهي ٿو).

[6]  (مهراڻ نمبر پهريون 1974ع ص 131، 132 بحواله ڊاڪٽر دائود پوٽه تاريخ معصومي تعليقات، ص 362، 363.

[7]  (مهراڻ نمبر پهريون 1974ع ص 132، بحواله تاريخ تمدن سنڌ ص 359).

[8]  (مهراڻ- نمبر پهريون 1974ع صفحه 132، بحواله ڊاڪٽر دائود پوٽه تاريخ معصومي – تعليقات- فوٽ نوٽ ص 335 (سنڌي ترجمه(ii) تاريخ تمدن سنڌ ص 359).

[9]  (مهراڻ نمبر پهريون 1974ع ص 133، بحواله رائچند ”تاريخ ريگستان“ ص 43، 44).

[10]  (مهراڻ – نمبر پهريون 1974ع ص 133، بحواله تمدن سنڌ ص 359).

[11]  (مهراڻ نمبر پهريون 1974ع، صفحه 133، بحواله ڏسو روپاهه ماڙي تي لکيل ڪتاب شيخ محمد سومار جو).

[12]  (مهراڻ نمبر پهريون 1974ع صفحه 133، بحواله مولانا ابو ظفر صاحب ندوي، مختصر تاريخ هند، ذڪر لانگاهه سلاطين ملتان) تاريخ تمدن سنڌ ص 338)

 [13]  (مهراڻ نمبر پهريون 1974ع صفحه 133).

[14]  (مهراڻ نمبر پهريون 1974ع صفحه 133).

[15]  (ايضاً بحواله تاريخ سنڌ 339) (ii) ايليٽ، هسٽري آف انڊيا، ج اول ص 379. (iii) سنڌ جا اوائلي مدرسا، رسالو سروري مخزن هالا 51- 1952ع ص 20).

[16]  (مهراڻ نمبر پهريون، 1974ع صفحه 134، بحواله ليلان چنيسر جي قصي جي باري ۾ مؤرخ سنڌ سيد حسام الدين راشدي ”مثنوي“ چنيسر نامـﮧ ۾ لکي ٿو ته: هن داستان ۾ ڪا به صحيح تاريخ نه آهي پر عام طرح انهيءَ قصي کي ستين صدي هجري سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. (مثنوي چنيسر نامـﮧ، از: ادراڪي بيگلاري (فارسي ص 12).

[17]  (مهراڻ – نمبر پهريون 1974ع صفحه 135، بحواله سيد ابو ظفر صاحب ندوي، تاريخ سنڌ، ص 307).

[18]  (مهراڻ- نمبر پهريون 1974ع ص 135).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org