سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 16

صفحو ؛ 27

 

باب سورهون

دهليءَ جي بادشاهه علاؤالدين خلجيءَ جي سنڌ جي واليءَ دودو سومرو ٽيون تي چڙهائيءَ جو من گهڙت داستان

مسٽر رائچند هريجن (راٺوڙ) صاحب لکي ٿو ته:

سومرن جي حاڪم ڀونگر (300ع- 1351ع)[1] کي ٻه پٽ چنيسر ۽ دودو هئا ۽ ٻاگهي نالي هڪ ڌيءَ هئي. ان وقت گاديءَ جو هنڌ ”روپاهه“ هو. جڏهين ڀونگر مري ويو، تڏهين تخت تي چنيسر جو حق هو، ڇاڪاڻ جو هو وڏو هو، پر دودو وڌيڪ بهادر هو. سنڌيءَ ۾ اڄ تائين، پهاڪو آهي ته: ”تون ڪو دودو آهين“ سندس بهادريءَ سببان اميرن دودي کي تخت تي ويهاريو. چنيسر کي لڳي ڪاوڙ سو ٻيو ڪجهه نه ڏسي دهليءَجي بادشاهه سلطان علاؤ الدين خلجيءَ وٽ دانهي ويو ۽ هن کي پنهنجيءَ ڀيڻ ٻاگهي جي سڱ جي لالچ به ڏنائين، جنهنڪري سلطان کيس پنهنجو لشڪر سالار خان جي اڳواڻ هيٺ مدد لاءِ ڏنو[2] جو چنيسر وٺي سنڌ ۾ آيو. اها خبر جڏهين سومرن کي پيئي تڏهين انهن به پنهنجو لشڪر تيار ڪري، جنگي سردار ساهڙ سلطان[3] جي هٿ هيٺ روانو ڪيو. مير پور ماٿيلي وٽ[4] سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ سومرن جي هار ٿي.

علاؤ الدين جو لشڪر اڳي ڌوڪيندو پئي آيو. جڏهين اها خبر دودي کي پيئي، تڏهين عمرڪوٽ جي سوڍن ۽ٻين کي مدد لاءِ چيائين، جن مدد جو دلاسو ڏنو ۽ صلاح ڪري سومرن جي ڪٽنب، 140 راجائي ڪل جي زالن سميت، ڪڇ ڏي ڄام ابڙي وٽ پناهه لاءِ موڪليو ۽ سوڍن کيس پنهنجو لشڪر هاسي سوڍي جي اڳواڻي هيٺ مدد لاءِ ڏنو، جنهن ۾ 140 سوڍا ۽ ٻيا ٻين قومن جا ماڻهو هئا.

ايتري ۾ علاؤ الدين جو لشڪر ”روپاهه“ تي چڙهي آيو. دودي بهادريءَ سان مقابلو ڪيو. نيٺ دودو، هاسو سوڍو ۽ ٻيا بهادر مارجي ويا ۽ سومرن جي هار ٿي.

سالار خان خوشيءَ وچان جيئن ڪوٽ ۾ گهڙيو، ۽ ته ڇا ڏسي ته: اندر سڃ پئي واڪا ڪري، نيٺ جڏهن خبر پيئي ته: سومرن پنهنجا ٻار ٻچا ٻاگهيءَ سميت ڪڇ ڏي موڪلي ڇڏيا آهن، تڏهن روپاهه کي نابود ڪري سڌو ڪڇ ڏي رخ رکيائين.

اهو لشڪر جتي رات رهندو هو، اتي بچاءَ لاءِ پنهنجي چوڌاري کاهي کوٽيندو هو. اهڙا کاهين جا نشان انهن هنڌن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

ابڙي ڪڇ جي ”وڏسر“ ڀاڱي جو حڪمران هو. ڪڏهين به، لڙائيءَ ۾ نه هارائڻ ڪري هن کي ”اجيت اڙبنگ جو لقب مليل هو. جڏهين علاؤالدين جو لشڪر ”وڏسر“ تي ڪاهي آيو، تڏهن پهريائين کيس سومريون حوالي ڪرڻ جو نياپو موڪليائين، پر ابڙي پناهه هيٺ آيلن جي بچاءِ واسطي جان ڏيڻ جي به پڪ ڪري ڇڏي هئي. تنهنڪري هن سومرين حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ جواب موڪليائين ته: ”جيستائين منهنجي سر ۾ ساهه آهي، تيستائين سومريون اوهان جي حوالي ڪرڻ ته پري رهيو، پر اوهان انهن ڏي اک کڻي به نهاري نٿا سگهو“. سالار خان اهو جواب ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ يڪدم پنهنجي لشڪر کي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پنجن هفتن جي لڙائيءَ کانپوءِ هڪ معمولي رياست جا ڪڇي بهادر ۽ سنڌ جا سومرا. پنهٿنجي سردار ”ابڙي“ ۽ سندس پٽ ”ممٽ“ جي هٿ هيٺ وڙهي شهيد ٿيا، ۽ لڙائي ختم ٿي. هاڻي انهن سومرين ماين جي بچاءِ جو ٻيو ڪو رستو ڪو نه رهيو، تڏهين انهن واليءَ در وينتي ڪئي ته: ”اي سٻاجها سائين! تو اسان جي لڄ رک“. چون ٿا ته: قدر الاهي سان زمين ڦاٽي پئي ۽ وڏا سوراخ ٿي پيا، جن ۾ اهي ستيون گهڙي ويئون ۽ غارن جا منهن بند ٿي ويا.[5]

اڄ به اتي ستين جو آستان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.جتي ڪي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن. لشڪر خوش ٿي قلعي ۾ گهڙيو، پر اتي ڪاريءَ وارا ڪک ڏسي بيحد پشيمان ٿيو ۽ نراس ٿي رڻ واري رستي دهليءَ موٽيو.[6]

علاؤالدين جي لشڪر، سنڌ تي ڪڏهن چڙهائي ڪئي

هن سلسلي ۾ مسٽر رائچند هريجن (راٺوڙ) صاحب لکي ٿو ته: سلطاني لشڪر جي ڪاهه ۽ دودي ٽين جي لڙائيءَ بابت ڌار ڌار تاريخي ڪتابن ۾ ڌار ڌار احوال آهي. ڪنهن به تاريخ  اهو چٽائيءَ سان ڏيکاريل نه آهي :

سلطاني لشڪر سنڌ تي ڪڏهين ڪاهه ڪئي.موجوده تاريخون جي اسڪولن ۾ پاڙهيون وڃن ٿيون. تن ۾ سومرن جي حڪومت جو عرصو سنه 1051ع برابر 445 هجريءَ کان، 1351ع برابر 753 هجري ڄاڻايل آهي، يعني 302 سال، انهيءَ عرصي ۾ جملي 19 حاڪم ڏيکاريل آهن. سومرن جي حڪومت بابت ”ائبٽ“ صاحب، پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ جي صفحي 88 جي فوٽ نوٽ ۾ ڌار ڌار تاريخن جا حوالا ڏنا آهن، جي اسان لکي آيا آهيون. سومرن حاڪمن جي لسٽ به جدا جدا تاريخن ۾، جدا جدا نموني لکيل آهي، پر چچنامي جلد ٻئي صفحي 36 ۾ سومرن حاڪمن جي لسٽ هيٺئين موجب ڏنل آهي. (اسان هيءَ لسٽ بعينـﮧ اڳ ۾ پيش ڪري چڪا آهيون. ان کي ڏسڻ گهرجي).

وري ”منتخب تواريخ“ ۾ ڏنل فهرست، جنهن کان ”عجائب الاسفار“ واري نقل ڪئي آهي، ان موجب نمبر 4 سنگهار بدران سنجر، 8 پنهون بدران ٻاهو، نمبر 9 کينهرو بدران خيرو، نمبر 12 طائي بدران دودو ٻيو، نمبر 14 چنيسر بدران طائي ۽ نمبر 14 ڀونگر بدران چنيسر ڏيکاريل آهن، يعني جملي 20 حاڪم ڏيکاريل آهن، ۽ سنن ۾ به تفاوت آهي.

الوحيد اسپيشل ايڊيشن ”سنڌ آزاد“ نمبر 15 جون 1936ع ۾، سومرن حاڪمن بابت صفحي 87 تي ڄاڻائي ٿو ته: مٿيئن فهرست ڏسندي. جيڪڏهين اعتبار ڪبو ته: ”منتخت التواريخ، تي ڪبو، ڇو ته ”لب تاريخ سنڌ“ واري جيڪا سومرن حاڪمن جي لسٽ ڏني آهي، سا به ”منتخت التواريخ، مطابق آهي. انهيءَ تاريخ جي ڪن سنن ۾ نمبر 11 12، 13 موجود ڪو نه آهن. جيڪڏهن انهن نمبر کي ڪڍيو وڃي ته: پوءِ سال ۽ تاريخون درست ٿي وينديون. انهيءَ حساب سان سلطان علاؤ الدين خلجيءَ ۽ دودي ٽئين جو زمانو هڪ ٿيندو. جيئن ”تاريخ طاهري“ ۽ تحفته الڪرام“ ۾ درج آهي. ”ڪڇ نوڪيسري اٿوا دودواني چنيسر“ گجراتي ڪتاب (ص5) ۾ ڀونگر جي مرڻ جو سال 1296ع چيٽ سنبت 1352 ڄاڻايل آهي. ”تاريخ طاهري“ وارو چوي ٿو ته: علاؤ الدين 1295ع ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي.[7]

مرزا قليچ بيگ جي لکيل تاريخ (جلد 2 ص 36) موجب دودي ٽئين 1332ع کان 1356ع تائين حڪومت ڪئي. ”امر ڪوٽ اتهاس“ (صفحو 18) روح رهاڻ (صفحو 60) وغيره ڪتابن ۾ دودي ۽ علاؤالدين جي لڙائيءَ جو سال 1333ع لکيل آهي. انهيءَ ڳالهه ۾ سڀيئي تاريخون متفق راءِ آهن ته: علاؤ الدين جي لشڪر سان لڙائي ڪندي دودو مارجي ويو. علاؤالدين جي حڪومت جو عرصو 1295ع کان 1315ع تائين آهي، ته پوءِ سن 1333ع ۾ علاؤالدين ڪيئن ڪاهيو؟ پر جي 1333ع ۾ لڙائي لڳي ته: ان وقت دودو مارجي ويو، ته پوءِ وري چچ نامي، تحفته الڪرام، ”منتخت التواريخ“ ۽ ٻين تاريخن جي لکڻ موجب دودي ٽئين جي حڪومت 1356ع تائين ڪيئن ٿي سگهي ٿي.

”ڪڇ جي گجراتي اتهاس“ صفحي 72 ۾ دودي ۽ علاف الدين جي لڙائيءَ جو سال سنبت 1370ع لکيل آهي، جو برابر سنه 1313ع آهي. مٿيئن تاريخن ۾ دودي جي حڪومت جو عرصو 24 سال ڄاڻايل آهي. ڀونگر جي مرڻ بعد دودو تخت تي ويٺو. جنهن ڪري چنيسر علاؤالدين وٽ دانهي ويو ۽ سلطان سنڌ تي لشڪر موڪليو. انهيءَ جي معنيٰ ته ڀونگر جي مرڻ بعد 24 سالن کان پوءِ علاؤالدين سنڌ تي ڪاهيو، ۽ اهي 24 سال چنيسر، علاؤالدين وٽ ويٺو هو.حقيقت ڪري 24 سال ته علاؤالدين جي سڄي حڪومت جو عرصو به ڪو نه هو.

تاريخي حوالن موجب، دودي جي حڪومت فقط سال يا ٻه هئڻ گهرجي ۽ نه وڌيڪ ڇو ته اهو عرصو چنيسر جي دهليءَ وڃڻ ۽ سلطان علاؤالدين کان مدد طور لشڪر آڻڻ لاءِ ڪافي آهي. اسڪولي تاريخن موجب، سومرن جي حڪومت جو عرصو 1053ع کان 1351ع ۾ سومرن کان سمن ٺٽي جي حڪومت کسي ورتي، تڏهين سومرن جي عمر ٻئي 1355ع ۾ عمرڪوٽ تي قبضو ڪري، اتي 1390ع تائين حڪومت ڪئي. ان بعد، 1390ع کان 1400ع تائين ڀونگر ٽيون ۽ سنه 1400ع کان 1939ع تائين همير سومري کان، راڻي همير سوڍي سنه 1939ع ۾ عمرڪوٽ هٿ ڪيو ۽ سومرن جي حڪومت پوري ٿي.

ڪن تاريخن ۾ لکيل آهي ته: دودي ٽين عمر ڪوٽ تي قبضو ڪيو. درحقيقت دودي ٽين عمر ڪوٽ جي راڻن سان دوستيءَ جو ناتو هوس، جو علاؤالدين جي ڪاهه وقت عمرڪوٽ مان هاسو سوڍو لشڪر سميت مدد لاءِ ويو هو. جڏهين دودي ڏٺو ته علاؤالدين جي لشڪر سان پڄڻ محال آهي. تڏهن سوڍن جي صلاح ۽ مدد سان پنهنجو  ڪٽنب ڄام ابڙي ڏي موڪليائين. جوڪڇ جي ابڙاڻي واري لشڪر جو حاڪم هو. ابڙي، عمرڪوٽ جي سوڍا گهراڻي جي راجڪماري سناڀا ديويءَ سان، ٻارهن سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي هئي، جنهن جي پيٽان وير ”ممٽ“ جو جنم ٿيو.[8]

”جيڪڏهن دودي، عمرڪوٽ سوڍن کان اڳي کسيو هجي ها ته: نڪي ”هاسو“سوڍو مدد لاءِ وڃي ها ۽ نڪو سوڍن جو عزيز ڄام ابڙو، سومرين کي پناهه ڏئي ها.

گجراتي ڪتاب ”دوداني چنيسر“ صفحي 3 ۾ لکيل آهي ته: ابڙو، سنبت 1331 ۾ ڄائو هو، جو برابر سال 1274ع آهي“.

ڪن ڪتابن ۾ ڄام ابڙي جي عمر، علاؤالدين جي لشڪر سان لڙائي ڪرڻ وقت، 21 سال ڄاڻايل آهي جا ڳالهه غلط آهي. ڇو ته: علاؤالدين سان لڙائيءَ وقت ڄام ابڙي پهريائين پنهنجو پٽ ”ممٽ“ موڪليو هو.ان جي مرڻ بعد ابڙو پاڻ ميدان ۾ آيو. سنڌ ۾ ڀٽن ۽ مڱڻهارن جي ڏند ڪٿائن، سنڌي قصين، توڙي ڪتابن ۾ ممٽ جي لڙائي جو احوال آيل آهي، ۽ ٻيو پٽ به هوس جو ننڍو هو، ان مان سندس گهراڻو اڄ تائين هليو اچي. جيڪڏهين ابڙو پاڻ 21 سالن جو هجي ها ته: سندس پٽ ممٽ ڪيئن لڙائي جي ميدان تي اچڻ جيڏو هجي ها، اها عمر درحقيقت ممٽ جي آهي. ابڙي 12 سالن جي عمر ۾، عمرڪوٽ مان شادي ڪئي هئي. جوانيءَ جي وقت 18 يا 19 سالن جي عمر ۾ جيڪڏهين ممٽ ڄمي ها، ته به ابڙي جي عمر لڙائي وقت اٽڪل 39 سال ٿئي ٿي. جيئن ته سندس جنم 1274ع ۾ ٿيو، انهيءَ حساب سان (1274+39) 1313ع لڙائيءَ جو سال نڪري ٿو. جيئن ڪڇ جي اتهاس ۾ ڄاڻايل آهي، ۽ ويرممٽ جي عمر به 21 سال ٿئي ٿي. اهو ئي علاؤالدين جي لشڪر جي ڪاهه ڪرڻ جو سال آهي. خان بهادر حاجي محمد صديق ميمڻ پنهنجي هڪ مضمون ”تعليم اخبار“جون 1937ع ۾، دودي ۽ علاؤالدين جي لڙائيءَ جو احوال ڏيندي صفحي 3 ۾ لکي ٿو ته: 1312ع ۾ سنڌ جو حاڪم ڀونگر هو، جلد ئي ان جي مرڻ بعد، گاديءَ تان تڪرار ٿيو“. انهيءَ موجب به سال 1313ع برابر آهي.

”لب تاريخ“ جي ڏنل لسٽ مطابق، الوحيد جي آزاد نمبر جي ليکڪ جو رايو وڌيڪ وزنائتو آهي ۽ ڪڇ جي گجراتي، اتهاس موجب ڏنل سال 1313ع اعتبار جوڳو ٿي سگهي ٿو.

مرزا قليچ بيگ جي انگريزي ۾ لکيل تاريخ جلد 2 موجب، چنيسر جي حڪومت ڀونگر کان اڳ ڄاڻايل آهي. مگر چنيسر ڀونگر جو پٽ هو ۽ دودي کانپوءِ، گاديءَ تي ويٺو هو. مرزا جي تاريخ ۾ ڏنل لسٽ ۾ ڀونگر کان پوءِ خفيف، دودو، عمر، ڀونگر ۽ همير حاڪم ڏيکايل آهن. مگر اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته: ڀونگر کانپوءِ دودو ۽ ان کانپوءِ علاؤالدين جي مدد سان چنيسر گاديءَ تي ويٺو. انهيءَ موجب سومرن حاڪمن جي لسٽ، ڀونگر کانپوءِ هيٺئين موجب درست هئڻ گهرجي.

ڀونگر ٻيو         1300 ع کان 1312 تائين.

دودو ٽيون         1312ع کان 1313ع تائين.

چنيسر             1313 ع کان 1332ع تائين.

خفيف              1332 ع کان 1355ع تائين.

عمر ٻيو           1355ع کان 1390ع تائين.

ڀونگر ٽيون       1390ع کان 1400ع تائين.

همير               1400ع کان 1439ع تائين.

مٿين تاريخي احوالن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد ثابت ٿئي ٿو ته: علاؤالدين جي ڪاهه جو سال 1313ع برابر آهي.[9]

مسٽر رائچند راٺوڙ صاحب، علاؤالدين خلجيءَ جي، به نفس نفيس يا ان جي جرنيل سالار خان جي سنڌ تي چڙهائي ڪري اچڻ تي، سنڌ جي مستند تواريخ جي ڪتابن جي مختلف بيانن جي روشنيءَ ۾ نهايت ڀرپور ڇنڊڇاڻ ڪري، هن ڳالهه کي صاف ڪيو آهي ته: علاؤالدين خلجيءَ جي سنڌ تي چڙهائيءَ ڪري اچڻ جو سال 1313ع آهي.

اردو اخبار روزانه جنگ ڪراچيءَ جي جمعي جي ايڊيشن ۾ هڪ تاريخي مضمون ”نوري ڄام تماچي“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي، جنهن جو انتخاب هت پيش ڪجي ٿو.

سنه 1052ع ۾ جڏهن سنڌ جي حڪومت سومرا خاندان سنڀالي سمان خاندان سنه 1320ع ۾ ڪڇ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. هي جاڙيجا راجپوت هئا. باقي سنڌ جي سمي خاندان سومرا دور ۾ اسلام قبول ڪري ورتو. سنه 1333ع ۾ جڏهن علاؤالدين خلجيءَ سومرن حڪمرانن جو دور ختم ڪيو.[10]

هاڻ توهان علاؤالدين خلجيءَ جي پوري دور جي تاريخ جو مطالعو ڪري ڏسو، سنڌ تي، حملي ڪرڻ جو ڪو به ثبوت نه ملندو. پهريون ته: ان جو دور 1295ع ۾شروع ٿيو ۽ ان جو انتقال سنه 1315ع ۾ ٿي ويو. ڏسو عمدة الڪلام في تاريخ سلاطين اسلام (صفحه 359- 362) ته سنه 1333ع ۾ علاؤالدين خلجيءَ ڪهڙيءَ طرح سومرن جودور ختم ڪيو.

”توضيحات معصوميءَ“ جي صفحي 351 ۾ لکيل آهي. ته محمد طور جي ويران ٿيڻ لاءِ ٻه سبب بيان ڪن ٿا. هڪ هيءُ ته سنڌوندي يعني مهران (مهراڻ) پنهنجوپراڻو وهڪرو ڦيرائي سيوهڻ طرف وهڻ لڳو. تنهن ڪري هي شهر، جنهن جي آبادي مهراڻ جي پاڻي تي موقوف هئي، پاڻي نه ملڻ ڪري ويران ٿي ويو. (تاريخ طاهري ص 30، 50) ٻيو هيءُ ته سلطان علاؤالدين خلجي (695- 751) جي لشڪر سالار خان جي اڳواڻي هيٺ انهيءَ کي ويران ۽ برباد ڪري ڇڏيو.[11]

اسان جي خيال ۾ پهريون سبب ڪافي قوي آهي. ڇاڪاڻ ته: چنيسر جو علاؤالدين جي درٻار ۾ وڃڻ ۽ کانئس لشڪر وٺي دودي سان جنگ ڪرڻ يا عمر سومري کي سزا ڏيڻ لاءِ علاؤالدين جولشڪر موڪلڻ هڪ ڏند ڪٿا جهڙي ڳالهه آهي.

”توضيحات معصومي“ صفحي 355 ۾، سلطان علاؤالدين جوسن وفات هن طرح لکيل آهي: سلطان علاؤالدين خلجي سن 815هه مطابق 1315ع ۾ گذاري ويو.

ته پوءِ، هن ڳالهه تي ڪيئن بانور ڪري سگهجي ٿو ته: 18 سال اڳ ۾ مري ويل دهليءَ جي بادشاهه علاؤالدين خلجيءَ کي ڪوچنيسر سنه 1333ع ۾ پنهنجيءَ ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ جي سڱ ڏيڻ جي پڻ لالچ ڏيئي ڪري، پنهنجي ننڍي ڀاءُ دودو کان حڪومت وٺي ڏيڻ لاءِ، سنڌ تي چاڙهي آيو هو.


[1]  (”تاريخ ريگستان“ ص 61،بحواله: ڏسو ”چچ نامو“ جلد ٻيو صفحو 36 ”ڪڇ نوڪيسري دودواني چنيسر“ گجراتي، صفحي 5 ۾، ڀونگر جي مرڻ جو سال 01296ع برابر چيٽ سنبت 1352 ڏيکاريل آهي).

[2] (”تاريخ ريگستان“ ص 62). حاشيه:  عام طور مشهور آهي ته: چنيسر جي فرياد تي سلطان علاؤ الدين خلجي سنڌ ۾ آيو ۽هڪ وڏي جنگ لڳي، جنهن ۾ دودو مارجي ويو. پر سلطان به، باقي ستن ڄڻن سان بچيو. هي سڀ من گهڙت ڳالهيون آهن. سلطان سنڌ ۾ ڪو نه آيو هو. (1). سلطان جو لشڪر، جنگي سردار سالار خان جي اڳواڻي هيٺ آيو هو. دهليءَ جي بادشاهه التبش (1212- 1236ع) جي پاران ناصر الدين قباچه 608هه کان 622 هجريءَ تائين، ملتان ۽ سنڌ جي گورنر هو. ان جي پٽ جو نالو علاؤالدين هو ۽ دودو ٻيو ان وقت سومرن جو حاڪم هو. 614 هه غوري قوم جا ماڻهو سنڌ ۾ ڪاهي آيا هئا. شايد انهن کي هڪالڻ لاءِ، ناصر الدين پنهنجي پٽ علاؤالدين کي موڪليوهجي ۽ هو آيو هجي. ٿي سگهي ٿو ته: ڳالهه پوءِ دودي ٽئين ۽علاؤالدين خلجيءَ جي لڙائيءَ جي مشهور ٿي ويئي آهي).

[3]  (”تاريخ ريگستان“ ص 62، بحواله: ”انتخاب تاريخ طاهري“ صفحو 43، پر ”تحفته الڪرام“ ۾سپڙ سخي لکيل آهي، بحواله ”تاريخ سنڌ“ جلد 3، فوٽ نوٽ صفحو 126).

[4]  (”تاريخ ريگستان“ ص 62، بحواله: ”سنڌ جي رنگين تاريخ“ مسٽر ميمڻ صفحو 26 ۽ ”تاريخ سنڌ“ مسٽر مولچند منگهو مل واسواڻي صفحو 60).

[5]  ”تاريخ ريگستان“ صفحه 64، بحواله ”امرڪوٽ اتهاس“ صفحي 20 ۾ لکيل آهي ته: اهي سومريون، ڪڇي راجپوتڻين سان گڏ، باهه ۾ جلي ميون يعني جوهر ڪيائون).

[6]  (”تاريخ ريگستان“ صفحه 61، 62، 63، 64).

[7]  (”تاريخ ريگستان“ ص 66 بحواله ”تاريخ هند“، سر ايلٽ، جلد 1، ص 272 ۽ جلد 3 ص 337).

[8]  (”تاريخ ريگستان“ صفحه 68، بحواله ”انتخاب تاريخ طاهري“ ۾ بادشاهه جو نالو سلطان علاو الدين لکيو آهي، ۽ عمر سومرو 1355- 1390ع تائين هو، ۽ سلطان علاو الدين 1495- 1315ع تائين هو. تنهنڪري، اهو ڪو دهليءَ جو ٻيو بادشاهه هوندو).

[9]  (”تاريخ ريگستان“صفحه 64، 65، 66، 67، 68، 69).

[10]  (تاريخ سومره سندهه پر ايڪ نظر، صفحه 202، بحواله جنگ 15 جولاءِ 1961ع صفحه 8، مضمون نگار حامد اقبال صاحب).

[11]  تحفته الڪرام ڇاپيو بمبئي جلد 3، ص 48).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org