پر اڃا به ڪن ٻين روايتن ۾، دودو جيڪو ڀونگ راءِ
جو پٽ هو، تنهن کي وڌيڪ سڃاڻپ خاطر ”نهرو دودو“ يا
فقط. دودو“ سڏيو ويو آهي. بهرحال ساڳئي نالي
(دودي) سببان، راوين ٻن يا ٽن جدا شخصيتن ۾ امتيار
نه ڪيو آهي: نه فقط ساڳئي دودي کي هڪڙين روايتن ۾
”ڪارو دودو“ ته ٻين روايتن ۾ ”نهرو دودو“ سڏيو ويو
آهي، پر ساڳيا ڪارناما ٻنهي سان منسوب ڪيا ويا
آهن. انهن ڪارنامن مان تاريخي لحاظ سان اهميت
رکندڙ ڪارنامو اهو آهي جو دودو دلوراءِ بادشاهه جي
دور ۾ ٿيو. ان وقت هو نوجوان پهلوان هو ۽ سندس
بهادري کان متاثر ٿي دلوراءِ بادشاهه کيس پنهنجي
ڌيءَ پرڻائي. پر سوال آهي ته اهو ڪهڙو دودو؟
انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان ٽاڻا غور طلب آهن:
(1) ڪارو دودو يا دودوڪارونڀار:
پٽ ڀونگر جو، جنهن لوهار جي ڌيءَ ۽پڻ دلوراءِ
بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. صابر نوحاني جي
روايت (ص 161، 162) مطابق: دلوراءِ جي ملڪ ۾،
راڪاس، گرڙ پکي ۽ شينهن ماريائين، لوهار جي ڌيءَ
سان شادي ڪيائين ۽ پڻ دلوراءِ ڌيءَ پرڻايس ۽ عزت
سان پاڻ وٽ رهايائينس.
بودن فقير ڀنڀري جي روايت (ص 258، 260) مطابق
ڀونگر جو پٽ! دودو ڪارونڀار“ ٿيو.
سنجهيئي سور ٿيا، صبح ڄائو ٻار
ماڻهن سڀني ائين آکيو، هي آهي دودو ڪارونڀار
ماءُ جا ببا ڌائي ته: ٻندو (ببيون) پيون پٽجن،
انهيءَ ڪري مينهن ڌاريائونس. وڏو ٿيو ته پنهنجي
انهيءَ مينهن کي هنج ۾ کڻي وڃي دلوراءِ جي باغن ۾
چاري ايندو هو. دلوراءِ گهڻي ئي ڳولا ڪرائي پر پير
کر ئي ڪونه پيو لڳي. تڏهن دلوراءِ چيو ته ڀونگر
راءِ کي چئو ته: چور ڳولي ڏي، پوءِ جڏهن هندو
جهلجهي پيو ته ڀونگر راءِ کيس ملڪ نيڪالي ڏني.
دودو پوءِ روانو ٿيو ۽ بالاخر درياءِ ٽپي ”دلوراءِ
جي بادشاهي ۾ داخل ٿيو. جتي وڏا وڏا ڪارناما
ڪيائين، لوهار جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين ۽ پڻ
دلوراءِ کيس پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ۽ اڌ بادشاهي ڏني.
(2) ”دودو وڏو“ پٽ ڀونگر راءِ جو، جنهن هڪ لوهار
جي ڌيءَ سان ۽ ٻي دلوراءِ بادشاهه جي ڌيءَ سان
شادي ڪئي.
فقير عبدالستار مهر جي روايت (ص 317- 318) مطابق:
هو دلورياءِ جي بادشاهي ۾ اچي پهتو جتي گرڙ پکي
ماريائين، ان تي دلوراءِ ماڻهو موڪلي دودي کي
گهرايو۽ خوش ٿي کيس پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنائين.
(3) ”دودو“ پٽ ڀونگر راءِ جو، جنهن لوهار جي ڌيءَ
سان ۽ پڻ دلوراءِ بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي.
ڏاڙهون شيدي جي روايت 0ص 214) مطابق:
دودي راڪاس ماريو، اها خبر بادشاهه کي پئي، جنهن
تي دلوراءِ دودي کي گهرايو ۽ پنهنجي ڌيءَ جو سڱ
ڏنائين. دودي دلوراءِ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. ٿوري
گهڻين ڏينهن دلوراءِ کي وزيرن برغلايون ته: دودو
تنهنجي بادشاهي تي قبضو ڪندو.
تڏهن دلوراءِ شڪيو ۽ سپاهه کي چيائين ته: ڀل دودي
کي ڪنهن حيلي سان ماري وجهو. دودي پوءِ دلوراءِ جي
شهر جو پڻي پيئڻ حرام ڪري ڄاتو ( ۽ٻاگهي جي قاصد
اچڻ تي اتان روانو ٿيو).
رکيل عرف ڏوو راڄڙ جي روايت (ص 235) مطابق:
دودو انهيءَ شهر ۾ پهتو جتي راڪاس ايندو هو ۽ ان
کي ماريائين. انهيءَ شهر جي بادشاهه جو
نالودلوراءِ هو. بادشاهه دودي کي گهرايو ۽ سندس
وڌيڪ آزمودو وٺڻ لاءِ ٻه مست هاٿي ويڙهايائين ۽
دودي کي چيائين ته: انهن کي ڇڏائي ڌار ڪر- دودي
ٻنهي هٿن سان سٽ ڏئي ٻئي هاٿي جدا ڪيا. دلوراءِ
بادشاهه اها بهادري ڏسي پنهنجي نياڻي دودي سان
پرڻائي، ۽ دودو اتي خوش گذارڻ لڳو.
(_4) ڪارو دودو پٽ ڀونگر راءِ جو، جنهن لوهار جي
ڌيءَ ۽ ٻئي ڪنهن بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي.
مٺو نهڙيي ڪڇي جي روايت (200- 201) ۾ بادشاهه جو
نالو ڄاڻايل ڪونهي، پر راڪاس ۽ مست هاٿي ماريائين،
تڏهن اتان جي بادشاهه دودي کي اڌ راڄ ڀاڳ ۽ ڌيءَ
جو سڱ ڏنو.
عرس جمالي جي روايت (ص 109، 114، 115) مطابق: دودي
جي بهادري ڏسي بادشاهه کيس پنهنجي ڌيءَ ڏني. پر
بادشاهه جو نالوڪونهي.
(5) نهرو دودو پٽ ڀونگر راءِ جو، جنهن هڪ شادي
لهاري سان ۽ ٻي ڏاڏي پوٽي سان ڪئي.
ماڻڪ خان چانڊيي جي روايت (ص 94)
فقير مولا بخش ميراثي جي روايت (ص 954)
سگهڙ جاري خان مري جي روايت (ضميمو)
(6) دودو پٽ ڀونگر راءِ جو، جنهن لوهار جي ڌيءَ يا
گل بادشاهه يا ٻئي ڪنهن بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي
ڪئي.
عبدالله جمالي جي روايت (ص 75) دودو گل بادشاهه جي
بادشاهي ۾ ويو ۽ اتي سندس بهادري کان خوش ٿي گل
بادشاهه کيس پنهنجي ڌيءَ ڏني.
علي محمد سومري جي روايت 0ص 882) مطابق:
ڀونگر راءِ پٽ وڏي دودي جو (۽ ڀونگر راءِ جو پٽ
دودو ٿيو) جنهن هڪ لوهار جي ڌيءَ سان ۽ ٻيو هڪ
بادشاهه زادي سان شادي ڪئي. بادشاهه زادي ڏاڏي
پوٽي هئي يعني ته ڪنهن سومري بادشاهه جي ڌيءَ هئي،
جو راڄن چيو ته:
چنيسر پٽ لوهاري جو آهي هر ڪنهن کي به سماءِ
دودو سارو سون جو جنهن کي ريهه رُپي جو ناهه.
(هن روايت جو منڍ واري بيان (ص 282، 283) ۾ راوي
کان ڀل ٿي آهي جو سڄو بيان ڀونگر راءِ پٽ وڏي دودي
جو ڪيو اٿس. يعني ته ڀونگر راءِ اهي ٻه شادي ڪيون
۽ کيس ٻاگهي، چنيسر ۽ دودو ٿيا. پر هن ساڳي ڳالهه
۾ اڳتي ص 889 تي) چنيسر پاڻ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي
چوي ٿو ته: هو دودي جو ( ۽ نه ڀونگر راءِ جو) ”پسر
پٽ“ آهي، يعني پيءُ دودوسومرو ته ماءُ لوهار اٿس.
نڪي آهين دودو سومرو ۽ نڪي وڳـﮧوريام،
پسر پٽ دودي کي ڄائو غيلاني غلام.
(7) غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت ص 419) موجب ڀونگر
راءِ پٽ ڪاري دودي جو، تنهن هڪڙي شادي لوهار جي
ڌيءَ سان ۽ ٻي ڏاڏي پوٽي سان ڪئي. مٿين ٽاڻن ۽
اهڃاڻن مان باوجود اختلافن جي،مجموعي طور هيٺيان
نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.
1) هن ڳالهه جي مڙني مختلف روايتن جي مدنظر ٽي
دودا ٿيا، ڪارو دودو يا وڏو دودو، نهرو دودو ۽
دودو چنيسر جو ڀاءُ، ڪارو دودو يا وڏو دودو سڀني
کان اڳ ٿيو. سندس وڏو ڏاڏو عرب”واڇڙو“ عرب نسل جو
سردار هو ۽ سندس ناناڻا پڻ عرب هئا. ڪاري دودي جي
پٺيءَ مان پوءِ ڀونگر راءِ ٿيو. نهرو دودو يا نهري
دودو، ڀونگر راءِ جي پٺيءَ مان ٿيو ۽ اڪثر روايتن
مطابق، هو ڀونگر راءِ جو پٽ هو. ٽيون دودو جيڪو
چنيسر جو ڀاءُ هو.
اهي
ٽي دودا ڪڏهن ۽ ڪهڙي دور ۾ ٿيا، ان لاءِ پڻ ڪو
يقيني دليل موجود ڪونهي. البت مختلف ٽاڻن جي مدنظر
هن نتيجي تي پهچ جي ٿو ته: وڏو دودو يا ڪارو دودو،
دلوراءِ بادشاهه جي ڌيءَ پرڻيو ۽ سندس پٺيءَ مان
پُري پڌري ٿي ۽ ڀونگر راءِ ۽ ٻيا حاڪم ٿيا، نهري
دودو، ڀونگر راءِ جو پٽ هو، جنهن گجرن سان جنگ
ڪئي. چنيسر جي ڀاءُ دودي عالادين جي لشڪر سان
مقابلو ڪيو ۽ انهيءَ جنگ ۾ ماريو. اهي نتيجا وڌيڪ
قرين قياس آهن، حالانڪه مٿين روايتن ۾وڏي ڪاري
دودي توڙي نهري دودي کي ڄڻ ساڳيو هڪ ئي شخص ڪري
سمجهيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته: ڪاري دودي توڙي نهري
دودي جا بلڪل ساڳيا ڪارناما بيان ڪيا ويا آهن جو
ٻنهي کي ڀونگر راءِ جو پٽ ڪري ڄاڻايو ويو آهي ۽
ٻنهي نالي چيو ويو آهي ته دلوراءِ جي ڌيءَ سان
شادي ڪيائون ۽ پڻ ڪيترين ئي روايتن ۾ نهري دودي کي
ئي دودي ۽ چنيسر جو پيءُ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. يعني
ته: ننڍو دودو (چنيسر جو ڀاءُ) نهري دودي يا ڪاري
دودي جو پٽ هو، ۽ دلوراءِ بادشاهه جو ڏوهٽو هو.
انهن روايتن مان اهو گمان پڻ نڪري ٿو ته دلوراءِ ۽
ٽيئي دودا ڄڻ بالڪل ساڳئي وقت جا هئا. مگر اهڙو
گمان تاريخي اعتبار سان صحيح نه ٿيندو. هن دليل کي
سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته دلوراءِ جي دور کي سمجهڻ
جي ڪوشش ڪجي
دلوراءِ جو دور ۽ سومرا
هن ڪتاب کان اڳ ٻين مختلف ماخذن جي مطالعي ۽ انهن
۾ آيل
حوالن
جو تورتڪ ڪندي، اسان دلوراءِ بادشاهه بابت هيٺين
راءِ ڏيئي چڪا آهيون.
تاريخي طور، دلوراءِ جودور هن وقت تائين روشن ٿيل
ناهي، پر اسان جي راءِ ۽ عرب دور جي پڄاڻي بعد
دلوراءِ پهريون مشهور حڪمران ٿيو، جو هڪ وڏو مدبر
۽ داناء هو ۽ جنهن دور ۾ وڏا ڪارناما ٿي گذريا.
دلوراءِ جي حڪمراني غالباً پنجين صدي هجري (11صدي
عيسوي) ۾ هئي
سڀ کان اول ”تاريخ طاهري“ جي مصنف دلوراءِ ۽ سومرن
جي دور بابت سندس (مصنف) پنهنجي دور ۾ هلندڙ هڪ
روايت بيان ڪئي آهي، جنهن کي پوءِ مير علي شير
قانع ٺٽوي پڻ تحفته الڪرام ۾نقل ڪيو آهي. انهيءَ
روايت مطابق دهلي جي سلطان ۽ سومرن جي جنگ وارو
واقعو تڏهن ٿيو. جڏهن دلوراءِ جي ظلم کان الور
وٽان وهندڙ درياء سڪي ويو ۽ مٿان پنجاب واري درياء
جو وهڪرو ڦري سيوهڻ طرف کان ٿيو ته هي سرزمين جا
هينئر آباد
آهي
سا آباد ٿي ۽ سومرن جا آباد شهر خشڪيءَ سبب ويران
ٿيڻ لڳا.
هن بيان جو مطلب اهو آهي ته سومرن ۽ دهلي جي سلطان
جي جنگ وارو واقعو سومرن جي ڪمزوري ۽ زوال واري
دور ۾ ٿيو. سومرا ڪمزور انهيءَ ڪري ٿيا هئا جو
درياء سيوهڻ ۽ٺٽي وٽان وهڻ لڳو. درياء جو رخ الاهي
ڏمر سببان مٽيو، ڇاڪاڻ جو دلوراءِ پنهنجي حڪومت
واري دور ۾ ظلم ڪيا هئا. جيتوڻيڪ ٽي مختلف واقعا
هڪ ئي جملي ۾ بيان ڪيل آهن، مگر ظاهر آهي ته وقت
جي لحاظ سان اهي وڏن وقفن بعد مختلف دورن ۾ ٿيا.
پهريون دور اهو هو جنهن ۾ درياءَ رخ مٽايو ۽ سومرن
جي حڪومت واري اراضي غيرآباد ٿيڻ لڳي. ان بعد
سومرا ڪمزور ٿيڻ لڳا ۽ انهيءَ دور ۾ دهلي جي سلطان
۽ سومرن جي وچ ۾ جنگ ٿي. انهن واقعي ۽ وقفن کي ذهن
۾ رکندي معلوم ٿيندو ته دلوراءِ گهڻو اڳ ٿي گذريو
۽ دودو چنيسر گهڻو پوءِ ٿيا. ڪارو دودو يا وڏو
دودو اوائلي عرب سردار جي پٺيءَ مان هو. انهيءَ
ڪري اهو به اوائلي دور ۾ ٿيو ۽
غالباً
اهو ئي دلوراءِ جو همعصر ۽ ناٺي هو. ڀونگر راءِ
سندس پٺيءَ مان ٿيو. هڪ روايت موجب دلوراءِ کيس
ڏنائين، جتي هن وڳـﮧ ڪوٽ کي پنهنجي گادي جو شهر
بنايو. هڪ روايت موجب ”اول مشهور وڏو ڪارو
دودوٿيو، جنهن وڳـﮧ ڪوٽ جي بادشاهي ورتي“.
ٻيو دودو يعني نهرو دودو جيڪو ڀونگر راءِ جو پٽ
هو، سو ان کانپوءِ ٿيو، ۽ شايد سومرن جي حڪومت جي
وچئين دور ۾ يا اڃا به ڪجهه اڳ ٿيو، ڇاڪاڻ ته: ان
وقت اڃا سومرا طاقتور هئا ۽ هنن گجرن سان جنگيون
ڪيون ۽ کين شڪستون ڏنيون. ٽيون دورو ان کانپوءِ
ٿيو.
اڪثر روايتن ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته دلوراءِ بادشاهه
پنهنجي ڌيءَ ڪاري دودي يا نهري دودي کي ڏني ۽ پڻ
اڌ بادشاهي ڏني. انهيءَ مان گمان نڪري ٿو ته
دلوراءِ جو خاندان ۽ دودن جو خاندان مٿي ڪنهن
ساڳئي ڪنهن قبيلي مان هئا. هڪ روايت موجب درويش
ڇٽو عمراڻي جيڪو سيوهڻ ۾ مدفون آهي، سو دلوراءِ جو
ڀاءُ هو: يعني دلوراءِ ۽ ڇٽو ٻئي عمران جا پٽ هئا
۽ انهيءَ لحاظ سان هو ”عمراني خاندان“ جا هئا جو
ڪنهن عرب قبيلي جي شاخ هو هوڏانهن دودن جو خاندان
پڻ ڪنهن عرب قبيلي مان هو. بهرحال ٻنهي قبلين جا
ڏاڏاڻا يا ناناڻا عرب هئا، ٻنهي قبلين ۾ مٿي عربن
يا سومرن جي سلسلي جي ڪا نسبت هئي جو اهو سڱ ٿيو.
انهيءَ سڱ سببان دلوراءِ جو خاندان وڏي دودي جي
خاندان جو ناناڻو خاندان هو. جيتوڻيڪ ساڳئي نالي
دودي سببان ٽئين (پوئين) دودي کي پڻ دلوراءِ جو
ڏوهٽو ڪري ڄاڻايو ويو آهي. ”دودو ڏاڏي پوٽي دلوءَ
جي ڌيءَ مان هو، تنهن کي راڄن پڳ ڏيئي ڇڏي“ ( ۽
چنيسر لوهاريءَ مان هو انهيءَ ڪري ان کي نظر انداز
ڪيائون. چنيسر کي ڪنهن چيو ته:)
ميڙيون ۽ منٿون توکي ڪيون ننڍي ڀاءُ
پر رڳ ڇڪيون ناناڻي پڇڻ هليو ماءُ
هو دودو دلوءَ ڏهٽو، سو پيڙهي ويٺئي راءِ“
(بودن فقير ڀنڀري جي روايت: ص 264)
”توکي ٽاهه ٽَڪُن جو، لوهر تنهنجي ماءُ،
اڳيان دودو ڏوهٽو دلؤ جو آهي پيڙهيءَ مٿي راءِ“
(روايت رکيل عرف ڏووراڄڙ، ص 248)
مٿين اهڃاڻن مان اها تصديق ٿئي ٿي ته: دلوراءِ به
سومرو هو. ڇاڪاڻ جو مڙني روايتن مطابق، دلوراءِ جي
ڌيءَ جو پٽ دودو ڏاڏي پوٽي مان هو، يعني ته
”سومري“ ماءُ مان هو. تاريخ طاهري واري مٿيئن مبهم
بيان مان پڻ اهو شبهو نڪري ٿو ته دلوراءِ سومرو هو
۽ انهيءَ ڪري سندس ”ظلمن“ سببان سومرن جي ايراضي
خشڪي سببان ويران ٿي ۽ سومرن جي حڪومت تي زوال
آيو. عام روايتن مطابق دلوراءِ جي گادي ”الور“
(روهڙي لڳ) يا ”دلور“ (اڳيونشهر منصوره يا ان لڳ
ڪا ٻي بستي“ (ضلعو سانگهڙ) ڄاڻايل آهي. ٻين روايتن
مطابق مورڙيي کي به دلوراءِ بادشاهه ڪل ٺهرائي ڏني
هئي، يعني ته ڏکڻ طرف سمنڊ تائين دلوراءِ جي حڪومت
هئي، ٽيون ته: هن ڳالهه جي ڪن روايتن مطابق، دودو
به درياءُ ٽپي پوءِ دلوراءِ جي بادشاهي ۾ داخل ٿيو
هو. ان وقت مکيه وهڪرو غالباً پُراڻ درياء وارو
هو، جيڪو ٽپي دودو اولهندي طرف دلوراءِ جي بادشاهي
۾ آيو هوندو. ان مان گمان نڪري ٿو ته پراڻ درياء
جي اولهه طرف سڄي سنڌ ۾ الور کان وٺي وچ ۾ دلور، ۽
هيٺ سمنڊ تائين، دلوراء جي بادشاهي هئي. پراڻ
درياء جي اڀرندي طرف، خاص طرح ڏکڻ اولهه سنڌ ۽ ڪڇ
لڳ واري حصي ۾ دودن جي حڪومت هئي يعني ته ڪنهن وقت
سنڌ ۾ ٻه سومرا خاندان حڪمران هئا، جن مان دلوراءِ
وڏو بادشاهه هو.
دلوراءِ جي ظلم جي روايت پهريائين تاريخ طاهري جي
مصنف بيان ڪئي ۽ ان بعت ٻين لکيتن ۾ پڻ مشهور ٿي.
اسان تاريخ طاهري جي مقدمي ۽ حاشين ۾ اها وضاحت
ڪري آيا آهيون ته: تاريخ طاهري جي مصنف مير طاهر
محمد نسياني جا سومرن ۽ سمن بابت معلومات ”تاريخي“
نه هئا، بلڪه ان وقت جي ڪنهن ”عامي“ روايت تي مبني
هئا، جنهن جي پڻ مير طاهر محمد ڇنڊڇاڻ ڪا نه ڪئي.
ازانسواءِ مير طاهر محمد ذاتي طور تي پڻ سومرن ۽
سمن لاءِ منصفانه خيال رکندڙ نه هو، ڇاڪاڻ جو سندس
تعلق، ”سهتن“ سان هو، جيڪي سندس ناناڻا هئا. سهتن
سومرن ۽ سمن جون قبائلي رقابتون آڳاٽي دور کان
وٺي هلنديون پئي آيون. سنڌ جي ٻين وڌيڪ عام مشهور
روايتن مطابق، سواءِ سيف الملوڪ جي قصي جي (جنهن ۾
دلوراءِ جي نيڪنامي ۽ دانائي جا اهڃاڻ ڏنل آهن.
مثلاً دلوراءِ بادشاهه مورڙيي جي قدرداني ڪئي ۽
کيس پاڻ وٽ رهايو ۽ مڇ کي مارڻ لاءِ، سندس واسطي
ڪل جوڙائي، جنهن مان سندس دانائي جي تصديق ٿئي
ٿي. سسئي پنهونءَ جي قصي کي پڻ سگهڙن دلوراءِ جي
دور جو ڪري ڄاڻايو آهي. يعني ته ان وقت دلوراءِ
پنهنجي پيڙهيءَ جو بادشاهه هو ۽ کيس داناءِ ڪوٺيو
ويو آهي:
”دانهه دلوراءِ هو پاڇا پيڙهيءَ تي“.
شروع
واري ان دور ۾ غالباً سومرن جا ٻه حڪمران گهراڻا
ٿيا. هڪ دلوراءِ جي پيڙهي وارا حڪمران ۽ ٻيا دودن
جي پيڙهي وارا حڪمران جن پوءِ گهڻو عرصو حڪمراني
ڪئي.
تبصرو:
دورِ حاضر جي مهان بزرگ مؤرخ ۽ محقق بلوچ صاحب، جن
جيڪو سگهڙن ۽ شاعرن جي پيش ڪيل روايتن جي بناء تي
سومرا قوم جو عرب هجڻ ثابت ڪيو آهي، ان ۾ ڪا به
صداقت ۽ سچائي ڏسڻ ۾ ڪا نه اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته:
جيڪڏهن سومر (وڇڙو، واڇڙو) مڪي معظم جي سرزمين تي،
تولد ٿيو هجي ها ته سندس والدين نالو به، عربي طرز
تي رکن ها! يا وري جيئن اهل عرب پنهنجن ٻاررن تي،
نالا پنهنجن لاڏاڻو ڪري ويل بزرگن جا رکندا آهن.
انهيءَ ڪري سومرا نه ته: حضرت علي رصه جي اولاد
هجڻ جي نسبت سان علوي آهن ۽ نه وري ڪي حضرت امام
حسين رضه جي وياءِ جا حسيين سومرا پڻ آهن. جيڪڏهن
سومرا واقعي سومر جي اولاد هجن ها ته“ پوءِ لازمي
هو ته: سومر جي اولاد کي سومرو نه، پر سومراڻي
سڏيووڃي ها! نه صرف هي، پر اسان کي سومر نالو نج
۽خالص عربي بلڪل نه، سنڌ جي سرزمين جو ڏسڻ ۾اچي
ٿو. جيڪڏهين واقعي سومر جو تخت گاهه وڳهه ڪوٽ ديو
اڏين ها ته: پوءِ ان جو نالو پڻ منصوره بجاءِ وڳهه
ڪوٽ نه هجي ها! ڇو جوسومرن جو وڳهه ڪوٽ دارالخلافه
ته گهڻو بعد جو آهي. سنڌ جون مستند تاريخون پڻ
سومرن جو نسل سومر بجاءِ سومرو جو سڏين ٿيون. سو
به، صحيح نه آهي. ڇاڪاڻ ته: سومرو ڪنهن ماڻهوءَ جو
نالو نه، پر هڪ قومي نالو آهي. سومرن جوسنڌ جو
پهريون حڪمران نالي سومرو نه، پر اهوته قوم جو
سومرو هو. انهيءَ ڪري هي سوال حل طلب ضرور آهي ته:
باقي سومرو خاندان جي پهرئين حڪمران جونالوڇا هو؟
نه صرف هي، پر جيڪي به، سومرن حڪمرانن جانالا
تاريخون بيان ڪن ٿيون، تن کي به مؤرخ ۽ محقق فرضي
نالا قرار ڏين ٿا. هاڻي جيئن ته: سومرا حضرت سمره
بن جندب هوازنيه القريشي نسل جا عرب ثابت ٿي چڪا
آهن، ته پوءِ، سندن اصل عربي نالا به، وڌيڪ ڄاڻ
رکندڙ ڪوصاحب جاکوڙ ڪري، ضرور منظر عام تي آڻيندا.
ڏسون ته: هيءَ سعادت ڪنهن کي ٿي نصيب ٿئي. عرب نسل
جي سومرن جن به عورتن سان لانئون لڌيون هيون سي پڪ
سان سندن هم قوم بني سمره (سومره) جون هونديون ڇو
جو بقول ابن بطوله هو (سومرا) پنهنجي قوم وارن
کانسواءِ ٻئي ڪنهن سان به مائٽي ڪين ڳنڍيندا آهن.
بنو اميه خليفي سليمان بن عبدالملڪ جيڪو سنڌ جي
فتح جي اسلامي لشڪر جي واسطي، پنهنجي اصل عرب
ساڻيهه واپس موٽي نه اچڻ لاءِ، متناعي حڪم جاري
ڪري ڇڏيو هو، سي ضرور پنهنجي ڪڙم قبيلي وارا
هوندا- انهيءَ ڪري لازمي آهي ته: خليفي سليمان
سندن ٻارن ٻچن کي ئي سنڌ موڪلي ڏنوهجي. ڇاڪاڻ ته:
نه هوندي بانس ۽ نه وڄندي بانسري جي مصداق نه
هوندا سندن ٻار ٻچا ۽ نه وري ڪندا هو تانگهه واپس
ورڻ جي. نه صرف هي، پر سنڌ جي فتح جي اسلامي لشڪر
۾ شامل ٿي آيل سومرن پنهنجيءَ هم قوم سومرن جي
عورتن سان شاديون ڪيون جي پڻ سندن سنڌ ۾ اچڻ کان
اڳ ۾ سنڌ جي نهايت خوبصورت شهر جنانيءَ ۾ رهندا
هئا. اسان کي ڀونگر جي اولاد چنيسر، دودو ۽ ٻاگهل
ٻائي (ڀاڳل مائي) ٻڌائي وڃي ٿي، سا سندس ڏاڏي پوٽي
زال (جنهن کي بيواجبي لوهاري زال سڏين ٿا) مان
هوندي. ڇاڪاڻ ته: ڀونگر جي زال جو پيءُ لوهار ڪو
ڪم ڪندڙ هوندو، جو سندس زال کي بيواجبي سگهڙ ۽
شاعر لوهاري زال سڏين ٿا. جڏهن ته: ڪرهء ارض تي ڪا
به قوم هنر ۽ ڪرت جي لحاظ سان به وجود ۾ ڪا نه آئي
آهي.
تنهنڪري اسان کي هن مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿو ته:
محض سگهڙن ۽ شاعرن چنيسر ۽ دودو سومرو ٻن سڳن
ڀائرن جي پاڻ ۾ باهمي دشمني ڏيکارڻ خاطر، هن قسم
جو قصو گهڙي کڻي ڳالهه مان ڳالهڙو بنائي رکي
ڇڏيوآهي، ورنه، ڊکڻ، کٽي، اوسته، مستري ۽ لوهار
وغيره هي سڀ قومون نه، پر هنر ۽ ڪسب آهن. فرض ڪريو
ته: سومري کانسواءِ،ٻئي ڪنهن قوم جو ڪو فرد ڊکاڻڪو
ڪم ڪندڙ هوندو ته: ڇا ان کي ڊکاڻڪي ڪم ڪرڻ جي باعث
سومرو سڏڻ انڪار ڪري سگهجي ٿو؟ هرگز نه، ته پوءِ
جيڪڏهن ڀونگر لوهار سومرو جي ڌيءَ سان شادي ڪئي
ته: هن ۾ ڪهڙي اربعا خطا ٿي پئي جو سندس ڏاڏي پوٽي
زال کي بيواجبي لوهاري زال سڏيو وڃي ٿو؟ انهيءَ
ڪري چنيسر ۽ دودو سومرو کي پڻ هڪ ئي پيءُ ماءُ جا
سڳا ٻه ڀائر سمجهڻ گهرجي، ته هن ۾ ڪو به وڌاءُ نه
ٿيندو.
انهيءَ ڪري، هي به بلڪل غلط سمجهڻ گهرجي ته: چنيسر
سومرو کي جڏهن پڳ ٻڌايائون ٿي ته: هو پنهنجيءَ
ماءُ کان پڳ ٻڌڻ يا نه ٻڌڻ جي واسطي، پڇڻ ويو هو.
ڇاڪاڻ ته: جيڪڏهين واقعي سومرا برادريءَ ۽ راڄ جي
چڱن مڙسن طيش ۾ اچي، چنيسر جي پوئتان دودو سومرو
کي سرداري پڳ ٻڌرائي هجي ها ته پوءِ دودو سومرو
غزنويءَ جي بادشاهه مودود کان پنهنجي ڀاءُ چنيسر
کان حڪومت وٺي ڏيڻ جي لاءِ دانهين ٿي وڃڻ، ڇا
معنيٰ رکي ٿو؟ هن مان صاف ظاهرآهي ته: چنيسر سومرو
پنهنجيءَ ماءُ کان پڳ ٻڌڻ لاءِ به هرگز پڇڻ نه ويو
هو ۽ سرداري پڳ ٻڌي هئائين. پوءِ هن پڪيءَ خاطريءَ
۽ صورتحال جي موجودگيءَ ۾ غيور چنيسر
سومروعلاؤالدين خلجيءَ جي درٻار ۾ وڃي، پنهنجي
ڀاءُ دودوسومرو کان حڪومت وٺي ڏيڻ جي واسطي، دودي
جي ڀيڻ (جا چنيسرجي به ڀيڻ هئي) ٻاگهل ٻائيءَ جي
سڱ ڏيڻ جي لالچ ڏيئي ڪري، سنڌ تي چاڙهي وٺي اچڻ ڇا
معنيٰ رکي ٿو؟ انهيءَ ڪري سمجهڻ گهرجي ته: هيءَ
غيور سومره قوم جي غيرت تي، بيواجبي قصي گو ڀٽن
ڀانن ۽ سگهڙن ۽ شاعرن جي طرفان يلغار سمجهڻ گهرجي
ته: هن ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته: اسان جڏهن
مڙني بيواجبي ۽ فرسوده ۽ بي بنياد حقائق کي آڏو
رکي غور ۽خوض ڪري ڏسون ٿا ته پوءِ دودي ۽ چنيسر جي
قصي ۾ ٻاگهل ٻائيءَ جي علاؤالدين خلجيءَ کي سنڱ
ڏيئي اچڻ جي ڳالهه کي، سچو ثابت ڪرڻ جي واسطي،
سواءِ جڙتو شيريني ۽ چاشني ۽ سسپينس
(Suspense)
هجڻ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي.
|