6.
ربيع الثاني سنه 125 هجريءَ ۾ هشام بن عبدالملڪ
وفات ڪئي ۽ سندس گاديءَ تي وليد بن يزيد عبدالملڪ
ويٺو. جنهن خالد قسريءَ کي عراق جي گورنريءَ تان
معزول ڪري، يوسف بن عمرو کي گورنر مقرر ڪيو. يوسف
ثقفيءَ خالد جي مقرر ڪيلن والين سان بد سلوڪي
اختيار ڪئي. خالد، حڪم بن عوامه جو مربي هو.
هوڏانهن هو عراق جي گورنريءَ کان معزول ٿي ويو، ۽
هيڏانهن ساڳئي وقت حڪم بن عوامه هندن جي هڪڙي لشڪر
سان سنڌ ۾ وڙهندي، شهيد ٿي ويو. حڪم جي ڏينهن ۾
ڪيترائي سنڌي عراق، حجاز ۽ دمشق ۾ وڃي ساڪن ٿيا
هئا، ۽ڪيترائي ملازمت ۽ نوڪرين سانگي عراق ۽ شام
تائين پهتا هئا. وليد ابن يزيد شرابي هو. ايتري
قدر شراب جو شوقين هو، جو هن شراب جو هڪڙو حوض
تيار ڪيو هو.
تبصرو:
وڏي ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه آهي جو مولائي شيدائي
صاحب، حاشيه ۾ حضرت عمر بن عبدالعزيز (جن کي حضرت
عمر رضه بن خطاب سان نسبت ڏيندي) عمر ثاني سڏيندا
آهن، جن جهڙي نيڪ صفت ۽ نيڪ سيرت بنو اميه خليفي
کي پڻ معاف نه ڪندي، معاويه عبدالملڪ، وليد ۽ هشام
کانسواءِ، باقي بنو اميه جي ڏهن خليفن، جن ۾ حضرت
عمر بن عبدالعزيز پڻ اچي وڃن ٿا، بيواجبي شرابي ۽
عياش خليفن ۾ شمار ٿو ڪري، جا هڪ وڏي تاريخي بي
انصافي آهي. تاريخ لکڻ ۾ حد کان وڌيڪ مذهبي جنون
هرگز نه ڏيکارڻ گهرجي. نه صرف هي، پر ساري تاريخ
جنت السنڌ غلط احوال ۽ حوالن سان پڻ ڀري پئي آهي.
ته پوءِ، هن قسم جي تاريخ پڙهڻ مان سنڌين کي ڇا هڙ
حاصل ٿيندو؟.
(1) مولائي شيدائي صاحب، سنڌ جي گورنر حڪم جي پيءُ
جو نالو عوام لکي ٿو جو پڻ غلط آهي. حقيقت ۾ سندس
پيءُ جو نالو عوانه آهي.
(2) مولائي شيدائي صاحب، هي به بلڪل غلط لکيو آهي
ته: سنڌ جو گورنر حڪم محمد بن قاسم جي پٽ عمر کي
پاڻ سان گڏ، سنڌ ۾ وٺي آيو هو.
اسان هن کان اڳ ۾ بقول مهاشيه صاحب، لکي آيا آهيون
ته: جڏهن فاتح سنڌ محمد بن قاسم حجاج بن يوسف جي
تعزيت ڪرڻ جي واسطي عراق روانو ٿي ٿيو ته: هو
پنهنجي پٽ عمر ۽ زال لاڏيءَ کي بني سمره جي پڻ
سندس نهايت قريبي رشتيدار هئا (جيئن اسان هن کان
اڳ ۾ واضح طور ثابت ڪري چڪا آهيون) جي حوالي ڪري
ويو هو. نه صرف مهاشيه صاحب جي لکڻ مطابق، پر الوحيد
اخبار جي پيش ڪيل عبارت جي مطابق، محمد بن قاسم
پنهنجي پٽ عمر ۽ زال کي سنڌ ۾ ڇڏي هليو ويو هو، ته
پوءِ، مولائي شيدائي صاحب جي هن تحرير کي ڪيئن
قبول ڪري سگهجي ٿو ته: حڪم سنڌ جو گورنر عمر بن
محمد بن قاسم کي عراق مان پاڻ سان گڏ، سنڌ وٺي آيو
هو. جيڪڏهين واقعي محمد بن قاسم جو پٽ عمر عراق ۾
موجود هجي ها ته: پوءِ بنو اميه خليفو سليمان بن
عبدالملڪ ان کي به، پنهنجي پيءُ سان گڏ، بلڪل قتل
ڪرائي ڇڏي ها!
خليفي بنو اميه هشام بن عبدالملڪ جي وفات کانپوءِ،
سندس جاءِ تي يزيد بن عبدالملڪ خليفو ٿيو هو، جڏهن
ته، انهيءَ حقيقت جي برعڪس، مولائي شيدائي صاحب،
لکي ٿو ته: وليد بن يزيد عبدالملڪ تخت تي ويٺو، جو
بلڪل غلط آهي.
(3) مولائي شيدائي صاحب، عمر بن محمد بن قاسم جي
وفات کانپوءِ، مقرر ڪيل سنڌ جي گورنر منصوربن
جمهور بابت لکي ٿو ته:
باغي
منصور بن جمهور: زيد بن عرار ۽ مروان بن حڪم جي
ڏينهن ۾ منصور بن جمهور هڪڙي باغيءَ سنڌ ۾ پناهه
ورتي، هو زيد بن عرار جو مائٽ هو. عراق مان شڪست
(کائڻ) کانپوءِ، هو سدو سان پهتو، جتان ٻيڙيون
جوڙائي، لشڪر گڏ ڪري، مهراڻ رستي هن منصوره تي
گهيرو ڪيو ۽ صنه 132 هجريءَ ۾ زيد بن عرار کي
مارائي، سنڌ تي قبضو ڪيو، ۽ پنهنجي ڀاءُ منظور کي
قندابيل ۽ ديبل مٿان حاڪم مقرري ڪري، بي فڪريءَ
سان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو. هي پويون بنو اميه هو.
موسي بن ڪعب
شاهي
فوج جي شڪست ۽ مفلس جي مارجي وڃڻ جي ڪري، ابو مسلم
سخت غصي ٿيو. هن سفاح کي اجازت لاءِ لکيو ۽ پوءِ،
هڪڙي ٻئي تجربيڪار عملدار موسيٰ بن ڪعب تميميءَ کي
سنڌ ڏانهن چاڙهي مڪو، جو ويهن هزارن فوجن سان
قنڌاربيل پهتو، سندس قبيلي وارا جيڪي منصوره ۾
رهندڙ هئا، تن سان اڳواٽ خط و ڪتابت ڪري گهڻن کي
پنهنجي طرف ڪيائين، ۽ پوءِ منصوره تي ڪاهي ويو.
منصور هاڻ اڪيلو ٿي پيو، جنهن ڪري شڪست کائي
راجپوتانا ڏانهن ڀڄي ويو، ۽ وري سندس پتو نه پيو،
سندس اهل و عيال جهازن تي چڙهي گجرات ڏانهن هليا
ويا. سنه 134 هجريءَ ۾ موسيٰ بن ڪعب سڄيءَ سنڌ تي
قبضو ڪيو.
مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته: منصور بن جمهور هڪ
باغي هو، جنهن سنڌ ۾ اچي، سنڌ جي تخت گاهه منصوره
تي قبضو ڪيو، جو پڻ بلڪل غلط اهي. ڇاڪاڻ ته:
جيڪڏهين منصور باغي هجي ها ته: هو ملڪ سنڌ ۾
اسلامي لشڪر جي موجودگيءَ ۾ عرب حڪومت تي قبضو نه
ڪري سگهي ها! انهيءَ ڪري منصور سنه 126 هجريءَ ۾
عمر بن محمد بن قاسم جي فوت ٿي وڃڻ بعد، خليفي
بني اميه جي طرفان عمر جي جاءِ تي، سنڌ جو گورنر
ٿي آيو هو ۽ آخر تائين، بني اميه دور خلافت ۾ سنڌ
جو گورنر ٿي رهيو.
جڏهن عباسيه خلافت بني اميه جي جاءِ تي، قائم ٿي
ته: سنڌ جي واليءَ منصور عباسي خليفي جي بعيت ڪرڻ
کان، صاف انڪار ڪري، خود مختيار ٿي حڪومت ڪرڻ لڳو.
جنهن عباسيه خلافت طرفان سنڌ جو گورنر عبدالرحمان
نالي هڪ سردار ٿي آيو. منصور ساڻس سخت جنگ ڪئي، جو
عبدالرحمان قتل ٿي ويو. انهيءَ ڪري عباسين سنڌ جي
گورنر عبدالرحمان جي جاءِ تي، موسيٰ بن ڪعب
تميميءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري موڪليو. منصور ۽
سندس ڀاءُ منظور ساڻس سخت جنگ ڪئي، آخرڪار ٻيئي
ڀائر جنگ جي ميدان ۾ قتل ٿي ويا. هوڏانهن مولائي
شيدائي صاحب لکي ٿو ته: منصور ڀڄي ويو ۽ سندس ڪا
خبر ڪا نه پيئي ته، هو ڪيڏانهن ڀڄي هليو ويو هو.
جنهن ڪري موسيٰ تميميءَ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو، جو
پڻ هي بلڪل ڪوڙ آهي. ڇاڪاڻ ته: منصور ۽ منظور ٻنهي
ڀائرن جي سنه 134 هجريءَ ۾ قتل ٿي وڃڻ بعد، بني
سمره (سومرن) منصور جي حوالي ڪيل سنڌ جي حڪومت تي،
پنهنجي سومري سردار کي سنڌ جي تخت گاهه منصوره تي
ويهاريو، جنهنڪري نه صرف عرب قبيلن جي سنڌ جي فتح
جي اسلامي لشڪر جي غازي مجاهدن ( جي پڻ هميشه جي
لاءِ، سنڌ ۾ سڪونت پذير ٿي چڪا هئا). پر سنڌ جي
هندو راجائن پڻ سومرن سردارن جي بعيت ڪري ورتي
هئي. هيءَ صورت حال ڏسي، عباسيه خليفي جي طرفان
مقرر ڪيل سنڌ جي گورنر موسيٰ بن ڪعب تميميءَ
پنهنجي ڀلائي سومرن سان جنگ نه ڪرڻ ۾ سمجهي.
جنهنڪري ملڪ سنڌ جي عرب حڪومت ٻن حصن ۾ ورهائجي
ويئي. هڪ عباسيه حڪومت جا اچ ۽ ملتان تي مشتمل
هئي، جنهن جو تخت گاهه ملتان هو ۽ ٻئي هئي سومره
حڪومت، جنهن جو دارالخلافه منصوره هو. جنهن تي،
سومره قوم جو سردار نهايت شان و شوڪت سان بي خوف و
خطر، بنا ڪنهن جيءَ ماتحتيءَ جي حڪومت ڪرڻ لڳو.
اسان کي ان کان علاوه سنڌ ۾ عباسيه حڪومت سنه 134
هجريءَ ۾ قائم ٿيڻ جي پڻ پڪي ثابتي شيخ ابو تراب
عرف حاجي ترابيءَ جي مزار جي گنبذ تي، تعمير جي
تاريخ سنه 171 هجريءَ لکيل مان ملي ٿي. جنهن مان
معلوم ٿئي ٿو ته: سنه 171 هجريءَ تائين، بني
عباسيه حڪمرانن جو ساريءَ سنڌ تي قبضو بلڪل نه هو.
اسان هاڻ سنڌ جي بني سمره (سومره) هوازنيه القريشي
دور حڪومت تي، مختلف تاريخ جي مصنفن جا بيان ۽
رايا پڻ پيش ڪرڻ چاهيون ٿا، جن ۾ به، هو هڪ ٻئي
سان مختلف راءِ رکندي، ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اچو ڏسون ته:
اهو وري ڪيئن؟
(1) مسٽر رائچند هريجن راٺوڙ صاحب لکن ٿا ته:
سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت بابت جدا جدا تاريخن نرالا
نرالا بيان لکيا آهن: ”تحفته الڪرام“ ۾ سومرن بابت
ٻن ٽن آکاڻين کانسواءِ وڌيڪ ٻيو ڪو به بيان ڏنل ڪو
نه آهي. ”تاريخ معصومي“ ۾ سومرن جي حڪومت بابت
ڪجهه تفصيل ڏنل آهي.“ ”آئين اڪبري“ ۾ سومرن جي 36
سردارن جا نالا ڏنل آهن، جن پنج سؤ ورهيه سنڌ تي
حڪومت ڪئي.
”منتخب التواريخ“ ۾ لکيل آهي ته: سومرن جي 19
سردارن، سنه 1053ع کان سنه 1400ع تائين 350 ورهيه
حڪومت ڪئي. ”تاريخ فرشته“ لکي ٿو ته: سومرن فقط هڪ
سؤ ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي ته: تحفته الڪرام لکي
ٿو ته: سومرن 505 ورهيه 1351ع تائين حڪومت ڪئي.
”تاريخ طاهري“ ۾ چيل آهي ته: سومرن سنه 1300ع کان
1430ع تائين حڪومت ڪئي ته ”تاريخ معصومي“ ۾ ڄاڻايل
آهي ته: سومرن جي حڪومت شروع ئي 1320ع کان ٿي.
تحفته الڪرام وارو سومرن کي سنڌ جو خود مختيار
حاڪم نٿو لکي پر چوي ٿو ته ٻه سؤ ورهين تائين
سومرا غزنوي ۽ غوري وغيره دهليءَ جي شهنشاهن جي ڍل
ڀرو هئا، ۽ سنه 1320ع ۾ پنهنجو اڳوان (اڳواڻ) مقرر
ڪيائون، مگر ”منتخب التواريخ“ جو مصنف چوي ٿو ته:
سومرن پنهنجو اڳواڻ 1053ع ۾ مقرر ڪيو. سومرن جي
حڪومت جي عرصي بابت ڌار ڌار تاريخن ۾ اختلاف آهن.
سومرن جي حڪومت جو پهريون دؤر ڏهين عيسويءَ صديءَ
کان شروع ٿئي ٿو. تڏهين انهن جي حڪومت ٿر ۽ ان سان
لاڳيتو حصن تي هئي. سوڍن جي اچڻ وقت به اتي سومرن
جي حڪومت هئي. پوءِ سوڍن جڏهين سومرن کان 1226ع ۾
عمر ڪوٽ ورتو، تڏهين به انهن جي حڪومت ڪو ختم ڪو
نه ٿي ويئي. انهن وري ڏکڻ ۾ وڳهه ڪوٽ ۽ روپاهه
ماڙي
۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ نيٺ ٺٽو تخت گاهه
ڪيائون. انهن کي 1351ع ۾ سمن پنهنجي سردار ڄام انڙ
جي هٿ هيٺ، ٺٽي مان لوڌي ڪڍيو پوءِ چئن سالن ڀٽڪڻ
بعد عمر سومري وري 1355ع ۾ عمر ڪوٽ جي حڪومت سوڍن
کان هٿ ڪئي. جتي ٽي سومرا حاڪم ٿيا. پڇاڙيءَ ۾
همير سومري کان وري راڻي همير سوڍي 1439ع ۾ عمر
ڪوٽ هٿ ڪيو ۽ سومرن جي حڪومت صفا ختم ٿي وئي.
”آئين اڪبري“ ۾ 36 سومرن حاڪمن جا نالا آهن ۽
حڪومت جو عرصو پنج سؤ سال ڏيکاريل آهي شايد اڳين ۽
پوئين سڀني سومرن جي حڪومت جو عرصو ۽ نالا ڄاڻايل
آهن. ڏهين صديءَ کان وٺي پندرهين صديءَ جي اڌ
تائين 500 سؤ کن سال به ٿين ٿا ”تحفته الڪرام“
وارو به شايد سڀني جو عرصو شمار ڪري ٿو. پويان
تاريخ لکندڙ مٿين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ،
ويا آهن. انهن تاريخن جو نقل ڪندا، جنهن ڪري
تاريخي حوالن ۾ البت هڪ ٻئي جي برخلاف حقيقتون ٿي
پيئون آهن.
(2) ”تحفته الڪرام“ جي حاشيه نويس مخدوم امير احمد
صاحب، سومرن جي دؤر حڪومت تي، جا اختلافي سببن تي
روشني وڌي آهي. ساهت پيش ڪريون ٿا:
سومرن جو راڄ ڪڏهن کان شروع ٿئي ٿو، تنهن ۾ پڻ
تاريخ نويس مختلف آهن: مير معصوم، سومرن جي حڪومت
جو آغاز سلطان عبدالرشيد (441- 444هه) جي ڏينهن
کان مڃي ٿو، ۽ تحفته الڪرام جو مصنف مير علي شير
قانع سومرن جي باقاعدي حڪومت غازي ملڪ عرف سلطان
غياث الدين تغلق شاهه (720- 725هه) جي ڏينهن کان
شروع ڪري ٿو، پر ساڳئي وقت سندن حڪومت جو جملي
عرصو پنج سؤ پنج ورهيه ٻڌائي ٿو، تاريخ طاهريءَ
جومصنف مير طاهر نسياني سومرن جي حڪومت جو عرصو ڪل
143 سال ٻڌائي ٿو. اسان جي خيال ۾ سومرن جي حڪومت
جي ابتدا متعلق ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جو چوڻ
نهايت صحيح ۽ موزون آهن: هو صاحب تاريخ معصوميءَ
جي تعليقات ( ص 286- 287) ۾: سومرن جي حڪومت جي
ابتدا خليفي متوڪل عباسيءَ جي وفات (247 هه) کان
شروع ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته: انهيءَ خليفي جي وفات کان
پوءِ، عباسي حڪومت جو زوال شروع ٿئي ٿو: تنهنڪري
اها بعيد ڳالهه ڪا نه آهي، جيڪڏهن سومرن عباسي
خليفن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، پنهنجي خود
مختياريءَ جو بنياد رکيو هجي ۽ آهستي آهستي زور
وٺي سنڌ جو لاڙ وارو ڀاڱو ڦٻائي ويا هجن.
سومرن
حاڪمن جو تعداد ۽ هر هڪ جي حڪومت جو عرصو پڻ اهڙي
ڳجهارت آهي، جنهن جي حل ۾ سنڌ جا تاريخدان ڏاڍا
منجهيل ۽ سرگردان آهن. ابو الفضل ”آئين اڪبري“ (ص
559) ۾ چوي ٿو ته: سومرا حاڪم جملي 36 ٿي گذريا
آهن، ۽ سندن بادشاهي پنج سؤ ورهيه هلي، مير معصوم
فقط نَوَ نالا لکي خاموش ٿي ويو آهي. تحفته الڪرام
اوڻيهن حاڪمن جا نالا ڏنا آهن. هوڏانهن وري مولوي
عبيدالله ”شائق“ سومرن جي وڏن جي شجرن ۽ مولوي
عبدالرحيم سومري جي جوڙيل تاريخ ”گلزاز سنڌ منظوم“
تان هڪ ننڍڙو ڪتابڙو ”دولت علويـﮧ“ (يا سومرن جي
حڪومت) نالي ٺاهي شايع ڪيو آهي. تنهن ۾ ايڪيهه
نالا ڏنل آهن. مگر تاريخي حيثيت سان ڏسبو ته: سڀني
ويهي ڌڪا هنيا آهن.
(3)
”تحفته الڪرام“ جو مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي
صاحب لکي ٿو ته: هن قوم جي حڪومت جي ابتدا، انتها
۽ سندن نالن جو تعداد ٻيءَ طرح پڻ بيان ٿيل آهي.
جيئن ته: .منتخت التواريخ“ ۾ لکيل آهي ته: جڏهن
سلطان محمود غازيءَ جو فرزند سلطان عبدالرشيد تخت
تي ويٺو، تڏهن هن جي سادگيءَ ۽ ڪم عقليءَ جو فائدو
وٺي، سنڌ جي ماڻهن سرڪشي ۽ بغاوت شروع ڪري ڏني ۽
سنه 445 هه ۾، سومرا قوم جي ماڻهن ٿرڙيءَ ۾ لشڪر
گڏ ڪري، ”سومري“ نالي هڪ شخص کي گاديءَ تي وهاريو.
سومرو گهڻو وقت خود مختيار رهيو. ۽ آخر ”صاد“ نالي
هڪ زميندار جي ڌيءَ مان ”ڀونگر“ نالي هڪ پٽ وليعهد
ڇڏي، گذاري ويو. ڀونگر بن سومره پندرهن سال مرادون
ماڻي، سنه 461 هه ۾ عالم بقا ڏانهن روانو ٿيو.
انهيءَ کانپوءِ، ”دودو“ بن ڀونگر چوويهه سال راڄ
ڪري، سنه 485هه ۾ گذاري ويو. تنهن کان پوءِ،
سنگهار پندرهن سال، انهيءَ کانپوءِ، خفيف ڇٽيهه
سال، تنهن کانپوءِ عمر چاليهه سال، انهيءَ کان
پوءِ ”دودو، ٿاني“ چوڏهن سال، انهيءَ کانپوءِ،
”پهٽو“ (ڦتو) ٽيٽيهه سال، انهيءَ کانپوءِ، کهينرو“
سورهن سال، پوءِ محمد طور پندرهن سال، پوءِ
”کهينرو“ (گنرو) ڪجهه سال، تنهن کانپوءِ، ”دودو،
ثالث“ چوڏهن سال، تنهن کانپوءِ ”طائي“ چوويهه سال،
انهيءَ کانپوءِ ”چنيسر“ ارڙهن سال، انهيءَ کان
پوءِ، ”ڀونگر- ثاني“ پندرهن سال، تنهن کانپوءِ،
خفيف ثاني ارڙهن سال، تنهن کانپوءِ ”دودو- رابع“
پنجويهه سال. انهيءَ کانپوءِ، ”عمر ثاني“ پنجٽيهه
سال، انهيءَ کانپوءِ، ”ڀونگر ثالث“ ڏهه سال، تنهن
کانپوءِ ”همير“ (هڪ ٻئي جي پويان) حڪومت جون واڳون
وٺندا رهيا. هيءُ (همير) جنهن صورت ۾ ظالم هو.
تنهن ڪري سما قوم کيس تخت تان لاهي ڇڏيو.
(4) ”توضيحات معصومي“ جو مصنف ڊاڪٽر عمر بن محمد
دائود پوٽه صاحب لکن ٿا ته:
مير معصوم سومرن جي حڪومت جو بنياد سلطان
عبدالرشيد جي ڏينهن (441- 444 هه) ۾ رکيو آهي. پر
منهنجي خيال ۾ هن انهيءَ نظريه ۾ غلطي ڪئي آهي.
ساڳيءَ طرح ايليٽ ۽هيگ، جن سومرن جي مخالفت بابت
پنهنجي بحث جو بنياد انهيءَ نظريي تي رکيو آهي.
سنه 416 هه ۾ جڏهن سلطان محمود سومناٿ کي لٽي، ڪڇ
جو رڻ ٽپي منصوري پهتو، جيئن هن کان اڳ ۾ بيان ٿي
چڪو آهي. تڏهن منصوري جو حاڪم (بلڪه منهنجي نگاهه
۾ سنڌ جي سڄي لاڙ واري ڀاڱي جو حاڪم) خفيف نالي هڪ
شخص هو ۽ جيئن ته هي شخص سومرن حاڪمن جي نالن ۾
ڳڻيل آهي، تنهنڪري سندس زمانو ”سومره“ جنهن کي
پهريون حاڪم ڳڻيو اٿن، جي وقت کان گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه
سال اڳ ۾ هو. ڇاڪاڻ ته: ”تحفته الڪرام“ (ورق 8 ب)
موجب سومرن سن 445 هه ۾ ٿرڙي جي آس پاس گڏ ٿي،
”سومره“ نالي هڪ شخص کي حڪومت جي گاديءَ تي
ويهاريو جيڪڏهن ابوالفضل جي قول تي (آئين اڪبري ص
559 (286) ته ”سومرا 36 حاڪم هئا ۽
500
سؤ ورهيه حڪومت ڪيائون“.
اعتبار ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته: تحفته الڪرام جي
جوڙيندڙ جي قول (ورق 8 الف) موجب هن قوم جي حڪومت
سنه 752هه ۾ پوري ٿي.
(5) تاريخ جنت السنڌ“ جو مصنف رحيمداد خان مولائي
شيدائي صاحب لکي ٿو ته:
”تحفته الڪرام“ ۽ تاريخ معصومي جي مصنفن سومرا
خاندان جي حاڪمن جون جيڪي فهرستون ڏنيون آهن، جي
غير مڪمل آهن، ”منتخب التواريخ“ جي مصنف محمد يوسف
جي فهرست جيڪا ”عجائب الاسفار“ جلد 2، باب پهرئين،
۾ ڏنل آهي، اها ”تاريخ طاهري“ تحفته الڪرام“
”تاريخ معصومي“ ۽ ”آئين اڪبريءَ“ کان گهڻو بهتر
آهي. مٿين تاريخن جا بيان ايتري قدر هڪ ٻئي جي
مخالف آهن، جو صحيح بيان ڏيڻ مشڪل ڪم آهي. ايترو
چئي سگهبو ته: سومرا خاندان سنه 1051ع کان سنه
1351ع تائين ٽي سؤ ورهيه حڪومت ڪئي. ڇاڪاڻ ته:
جڏهن سلطان محمد تغلق سنه 1351ع ۾ ساموئي پهتو هو،
ان وقت اتي سومرن جي حڪومت هئي، ۽ وري سنه 1462ع ۾
جڏهن فيروز شاهه تغلق ساموئي پهتو هو، ان وقت اتي
سمي ڄام بابينيه جو راڄ هو.
(6) رچرڊ برٽن صاحب لکي ٿو ته:
غزنويءَ جي پوين حاڪمن جي ڏينهن ۾، هڪڙي گمنام نسل
جي قوم، جيڪا ”مرد مان سومره“ سڏبي هئي ۽جن بارسوخ
زميندارن جي حيثيت ۾ گهڻي وقت کان وٺي، ملڪ جي
ڪيترن حصن تي، پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو، ايترو زور
ورتو جو خود مختياريءَ جو اعلان ڪري، پنهنجي اباڻي
ملڪ جي موروثي حڪومت تي قبضو ڪيائون. جڏهين محمود
جي پوين (1186ع ۾) افغان حڪمران، غورين جي اڳيان
سر جهڪايو، تڏهين به هنن (سومرن) پنهنجو اقتدار
برقرار رکيو. سندن گهراڻي ۾ ويهه حاڪم ٿيا. هنن ڪڇ
تي پڻ قبضو ڪيو، ۽اٽڪل 260 ورهين جي عرصي تائين
حڪومت ڪيائون.
ماحاصل:
اسان جڏهين سنڌ جي سومرا دور حڪومت تي، مٿي پيش
ڪيل عبارتن تي غور ۽ خوض ڪري ڏسون ٿا ته: سڀني
ويهي ڌڪا هنيان آهن. ڇاڪاڻ ته: هو نه ته سومرن
حڪمرانن جي نالن ۽ تعداد ۽ نه وري ڪي سنڌ ۾ قائم
ڪيل حڪومت جي سال ۽ عرصي تي پاڻ ۾ متفق راءِ ڏسڻ ۾
اچن ٿا. بنو اميه خاندان تي زوال اچڻ کانپوءِ،
عباسيه جي دورِ خلافت جي شروعات 12 ربيع الثاني
سنه 132 هه مطابق 25 ڊسمبر 749ع کان پهرين خليفي
ابو العباس سفاح سان ٿي (جنت السنڌ صفحه 121).
انهيءَ وچ ۾ بنو اميه خليفي جي طرفان مقرر ڪيل سنڌ
جي گورنر
منصور بن جمهور پنهنجيءَ خود مختياريءَ جو اعلان
ڪري عباسي خليفي جي بعيت ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري
ڇڏيو. عباسي خليفي طرفان عبدالرحمان نالي هڪ سردار
سنڌ جو گورنر ٿي آيو ته: سنڌ جي بنو اميه گورنر
منصور بن جمهور ساڻس جنگ ڪئي. جنهن ۾ عبدالرحمان
قتل ٿي ويو. عبدالرحمان جي قتل ٿي وڃڻ کانپوءِ،
سندس جاءِ تي، موسيٰ بن ڪعب تميمي سنڌ جو گورنر ٿي
آيو ته: منصور ۽ سندس ڀاءُ منظور ان سان جنگ ڪئي،
جنهن ۾ ٻيئي ڀائر قتل ٿي ويا. انهيءَ ڪري سومرن
سنه 134 هجريءَ ۾ سومره قوم جي ماڻهن پنهنجي سردار
کي سنڌ جي تخت گاهه منصوره تي ويهاريو. جنهن جي
بيعيت ساريءَ سنڌ جي راجا خواهه پرجا ڪئي.
هيءَ صورتحال ڏسي، سنڌ جي عباسي گورنر موسيٰ سومرن
سان مهاڏي نه اٽڪائڻ ۾ پنهنجي ڀلائي سمجهي، جنهن
ڪري سنڌ جي حڪومت ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي، هڪ
عباسيه حڪومت جا اُچ شريف ۽ ملتان تي مشتمل هئي،
جنهن جو تخت گاهه ملتان هو. ٻئي سومره حڪومت جنهن
جو تخت گاهه منصوره هو. مگر عباسي خليفن پنهنجيءَ
خلافت ختم ٿيڻ جي عرصي تائين، سنڌ جي سومره حڪومت
تي ڪو به حملو ڪو نه ڪيو.
مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته: خليفي هارون الرشيد
جي والدين مان هڪڙو شيخ ابو تراب هو، جو الهندي
سنڌ جي ساقوره (ساڪره) ضلعي تي قابض هو. سندس
مقبرو ٺٽي کان اٺن ميلن تي، اڄ به وڏي زيارت گاهه
آهي، جنهن تي سنه وفات 171 هه لکيل آهي. هي مقبرو
سنڌ ۾ هڪ جهوني يادگار عمارت آهي. (جنت السنڌ ص
129).
اسان هن کان اڳ ۾ واضح طور ثابت ڪري چڪا آهيون ته:
شيخ ابو تراب عباسين جو گورنر نه، پر هي ته خود
سومرن جا سردار هئا. ڇاڪاڻ ته: تحفته الڪرام جي
حاشيه نويس عباسي گورنر جي هڪ فهرست شايع ڪئي آهي،
انهن ۾ هي نالو نٿو ملي.
شيخ ابو تراب جي گنبذ تي سنه وفات 171 هه لکيل
آهي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته: سنه 171 هه تائين،
هي علائقا بني عباسيه حڪمرانن جي قبضي ۾ نه هئا.
”توضيحات معصوميءَ“ جي عبارت صفحي 321 جي مطابق،
سنه 416 هجريءَ ۾ سنڌ جي تخت گاهه منصوره جي حاڪم
خفيف سومرو هجڻ مان به، صاف ظاهر آهي ته: سومرا
سنه 134 هه کان سنه 416 هجريءَ تائين، بدستور سنڌ
جي تخت گاهه منصوره جا حڪمران آهن.
ان کان علاوه اسان کي، دائود پوٽه صاحب ”توضيحات
معصوميءَ“ جي عبارت صفحي 321 ۾ ٽن ڳالهين جي پڻ
تصديق ڪرائين ٿا: (اسان هن کان اڳ ۾ هيءَ مڪمل
عبارت پڻ پيش ڪري چڪا آهيون لکن ٿا ته:
(1)
هن (ڳالهه) کان قطع نظر سان به، سلطان محمود ۽
سندس جائنشين جي هٿان سنڌ جي فتح ثابت ناهي.
(2)
قومي احتمال آهي ته: مٿيون خفيف سومرن حاڪمن مان
هڪڙو هجي.
(3)
جيڪڏهن سنڌ جو ملڪ محمود جي هٿ هيٺ هجي ها ۽ اتي
جي حاڪمن هن جي تابعداري قبول ڪئي هجي ها ته: خفيف
سومرو سندس اڳيان ڀڄي نه وڃي ها!
انهيءَ ڪري، مؤرخن جي ڏيکاريل هن خيال جي پڻ نفي
ٿي وڃي ٿي:
(1)
سومرا خليفي متوڪل عباسيءَ جي وفات کانپوءِ سنه
247 هه ۾ سنڌ جا حڪمران ٿيا هئا.
(2)
سومرا سلطان عبدالرشيد جي ڏينهن ۾ سنه 441- 444 هه
۾ سنڌ جا حڪمران ٿيا هئا.
(3)
سومرا غازي ملڪ عرف سلطان غياث الدين تغلق شاهه جي
ڏينهن ۾ سنه 720- 725 هه ۾ سنڌ جا حاڪم ٿيا هئا.
(4)
مسٽر رچرڊ برٽن سومرن جا 20 حاڪم ۽ ڪيل حڪومت جو
عرصو 260 ورهيه لکي ٿو.
سومرا محمود جي پوين سنه 1186ع ۾ افغان حڪمران
غورين جي اڳيان سر جهڪائڻ جي وقت سنڌ جا حاڪم ٿيا
هئا. انهيءَ ڪري، اسان کي هن مان هيءَ به پڪي
خاطري ۽ تصديق ٿئي ٿي ته:
(1)
سومرا حڪمران اول کان آخر تائين، خود مختيار هئا.
(2)
سومرا حڪمران ڪنهن جا به ڍل ڀرو نه هئا.
(3)
سومرا حڪمران ڪنهن جي به ماتحت نه هئا.
(4)
سومرا حڪمران ڪنهن جي طرفان به، سنڌ جي نظم و نسق
نه هلائيندا هئا.
انهيءَ ڪري سمجهڻ گهرجي ته: سومرن حڪمرانن جو
سونهاري سنڌ تي راڄ سنه 134هه کان سنه 844 هه
تائين، سومرن جي آخري حڪمران همير سومرو تائين
دائم ۽ قائم رهيو، جي حساب سان سومرن سردارن سنڌ
تي حڪومت اول کان آخر تائين، خود مختياريءَ سان
710 ورهيه ڪئي آهي.
|