بهرحال تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ، پنجن سالن اندر
يعني سنه 700هه/1300ع سلطان علاؤالدين، بنگال،
دکن، گجرات ۽ سنڌ تائين سڄو ملڪ مطيع ڪيو. پنهنجي
حڪومت جي آخري دور ۾ (يعني سنه 717هه/1317ع ۾ يا
ان کان اڳ، ملتان، اچ ۽ سنڌ جي حڪمراني غازي ملڪ
جي حوالي ڪيائين.
مٿين حوالن مان ظاهر آهي ته:
سلطان علاؤالدين جي لشڪر سنه 696هه ۾ پهريون ڀيرو
ملتان ۽ سنڌ تي چڙهائي ڪئي ۽ سنه 700هه ۾ سنڌ سميت
سڄي ملڪ تي قبضو ڪيو ويو. انهيءَ لحاظ سان وڌ ۾ وڌ
696-700هه/1296-1300ع وارو دور ئي شاهي لشڪر جي
حملن وارو دور هو. انهيءَ دور ۾، سنڌ ۾ ڪهڙا سومرا
حڪمران هئا، ان بابت يقيني طور ڪجهه چئي نٿو
سگهجي. تحفته الڪرام ۾ ڄاڻايل آهي ته طائي نالي
سومري حاڪم سنه 682هه ۾ وفات ڪئي ۽ چنيسر نالي
حاڪم سنه 700هه ۾ وفات ڪئي: يعني ته 682هه کان
700هه تائين چنيسر حڪمران هو، پر اهڙو گمان پڻ
دودي، چنيسر جي ڳالهه جي ٽاڻن جي برعڪس آهي.
تاريخ معصومي ۾ الغ خان جي سنڌ تي
چڙهائي بابت هڪ بيان هن طرح ڏنل آهي ته: ڄام جونہ
(جُوڻو) سمو خود مختيار ٿي حڪومت ڪرڻ لڳو جنهن تي
سلطان علاؤالدين پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي ملتان جو
حاڪم مقرر ڪيو. الغ خان پوءِ ملڪ تاج ڪافوري تاتار
خان کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو، پر انهن جي پهچڻ کان
اڳ ڄام جونہ گذاري ويو. بادشاهي لشڪر پهريائين اچي
بکر تي قبضو ڪيو ۽ اتان پوءِ سيوستان (سيوهڻ) تي
چڙهائي ڪئي. ڄام تماچي پٽ انڙ جو، جيڪو پوءِ تخت
تي ويٺو هو، تنهن کي هو قيد ڪري دهلي وٺي ويا.
تاريخ معصومي جو هيءُ بيان
جيتوڻيڪ سلطان علاؤالدين جي دور بابت آهي، مگر
سومرن حڪمرانن بدران سمن حاڪمن سان تعلق رکي ٿو.
ٻئي لحاظ سان پڻ هيءُ بيان منڌل آهي، ڇاڪاڻ جو
وڌيڪ معتبر تاريخي حوالن سان ثابت آهي ته ڄام انڙ
سلطان علاؤالدين کان گهڻو پوءِ سلطان محمد بن تغلق
واري دور (اندازاً 734، 750هه/1313-1349ع ۾ خود
مختيار ٿيو هو. ڄام جوڻو (جونہ) غالباً سندس ننڍو
ڀاءُ هو جيڪو پوءِ سلطان فيروز شاهه جي آڻ مڃي سنڌ
جو حڪمران ٿيو ۽ سلطان فيروز شاهه، ڄام انڙ جي ٻن
پٽن، ڄام ٻانڀڻيي ۽ ڄام تماچي کي پاڻ سان دهلي وٺي
ويو. گمان غالب آهي ته: سومرن جي آخري حڪمران همير
جي پيءُ دودي جي وقت ۾ (يعني سلطان علاؤالدين جي
حڪومت واري دور ۾) خود مختياري تان سنڌ جي سومرن
حڪمرانن ۽ دهلي جي خلجي سلطانن جي وچ ۾ جيڪا ڪشمڪش
شروع ٿي سا پوءِ ويندي سمن حڪمرانن ۽ تغلق گهراڻي
جي بادشاهن جي دور تائين هلندي آئي. تاريخ معصومي
جي مٿئين بيان ۾ هن ڪشمڪش جي ٻنهي دورن کي (غلطيءَ
کان) ڳنڍيو ويو آهي. غالباً سومري حاڪم دودي خود
مختيار ٿي حڪومت ڪرڻ چاهي: جنهنڪري سلطان
علاؤالدين جي سپہ سالارن سنڌ تي چڙهائي ڪئي. دودي
کان پوءِ، سندس پٽ همير (سومرن جو آخري حاڪم) دهلي
جي سلطانن جو مطيع ٿيو ۽ سندن مدد جي سهاري سان
حڪومت ڪرڻ لڳو. انهيءَ تان سومرا توڙي سما سربراهه
سندس مخالف ٿيا ۽ هنن ڄام انڙ جي اڳواڻي هيٺ هڪ
جدا خود مختيار حڪومت قائم ڪئي جنهن تي سلطان محمد
بن تغلق سومرن ۽ سمن تي چڙهائي ڪئي.
علاؤالدين غوري جي حملي جو امڪان
”عالادين“ جي نالي سان ٻيو گمان
اهو ٿي سگهي ٿو ته: سلطان علاؤالدين غوري جيڪو
”علاؤالدين جهان سوز، جي لقب سان ٿي گذريو، تنهن
سنڌ جي سومرن تي چڙهائي ڪئي هجي. ٽن اهڃاڻن مان ڄڻ
انهيءَ گمان جي پٺڀرائي ٿئي ٿي: پهريون ته: ”غور“
جو جابلو علائقو موجوده افغانستان ۾ غزني ۽ هرات
جي وچ تي آهي ۽ انهيءَ ڪري غورين جي لشڪر کي هرات
جو لشڪر پڻ سڏي سگهجي ٿو. دودي – چنيسر جي ڳالهه
جي هڪ روايت ۾ عالادين جي لشڪر کي ”هراتي لشڪر“
سڏيو ويو آهي:
”سکر، بکر، روهڙي، آئون لکم ڪوٽ
چون.
هڪل هيرائن جي پوي، اتي واڳون وات
وجهن“
يعني ته لشڪر سکر بکر تائين پکڙيل
هو ۽ هراتين (هرات وارن) جي حملي جي هڪل ٿي پئي.
ٻيو ته: ”غور“ واري ملڪ (۽ سڄي افغانستان) جو
آڳاٽو نالو ”خراسان“ آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان اتان
جي لشڪر کي خراساني لشڪر سڏيو ويو آهي.
”کيرون خرسانن جون، ام ڇريون آهن
”سور“
جيڪڏهن سٽ ۾ ڏنل لفظ ”سور“ آهي ته
پوءِ اهو اشارو ”سور“ قبيلي ڏانهن ٿي سگهي ٿو.
سلطان علاؤالدين جهانسوز، ”سور“ قبيلي جو ترڪ پٺاڻ
هو. ٽيون ته: هن ڳالهه ۾ بعضي دهلي جي بادشاهه کي
”مغل گوري“.
بعضي عالادين کي ”عالادين گوري“
۽ بعضي ”عالادين غوري، ۽ عالادين جي فرضي قبر کي
”نول گوري پير“ (نول غوري پير) جي قبر سڏيو ويو
آهي..
جنهن ۾ پڻ غوري جي نسبت وارو اهڃاڻ موجود آهي.
محترم مير حاجي محمد بخش خان
ٽالپر صاحب به عنوان ”سلطان علاؤالدين ۽ سومرا“ ۾
لکن ٿا ته:
تاريخ جي مختلف حوالن کي بيان
ڪري، مضمون کي خشڪ بنائڻ جي بدران هت فقط اها
ڳالهه ظاهر ڪرڻي آهي ته: جيترا علاو الدين جي لقب
سان دهليءَ جا بادشاهه (ٿي) گذريا آهن. تن مان ڪو
به پنهنجي سر سنڌ ۾ نه آيو هو، توڙي جو پراڻين
روايتن ۾ علاؤالدين جو سنڌ ۾ اچڻ بيان ڪيو يو آهي.
مون هڪ دفعي سنڌ جي مشهور محقق ۽ مؤرخ سان ذڪر ڪيو
ته: سومرن جي ڳالهه ۾ جو علاؤالدين اچي ٿو، سو
واقعي بادشاهه ته هو، پر دهليءَ جو بادشاهه نه هو،
پر سنڌ تي ڪاهه به ڪئي هئائين. ان تي مون کي ٻڌايو
ويو ته: اهو علاؤالدين نه، پر جلال الدين هو.
ان متعلق مان تحقيق ڪري ڏٺو
ته: برابر ”جلال الدين خوارزمي“ پڻ سنڌ ۾ آيو هو،
پر فرق هي آهي ته: هو هڪ جدا شخصيت هو.
آءٌ هت ان علاؤالدين جو ذڪر
ڪري رهيو آهيان، جنهن سومرن تي ڪاهيو هو ۽ ساڻن
لڙايون ڪيون هئائين. منهنجي نظر ۾ اهو ئي
علاؤالدين آهي، جو سنڌ جي آکاڻين ۾ ذڪر ڪيل آهي.
ان متعلق مون هڪ خاڪو بنايو
آهي. محققن کي گهرجي ته: هو ان تاريخي واقعي جي
ڇنڊڇاڻ ڪن ۽ درست حقيقتن کي معلوم ڪرڻ ڏانهن توجهه
ڪرڻ فرمائين، جيئن ان مسئلي متعلق ڪابه غلط فهمي
نه پيدا ٿئي. اميد ته: موقعي تي، ان متعلق ڪجهه
تفصيل سان لکيو ويندو.
(1) ابن بطوطه، پنهنجي
”سفرنامه“ جلد اول باب 36 صفحه 522 ۾ لکي ٿو ته:
”پوءِ اسان شهر، بخارا کان
لشڪر گاهه سلطان صالح معظم علاؤالدين“ ترم شيرين“
ڏي وڃڻ جو خيال ڪيو، جنهن متعلق اسان عنقريب ذڪر
ڪنداسين. اسان جو شهر ”نخشب“ ۾ ورود ٿيو. هي اهو
شهر آهي، جنهن جي طرف شيخ ابو تراب النخشبي کي
منسوب ڪن ٿا. ننڍو شهر آهي، چئني طرفن کان باغات ۽
پاڻيءَ سان گهيريل آهي … آءٌ هن شهر ۾ شيخ الفقيه
العابد مولانا حسام الدين سان مليس …… ۽ شيخ الحسن
سلطان جي نالي (داماد) سان پڻ مليس. هي سلطان
المعظم علاو الدين ”ترم شيرين“ آهي. هي عظيم الشان
بادشاهه گهڻن لشڪرن ۽ فوجن جو مالڪ آهي. هن جي
سلطنت تمام وڏي آهي ۽ نهايت قوت ۽ عادلانه حڪومت
وارو آهي. هن جو ملڪ، چئن حڪومتن جي وچ ۾ آهي،
يعني ملڪ چين، ملڪ هند، ملڪ عراق ۽ ملڪ ازبڪ، هي
سڀ حڪمران هن کي هديا ۽ سوکڙيون ڏيندا آهن ۽ هن جي
عزت ڪندا آهن. هي پنهنجي ڀاءُ الحڪطي کان پوءِ،
ملڪ جو والي ٿيو آهي. ڪبڪ پڻ ڪافر هو ۽ ليڪن
عادلانه حڪومت ڪندو هو ۽ مظلومن جي لاءِ انصاف
پسند حاڪم هو. مسلمانن جي عزت ڪندو هو ۽ سندن ڪم
به ڪندو هو“.
ابن بطوطه، سلطان علاوالدين
”ترم شيرين“ ۽ ان جي ڀائرن جي ساراهه ۾ ڪئين صفحا
لکيا آهن، لکي ٿو.
…… شهنشاهه هند وٽ، عماد الملڪ
سرتبز آيو، جو ملڪي حالتن جو جائزو وٺندو هو ۽ هن
کي حڪومت پڻ اتي جي سپرد ڪئي. شهر ملتان، سنڌ جي
دارالحڪومت ۾ هو، ان ڪي ترڪ موڪليا، جي هن کي
سڃاڻندا هئا.
”…… پوءِ وزير خواجه جهان احمد
بن اياس، ۽ ڪبير الامراء قطلو خان، جو سلطان جي
ننڍپڻ جو استاد هو، ملڪ الهند وٽ ويو ۽ عرض
ڪيائين: ياخوند عالم، هيءُ سلطان علاؤالدين ”ترم
شيرين“ آهي، جو هت آيو آهي. هت جي قوم جا چاليهه
هزار ماڻهو آهن. هن جو پٽ ۽ ٻيا ماڻهو به آهن. هن
جو هت رهڻ ٺيڪ نه آهي.
”…… آخرڪار هن کي سنڌ طرف ملڪ
بدر ڪيو ويو. رستي ۾ هر شهر وارا هن جون دعوتون
ڪندا هئا ۽ هن کي عزت ڏيندا هئا“.
(2) ”منتخب التواريخ“ مصنف ملا
عبدالقادر بدايوني، اردو ترجمو، صفحي 127 تي سلطان
”ترم شيرين“ (علاؤالدين) جي حملي جو سنه 729هه
ڄاڻايو آهي. ليڪن سنه جي صحت ۾ شڪ ڪري سگهجي ٿو،
جو يا ته اصلي تاريخ ۾ يا ترجمي ۾ غلطيون ٿيل اهن،
سن 727هه هئڻ گهرجي.
(3) ”ترم شيرين“ سمرقند جو
حاڪم هو. سهي سن 727 هئڻ گهرجي. (بحواله حاشيه:
”سفرنامه“ ابن بطوطه، جلد 2 صفحو 384).
”تاريخ فرشته“ جلد 1، صفحو 206
تي سلطان علاؤالدين ”ترم شيرين“ بابت هيئن لکيل
آهي ته:
ترم شيرين خان بن دائود خان
حاڪم الوس چغتائي، جنهن جي ذات ۾ شجاعت، رحم ۽
عدالت جو جوهر جمع هئا ۽ مسلمانن جو بادشاهه هو،
سو وڻن جي پنن ۽ بارش جي قطرن جيتري فوج (به معنيٰ
ڪثير فوج) وٺي، هندستان جي فتح ڪرڻ جي ارادي سان،
سنه 727هه ۾ (مطابق 1326 يا 1327ع) هن مملڪت ۾
داخل ٿيو. لمنان، ملتان ۽ دهليءَ جي دروازن
(نزديڪيءَ دهلي) تائين ملڪ کي تاخت (تخت) ۽ تاراج
ڪيائين …… دهليءَ جي ٻاهران ميدان کي پنهنجو لشڪر
گاهه بنايائين ۽ سلطان محمد تغلق شاهه، مقابلي ۽
مقاتلي (مقابلي) جي طاقت نه ڏسي، عجز و نياز جو
رستو اختيار ڪيو. هڪ اعتبار جوڳو ماڻهو سفير مقرر
ڪري، کيس نقد ۽ جواهر پيش ڪيائين، جنهن کان ترم
شيرين خوش ٿي ويو. بظاهر ته: هن ڪوچ ڪيو، مگر
گجرات جي طرف وڃي اتي خوب ڦرلٽ ڪيائين ۽ ماڻهن کي
غلام بنايائين ۽ پوءِ سنڌ ۾ گجرات جي رستي کان سهي
سلامت غنيمت جو مال هٿ ڪري، واپس وطن وريو“.
(5) ”تاريخ هندستان“ 9، ايڊيشن
جلد 3، صفحي 395 ۾ مسٽر ايلفنسٽن لکي ٿو ته:
”مغلن جو لشڪر، هڪ تمام بهترين
جنرل تيمور جي هٿ هيٺ پنجاب ۾ داخل ٿيو، جنهن کي
سلطان محمد تغلق جونا خان تمام وڏي خرچ سان واپس
ڪيو“.
(6) ”دي انڊين ايمپائر اٽس
هسٽري پيلس ائنڊ پروڊڪشن“ جي صفحي 228 تي، ڊبليو
ڊبليو هنٽر لکي ٿو ته:
”مغلن ڪيترائي ڀيرا محمد تغلق
جي زماني ۾ حملا ڪيا، جي هنن پئسا ڏيئي هٽائي
ڇڏيا“.
(7) ”تاريخ بخارا“ از آرمسيس
ڊيمبر پروفيسر پرٿ يونيورسٽي، مترجم: نفيس الدين
احمد ايم. اي (عليگ) به نظرثاني عبدالمجيد سالڪ،
صفحي 195 جي فوٽ نوٽ ۾، ڊي آهسن جي حوالي سان، جن
30 چغتائي شهزادن ۽ حڪمرانن جي لسٽ ڏنل آهي. ان ۾
17 نمبر ”ترم شيرين“ جو نالو ڄاڻايل آهي. ان طرح
صفحي 196 تي سلطان علاؤالدين ترم شيرين جو نالو
ڄاڻايل آهي. صفحي 200 تي ڄاڻايل آهي ته: ”چغتائي
سلطان ”ترم شيرين“ جي زماني ۾ گهڻا مسلمان ٿيا“.
(8) سفرنامه ابن بطوطه ص 522
کان 531 تائين، سلطان علاؤالدين ترم شيرين احوال ۾
ڏنل آهن، جنهن ۾ ان دعويٰ ۽ خبر جي پڻ تڪذيب ۽
ترديد ڪيل آهي ته: سلطان 1315ع ۾ غزنيءَ ۾ شهيد
ڪيو ويو آهي.
(9) ”تاريخ گجرات“ تاليف:
پروفيسر مولانا سيد ابوظفر ندوي مرحوم، ص 399 تي،
ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي. مثلاً لکي ٿو ته:
محمد تغلق جي تخت نشينيءَ کان
ٻن سالن بعد، 727هه-1226ع ۾ ترم شيرين بن دائود
خان چٽائي، ملتان جي رستي کان دهليءَ ۾ هڪ جرار
فوج سميت پهچي ويو. محمد تغلق اوچتي پهچڻ واري
دشمن جي مقابلي ڪرڻ جو خيال مناسب نه سمجهي، ساڻس
صلح ڪيو ۽ خان موصوف کي توقع کان زياده زر و جواهر
ڏئي رخصت ڪيو. ان کان پوءِ، خان موصوف مارواڙ ۽
گجرات ۾ ڦرمار ڪري، سنڌ رستي پنهنجي وطن وريو“.
(10) ”ملتان ڊسٽرڪٽ گزيٽئر“
پارٽ A،
سال 23-1924ع صفحي 37 تي ڄاڻائي ٿو ته: هڪ مغل
لشڪر، جو ”ترم شيرين خان“ جي هٿ هيٺ هو، تنهن
ملتان کي زير ڪيو، مگر محمد تغلق زر نقد ڏئي کيس
پٺتي موٽايو“. هنن سمورن حوالن جي مطالعي ڪرڻ کان
پوءِ، ان نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته:
دودي – چنيسر جي آکاڻيءَ ۾
جنهن سلطان علاؤالدين جو ڪردار پيش ڪيو ويو آهي:
اهو ڪو هروڀرو فرضي ناهي.
ممڪن آهي ته:
چنيسر جي وقت ۾ جڏهن هو دهليءَ
ڏانهن امداد لاءِ ويو هو، ان وقت سلطان علاؤالدين
”ترم شيرين“ پڻ دهليءَ ۾ خيمه زن هو.
ممڪن آهي ته:
کيس مال و دولت جي لالچ ڏئي،
سنڌ تي چاڙهي آيو هجي.
اهو به ممڪن آهي ته:
چنيسر کيس دلاسا ڏيئي، گجرات
جي راهه کان سنڌ ۾ آندو هجي. جڏهن ته: سلطان کي
دهليءَ مان چنيسر ئي آندو هو، ان ڪري سنڌ جي عوامي
قصن ۾ کيس ”دهليءَ جو بادشاهه“ ڪري مشهور ڪيو ويو
۽ ان طرح سان اسان جا تاريخي ۽ نيم تاريخي ڪتاب
پاڻ کي سلطان علاؤالدين خلجيءَ تائين، محدود رکندا
آيا آهن ۽ انهن مورڳو علاؤالدين جي نالي کان ئي
انڪار ڪري، هڪ مشهور عوامي روايت کي غلط قرار ڏنو
آهي.
سومرن تي هن جو حملو هڪ ڪاپاري
ڌڪ هو. سندن طاقت کي اهڙو زوال رسيو جو پوءِ هو
وري ڪڏهن به اڀري نه سگهيا. جنهن کان پوءِ، سمن
زور ورتو. اگرچه 1327ع کان پوءِ ڪجهه وقت سومرا
سردار ڪن ٽڪرن تي حڪمران رهيا، مگر تيزيءَ سان
زوال پذير ٿيندا رهيا.
سما سردار ٺٽي ۽ سنڌ جي ڳپل
حصي تي، قابض ٿي چڪا هئا. تاهم عمر ڪوٽ ۽ ان جي آس
پاس خصوصاً ٿر ۾ سومرا حڪمران رهيا، جن ۾ آخري
حڪمران همير چيو وڃي ٿو. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ صاحب سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ”صفحي 71
تي، ”انشاء ماهرو“ جي حوالي سان آخري سومري حڪمران
جو نالو همير پٽ دودو ڄاڻايو آهي. جناب سيد حسام
الدين راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب ”مڪلي نامي“ ۾ ”همير
دودي“ جو نالو لکيو آهي. مگر غالباً مراد همير بن
دودو آهي. جنهن بابت ملتاني گورنر عين الملڪ ماهرو
جا خط شاهد آهن. جيڪي هن 1352ع کان 1365ع تائين،
سلطان فيروز شاهه تغلق کي لکيا هئا.
هڪ خط ۾ هو لکي ٿو ته:
”هن وقت سومري حاڪم همير پٽ
دودي جي حڪومت جو سلو سڪي رهيو آهي. محض سلطان جي
مدد سان ئي قدري سائو ٿيو بيٺو آهي“.
ٻئي طرف سمو ڄام ٻانڀڻو پٽ انڙ
پنهنجي سرڪشيءَ ۽ طاقت سببان اڀري رهيو آهي“.
جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
صاحب، پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ۾
همير سومري جو موت، سندس سهري ڄام هالي سمي ۽ سندس
پٽن هوٿي، عليءَ ۽ پليءَ هٿان ڏيکاريو آهي، جنهن ۾
هالي جو پٽ هوٿي ۽ همير قتل ٿي ويا ۽ اهڙيءَ طرح
سومرن جي آخري حڪومت جو خاتمو ٿي ويو.
جيڪڏهن بقول ڊاڪٽر صاحب جي،
اها لڙائي 1365ع ڌاري شمار ڪريون ته: پوءِ سندس
حڪومت جو دور 1327ع کان 1365ع تائين ٿيو، يعني
سندس دور حڪومت 37 ورهيه رهيو. يا سندس والد دودي
جي وفات سارجي جو اسان جي خيال موجب سلطان
علاؤالدين ”ترم شيرين“ جي هٿان 1327ع ۾ شهيد ٿي
ويو هو ته: پوءِ ان صورت ۾ ڪو به سبب نه آهي جو
اسان سلطان علاؤالدين ۽ دودي سومري جي قصن ۾
علاؤالدين جي ڪردار کي فرضي ٺهرايون.
باقي ائين چئي سگهجي ٿو ته:
گهڻي عرصي گذرڻ بعد، دودي کان
اڳ وارا سومرا پڻ ان عوامي آکاڻين ۾ شامل ٿي ويا
هجن، ته شڪ نه آهي. والله اعلم.
محقق کي خبر آهي ته:
تاريخ ۾ وڌيڪ معتبر اهو حوالو
هوندو آهي جو تاريخدان وٽان ان دور ۾ يا ان جي
نزديڪ دور ۾ لکيل هوندو آهي. ابن بطوطه قريبن
734هه ۾ سنڌ ۾ آيو هو. سلطان علاؤالدين ”ترم
شيرين“ هن کان فقط ست يا اٺ سال اڳ ۾ سنڌ ۾ تباهي
مچائي ويو هو. ان ڪري اسان کي ٻين تاريخن کان وڌيڪ
ابن بطوطه تي اعتبار ڪرڻو ئي آهي:
ڪن تاريخن ۾ هن کي سلطان
علاؤالدين جي بدران فقط ”ترم شيرين“ لکيو آهي.
ان جو ظاهري سبب اهو به آهي
ته:
هو هندستان ۽ سنڌ تي فاتح ٿي
آيو ۽ چغتائي نسل جو هو. جيڪي اڪثر ڪافر يا غير
مسلم هئا. هن ملڪ جي ماڻهن خواهه تاريخ نويسن کي
هن کان نفرت هئي. ان ڪري هنن شايد تعصب وچان فقط
سندس نالو لکيو آهي. مگر چونڪه سلطان جي لشڪر ۽
فوج ۾ سندس نالو سلطان علاؤالدين ”ترم شيرين“
مشهور هو. ان ڪري عوام ۾پڻ علاؤالدين نالو مشهور
ٿي ويو ۽ رهيو.
ٻيو ته: هو دهليءَ مان سنڌ آيو
هو. ان ڪري سنڌ جي عوام هن کي دهليءَ جو بادشاهه“
تصور ڪيو ۽ عوامي ڪهاڻين ۾ هو علاؤالدين خلجي ئي
مشهور ٿي ويو. آخر ۾ سنڌ جي تاريخدانن ۽ محققن کي
عرض آهي ته:
هو هن مسئلي تي ٿڌيءَ دل سان
غور ڪن. ڇو ته: هڪ عوامي روايت کي يڪسر غلط ٺهرائڻ
غير موزون آهي. اگر هن تي مزيد تحقيق لاءِ، ڪنهن
صاحب مستند تنقيدي قلم کنيو ته: پوءِ جستجوءَ جو
ميدان اڃا به، وڌيڪ وسيع ثابت ٿيندو ۽ بندي کي پڻ
لکڻ جو موقعو ملندو.
تبصرو: اسان هاڻي مٿي پيش ڪيل
مؤرخن ۽ محققن جي، سومرا دور حڪومت جي خاتمي بابت،
سندن ڏيکاريل بيواجبي ۽ فرسوده خيالن ۽ ڏند ڪٿائن
تي ڀرپور روشني وجهي، هي ثابت ڪنداسين ته: چنيسر ۽
دودو جي پڻ ڀونگر جا پٽ هئا، پنهنجي ننڍي ڀاءُ
دودو جي خلاف ان جو دهليءَ جي سلطان علاؤالدين
خلجيءَ وٽ دانهين ٿي وڃي، دودو سومرو جي وڏي ڀيڻ
ٻاگهل ٻائي جا پڻ چنيسر سومرو جي به وڏي ڀيڻ هئي،
جي سنڱ ڏيڻ جي لالچ ڏيئي ڪري، سنڌ ۾ وٺي اچڻ هرگز
ثابت نٿو ٿئي:
(1)
دودو – چنيسر جي
ڳالهه، باب ٻيو صفحه 31 تي لکيل آهي ته:
چنيسر پڙهيل قابل هو- عربي،
سنڌي، هندي، فارسي توڙي پشتو پڙهيل هو ۽ قرآن شريف
توڙي ”توريت“ جي علم جو ڄاڻو هو. اسان جڏهن چنيسر
سومرو جي علمي لياقتن ۽ قابليت تي غور ۽ خوض ڪري
ڏسون ٿا ته: پوءِ اسان کي هن ڳالهه جي پڪي خاطري
ٿئي ٿي ته: چنيسر نه صرف هندو نه هو، پر هو عرب
گهراڻي جو پڻ مسلمان هو. ڇاڪاڻ ته: سندس ان قدر
ديني تعليم پرائڻ مان پڻ عرب مسلمان هجڻ جي تصديق
ٿي وڃي ٿي. نه صرف هي، پر بعض مؤرخن ۽ محققن جي
ڏيکاريل هن خيال جي به نفي ٿي وڃي ٿي ته: سومرا
پنهنجي حڪومت علاؤالدين خلجيءَ هٿان برباد ٿيڻ
بعد، مسلمان ٿيا هئا. جيڪڏهن واقعي سومرا غير مسلم
هندو راجپوت هجن ها ته: پوءِ چنيسر سومرو ديني
تعليم کان علاوه قرآن پاڪ ۽ توريت شريف هندو
گهراڻي ۾ ڪيئن پڙهي سگهيو؟ جڏهن چنيسر حليم، برباد
۽ قابل به آهي ته :پو ءِ بيواجبي (جڏهن چنيسر برسر
اقتدار سنه 682هه کان 700هه جي مطابق 1283ع کان
1300ع تائين 18 سال پڻ حڪومت به ڪئي آهي) دهليءَ
جي سلطان علاؤالدين خلجيءَ کي پنهنجيءَ وڏي ڀيڻ
ٻاگهل ٻائيءَ جي سڱ ڏيڻ جي لالچ ڏيئي ڪري، پنهنجي
ڀاءُ دودو (جڏهن ته: چنيسر وڏو ۽ حڪومت جو پڻ مالڪ
به آهي) چاڙهي آڻڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ جيڪڏهن واقعي
چنيسر سومرو علاؤالدين خلجيءَ کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ
دودو جي خلاف پاڻ سان گڏ، سنڌ تي چاڙهي آندو هو،
جنگ به لڳي هئي، دودو شهيد به ٿيو هو ۽ چنيسر زهر
کائي يا علاؤالدين خلجيءَ سان جنگ ڪندي، شهيد به
ٿيو هو ته: پوءِ مئل چنيسر 18 سال مرڻ کان پوءِ،
سنڌ تي ڪيئن حڪومت ڪئي؟ نه صرف هي، پر جڏهن دهليءَ
جو سلطان علاؤالدين خلجيءَ دودو ۽ چنيسر ٻنهي
ڀائرن کي شهيد ڪري، سنڌ جو سومره حڪومت کي ختم به
ڪري ٿو ته: ان کان پوءِ، سومره قوم جي ٽن حاڪمن
عمر ٻيو، ڀونگر ٽيون ۽ همير سومرو جن سنه 1439ع
تائين جي مطابق، (علاؤالدين جي وفات سنه 1315ع)
124 ورهيه حڪومت ڪيئن ڪئي؟ هن مان صاف ظاهر آهي
ته: سنڌ جو دور حڪومت دهليءَ جي سلطان علاؤالدين
خلجيءَ يا سندس ڪنهن به سپہ سالار هٿان بلڪل ختم
نه ٿيو هو.
(2) دودو – چنيسر جي ڳالهه،
صفحه 27، به عنوان ”پڳ جو معاملو“ ۾ محترم ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو ته:
ڀونگر راءُ جي فوت ٿيڻ تي،
سوال اٿيو ته: پيڙهيءَ جي پڳ ڪير ٻڌي ۽ حڪومت جي
گاديءَ تي ڪير ويهي – دودو يا چنيسر؟ انهيءَ سوال
تان معاملو متو:
ستي ڀونگر راوَ کي ٻاٽي ڏينهن
لنگهئا
سما گڏ ٿيا سومرا، سوڙها ٿئا
امراء
مردن ٻڌو معاملو پيڙهيءَ پڳ
مٿا.
|