باب پنجون
ٻيلي جي شاعرن جا مشاعرا ۽ سندن فني ايجادون
لس ٻيلي ۾ شاعري ڄڻ شيخ حمر سان شروع ٿي ۽ احمد شاهه تي ختم ٿي: يعني شيخ
ابراهيم جي خاندان مان شروع ٿي ۽ ڪبير شاهه جي
خاندان ۾ ختم ٿي: شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه ٻنهي
ٻيلي جي شاعري کي انهيءَ بلند اوج تي پهچايو جنهن
تي نڪي کانئن اڳي هئي ۽ نڪي کانئن پوءِ پهتي.
ٻيلي ۾ شاعري جي جيڪا روايت هن وقت موجود آهي ۽ هن شاعري جو سرمايو جيڪو
اسان تائين پهتو آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته شيخ
حمر لس ٻيلي جو پهريون پخته مشق شاعر هو. مگر شيخ
حمر جي شعر جي جنس ۽ ان جي پخته خيالي مان ظاهر
آهي ته ٻيلي ۾ سنڌي شاعري جو ذوق گهڻو آڳاٽو آهي ۽
بالڪل ممڪن آهي ته شيخ حمر کان اڳ به ٻيلي ۾ چڱا
خاصا شاعر موجود هجن، مگر هن دراز عرصي ۽ طويل مدت
سبب سندن شعر اسان تائين نه پهچي سگهيو هجي؛ رات
ڏينهن جي رئي ۽ لٽ ٻيلي جي شاعري جا اهي اوائلي
نشان ته اسان کان لڪائي ڇڏيا آهن مگر هن بلند ۽
بليغ شاعريءَ جو آخري دور اسان جي سامهون آهي ۽
عام راءِ آهي ته سيد احمد شاهه ٻيلي جي شاعريءَ جو
خاتمو ڪري ويو. شهر اُٿل ۾ ويٺا هئاسون، مارڪو لڳو
پيو هو ۽ سگهڙن مان ميان ڪريمداد، راوي صالح محمد
۽ مڱيو مڱڻهار ويٺا هئا: احمد شاهه جا بيت هليا ۽
مڱيي چيو ته: ”آخر ۾ احمد شاهه دنگ ڪري ويو“؛ جنهن
تي راوي صالح محمد چيو ته: ”احمد شاهه ٻيلي جي
شاعرن جي پڇاڙي ڪري ويو“؛ ميان ڪريمداد چيو ته:
”احمد شاهه ٻيلي جي شاعري جو دنگ ڪري ويو ۽ شيخ
سائينداد رباني شيخن (يعني حمراڻي شيخن يا ابراهيم
جو خاندان) جي پڇاڙي ڪري ويو.“ چيائين ته: ”شيخن
مان شيخ عثمان بيت ڏئي پيو پر نڪي شيخن جي ڪڙي کي
پهچي ته نڪي لس جي شاعري کي انهيءَ حد تي پهچائي.
بس سيد احمد شاهه ٻيلي جي شاعري جو خاتمو ڪري
ويو.“ اسان جي خيال ۾ ٻيلي جي انهن سمجهو سگهڙن جي
متفق راءِ قابلِ قدر آهي. بيشڪ احمد شاهه آخري
شاعر آهي، جنهن جي شعر ۾ برجسته شاعري جو رنگ ۽
طبع جي رواني نظر اچي ٿي. هن وقت شيخ عثمان هڪ
نوجوان سگهڙ آهي ۽ بيت ٺاهي ٿو. اسان جو ساڻس
مارڪو ٿيو: ٻين جا بيت به ٻڌايائين ۽ پنهنجا بيت
به ڏنائين؛ مگر سندس جنس البته سادي آهي. مون سندس
گن ۾ گرانقدر جنس جي تلاش ڪئي، انهيءَ لاءِ ته
نموني طور پاڻ وٽ نوٽ ڪريان مگر سندس ڪافي ڪلام
هوندي به مون لاءِ انتخاب مشڪل ٿي پيو: هڪ بيت ٿي
ڏيئي ٻڌايائين ته چوان ته ٻيو ڏئي ته من اهو لکڻ
جي لائق هجي. آخرڪار چار و ناچار اسان کي جنس هٿ
ڪرڻ جي خيال سان سندس ڪجهه ڪلام قلمبند ڪرڻو پيو.
انهيءَ جي مقابلي ۾ احمد شاهه جو ڪلام اعليٰ آهي.
احمد شاهه جي بيتن وري به قدري شيخ ابراهيم ۽ ڪبير
شاهه جي بيتن جون سڪون لاٿيون، جنهن ڪري تحقيق
احمد شاهه انهيءَ رنگ جو آخري شاعر هو: باقي ’دگر
داناي راز آيد کـﮧ نه آيد“.
ٻيلي ۾ شاعرانه مقابلا ۽ مشاعرا
حالانڪ ٻيلي جي شاعري شيخ حمر سان ٿي، مگر حقيقت ۾ هي شيخ ابراهيم ۽ ڪبير
شاهه جي شعر جي ٻه- درياهي اچي گڏي هئي، جنهن پلٽ
ڪري ملڪ ۾ موڪون لائي ڇڏيون. شيخ ابراهيم ۽ ڪبير
شاهه جو شاعري جي ميدان ۾ هڪٻئي سان دوبدو مقابلو
ٻيلي ۾ شاعري جو بنيادي پٿر بنيو. هنن ٻن جبلن جي
ٽڪر، شاعريءَ جون اهي تجليون ڏيکاريون ۽ شاعرانه
ذوق جا اهي شعلا اُٿاريا جو هر سيني ۾ سوجهرو ٿي
ويو ۽ شاعريءَ جو شعور سگهڙن جي سينن مان اُڌما
ڏيئي اُڀريو. شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه جو شاعرانه
مقابل ۽ مناظرو (جنهن جو ذڪر اڳتي باب اٺين ۾ بيان
ڪيو ويندو) درحقيقت عام شاعريءَ جو هڪ زبردست
اوائلي مشاعرو هو، جنهن کي هنن ٻن اُستاد شاعرن
تادم حيات جاري رکيو. هنن وقت بوقت هڪٻئي جي ڀران،
ساڳئي وزن ۽ ساڳئي قافيي تي بيت ٻڌا ۽ شاعرانه ذوق
کي هميشـﮧ لاءِ جاڳائي ۽ جياري ڇڏيو. سندن تتبع ۾،
سندن همعصر خواه کانئن پوءِ جا شاعر، لس ٻيلي توڙي
سنڌ ۾ بيت چوندا رهيا. هن قسم جو هڪ مثال هيٺ ڏنو
وڃي ٿو، سسئي جي سُر مان شيخ ابراهيم بيت چيو ته:
محبت ماٺي ڪين قطر ٿئي، جا لنئون لعلڻ لائي هئي
[1]
عهد اندازي ٻول ٻڌل جي، مونکي ساک وچن پت سائي هئي
[2]
ڪين پروڙيم ڪرهن ڪڻڪا، جيڪا وڃڻ جي تن وائي هئي
ننڊ نهوڙيس، ڪيف قريبان، ناتي مان ڏاهين ۾ گهڻو ڏاهي هئي
واٽ وندر جي، ساٿين سانجر، ليڙن ليل لنگهائي هئي
[3]
همت، توڪل، سنگت ساڻم هوت پٺيان همراهي هئي
پر پڇايم، رند پنهونءَ جا، جت روهه تتي رڻ رائي هئي
[4]
براهم چوي، رند بلوچان ”هيءَ هيءَ“ هاڪ هلائي هئي
[5]
منزل ماري، اٺ اولاڻيا، ڍارڻ جي جت ڍائي هئي
[6]
دونهن پسي، دل دونهن ٻريا، جتي جانب باهه جلائي هئي
سا ڪنهن نه دلاسي، دوسن ڌارن، آتش آڳ اُجهائي هئي
[7]
هن ڪامڻ کي ڪـﮧ ۾ ڪيڏي، اندر عشق آگ اُڌائي هئي
”ويهه وري ور ويٺي ايندءِ“ اي ڌوٻين ڌر ٻر لائي هئي
چئي: ”ڪين وهنديس مطلق موران، جيڏيون ڪريو دلجائي هئي
دعا پڙهي تون دوس وري ويئين، آءٌ تان محبت ماري مت منجهائي هئي
سا ڇا کي ڇڏيو ڇوري ڀوري، جانب جتهين پهر پرائي هئي؟
آءٌ شڪر مليس توکي سپرين ناتي لوڪان وچ لڄاڻي هئي
سؤ لڱين سر صدقي جـﮧ تو ور، وهيلي واڳ ورائي هئي
[8]
هاڻي حمد پڙهان ٿي هردم هادي، تنهنجي واحد واه وڏائي هئي
جيئن تو ساجن ميليم صاحب سائين، آگا افضل آس پڄائي هئي
دوس ميليم، دلجاءِ ٿيم، هينئڙي ٿاهر ٿوٻ ٿڌائي هئي
[9]
اچي واهر ٿئڙم ور وندر ۾، جنهن ڏونهن منهنجي ثابت سڪ سچائي هئي
پت منهنجي ڄام پنهون سين رازق رب رهائي هئي
مان سان تنهن ور جي ڪانه ڪچائي هئي، جنهن اچي ٻڌا سهرا
ڪانڌ سنگهر ۾.“
[10]
هن ساڳئي وزن ۽ ساڳئي قافيي تي ڪبير شاهه بيت ٻڌو ته:
آڳ اندر جي ڪين اُجهامي، ٻاروچل جا ٻاري هئي
روز ڏيهاڻي ڏيرن کي، منهنجو پاند پلئه زر- زاري هئي
آڌيءَ ڌاري اُٺ اُڌميائون، واڳ وٺي ور واري هئي
[11]
ڪا ڪل پييم ڪانه وڃڻ جي، ناتي هوت آءٌ هوشياري هئي
تنين وٺي نيو ور کي تڪڙو، آن ويل تنهن ويساري هئي
[12]
سُرپُر ڪبن سُئي مون ساٿين، ڪا توڏن جي تن تياري هئي
منهنجي بيٺڪ شهر ڀنڀور ۾، آءٌ سکي قراري هئي
جاڳيس تان جانب ڪونهي، جنهن ڪيچيءَ ساڻ ڪچهري هئي
صبح وسايم سر تي سپرين، ويجهي جا اُت واري هئي
[13]
جوڳڻ ساڻ جتن ڪيو جورو، جا نيڻين ننڊ خماري هئي
پار ڪڍيو پرڀات روئي، ڪا اڃان رات انڌاري هئي
[14]
پرڻي مانکي پيءَ پلاڻيو، آءٌ ڳالهه انهيءَ ته ڳاري هئي
[15]
محبت تنهنجي مسبت ڪيس، جا بار گهڻي آءٌ باري هئي
ماڻهن منع ڪيم ”م ونء منجهندين،“ سرتيين ٻهون سيکاري هئي
[16]
موٽيس ڪين، مرڻ مون باسيو، ڪا جاڪام لڳي مون ڪاري هئي
عشق سنهايم واٽ وندر جي، ناتي ڏس نه ڪنهن ڏيکاري هئي
پرتئون پاتم پير پٻن ۾، ننگ پٺيءَ آءٌ نهاري هئي
ڏاڍي برهه بلوچا آن جي، محب گهڻو آءٌ ماري هئي
جهڻڪيس پاس جبل جي جهوڪان، ڍار اوهان جت ڍاري هئي
نيڻن روئي نير وهايو، انجههُ ڳري، دل هاري هئي
[17]
نيچ نه ٻوليان ڪارڻ ننگ جي، پر بوتن لاءِ بِکياري هئي
پر جاتئون پره پلاڻي هلئين، سا هت ڪهڙي وجـﮧ وهاري هئي
وڃي لاتئي وير وڻن ۾، هي هت ڪهڙي وهم وساري هئي
سرڪ سڪڻ جي هوت هٿن سين، پرتئون پاڻ پياري هئي
[18]
مرڻ جيڻ جي مينڍن ۾، منهنجي يار پنهون توسان ياري هئي
سا پڳ نه ڇڏيندي پورهيت تنهنجو ڌوٻڻ تو جا ڌاري هئي
برڪت ٿي جو بر ۾ گڏئين، ناتـٖـي تو ريءَ ور ويچاري هئي
ڪوڏ ڪچهري ڪيچي تنهنجي، ڏاتر مون ڏيکاري هئي“
ڪيچي! ڪبير شاهه چوي، تَرڪي تنهنجي تاري هئي
ڏک ڏکي گهڻو ڏاري هئي، پر اڄ ٿي تنهنجي عيد اچڻ سين.
سؤڃُو لنگهو جو اصل سنڌ جو هو ۽ ڪبير شاهه جو خليفو هو تنهن انهن بيتن ڀران
هيٺيون بيت جوڙيو. ڪن جو چوڻ آهي ته بيت ڪبير شاهه
ٻڌو پر سؤڃي جي نالي تي- والله اعلم.
آگ اُجهامي ڪين اندر جي، جا ٻاروچل تو ٻاري هئي
ڪا ڪل پييم ڪانه وڃڻ جي، ته ڪا تن ۾ اُن تلڪاري هئي
[19]
تن روز ڏينهاڪو ڏيرن کي منهنجي پاند پلئه زر- زاري هئي
ڀينر! مونکي تن بلوچن ات ڪنهن جنهن ٻول ٻهاري هئي
[20]
آءٌ ساک وسوڙيس ساٿين جي، جن هوتن ڳالهه هزاري هئي
اؤنڊي ننڊ اوجاڳي آرس، خنڪيءَ ڳهر خماري هئي
ريب ڪري تن رات ڪئي، جن چاه چلڻ چلڪاري هئي
سي واڳ وٺي ور واٽ ٿيا، تن مهريين واڳ مهاري هئي
جيڏين مانکي جمع ٿي، تن من وٺي ماٺياري هئي
[21]
ته: ويهه، وري هر ڏيئي ايندوءِ، ايءُ درس ڏني دلداري هئي
پر ڪانه هلي ٿي ڪـﮧ ۾ ڪامڻ، ڌرئون اڳي آءٌ ڌاري هئي
رڃ، سڃا پٽ، جهنگل جهوڪان، تن جي چنچن تي چمڪاري هئي
[22]
مور لنگهي ويو مياڻيءَ تان، آءٌ هور ڏسي ڏر ڏاري هئي
[23]
آيس وٽ اچي پوءِ تنهنجي ڊاءُ گهڻو ڊيجھاري هئي
تنهن بدوءِ کان رب بچايس، جنهن ڏنهن آه اپاري هئي
جنهن کي تونئس طلب تن تاري هئي، سا تون ڪانڌ سمنگ سؤڃو چوي.
ان کان پوءِ وري احمد شاهه انهيءَ مشاعري جي ياد تازه ڪئي ۽ بيت ڏنو ته:
آڳ اُجهامي ڪين اندر، جا باهه برهه ڀڙڪائي هئي
سا ڪڀي وسامي ڪينڪي، جا دلبر ڌمي دکائي هئي
ڪين پروڙيم جيڏيون ته ڪا هن جي دل دغائي هئي
سنڌي صفا آءٌ مس ٿي سمجهان، هن کي ٻروچڪي سين چائي هئي
[24]
مردن مصلحت پاڻ ۾ ڪا، ڇرت ڪري ته ڇپائي هئي
[25]
سي هنر ڪري منهنجو هوت وٺي ويا، آءٌ اُن دم ات اساري هئي
[26]
سنجهي سڃاڻان ساٿي سنڀريا تن منزل دور چتائي هئي
راهه روان سي رند ٿيا، ”وڃ وڃ“ تن جي وائي هئي
ننڊ نڀاڳي ناحق کاريس، نه ته ساڻن هوند سواري هئي
نينهن نشي جا آءٌ نهوڙيس، وره ڪئي ويچاري هئي
سرتيون! ساجن ساڻ وٺي ويا، هي محبت ماري مت منجهائي هئي
قابو قرب قريب جي، ڳڻن گهڻو هي ڳاري هئي
ناهه ڏوراپو ڏيرن تي، هي ڌيئر ڌران ئي ڌاري هئي
انگ اصل کان هئس اڀاڳو، ڇٺي سندي سا ڇوري هئي
ڪانڌ ڪميڻي ڪيچ ڌڻي سا آرياڻيءَ اُجاري هئي
دم نه سريو تنهن دوست ري، جنهن پر جي سا پياري هئي
سو ڪين ڇڏيندو ساجن سئڙو، مان بدي گهڻو بدڪاري هئي
ڏکيءَ کي اچي ڏونگر ۾ تنهن ترت ڏني تسلائي هئي
توهه تنهين جي آءٌ لڳيس، نه ته مشڪل ڏاڍي ماري هئي
سختيون گرميون سر تي سايم، لعلڻ ئي لئي لاچاري هئي
پوري ڪيس پاتشاه، جيءَ ۾ مراد جائي هئي
اُڪنڊ احمد شاه چئي، ان جي مونکي اپاري هئي
جنهن لئي نڌر نهاري هئي، سو ساڳيو مليم ڪانڌ سنگهر ۾.
هن بيت جي ڀران وري احمد شاهه جي همعصر شاعر مڱيي براديي بيت ٻڌو ته:
آڳ اُجهامي ڪين اندر جي، ٻاروچل جا ٻاري هئي
آءٌ سنڌي به سمجهان ڪانڪا، هن وائي عربي واري هئي
منهنجو پنهون وٺي نيائون پاڻ سان، منهنجو زور نه هليو زاري هئي
پوءِ آهه اُڇايم ايئن الف ٿي جيئن رڃ گهڻو مان رئاري هئي
بي بنيم خوبئون بت تي (ڪذا) آءٌ تي پريان جي تاري هئي
ثي ملنم شال سپرين، جن سان جيم سنڌي مون جاري هئي
حي هئي ڪري هلئين هن ڏنهن، نيڻ پٽي، مون نرت نهاري هئي
خي اُني جي خواهش کَرِي عاشق دل اپاري هئي
دال سندا مان دست کڻي، ڪي ذال سندي مون زاري هئي
ري رسيوم راهه رڃ ۾، ناتي ڏک گهڻو مان ڏاري هئي
ري انهيءَ جو ذوق گهڻو هوم، مون پرت پنهونءَ سين پاري هئي
سينون ٻڌوم سينئن صبر جو، مون پرت پنهونءَ سين پاري هئي[27]
شين سڃاتم سرت سچيءَ سين، صاد سڄڻ سان سچاري هئي
دلبر منهنجو داد ڪيو نه ته، آءٌ ڏونگر وچ ڏساري هئي
طوئي تپيو تُرس تن لئي، ورسندي مان واري هئي
[28]
ظوئي زَريو، وائين وريو،آءٌ ڇپر مت منجهاري هئي
[29]
ڪشي ڪوهيارو ڪہ منجهه رسيم، عينؤن جت اوکاري هئي
تنهن سور سٽي، دک دور ڪيا، اُت مان غَين گهڻو غمنائي هئي
في سندا مون فڪر فنا ڪيا، هوت ڪئي همراهي هئي
قافئون ڪاف ڪاڄ پنام، مون تي لام معشوقن لائي هئي
ميم مدايون ميٽ مڱيو چئي، تنهنجي واحد واه وڏائي هئي
بديون ڀيري بخش ڪرينم، نه ته نونئون نون نڱائي هئي
سام توئي جي پيس سپرين واه نه مون وسيلائي هئي
هي پرين کي هت ملان جت چؤيار سندي چؤياري هئي
يي سندي مون يقين تن تي توڙان دل ته قراري هئي
ڪر معاف گناه محابي تن جي، جن کي شرف ڏنو تو شاهي هئي
آءٌ تان اجهي جنين جي آئي هئي، سو ور اچي مون سان واهر ٿيو.
شاعر محمد اشرف هنن بيتن ڀران بيت چيو ته:
آڳ اندر جي ڪيم اجهامي ٻاروچل جا ٻاري هئي
صفت ڪريان سبحان جي، جنهن جي قدرت ڪلتاري هئي
پنج تَن پاڪ ليکيان جن جي چمڪ چؤڌاري هئي
ساجهر اُٿي ساٿ پلاڻيؤن، آءٌ ڪا ننڊ اساري هئي
ننڊ نڀاڳي، نفس ندوري خانن کؤن منڌ کاري هئي
تن هلڻ پڄاڻان هوت پنهونءَ جي باهه ڀنڀوران ٻاري هئي
اڳ ۾ گڏيس پنهور، جنهن بدو نيئي بيهاري هئي
ان جو ڀرم شرم سائين رکيو ناتي وس نه ڪنهن ويچاري هئي
آءٌ تون لعڻ لوڙ مٿي، جا احمد ڄام اُڪاري هئي
[30]
ڪهڙي سانگ نيئي تو ڪن جي وجد ويهاري هئي
آءٌ تون يار پيارل پنهون، تنهنجي نگہ نياري هئي
جهوڪن پاس ڪيل جبل جي مان تان گوندر منجهه گذاري هئي
ٻيلي چيو ٻروچ کي ته: هي مون ويچاري ماري هئي
[31]
ڪڍ تون نماڻي نهل وچان هي ويڙهه ويڙهيچن واري هئي
[32]
ويڙهه ويڙهيچن ري نه لهي، هن ڏاتر شال ڏيکاري هئي
اُٺڙن مينهن ملير تي، سرتين پاڻ سيکاري هئي(ڪذا)
ڄام سمي جي سام پئي نوري، ڪينجهر منجهه قراري هئي
مومل پنهنجا محل اڏايا جنهن جي هوش هوشياري هئي
ڪونئرو چنيسر داسڙي ڪئي، نه ته ڇا مرکئين جي مقداري هئي[33]
هن مند وئڙي هير رانجهوءَ کؤن، جنهن جي جوشن سان جنساري هئي
(مارئي مارئان ڌار ڪري نيئي عمر ڪوٽ قراري هئي)
پر عدل عدالت اهلت ان جي تنهن تي ڪا گلڪاري ڪئي(ڪذا)[34]
ليليٰ ڪارڻ مجنونءَ جي برن منجهه بيهاري هئي
سنج کڻيو پئي ٿي سير ۾ سهڻي، جنهن درياه ۾ ڌمڪاري هئي
[35]
محبن جي محمد اشرف چئي، پرور آس پڄاري هئي
جن جي ڪلمي ساڻ قراري هئي، سي وڃي مليا محمد ڄام کي.
سنڌ جي سدا حيات سگهڙ سانوڻ به هن قافيي تي بيت ٻڌو، جيئن ته سانوڻ جو حقيقي
اُستاد ڪبير شاه آهي انهيءَ ڪري هي بيت ڪبير شاه
جي بيت جو تتبع سمجهڻ گهرجي:
آڳ اندر جي ڪيئن اجهامي جا باهه ٻاروچل ٻاري هئا
ڪهل ڪوهياريل ڪانه پئي شت ڌوٻڻ ڌي جا ڌاري هئي
گڏ ستي هئي جوڙ جانب سين ڪين اٿاري هئي
ننڊ نڀاڳي نيو نيهوڙي چانگن تي نه ته چاري هئي
آڌي رات اُٿي ويا پر اَسور ۽ اونڌاري هئي
ڌوٻڻ اتي ڌوڙ مٿي ۾ وسائي جا واري هئي
نينهڙو لايو اکيون اڙايو ڇپر ۾ جا ڇاري هئي
حال محرم هوت مئي جو ساٿي ڳالهه ساري هئي
ننڍي هوندي نينهن لڳو يا پنهون سان ياري هئي
ڇپر ۾ آءٌ ڇولون ٿيس ڪا لکئي جي لاچاري هئي
سرهي ڪريو ها سانوڻ چئي نه هي خان اوهان سان کاري هئي
پير پيادي پنڌ گهڻو ٻيو منزل جا هي ماري هئي
جبل مان سان جاڙو ڪيون ذات زوراور زاري هئي
سڪ پئي مون سڱ ڪيو نه ته اوٺين ڇا اختياري هئي
پنهل ڳالهه پاري هئي، پر ڏيرن تي منهنجو ڏک رهي ويو.
[36]
انهن بيتن جي ڀران وري لس ٻيلي جي شيخ گهراڻي جي وجوده سگهڙ عثمان بيت ٻڌو
آهي ته:
آڳ اندر جي ڪين اُجهامي ٻاروچل جا ٻاري هئي
آءٌ ستيس سيج پلنگ تي، قاتل ڪيف قراري هئي
ان سنجهو ٽاري، ساٿ پلاڻيو، آءٌ هوت نه تڏ هوشياري هئي
ناتي پنهون کڻي پير مانکان، پر کارج ننڊ مان کاري هئي
[37]
چاڙهي آرياڻي اُٺين ويا جنهن سان يڪدل منهنجي ياري هئي
هوشياري ٿي جان مان هٿ هڻان، هن ڪيڏي مهل قطاري هئي
هاڻي ڀڻيون شهر ڀنڀور ۾ مانکي ورهيه رات وِنهاري هئي
[38]
منهنجو قلب نه وندري ڪيچين ري، ڏکن دل مان ڏاري هئي
هاڻي رند پوان ٿي روڏن جي، مان گورن ساڻ گذاري هئي
جهوتا ڏيندس جبلين ۾ اي مونکي ڏيرن ڏيج ڏياري هئي
[39]
اچي تڏ آءٌ اوچتي ٿي منهبار جي مياري هئي
[40]
رات گذاريم رڃ ۾ جت ڀون گهڻي ڀؤ واري هئي
تت چيٽين، ٻانڀين چڪر منڊيو، منهن جي ڏينهن تي مداري هئي
صبوح اٿي سويرو، مان پاڻ هلڻ هاري هئي
سوڌي آيس سنگهر ۾ تان رڍن رڙڪاري هئي
ڀانتم پڙکي پيس اِڇو ڏٺم جي مان اها سمجهه ساري هئي
[41]
تان اچيندي اِڇو ڏٺم جنهن جي بدشڪل بدڪاري هئي
پسندي تنهن پنهور کي مان ڊپ گهڻي ڊيڄاري هئي
سو اچي ڊوڙي اوڏو ٿيم تڏهه مان دانهن ڪئي درٻاري هئي
بچاء هن بدوءَ کان، ايءَ زبان تي زاري هئي
قادر سان قبولي، منهنجي پردي پت پاري هئي
پوءِ زاري ڪيم زمين کي، تنهن مونکي جڳهه ڏني جنساري هئي
آءٌ پئي ويس پاتار ۾، جت هنڌ حويلي هزاري هئي
پر ذرو گندو ظاهر رهيو، سو تنهن دز بيهي ديداري هئي
[42]
سو اچي پلئه کنڊڻ پنهور لڳو تنهن مٿان بيحد ڌاڪ بيهاري هئي
تت پنهون اچي پاڻ رسيم جنهن سان پرت گهڻو مان پياري هئي
تنهن اچي پڇيو زود پنهور ڪنان، ڪيئن چپل مٿان چاري هئي
[43]
ته ڇو ٿو ڏنار نهارين ڌرتيءَ ۾؟، تڏ اِڇي ڪئي اظهاري هئي
ته: ڌڪا کيندي ڌڻن سين، ڪا مونکي ڏاتر ڪنوار ڏيکاري هئي
سا ڇوڪر ڏٺيام ڇپرين جا زال به زينت واري هئي
سا دختر ڌيءَ ڌرتي هن ڳانڀ ڪري هت ڳاري هئي
[44]
آءٌ ناريان نه لهان نينگر سا، مونکي جنهن جي محبت ماري هئي
[45]
تنهن کي حورون پسيو حيران ٿي، مونکي تنهن جي حيرت همواري هئي
تان چئي: پنهور ڀڄي پري ٿي، مان ئي اها نينگر ناري هئي
[46]
هاڻي ڪيچ ڌڻي ڪاهي رسيا، توکي پنهنجي ڪم ڪاري هئي
تڏ اڇو ڀڳو، عثمان چئي، مان ڀي حق حقي حقداري هئي
پوءِ گهڙي آيو غار ۾ جنهن لاءِ ڏوري مون دل ڏاري هئي
مونکي جنهن جي حب هنياري هئي، سو اچي ٿيڙم ساڻي ڪانڌ سنگهر ۾
[47]
شيخ ابراهيم ٻيلي جو رهاڪو هو ۽ شعر ۽ شاعريءَ جي ڳاه جو ڄڻ ميڙهي هو جنهن
سان ٻين ٻاهرو شاعرن وقت بوقت اچي ٿي ڪلها ڏنا.
ڪبير شاهه سنڌ مان ڪهي اچي شيخ ابراهيم سان مقابلو
ڪيو ۽ عام شاعري جي مشاعري جي هن نيڪ رسم جو بنياد
وڌو. هي رسم ٻين لاءِ به مشعل راهه بني. چون ٿا ته
عيدن شاهه نالي هڪ سگهڙ شاعر، جو شايد سنڌ جو هو
(؟) سو به شيخ ابراهيم وٽ هلي آيو ۽ پنهنجي
سگهڙپائي جي هيٺين عجيب سوکڙي اچي پيش ڪيائين ۽
شيخ کان ان جو بديهي جواب طلب ڪيائين. عيدن شاهه
بيت ڏنو ته:
ڏَڙ، ڏک، ڏونگر، ڏهلا، ڏنيون، جت ور واٽون ۽ ونگ
لُڪ، لٽ، لَڪ، لاهوڙ، لڪيون، اوڙاهه جت آڙنگ
بل، گل، گهڻ، گهن، گهوٻا، گهٽيون، جت دم دورون ۽ دنگ
بانز، ڪانز، ڪهري، قمري، ڪان، ڪبوتر، ڪنگ
بر، ٿر، سر، بيديون، جهر جهولا هي جهنگ
[48]
مها، مکڻ، ڪت، ڪارڙا، جت ڏيل ڏکوئن ڏنگ
عشق جا عيدن شاه چوي، ات لڌا ٻانڀڻ ٻنگ
[49]
سا سهائين سنگ، ميان معذور ميليين.
[50]
واه عيدن شاه وا! لفظي پوچ ۾ ڇيهه ڪري ڇڏيائين. جهڙي تهڙي شاعرن کان انهيءَ
ڀران بيت طلب ڪرڻ ڄڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ ٿئي ها....
پر شيخ ابراهيم ٺهه پهه جواب ۾ بيت ڏنو ته:
جر، سر، ٿر، ڪر، ڪڪر، ڪُن ڪيترا جت جهول جبل جهنگ جهر
پٽ، رٽ، گهٽ، وڻ، وٽ، پٽيون جت ونگا واٽن ور
جل، جبل، ڪوهه، روهه، رڃ گهڻي، جت ڏينهن تتا ڏونگر
کوريون، ٻيريون، ککريو، ٿم ٿميچا، ٿوهر
کار، سنيار (يا سنهار)، سرنهه، ورنهه، سڪا ساوا سر
باغ باغيچا برن ۾، باس موچاري بر
سور، نور، نُونڌڙا، جت هئا خرگوش ۽ خر
بانز، ڪانز، ڪبوتر، ڪوئلون جت ڪڏيو ڪن ڪوڪر
سرڻ، سَوچانا ڪيترا جت هوا پپوهل پالير
مور، تلور، عقاب اُتهين، ٿا ڦرن ڦاڙها هر (هرڻ)
سي ڀتئون ڀتين براهم چئي سندا ٻانڀڻ ٻر
[51]
هن ڀورئي جا ڀنڀور ۾ وڏا هئا وڳر
[52]
سي سڀ ويچاري وساريا هلي باسي بر
[53]
سٽيو ڀڻي سڃ ۾ هوءَ ٿي ور لئي ڏئي ور
سا سسئي منجهه سڳر، ميان معذور ميليين
[54]
عيدن شاه جي بيت جو جواب هو ئي ڪونه پر شيخ ابراهيم شاعر هو تنهن ڄڻ لاجواب
جو جواب جوڙي ڏنو. شيخ ابراهيم کان پوءِ اها مڻيا
منگتي شاعر نم ۾ پئي ۽ ٻيلي جي شاعري ۽ سگهڙپائي
جو جهنڊو سندس هٿ ۾ آيو. شاعرانه مقابلو ۽ مناظرو
بدستور جاري رهيو ۽ شاعري جو عام ذوق ويران وير
وڌيو. چون ٿا ته موسو ڪنڀار اٿل شهر جو[55]
ويٺل هو ۽ نم جو همعصر ۽ هم شهر شاعر توڙي شاگرد
هو. هڪ دفعي استاد نم جي آڏو ويهي چيائين ته: نم!
”جي حجت هلائين، سي ڪافين رسن ئي ڪينڪي!“
نم ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي. مگر موسي کي ته شاعر نم کان هن مشڪل مسئلي جو جواب وٺڻو
هو سو وري ٻيو دفعو به شاعر نم کي مخاطب ٿي چيائين
ته: نم!
”جي حجت هلائين، سي ڪافين رسن ئي ڪينڪي!“
نم وري به ٻڌي هائو ڪري کڻي ماٺ ڪئي. مگر موسي کي ڪٿان ماٺ اچي- هن ته
الائجي شاعر نم جي پرکا لاءِ الائجي پنهنجي تسلي
لاءِ ٽيو دفعو به سوال پيش ڪيو ڇو جو هي مسئلو
برابر نازڪ هو. يعني ته محبت ۾ حجت ڪيتري قدر رواي
آهي: سنڌ جي شاعر حمل ته صاف فيصلو ڪيو آهي ته:
”حمل صاحب جنهن دي تنهن نال حُج ڪيهي، جو پالڻ پرت ضرور پئي“
شاه صاحب ته اڳيئي چئي چڪو آهي ته ”حجت حبيبن سان ڪاڻياريون ڪيئن ڪن.“
تحقيق! ڪاڻ هوندي ڀلا آڻ ڪهڙي! مگر جو ڪاڻ کان آجو
آهي، جنهن جي محبت جي ماڻ ۾ ڪاڻ آهي ئي ڪانه، جنهن
نفساني ارادن کي الاهي ارادن جي تابع ڪيو آهي،
انهي عشق واري جو آرو ۽ انهي حب واري جي حجت به
مقبول ٿي سگهي ٿي ڇوته ”الا اِن اَولياءِ الله
لاخوف عليهم ولاهم يحزنون“ (تحقيق الله جي پيارن
کي ڪوبه خوف ڪونهي ۽ نڪي هو غمگين رهندا). اهڙن
ڀلارن جا آرا ۽ حجتون موليٰ به مڃي ٿو. مگر حجت
هلائڻ واري مرتبي تي پهچڻ لاءِ به ڪيئي منزلون طي
ڪرڻيون آهن ۽ ڪيئي شرط پورا ڪرڻا آهن. جيڪي اهي
منزلون طي ڪري وڃي موليٰ وٽ مقبول ٿين سي ڀل حجت
هلائين. موسي جي سوال جو اهو ئي هڪ علمي ۽ عقلي
جواب هو- پر الائجي موسي انهي معاملي کي سمجهي
سوال ڪيو يا انهي کي سمجهڻ لاءِ- مگر مقصد هوس ته
نم جيڪڏهن شاعر آهي ته انهي جو ضرور ڪو ٺهه پهه
جواب ڏئي- سو وري ٽيهر چيائين ته: نم! ”جي حجت
هلائين سي ڪافين رسن ئي ڪينڪي“- ٽئين دفعي تي نم
موسي کي مخاطب ٿي قافيي ۾ قافيو ملائي چيو ته:
1- پر نـياز سين نـم چـوي جـي پرت پڳهه پائيــن
رکي محبت من ۾ جي پتو پچائين
صحبت سپيرين جي، جي روح منجهه رچيائين
[56]
ڪڍي ڪچ قلوب مان جي سائين ساراهين
سندرو ٻڌي سچ جو جي توڪل تڳائين
ته سيئي ساڱائين، وڃي پيچرو پريت جو.
واه نم واه! لک جواب ڏيئي ڇڏيائين ته جو اهي منزلون طي ڪري ۽ اهي شرط پورا
ڪري ته اهو حجت هلائيندي به وڃي پريت جو پيچرو هٿ
ڪندو ۽ ڪافن ۾ به وڃي ڪاهيارل کي رسندو. مگر نم کي
رڳو سوال جو جواب ڪونه ڏيڻو هو مگر موسي کي ماٺ
ڪرائڻي هئي سو اچي پنهنجي شاعرانه پلٽ ۾ پيو ۽ ويو
بيت ۾ بيت ملائيندو ۽ حب وارن جي يادگيري ۾ پنهنجي
حب جو حال اوريندو ته:
2- پيچــــــرو پـــــريـــــــت جـــــــو ســـــاڱائــيـــــن
ســيــئـــــي
رکن مولو من ۾ ٻاجهه منجهان ٻيهي
روزو رکن روح مان پنهنجي تن تسو ڏيئي
الله اهيئي، ڪر انعامي احسان سان.
3- ڪــر انـعـامــي احــســان ســان جـان آهـي ڇـن انعام
[57]
وسرن ڪين وجود مان مونکي محب مدام
انهيءَ جي عشق ۾، ٿو منهنجو ترسي من تمام
پرت پرين پيغام، مون ڏي منجهانئي موڪليو.
4- مهـر منجهــان ئــي مـــوڪــلــيــو پــروز پــاڻ پــريــن
سو ڏسندي ڏک سڀ ڏور ٿيا جو آيو عجيبن
سو وٺي مون وانچيو سندو سپيرين
خوش من خوب کلائيو سو سڻي سڪ سندين
اهي شال اچن، مون وٽ آگي جي احسان سان.
5- آڱي جي احسـان ســـان مـــون گهــر اينــدا شــال
ويران وير وجود ۾ سندن سڪ سنڀال
نينهن لڳي تان، نم چوي، ساٿون ٿين سال
جي منهنجي جيري اندر جال، سي ڪنديس
رهاڻيون روح جون.
6- ڪنـــديـــــس رهاڻيـــون روح جـــون جــي منهنجــي ارواح
منجهه آهين
مون تي مهرون مهر سنديون شل پاڻ پرين پائين
دوس دلاسو دلبر دل کي درسئون دلائين
اپر عشق اَکين ۾ جي تان محبت ملائين
جي خوش من کلائين، سي آهن پورا پاڻ پريت ۾.
7- پورا پاڻ پريت ۾ پت سندين پوري
وسرن ڪين وجود مان منان محب موري
[58]
چکيائون چهر جي ڪا چِت چڱي چوري
مون سان دليئون ده ڌوري، الله لڳ اچي ڪجان.
8- الله لڳ اچي ڪجان پنهنجي اچڻ سندا احسان
خاصا خط خوشيءَ مان منهنجا ميهؤن پرين مهربان
پرمانا پريت جا چڱا باب بيان
اوهان منجهه گهٽ ڪان، سڄڻ منهنجا سونهڻا.
9- سڄــڻ منهنجــا ســونهڻـــا، ســونهــن چــڱــي ســرخــائـــي
هڪ جا سهڻي ٻولي صحبتي ٻيا سهڻا سڄائي
سهڻا هٿ حليم گهڻو سهڻي پرين پشمائي
سهڻا ڏند ڏاڙهون کؤن اڳرا، سهڻي لبن لالائي
سهڻو نڪ نراڙ ۾ سهڻي چشمن چڱائي
سهڻو ڪنڌ قريب جو سهڻي سڄي سيسائي
سهڻو سينو سڄڻين سهڻي بت سڄي برسائي
جن جي سڀ پر سهڻائي، سي موليٰ مون کي ملئين
10- موليٰ مونکي ميلئين دانهه دلبر يار
اکيون عجب تنهنجون ٿيون کڙن منجهه خمار
منهن مهتابئون اڳرو ڏند ته ڏاڙهون پار
بت سڄو ئي بنيو، جڙيو منجهه جنسار
سائين لڳ ستار، کڻ مون تي نينهن جو نظر نم چوي.
اتي موسي دانهن ڪئي ته: سائين بس بس! نم چيو ته: موسيٰ بس نه ڪرين ها ته
اهائي الهندي اهائي اڀرندي.
هي هو شاعر جو ذوق ۽ هي هو شاعري جو شوق! هڪڙن پئي شاعرن جي پرکا ڪئي ته
شاعرن پئي انهن کي پنهنجي طرفان تسلي ڏني. نم جي
مٿين پلٽ ۾ نڪته چينن نقاد کي شايد تڪلف ۽ تڪرار
نظر اچي مگر سمجهڻ لائق نُڪتو هي آهي ته نم شاعر،
خيال ڪري هي بيت ڪين جوڙي ٻڌايا مگر ويو ٿي زبان
وهائيندو. اهي بيت سندس برجسته ۽ بديهي طبع جو
نتيجو آهن.
موسي ۽ نم جو هي مناظرو خاص اهميت رکي ٿو. هي گويا موجوده رنگ جو هڪ مشاعرو
هو جنهن ۾ هڪ سٽ مصرع طرح پيش ڪئي وئي جنهن تي
وڌيڪ بيت ٻڌا ويا. مگر هي مصرع طرح وڌيڪ مشڪل هئي
ڇو ته هن تي نه رڳو وڌيڪ بيت گهربل هئا مگر سٽ جي
معنيٰ جو راز سلجهائڻو هو ۽ مطلب ورجائڻو هو.
چون ٿا ته ٻئي هڪ سگهڙ، شاعر نم جي آڏو هي سٽ پيش ڪئي ۽ ان جو جواب گهريو:
”چشمن جو چپول، تون ڪنهن کؤن سکئين سپرين؟“
شاعر نم جواب ۾ چيو ته:
بقول روايت: هلي گهوري گهر. ”سير ڪوهستان“ ۾
هن بيت جي ڏنل روايت ۾ هن موقعي جون هيٺيون
سٽيون وڌيڪ آهن جن جي تصديق ٻيلي ۾ نه ٿي
سگهي:
ويس وڳا سرتيين ڇا، اتي بيٺي اپڇر
ڪمي، ڪسبي تنهن جا ٿا زر گهڙين زيور
هل ڦل هندورا هنڌ ٻيا محل ماڙيون ۽ گهر
|