سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :30

 باب سترهون

شاعر نامور دوس محمد

 

دوس محمد هڪ نامور شاعر ٿي گذريو آهي، پر باوجود ڪافي تلاش جي اسان کي سندس سوانح جو تفصيلي احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. سنه 1962ع ۾ اسان جو دريجي جي داناء سگهڙ مرحوم محمد امين ڀوتاڻي سان مارڪو ٿيو، جنهن چيو ته: دوس محمد ’راڌو بنديجو‘ هو ۽ اسان جي ملڪ دريجي ۽ ڪوهستان جو هو. ’کار‘ ۽ ’ڪِيلوٿاڻي‘ طرف ’راڌا بنديجا‘ رهندا هئا ۽ غالباً دوس محمد به اتي جو هو؛ پڻ دوس محمد ويجهي دور جو هو، يعني ته اسان جي ننڍپڻ وارو هو. ا.هه.

سنه 1962ع ۾ ميان محمد امين جي عمر 75 سال کن هئي، جنهن مان گمان نڪري ٿو ته شاعر دوس محمد سنه 1900ع ڌاري شايد زنده هو. مرحوم عبدالرحيم ’وفا‘ سندس بيت 1273هه (1857ع) ۾ لکيا، جنهن جي معنى ته دوس محمد اڻويهين صدي جي پوئين نصف جو شاعر هو.

راڌا بنديجا بلوچ آهن ۽ سندن نک بلوچن جي ’ڪَرمتي‘ قبيلي سان ملي ٿي. ’راڌا اڱاريا‘ ۽ ’راڌا بنديجا‘ ٻئي ڪرمتي قبيلي ۾ شامل آهن. تيرهين سن جي شروع ۾، ڪرمتين ۽ جوکين جي ’مڪلي‘ وٽ لڙائي لڳي، جنهن ۾ راڌا، سندن سردار مير مزار ڪرمتيءَ جي لشڪر ۾ شامل هئا:

”پاسي مير مزار جي راڌان لايا رنگ“.

ميان محمد امين چيو ته: شاعر دوس محمد ڏي ڪنهن ٻئي، شاعر سڄڻ جي صفت ۾ بيت چوائي موڪليو، جنهن جي آخري مصرع هئي ته:

پر پٺ تان نه پڇن، آهن منهن مقابل مٺا پرين.

انهيءَ جي جواب ۾ دوس محمد بيت چيو ته:

جهڙو منجهه مَڃُٺ جو، تهڙو سپريان جو ساء

دل کي، دوس محمد چئي، پوڄ ڏنائون پاهه

سڄڻ چارڻ سُواء، ويا پرين پاسي پٻ جي.

هن بيت ۾ پٻ جبل واري اهڃاڻ مان پڻ تصديق ٿئي ٿي ته دوس محمد دريجي ۽ ڪوهستان جي پاسي جو هو.

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته دوس محمد هڪ وڏو عالي دماغ شاعر هو پر جيئن ته سندس بيت سگهڙن ۽ راوين جي زباني نه چڙهيا انهيءَ ڪري عام مشهور ڪين ٿيا. سندس بيتن جي سهڻائي ۽ لفظن جي چونڊ مان اندازو ٿئي ٿو ته غالباً شاعر دوس محمد علم وارو هو. پهريائين اسان کي سندس هڪ بيت ڪراچي جي سگهڙن کان مليو ۽ هڪ بيت کپري جي سگهڙ جاڙي خان مري کان مليو. ان کان پوءِ مختلف سرن ۽ عنوانن هيٺ سندس چيل بيت اسان کي آخوند عبدالرحيم ’وفا‘ جي قلمي ذخيري مان مليا، جن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر دوس محمد جدا جدا سرن جا بيت چيا ۽ هر هڪ سر مان سندس چيل بيت پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هنر ۽ سينگار جا پڻ نهايت ئي سهڻا بيت چيائين جن جي مطالعي مان هن عالي دماغ شاعر جي شاعرانه قابليت جو ثبوت ملي ٿو.

 

محبت ۽ مجاز

فصل-1

1. منهنجي دل مست ڪئي، تو موهڻي ساڻ مجاز

پاڙهيئي پرين پرت مان، باري برهه بياض

تڏهين دوس سڪ، دوس محمد چوءِ، ٿي اندر دل دراز

 هاڻي اونايان آواز، آهنجي محب اچڻ جا.

2. آهنجي محب اچڻ جا، وجهان ويٺي واجهه

توري ڪانڌ قبوليان ڪينڪي، جي ڏيهه ڏين ٻيا ڏاج

دوس سندَيوَ، دوس محمد چوءَ، آهه هنئين کي هاج (1)

مٿي ٻانهي ٻاجهه، الله لڳ اچي ڪريو.

3. الله لڳ اچي ڪريو، ڀيڻي ڀر ڀتار

ساجن سڪ سرير ۾، آن ڏي اڪنڊ اپار

دوس سڪان، دوس محمد چوءِ، ٿي دوسن لئي ديدار

دلبر ڏيو ائين دل کي دلداري دلدار

ياري تو سين يار، آ ڪامل ڪُن فَيَڪُون جي.

ـــــ

ڪَههُ ڪانگا ڪرِ ڪاه، پُر پريان جي پار ڏي

اوري اُلهج ڪِيمَ ڪي، ريءَ دوساڻي درگاه

ڪج مَعلُم سڀ محبوب تي، هن من سندي منجهماه

دن رين، دوس محمد چوءِ، تنهنجي تن اندر تنخواه

آهين رحمي رهنماءُ، ڏسج پارس پاڻ ڏي.

فصل-2

1. تات طلب تن تور، سدا تنهنجي سپرين

آن جي من عشق ۾ پيو پچائي پور

دوس اچي، دوس محمد چوءِ، هوت ميٽيو سڀ هور

جهڙي چَڪُويٖ چنڊ چڪور، تهڙي پيتم پرت پريم جي.

2. سا ڌاري ڪريو مَ ڌار، جا نالي سُئي آهنِجي

عيب ڍڪيندڙَ آءُ تون، محب مٺار منٺار

هن در ماندي جي، دوس محمد چوءِ، اچي ساجن لهه سنڀار

تنهنجي يار پچار، مونکي دم دم آهي دل ۾.

3. دم دم آهي دل ۾، تنهنجي حب حبيب

هلي دارون درد جو توريٖ ٻئي نه طبيب

هن در ماندي جي، دوس محمد چوءِ، اچي ڪرڪا ڪَر قريب

آءٌ ٿي نهاريانءِ نت نجيب، تون آءُ عجيب آتيم جا.

4. آءُ عجيب اتيم جا، ٿي راضي رحم يڪ رفيق

من مَلي ڪر ماه جيئن، ڏي لالي لا شريڪ(1)

در ماندي، دوس محمد چوءِ، حاضر ميڙ حقيق

تنهنجي حب تحقيق، دل منهنجي مست ڪي.

 

سڄڻ جو سينگار

 

فصل-1

سونهنَ سخاوتَ شانَ، سڀَ ڳُڻَ لائقَ سپرين

چيهان چرن چڱا گهڻو، پاريور پڳ پان

سڄڻ سوڌا سرو کان، ڪيهَرِ ڪَٺَ ڪَسِلاَن

ڪنجل هنجهه ڪنبي ويا، چال برابر چان نه

ديهي ڌِمَ ڇپائي، شمس قمر شَمِدانَ

ڪم ڪئنچن اگن عجيب اڳئون، مات ٿيا مرجان

اُلِڊَهٌ انگ عجيب عجائب اڳرا ريشم ڪِرَ مَچ

ڪل قربان

وَڌ ڪيلانٌ ڪَرَ ڪرايون ڌُئا دست دَيا جي دان

قابو قائم ڪَرُ قريب جو، ويا ائنگي جا اوسان

ڪوئل ڪونج ڪُڇي نهين لفظ نه ڪنهن لسان

لبن لالي لعل کان ڇا رونق رنگِ رُمان

هيرا حيرت ۾ وڏا ڏوڏر دَڇن دَهان

دوس مِٺا، دوِس محمد چوي، تلخ تنهين وٽ تانه

سالِڪَ سالَ سَڀنٖ پَرين، صورت سرتِ سُبحان

روءِ رمز پسي رخسارن جي، ٿيا هِنڊوا هنڌِ حيران

چيهون چڀ چريا ڪئا، ڀَونر ڀِرن بيران

ڪَنؤتر نيف نمائيا، اليهر ۾ ارمان

ساجن جي سينگار جا بيحد باب بيان

ڪا مٽ تنهنجي ڪانه، جنس جڙي ٻي جوڙ ڪا.

ڪنجل قيصر ڪَنبئا چال چَريا ڪيا چِينَ

ديهيء ڌمَ ڇَپائي ماه مشابت مين

سي دوس مٺا دوس محمد چوءِ، سالڪ سُرت سنگين

هلي ڏس حسين، جئن شمع ٻري شمعدان ۾.

تُرنگ تليهر تنهنجا مرگهه اکيون مُک ماه

ياقوتي لالي لبيـــــٖن ڏوڏر ڏند صفا

اُلِڊَه انـــــگ عـــــجيــــــب جــــا، ڀونرَ ڀِرون بَنيا (1)

سَرَوَ ڪنا سُوڌا پرين ڪونتر نيف نَمَيا

سَهه ڳچي، ڪَٺَ قيصري، چيهي چرن چُميا

هنجهه گنير حبيب جِي، پَسي لوڏ لڄئا

تنهن جي سُڻي وائي سڦري ڪي ڪوئل ڪوڪ نه ڪا

ماکئان مصرئان مٺي گهڻو، محبت سرس سوا(2)

شان سخاوت اڳرا، ’دوسو‘، دل دريا

تنهن جي ديهيء ڌَمَ ڇَپائي، شمس قمر شَرمِيا

نواڙو نرمل کي پَرهه ڪري پُوڄا

جنهن جا پيا ٿـــٖـي پَڙِلا، تنهن پاتا پيچ پِران کي.

ترنگهن تليهر، ابرن ڀؤنر عرق ڪيا

آهي نـــٖـيفَ عجيب جو ڪَنا ڪِيل ڪثر

نَينن مرگهه نمائيا، فوڳان وڌ فوڳر

لبن لالي لال کان، ارنا اَتِ آڌر

ديکــــٖـي دند دهان ۾، ڏري پيا ڏُوڌَر

ڪوئل وائِي ڪَم ڪِي، انهيءَ جو اَئنِڇَر

ماکيان مصريان مٺا گهڻو، سَهان ڳاٽر سکر

ڪـــٖــيلان ڪَرَ ڪرائيون، دست چڱا دلبر

پَسي انگشتون عجيب جون، جَهپئا سڀ جهنور

تنهن جي ديــــٖـهيءَ ڌِمَ ڇپائي، عرشن منجهه اَبر

قيصر ڪَٺَ ڪَنبائيو، گَئِي گَتِ گَنيرِ

چرن چڱا وڌ چُوڙ کان، پڳ کان پاريوَرَ

تنهن جوت ڏسي جانب جي، اچي نايو ڪَنڌ قمر

صورت سپرين جي، ٿي آفتابان اَجگر

سي ديک سڄڻ، دوست محمد چوءِ، جي آهن گڏ اندر

نائي نيڻ نهار تون ٻئا ڇو دُوئيــــٖـن در

رک سو نافع منجهه نظر، ته منجهان تو معلوم ٿئي.

فصل-2

سڀڪنهن ويل سڄڻ جو خاصو خوب خيال

شان سخاوت اڳرا، قائم زور ڪمال

صورت سرت شبيهه ۾ ڪونهي ماهه مثال

درسن ۾، دوس محمد چوءِ، جانب وڌ جمال

تنهن سان لڳي لالي ڪانه ڪا، سو لالون ئي وڌ لال

تنهن نظر ساڻ نهال، منهنجو من مَلي مهتاب ڪيو.

سڀڪنهن ويل سڄڻ جو اوچو نِي اَغماز

قمر شمس قريب کي نيو ڪن نياز

ڀڃي پري ٿي بامني ڏسي درسن دور دراز

ڪُنجل قيصر ڪنبئا، ڪن لوڏان ڪٺ لحاظ

ترڪ تليهر ڀَونر ڀرن ڪئا، ترنگن آهه تواض

ڪُرِنگ ڪَئونتر ڪم پئا، هن جو حوران وڌ حجاز

ساجن جي سينگار جو ڪنهن ڪن ڪونه قواز

اڳيان دلبر، دوست محمد چئي، ٻيا سڀ رنگ رواز

تنهن ڏسي مُک محبوب جو ٿيو منهنجي من مجاز

دل سُوڙهــــٖــي ويا دم ۾، جيئن سو بحري باز

تڏ حرف وڳو گڏ ”هوءِ“ سين، ساه سنبهي ٿيو ساز

”تون هي تون هي“ تَن مان آيو ايُ آواز

ٿيو روح تهين سين راض، جنهن پاتا پيچ پِرانَ کي.

سڀڪنهن ويل سڄڻ جي جوت ڪري جُلوا

لالي تنهين لال سين ڪانه اچي ٻي ڪا

صورت سونُ جهڪائيو، محبوب جي ماه

سپيريان جي سونهن کي سورج ڪن ثنا

منهنجا دلبر، دوست محمد چئي، آهن برق ڪنان بي باه

شان شفاعت اڳرو مير محمد شاه

روح اچي ريلو ڪيو تن ڏي عشق منجهان ارواح

تنهن نافع جي نگاه، منهنجو من مهتاب ڪئو.

 

حڪمت ۽ دانائي

 

گوهر ڪنان گس، پڇج پار پريت جو

موتي ماڻڪ ڏس مڪان تي، ڪج ويل سُويلان وس

دوسان در، دوست محمد چئي، سوڌو وڃ سَرس

پاڻ وڃائي پَس، ته سوپاري سڄي ٿيي.

ـــــ

ڪَشــــٖــي دَم ڪَما حقُون، پڪڙي جهل پساه (1)

سوريَ چاڙهي ساه کي، رک آڳ مٿي ارواح

حمد هنبين ۾ حل ڪر طالب تَنَ لَهِي تَرڀاءُ

هڻ ڪَسوٽَي قلب کي، من ملي ڪر ماهه(2)

دوست سندو، دوس محمد چوءِ، ائين پُوندئي سرت سماءُ

رهه ۾ گڏبئي راءُ روبروء رفيق سو.

 

موکي

موکي مَنڌ ڀري، شيشا رک شراب جا

ساهُن سر سنباهيا سرڪي ڪاڻ سَري

دهرا دنگ، دوس محمد چوءِ، قاتل آڻ ڪري

ايندا تو ڳري، سسيون ڏيندا سٽ ۾.

سارنگ

سرس سدا سارنگ کي ڏني ڏاتر ڏات

سرسيون ڪيائين سنڌ سين وسيو سڀ ولات

ڇپر ڇانئِين هليو ڪِيائين ڪاهه قلات

درد گيا، دوست محمد چئي، بادل ڪي برسات

کوهَرِ کِيرَ کٽن سان، پالٽي پيا پرڀات

ديسين ڌاڃُ گهڻو ٿيو، طعام لٿي سڀ تات

ڪي رحمي ربّ رعات، ڌڻي درماندن تي.

سرس سدا سارنگ جا بنيا بَرنَ بهار

تنهن منجه پِيءَ طنبو هنيا، روءِ چڱي رنگدار

سبز رنگ سَندن هئو يا قودي جنسار

ماڻڪ موتي مڙهيا، تنهن ۾ جڙيا جال جَوهار

صاحب سائين سيج- بندن تي مڙني کان موچار

برسيا گل برهه جا، اڳيان چمن اپار

هوا پاڻ هڳاو ۾ ايڏي سان اختيار

اڳيان پٿريا ان جي غاليچا گلزار

هلڻ وير حبيب سين ڪي ڪڪرن پٺ قطار

محب مُنهين جا مون پرين مليا منجهه ملار

موٽيا پيءَ مڪان ڏي هُا درسن ۾ ديدار

شمس تارا شَبَڪَ ۾ ساڻ هوا سردار

وڄي نوبت نينهن جي مهندان محب مَڻِيارَ

تنهن دَرازي، دوس محمد چوءِ، ڌوڌوڪي ڌڌڪار

وڄڻ ويس وڏا ڪئا چِٽرائِي چوتار

پاسي هليون پيءَ جي هنڌون ماڳ هزار

تئن کِڙي چنڊُر خلق ۾ چمڪي پيو چوڌار

حورون حيرت ۾ ٿيون، ڪوئل ڪي ڪوڪار

اُن تان وسي بادل جي بامار، بوند ڀِڄاين ڪپڙا.

سارنگ ساري ساهه ۾ ڪوئل ڪي ڪوڪار

بادل ڀرجي آئيو ڪري ميگهه ملار

ڪڪرن ڪَرَ اوچا ڪيا برسڻ ڪاڻ بهار

ڏني دلداري، دوس محمد چئي، تاڙي جي توار

سنگهارن سَرهايون ٿيون، وهسيا وڻ ولهار

ڇڏيو ڏيهه ڏڪار، وڃي پيو نِرڄو نندُ نِڪو نجههَ ۾.

سارنگ ساري ساهه ۾ ڪوڪاري ڪوئل

مٿي سڏ سقيم جا اچي بحر ڪيا بادل

کِلي کنوڻيون نِکتيون، ڪيائون چؤڏس چِڪڙ چِلَ

دم تنهين، دوس محمد چئي، ڀريا ترايون تَل

ڪئي ائين مينهن اُڇل، جيئن ڏي سَٽون سانوڻ سِير ۾.

سارنگ سَنبهي آئيو، ڪري ويس وريام

تنهن کي زريون زربفت زيب گهڻي مولهيا ماهوت مدام

قَبا ڪُڙتيون قيمتي تجلا ڪن تمام

لالون موتي لک لپيٽيا هيرا هُوءِ هَشام

مَرڪن ماڻِڪ مُگهٽ مٿي ۾، سِرِ سَرِيون سَرِجام

حورون حيرت ۾ ٿيون ڄاڻ ڏسي وين ڄام

تنهن دوس جو، دوست محمد چوءِ، آهيان گولو گُنِ غلام

هِتي هُتي سو هاشمي سڀڪنهن آهه امام

اچي تنهن آرام، ڏنو حامي هر دو بشر کي.

مارئي

چٽ ڦٽو وڻ موريا، ٿي ٿرن ٿڌي هير

هڻن سَيريون سيلَيا پِيَنِ پاڪ پنير

ڪڍ بندياڻي بند مان، دوس محمد چئي، دلگير

پيرن سندا پير، مونکي مارن ميلئين.

سهڻي

اندر دل اُڪير، ٿِيس مَن ۾ محب مِهار جي

سا لحظي ڪُنَ لنگهيو وڃي، سِرَ سان ساهيِوُن سِير

سا تاريون تَرن تي تار مان، نِي محب ڏيو مَن ڌيرِ

ٿي ديواني، دوس محمد چئي، موهِي ساهڙ مير

ڪا پيتائين پڪ پريت جي عشق گڏي آڪسير

اِيُ کير نه جهڙو کير، جنهن تَن طهورا تار ڪيو.

اندر دل اُڪنڊَ، ٿيس من ۾ محب مِهارَ جيِ

گهڙِي گهڙو هٿ ڪري، گهران سُڻي سي گهَنڊ

اچي لهرن ساڻ لپيٽ ٿي ڇڏٖي نيڻان ننڊَ

اَر نه جهليو اُن کي ڪــٖـي مست پڙهيائين منڊَ

سا درياه مان، دوست محمد چوءِ، ڇُٽڪي ڇنڊَ

ڍَڪِيَ لنگهيائين ڍنڍ، وڃي پار ڏٺائين پِيَّ جو.

اَچي سڪ اَپرِ، ٿيس من ۾ محب مِهار جي

ايئن اچي پئي آر ۾ جيئن ڪيــــٖـريٖ ڪُن ڪَپَرِ.

تنهن تاريون ماري تار مان وان کنيون ويتر (1)

ديوانــٖـي، دوس محمد چوءِ، پيئي واهڙِ وَرِ

تکي تارنِ کان وڃي، ڀيـــٖـرَ لنگهيو هن ڀــــِرِ

جنهن جي دول دوسان جي درِ، سا اوري اٽڪي ڪينڪي.

محبت محب مِهارجـــٖـي ڪِي موهــٖـي مست مجاز

اچي گهِرِي تنهن آر ۾ جنهن جوريا جُنگ جَهاز

اونها ڪُن اَگهورَ اُتي درياهَ منجهه دراز

تارِيء تارِي تن مان نــــِي سا نيّت نينهن نياز

رکيا تنهين جا راض، دوس اڳيان، سودو چوي.

محبت محب مِهارجـــٖــي موهـــــٖـي ڪِي مستان

ڇا آرُ جهليندو اُن کي جا ڪِي عشق اَنان

درياء ۾، دوس محمد چوءِ، ڪيائين دوسُ ڌيان

جان اُتي عين کِيا اَخوانِ، تان سڀوئي ساهڙ ٿيو.

محبت محب مهارجـــٖـي چاٽي ڪِي به چَري

عشق اُڪارِي آر مان ويئي تِک تري

تنهن جي دل، دوس محمد چوءِ، دُونهنِ پاس ڌري

سا ويهي ڪيئن ورِي، جنهن پيا پيچ پراڙان پيَّ سين.

 ڪاپاتي

ڪَتي ڄاڻي ڪِي نه، آتڻ اوڏي نه وڃي!

تنهن آڻيو ڪانڌ اَڄاڻ کي، ڏي راتِبَ روز رنگين

هِيء ڀي آهِ وسيلي وَرَ جيٖ، ٻولِي ٻولــــٖــي ٻي نه

دوسُ دليان، دوس محمد چوءِ، لَهـــــٖـي تنهن جا

           قدر قَرينَ(1)

ڏڍِ ڏيو پِيُّ ڏان ڏَســـــٖــي، اها سمجهج ڳالهه سَرِينَ(2)

جت اَچي ڪڍنديون عُمَدا، سرتيون سُٽَ سنگين

تِتِ سائلَ هڻندي سِينَ، ڏيندا فضل فقير کي(3).

جوڙي چرکو جو ڏنئي آڻي ور اَرَٽُ

سو چاهُون چورِ چڱيان ڪري، پائي سڪ سَرٽُ

ڇڏ حيلا حرص هوس تون، اِن ۾ آهِ اُلُٽُ

طمع تات طرف جو ڪُٽي لاهج ڪَٽُ

ڪَڍُ سَڀُ ڪُوڙ ڪنڍا وجهي، نيڻان ننڊ نَپٽُ.

دوس ڏيئي، دوس محمد چئي، ڪي کَٽيي انهيء مان کَٽُ (4)

سُنگ صرافن سُٽ سيـــٖــن، ٿا مال ڏسيو ڪن مَٽُ

هُنِ حق جو پاتو هَٽُ، تون سمجهي ڪَتُ سَنگين کي.

جوڙي چرکو جو ڏنئي، ڪانڌ ڪتڻِ جي ڪاڻِ

سو ڦير فڪر ڪر فهم سين، ارٽ مَ ايءُ اولاڻِ

رکي ’پيڌي‘ پٽ تي، ڄنگهين، مُونين، هٿ مَناڻِ

’مالهه‘ مَلهاسيــــٖــي من ۾ ’چموٽِي‘، ’ڀِرڻِي‘،

’ٽَڪُ‘ ٽِڪاڻِ

اٿئي’ڦَنگ‘ عشق سين، ’کِپيــــــــــٖـن‘ ’جوٽييــــــــــٖـن‘ جوڙ جُواڻِ

’دَٻُسُ‘، ’تاڙي‘ ديهه ۾، ٿينديئَه ’پيڙهه‘

ڪنان پَهڇاڻ(1)

’ڌيِڪيُون‘، ’ليـــــــــــــٖــٽَڻِ‘، ’ڳُجهه‘ ۾ رک دل سچي دَرواڻِ

ڀورِي نينهن ڀتار جو سانڍ ’سَرائيءَ‘ ساڻِ

ٽيهه ’پُکيون‘، پنج ’پوڻيون‘، اِن ’ڪپهه‘ کي آڻِ

’نائڙي‘ ڪرنگهه نياز سين، تند پساهه جي تاڻِ

عادت ڇڏ اجهڻ جي، خامَ آهي کَرَ کاڻ.

وڍ لاڳاپا لوڪ جا حرصِ ڦٽا ڪر هاڻِ

اُهو لاهه اُگهاڙ جو، مُنهن ڏيئي مُنهَن- ڪاڻ (2)

جان دَر صراف، دوس محمد چوءِ، ٿئين سَرَهِي سَرتَنِ ساڻ

ڪنِبي سُٽُ ڪتيج تون، آهين زور اڄاڻ

ڪَندَءِ سِڪ سُڄاڻِ، سمجهي ڪت سَنگينِ کي(3)

رکِي پيڌِي پَٽِ، هٿ ڪري ڪت حال کي

ٿِيء سينڌِي سوداگر سين، ڪوڙ ڪچايون ڪَٽِ

ڇڏ کائي خام خيال کي، تون فنا ڏسي دل ڦَٽِ

نِسِ دِن اوره نگاه سين، وِره ٻاريٖ وٽِ (4)

اِن اَتيسار عشق جو آ ملهه مهانگي مَٽِ

جتي پرين پاساري ٿيو، اچي سَرتن لائي سَٽِ

تِت اڳيان سُٽُ صراف جي، نيئي منجهان پاند پَرِٽِ

ته ڏسِي دوسيائون، دوس محمد چئي، ڪندا گازنه گهٽِ(1)

حبيباڻي هَٽِ، ذرو ضايع ڪين ٿيي.

هنر

هڪ چوکو حسن حبيب، ٻئو سڀ مڱ مڪائي نانگلي (2)

جوار ڏئي جولان سين، ڪهڻي ڪاڻ قريب (3)

ڳاهه ڳيهون چوراهه تي، ٿيندءِ تير طبيب (4)

منجهه مانڌاڻي مهت ٿيي چيڻي گُند غريب (5)

مهر لڳئي مرشد جي، نوازئين نصيب (6)

ٻاجهه ري م کڻي پانهنجا ڪرنگها نيڻ نجيب (7)

آءُ دلبر، دوس محمد چوءِ، جانٌ ڪريو راه رقيب

چڻين چت عجيب، م ٽر، آءُ مهنجا پرين (8)

رامڪلي

پري پوري پنڌ، هي هت حال هلڻ جون ڳالهيون:

اندر آهي ان جي، نانهن جنهين ڪيو نَندُ

گڏيا گُر گيان ۾ غير گنوائي گندُ

ويراڳن وصال جي تن ۾ چوري تند

صبر سڪ سڪوت کي ڇڏي لڌائون ڇند

روء رکيائون رام جي ڪرنگهان ڪوري ڪنڌ

’لا‘ منجهه لاهوتن لڌو هوند وڃائي هنڌ

پيتؤن مَند مجاز مان، ڪيو ساسين ياد صمد

دل روح اڳيان، دوس محمد چوءِ، ان آڳهه ٿيو الحمد

نانگن نجهرا نور ٿيا جيئن سو چمڪي چنڊ

تون رند سهي ڪر رَند، آديسي آديس جو.

جان جوڳي جوڳ جهارييــــٖـن، تان سَمُندي سڪ سنباه

هوئج هردم همت حال سين، ڪي نه ڏسي ڪَنبُ ڪاهِ

حرف سڃاڻي حمد جو لاڳ لڳاپا لاهِ

”مهَمين“ ماٺ منجهان معلوم ٿئي، ڇڏ طعام طمع تنهاءِ

ٻارج ميء مجاز جي، چت من چوري چاه

ڪر فنا بت فراق سين بابو ڏيئي باه

”لا“ جو لفظ لپيٽيو، ’اڪبر‘ پاسي آه

دُرِ ناٿ دَيان، دوس محمد چوءِ، نارِ اتي جتُ ’ناهه‘(1)

صَبر، سڪَ، سُڪوت سندي، سَههُ سامي سَر، واهه

اها ڳالهه وٺي جند ڳاه، ته ويڄهو ٿييــــٖـن وصال کي.

جوڳين جندان جمنا، آهن گنگا منجهه غرق

نانگا نيئي ناٿ سين ڪيا سڪ سناسي سَڪُ

پرايائون پِيَّ کان منجهان ماٺ مَرڪُ

ڪري ويٺان ڪاپڙي تيلان سڀ ترڪُ

دُرس ٿيا، دوس محمد چوءِ، باهه چکي بيشڪُ.

همـﮧ ڀائن حق، نابودي نهال ڪيا.

ڄاڻي ڄٽائون، ڪيائون عشق منجهه عجيب جي

هو ناٿ تنهين جي نجهري، پلڪ نه پراهون

پسڻ خاطر پرينء جي پورب پوريائون

سامن کي سکپال ٿيا، ڌوتينِ ڌڄائون

درد گَيُنِ، دوس محمد چوءِ، ڏک جي ڏٺائون

پُنِيَنِ سکائون، گڏين گُر گداوَ ۾.

بعضي بازارن ۾، بعضي بر منجهه بيراڳي

بعضي مڙهييــــٖـن ماٺيا ماٺ ڪيا، بِعضِي ڪن اٿيو

سمهِنٌ سجاڳي

بعضي فدا تنهين فراق ۾، بعضي سامي سرها سهاڳي

اوريو جن الف سين ان کي ميم گڏيو ماڳي

دوس ڏٺائون، دوس محمد چوءِ، ساجن سو ساڳي

اڄ واري ويراڳي، سڀ نانگا ناٿ نوازيا.

6 بعضي بازارن ۾، بعضي وتن بر

بعضي مڙهيين ماٺيا ماٺ ڪيا بعضي سامي منجهه سفر

بعضي وسندا هوندا وس ۾، بعضي آسائو اَوَسَرَ

بعضي ڏکيا بکيا ڏٻرا، بعضي سيئي هونِ سَٻر

بعضي اَگها آديسي اَنِرا، بعضي سگها هوُنِ سکِر

بعضي درس سَرها، دوس محمد چوءِ، بعضي غم گڏيا گوندر

بعضي ڌوپيا واسيا ڌوپ سين، بعضي مِٽيء ساڙيا مَر

بعضي وَون ٿي ويندا واءُ کان، بعضي ڪيا سي اَڌ اُتر

بعضي لڪن لاهوتي لُڪ کان، بعضي جلائين جگر

بعضي ڪن ڪمائي ڪاف ۾، بعضي جائز جوڳي جر

جن ٿي صاحب گهريو سچ مان، تن کي مُهت ڏيندو محشر

ٻئا هيٖ جاهل، ڀوڻن جڳ ۾ تن کي ڪل نه آهي ڪر

سي بُک جو بازارن ۾ ڪوڙا کڻ ڪنگر

ڪي گهر گهر پِنندا ڀوڻن گهٽين ڪريو من مڪر

ڪي روڳي ڪڍندا رت سي ڪن ٿا ٽُڪريء ڪاڻ ٽَڪر

ٻئا ڪئين ناٽ کڻيو نابود جا سهسين ڀوڻن سَر

اوريو جن ’الف‘ سين آ ڌوتن عُمِر

تن کي پل پهچائي پاڻ ٿو رڻ ۾ رام ثمر

’ميم‘ گڏيو ان ماڳهين جن ڪيا ڦِٽا ڦَٽ فِڪر

اسم گڏيو تن جسم ۾، منجهان ظاهر ٿيا په دِڪر

اهي آهن راتو ڏينهان رنگ ۾ دل جا کلين در

هي زاهل ڀائين زِرَ، هُن کي پنڌ نه پورب جو پري ٿيي.

ـــــــــ


(1) چوءِ= چوي.

(1) منهنجو من مانجهي چنڊ جهڙو چٽو ڪر.

(1) روايت.’بنسا‘

(2) روايت. ’مٺي گهڻي‘.                         

(1) ڪما حقون= ڪما حقـﮧ (=بالڪل ايئن جيئن جڳائي) (2) ر: ماري ڪر.

(1) وان کنيون= ٻانهون ڪشاديون ڪري ترڻ.

(1)  قرين= سهڻو سڄڻ ساٿي

(2) سرين= پوري

(3) سين= سئين= صدا

(4) ڏيئي= توکي ڏئي

(1) دٻس= دبوس= چرخو. ديهه ۾= جسم ۾، اندر ۾.

(2) اهنو= مهڻو. منهن- ڪاڻ= عذر ميار

(3) سنگين= سهڻو (سهڻي چرکي يا سهڻي سٽ کي)

(4) نس دن= رات ڏينهن

(1) گاز= اهي گهورڙيا جي ڪپڙي وغيره جو واپار ڪن

(2)  چوکو= هڪ معنى ’چانور‘ ۽ ٻي معنى ’سهڻو‘. ٻئو سڀ مڱ مڪائي ناگلي= ٻئو سڀ گهٽ

(3)  جوار= هڪ معنى ان جو قسم، ٻي معنى جور يا ظلم. ڪهڻي= هڪ معنى ڪڻڪ جو قسم، ٻي معنى ڪهڻ واري.

(4) ڳيهون= هڪ معنى ڪڻڪ، ٻي معنى ’ڳهون‘ يا تڪليف ڪري. چوراه= هڪ معنى ’چونئرا‘، ٻي معنى ’چوراهو‘ ڳاهه ڳيهون چوراه تي= ڪشالا ڪر ۽ رند راهون ڳول. تير= تڏهن (هن لفظ ۾ ’تر‘ جو مفهوم سمايل آهي)

(5) مانڌاڻي= هڪ معنى ’ڏٿ وارو اَن‘، ٻي معنى ’اندر ۾ ولوڙڻ ۽ نفس کي مارڻ‘

(6) مهر= (رحم) ۾ مهري (مسور جي دال) جو مفهوم سمايل آهي.

(7) ٻاجهه ري= ’ٻاجهري‘، م کڻي= مکڻي. ڪرنگها= ’ڪرنگهه‘ جو مفهوم

(8) چڻيين= چڙهئين (هن ۾ ’چڻو‘ جو مفهوم سمايل آهي.)

(1) نار= نهار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org