سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :4

ترجمو

 

موجوده توڙي آئنده جي سڀني ڪامورن کي معلوم هجي

ته وڏيرو مير براهم ٻُرو[1] ۽ زهرو ۽ بيگ مانڊڙا[2] جي اسان جي راڄ پهت[3] وارا آهن، تن جي مواجبن (سرڪار طرفان منظور ٿيل وظيفن) وغيره جي رعايتن ۾ ڪوبه دست اندازي نه ڪري بلڪ سندن ڪاروبار ۾ هر طرح جي مدد ڪئي وڃي ورنه [ڀڃڪڙي ڪندڙ] سخت باز پرس هيٺ ايندو. نئن کرڙي[4] نئن وندر[5]، لڪ ڪُراڙو[6]، لڪ پٻوڻي[7] ۽ شهر اُٿل [واري سڄي اراضي] سندن [ملڪيت] شمار ڪرڻ گهرجي. کانئس ڪنهن به قسم [محصول وغيره] جي گهُر نه ڪئي وڃي ۽ کين اڳئين دستور موجب ’وڏيرپ‘ جي درجي وارو سمجهيو وڃي. سَنَد ۾ نالو ’بهرام! لکيل آهي، مگر صحيح براهم آهي، وڏيرو براهم وڏو بهادر هو. خان قلات، ڄام خان ڏانهن لکيو ته گچڪي منهنجي برخلاف ٿيا آهن، انهن تي چڙهائي ڪر. پوءِ ڪاٺور جو ڄام لَلو اڳواڻ ٿيو ۽ هتان مير براهم ٻُرو پنهنجي ماڻهن سان لشڪر ڪري چڙهيو. جنگ لڳي جنهن ۾ وڏي بهادري ڪيائين ۽ اُتي شهيد ٿيو. ڪنهن شاعر کيس شاباس ڏيندي چيو ته:

ڪاڇي اَئون قلات ۾ براهم ڀيم سندايَه

وجهيو دَس دائريـــــٖـن، مــاني ڪـــونه ڏِنــايَه

لــس نـــه لڄــــايـــــاءَ، اَحــــــدِي ميـــــر اُٿــل جا.

مَلڪ پاهڙ خان پنهنجي حڪومت جو دائرو ڪوهستان کان اولهه سنڌ طرف پڻ وڌائڻ ٿي چاهيو ۽ موجوده ضلعي دادو جي ڏاکڻي ڀاڱي تي پنهنجو تسلط قائم ڪيائين. ان وقت سنڌ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو پڻ پنهنجي حڪومت جون حدون ڏکڻ طرف وڌائي رهيو هو. بالاخر سنه 1117 هه/ 1705ع ۾ جنگ لڳي جنهن ۾ ميان يار محمد، پاهڙ خان کي شڪست ڏني. ان بعد پاهڙ خان سنڌ جي سرحد کي ڇڏي سڄو ڌيان لس ٻيلي جي حڪومت ڏانهن ڏنو. ملڪ پاهڙ خان اندازاً پنجاه سٺ سال کن ٻيلي تي حڪومت ڪئي، اُتي ئي وفات ڪيائين. ٻيلي جي اوريان پنج ڇهه ميل ”ٽيهارا مقام“ (ٽيهن درويشن جي مقام) ۾ ملڪ پاهڙ خان کي دفن ڪيائون.

پاهڙ خان کان پوءِ پڳ سندس پٽ عزت خان تي آئي، جيڪو صغير هو، انهيءَ ڪري ملڪ جي سنڀال سندس والده مائي چاڳلي جي هٿ ۾ آئي. ملڪـﮧ مائي چاڳلي ملڪ جي حڪومت نهايت دانائيءَ سان هلائي. پورالي ندي جي پاڻيءَ جو انتظام ڪري زراعت ۽ آبادي کي وڌايائين. اهڙي سهڻي انتظام سان ملڪ ۾ خوشحالي ٿي ۽ خزاني ۾ پيسو آيو ۽ ملڪـﮧ چاڳلي خود خيال ٿي حڪومت هلائڻ لڳي. پورالي جي پاڻي ۽ آبادي جي انتظام جي لحاظ سان عوام ۾ مثل مشهور ٿيو ته:

”پُورالي اٿس پار، تڏ چاڳلي ٿي چاڳ ڪري.“

ملڪـﮧ مائي چاڳلي جي حڪومت جو ڪاروبار اڪثر رونجهن جي معرفت هلندڙ هو. ان وقت ”ڪنراچ“ علائقي ۾ ڄاموٽ قوم جي سردار ڄام عالي کٿوريي ولد ڄام ربنا عالياڻي جي سرداري هئي. سندس ڀاءُ ڄام ڊگار کي رونجهن، ٻيلي جي ويجهو ”نانگ ڊيـﮧ“ وٽ نماز پڙهندي شهيد ڪري ڇڏيو. انهيءَ خون جي عوض ڄام عالي، ملڪـﮧ چاڳلي کي ٻيلي مان بي دخل ڪري، حڪومت جي واڳ سنڀالڻ جو ارادو ڪيو.

ڄام عالي ۽ ٻين ڄاموٽن ڏٺو ته قلات جو حاڪم مير محبت خان پڻ ملڪـﮧ چاڳلي کان ناراض آهي، سو وفد ڪري محبت وٽ پهتا ۽ دانهن ڏنائونس. مير محبت خان کانئن پڇيو ته، ’ٻيلي جي حڪومت ڪيئن وٺجي؟‘ هنن چيو ته اوهان مهرباني ڪري ’وَڍ‘ اچو ته اسان چاڳلي کي بيخبري ۾ شهر کان ٻاهر ڪڍي، ’ٻيلو‘ اوهان جي حوالي ڪريون. بالاخر محبت خان صلاح ڪري آخوند محمد حيات کي لشڪر ڏيئي روانو ڪيو؛ جنهن سان گڏجي ڄام عالي پنهنجي ڄاموٽن جي لشڪر ساڻ ’ٻيلي‘ تي ڪاهه ڪئي. جڏهن قلات جو لشڪر ٻارڻ جبل ٽپي ٻيلي جي حد ۾ داخل ٿيو ته ڄام عالي صبح ساڻ اوچتو ٻيلي جي شهر تي حملو ڪيو. هن اوچتي حملي سببان ملڪـﮧ چاڳلي جي هار ٿي ۽ ڄام عالي ٻنهپرن ڌاري ملڪـﮧ چاڳلي کي شهر مان نيڪالي ڪڍيو. ان بعد آخوند محمد حيات اچي ٻيلي ۾ ڇانوڻي هنئي اهو سال 1155هه/ 1742ع هو.

مائي چاڳلي هار بعد پنهنجي صغير پٽ عزت خان کي ساڻ ڪري، پنهنجي اصل وطن يعني سنڌ جي ڪوهستان ڏانهن رواني ٿي ۽ باقي ڏينهن گوشـﮧ نشيني ۾ گذاريائين. ملڪـﮧ مائي چاڳلي هڪ وڏي سڄاڻ خاتون هئي. سنڌ ۾ سندس واسطي وڏي عزت هئي. سنه 1214هه ۾ وڏي عمر ۾ وفات ڪيائين ۽ ڪوٽڙي لڳ کيس دفن ڪيو ويو.[8] هالن جي شاعر عبدالحميد رنگريز سنديس ’تاريخ وفات‘ تي هيٺيون قطعو چيو، جو اسان هڪ قلمي بياض تان اُتاريو:

وفات ملکـﮧ مائي چاڳلي

از فقير عبدالحميد عفي عنـﮧ رنگريز هالائي

ملکـﮧء اهلِ کوه با رفعت

برهمـﮧ اهلِ کوه حکم براند

عقلِ صد مرد في المثل عقل او

پيش او دست بستـﮧ کوهان

گرچـﮧ جملـﮧ نساء ناقص عقل

تاکـﮧ او بود زنده در دنيا

معني وحکمت بسرش بود

از خرد وصلِ او چوپر سيدم

روئي ابجد دوباره هاتف غيب

      2

زبدهء اهلِ پرده وعصمت

بود پر عقل صاحبـﮧء حکمت

کس زمردم ندارد اين دولت

داب دستور شاهيان شوکت

ليک آن بود عالي البرکت

گرد شهرش نگشت گـﮧ آفت

بعد زان رفت آن چنان عظمت

چيست سالِ وصالِ آن مراءت

گفت ’وه چاگلي بجنت رفت‘

1212= 1214هه

ڪؤنريجن ڄامن جي حڪومت

”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جا سنه 1044هه ۾ لکي وئي ان ۾ ڪوهستان واري اراضي ۾، جا ان وقت ’چاڪر هاله‘ پر ڳڻي ۾ شامل هئي، جيڪي مکيه طاقتور جاگيردار قومون آباد هيون، تن ۾ قوم ”ڪوريجه“ جو نالو ڄاڻايل آهي. ان مان گمان نڪري ٿو ته اهي ڪوهستان وارا ڪؤنريجا ڄام ئي هئا، جن پوءِ وڃي لس ٻيلي ۾ حڪومت قائم ڪئي.

ڪؤنريجن ڄامن سنه 1742ع کان وٺي سنه 1956ع تائين اندازاً ٻه سؤ چوڏهن سال کن لس ٻيلي تي حڪمراني ڪئي ۽ منجهانئن جملي نوَ ڄام حڪمران ٿيا[9] جن جو احوال مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو:

1- ڄام عالي کٿوريو: هن لس ٻيلي ۾ ڄامن جي حڪومت قائم ڪئي، ان کان اڳ هيءُ خاندان ڄاموٽ قوم جو سردار هو ۽ ’ڄام زئي‘ سڏبو هو. ڄام عالي جو پيءُ ڄام ربنو هو جنهن جو بلفتن (برفتن) سان تڪرار ٿي پيو، جنهنڪري هو لس ٻيلي مان هجرت ڪري وڃي مڪران ۾ سڪونت پذير ٿيو.

خاتون چاڳلي کي شڪست ملڻ کان پوءِ، قلات جي خان مير محبت خان، ڄام عالي کٿوريه کي لس ٻيلي جو اڌ ملڪ ڏنو ۽ هو سنه 1742ع ۾ ڄام گهراڻي جو پهريون حاڪم ٿيو. ڄام عالي کٿوريي سنه 1180هه/1776ع؟ ۾ وفات ڪئي ۽ سندس وڏو پٽ ڄام غلام شاه سندس جاءِ تي ٻيلي جو حاڪم ٿيو.

2- ڄام غلام شاه: هن جي دور ۾ قلات جي خانن سان سندن سڱابندي ٿي. مير محبت خان کان پوءِ قلات جو والي مير نصيرخان ٿيو، جنهن ڄام غلام شاه کي پنهنجي نياڻي ڏني. ڄام غلام شاه پنهنجي حڪومت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. هن اُٺل جي ٻُرن وڏيرن کي سونمياڻي بندر جي آمدني جو چوڏهون حصو سندن بهادري ۽ شجاعت جي عوض عطا ڪيو ۽ کين سنَد ڏنائين، جا هيٺ ڏجي ٿي.[10]

سند ڄام غلام شاه

عاملان حال و استقبال تعلقـﮧ بندر معموره سونمياني بدانند کـﮧ درين ولا از رويء شفقت عاليـﮧ مطابق عمل معمول و بـﮧ موجب دستور مولذي چهاردهم حصـﮧ از کل پيدائش حاصلات وغيره آمدني بندر مذکور بـﮧ شجاعت شعار تهوّر آثار خلاصـﮧ خاندان مير ميران ولد مير نوت بُره عطا گرديده- درين صورت بشما لازم آنست کـﮧ بملاحظـﮧ همين سَنَد دام ودرم از رويء محسوب حصـﮧ مسطور بـﮧ گماشتـﮧ ميرِ مشار اليـﮧ بلاعذر و حيلـﮧ اداي مي نموده باشند وهمين سند را منظور داشتـﮧ درخواست سند جديد نکند کـﮧ بخاطر جمع حصـﮧ مذکور را متصرف شده بـﮧ همـﮧ وقت از نيک خدمات سرکار عالي کوشيده باشد-

زياده خيريت تحرير بتاريخ غزه شوال سنه 1189

بنده درگاه

غلام شاه بن جام عالي

1180

ترجمو

تعلقي ۽ آباد بندر سونمياڻي جي موجوده توڙي ايندڙ آفيسرن کي آگاهه ٿو ڪجي ته هن وقت از روءِ شفقت عالي ۽ اهلي عمل ۽ دستور موجب بندر مذڪور جي جملي آمدني جو چوڏهون حصو بهادر، سورهيه ۽ گهراڻي گهر جي مير ميران ولد مير نوت ٻُري کي عطا ڪيو ويو آهي. انهيءَ صورت ۾ اوهان تي لازم آهي هن سند موجب نقد ۽ پيسو مٿي ڄاڻايل حصي موجب مير مذڪور جي گماشتي کي بغير ڪنهن حيلي بهاني جي ادا ڪريو ۽ هن سند کي قائم سمجهي ٻي نئين سند جي تقاضا نه ڪريو، جيئن مير مذڪور اطمينان سان پنهنجي ڄاڻايل حصي تي متصرف ٿي هر وقت سرڪار عالي جي نيڪ خدمت ۾ ڪوشان رهي.

زياده خير لکيل تاريخ پهرين ماه شوال سنه 1189هه

ڄام مير خان اول: ڄام غلام شاه سنه 1776ع ۾ وفات ڪئي ۽ کانئس پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ ڄام مير خان ٻيلي جو حاڪم ٿيو.[11] خان نصير خان کيس پنهنجي نياڻي ڏني ۽ لس ٻيلي جو باقي اڌ ملڪ پڻ کيس بخشش طور ڏنائين.

ڄام مير خان لس ٻيلي جي سڄي ملڪ کي پنهنجي حڪمراني هيٺ آندو. ملڪ جي مکيه سردارن ۽ قومي سالارن سان پنهنجي ڀاءُ ڄام غلام شاه وارو سهڻو سلوڪ ڪري پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪيائين.

ٻُرن جي وڏيري مير ميران کي سنه 1118هه/ 1784ع ۾ هيٺين سند ڏنائين جنهن موجب بندر سونمياڻي جي آمدني جو حصو دستور موجب کيس ملڻو ٿيو.

حڪمنامـﮧ مير ڄام خان

اخوت پناه بُوڻا جاموٽ مسرور باشد

چون لوازمـﮧ رسم بـﮧ شجاعت دستگاه ملا ميران عطوفت نشان مير ميران بعده از قديم الايام بر محال اين مقدر است وسال بسال متصرف ميگردد- لهٰذا قلمي يافت کـﮧ هالاهم بدستور اصل از درم تادم بـﮧ ميران مذبور مرحمت شده- مي بايد کـﮧ درين معنيٰ هيچ تفاوت تجاوز تصور نـﮧ کرده، بلا فرصت بـﮧ کارپردازان رخصت دهند کـﮧ بدستور سابق متصرف شده در خدمات سرکار عاليـﮧ ماکمر ايستاده باهم بستـﮧ باشد- درين باب تاکيد بليغ دانستـﮧ از فرموده انحراف نسازند-

زياده خيريت تحرير بتاريخ دوازدهم ماه رجب سنـﮧ 1198

ز محمد مير خان

دارد اُميد شفا

مُهر جام مير خان

مختصر طور مطلب ته ڄام بوٽا نالي آفيسر ڏي هيءُ حڪمنامو نڪتل آهي ته وڏيري مير ميران ٻُري کي دستور موجب سونمياڻي بندر جي آمدني جو حصو ڏنو وڃي.

ڄام عالي خان ثاني: ڄام مير خان اول جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ڄام عالي خان ثاني ٻيلي جو حاڪم ٿيو. هيءُ خان مير نصير خان جو ڏوهٽو هو، انهيءَ ڪري کيس قلات جي پٺڀرائي پڻ حاصل هئي. هن پنهنجي والد واري طرز طريقي تي حڪمراني ڪري سنه 1830ع ۾ وفات ڪئي ۽ ڄام مير خان ثاني ٻيلي جو حاڪم ٿيو.

ڄام مير خان ثاني: سندس والده بيبي نور بيبي مير مراد علي خان ايلتزئي جي ڌيءَ هئي. قلات جي خان مير محراب خان پنهنجي نياڻي بيبي الله ڏني جو سڱ ڏنو. ڄام[12] مير خان پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ لس ٻيلي جي قبيلي شاهي زئي مينگل جي سردار نورالدين جي ڀيڻ عائشـﮧ سان شادي ڪئي، جنهن جي پيٽان کيس ڄام عالي خان (ثالث) پٽ ٿيو. خان قلات وٽ ڄام مير خان ثاني جو شمار جهالاوان جي سردارن ۾ هو مگر قريبي رشتي سببان، زَرَّڪَزَئي سردارن کان سندس رتبو مٿي هو.

ڄام مير خان هڪ بلند حوصلي ۽ وڏي همت وارو حڪمران هو. هن ملڪ جو اعليٰ انتظام رکيو. ڪافي عرصي تائين حڪومت جون واڳون سنڀاليائين، رعايا سان انصاف ڪيائين ۽ دين جي خدمت ڪيائين. سنه 1283هه/ 1866ع ۾ ٻيلي جي شهر ۾ جامع مسجد جوڙايائين جنهن تي هيٺيون ڪتبو سندس دينداري ۽ نيڪنامي تي شاهد آهي:[13]

کتبـﮧ مسجد جامعـﮧ شهر بيلـﮧ

بنا کرده جام مير خان، حاکم لس بيلـﮧ

بهرِ رضاي خالق و بهر سجود خالق تعمير کرد مسجد رنگين و دل کشا آبرِ عطا، محيطِ، سخا، منبعِ حيا بانيِ اين خجستـﮧ روضة الصفا واليِ بيلـﮧ اسم ولقب جام مير خان کز قصر اوست چهرهِ آفاق را ضيا چون کلک مشبکار ز تاريخ زد رقم بر لوح او نگاشت ”زهي خانـﮧء خدا“

مرزا جان محمد ترين 1283

قلات جو خان خداداد خان دورانديشي کان خالي هو. هن پنهنجي مکيه سردارن ۽ سربراهن سان پائي کنئي ۽ بالاخر خان خداداد ۽ ڄام مير خان جي وچ ۾ پڻ نزاع پيدا ٿي پيو. هوڏانهن انگريزن پنهنجن پيرن پختن ڪرڻ لاءِ، ان موقعي کان پورو فائدو ورتو ۽ پنهنجي سازش کي ڪامياب بنائڻ لاءِ خان خداداد کي ويتر ڄام مير خان جي خلاف ڀڙڪايائون. نتيجي طور ڄام مير خان ثاني به پنهنجا ماڻهو وٺي، خان خداداد خان سان فيصلـﮧ ڪُن مقابلي لاءِ سنڀري نڪتو. پر چوبدار وڃي خان کي سجاڳ ڪيو، خان پنهنجو لشڪر سنڀرائي تيار ڪيو. صبح جو جڏهن ڄام جو لشڪر آڏو آيو، تڏهن سندس لشڪر ڄام جي لشڪر تي توب زني ڪئي، منجهند تائين اها جنگ جاري رهي، بالاخر سرخان جا سادات اچي وچ ۾ پيا ۽ ڄام مير خان موٽي آيو، پر ڄام جي دل مان ڪٽر نه ويو، جنهنڪري هن وري خداداد خان تي ڪاهيو. اها جنگ خضدار ۾ لڳي جنهن ۾ ڄام هارايو. خان خداداد خان ڄام مير خان کي ٻيلي مان ڀڄائي ڪڍيو ۽ شـﮧ غاسي غلام جان کي قلات طرفان ٻيلي جو حاڪم مقرر ڪيو.

ڄام مير خان ۽ سندس خاندان ڪراچي پهتو ۽ انگريزن ڄام کي قيد ڪري ڪلڪتي ۽ پوني ڏي اُماڻيو. سندس پٽ ڄام عالي خان ۽ سردار نوردين جو ڀاءُ مير ابراهيم خان اچي ڪراچيءَ ۾ پناه گزين ٿيا، جتي ڪمشنر سر وليم ميري ويدر کين نظربند ڪري حيدرآباد موڪليو، جتان ڪجهه وقت بعد ڄام عالي خان ۽ ابراهيم خان ڀڄي اچي لس ٻيلي پهتا ۽ سردار نوردين سان گڏجي مير خداداد خان سان مقابلا جاري رکيائون.

سردار نوردين مينگل: مينگل، رند بلوچ جي شاخ آهن: شاهي زئي، ذگر مينگل ۽ سماعلاڻي، مينگل قبيلي جون ٽي مکيه شاخون آهن، جن مان وَڍ ۾ وسندڙ ’شاهي زئي‘ سردار خيل آهن. نوردين جو ڏاڏو ولي محمد قلات جي خان محراب خان سان گڏ انگريزي فوجن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿيو هو. اِهو خاندان قلات جي خانن سان پڻ سڱيڻو هو، پر خان خداداد خان جي روش مکيه سردارن سان اَڻ سُهائيندڙ هئي ۽ خاص ڪري جڏهن خان، ڄام مير خان ثاني کي، انگريزن سان سازباز ڪري قيد ڪرايو، تڏهن کان سردار نوردين مينگل پنهنجي ڀاڻيجي ڄام عالي خان سان گڏجي، ساڻس جنگ ڪئي ۽ ٻيلي تي پهتو ڄامن جو قبضو ٿيو. انهيءَ ڪري سردار نوردين ڄڻ خان خداداد لاءِ اک جو ڪنڊو ٿي پيو ۽ هن کيس ختم ڪرڻ جو منصوبو سِٽيو.

سردار تاج محمد زرڪزئي جهالاوان جي سردارن ۾ ’مکيه سردار‘ جو درجو رکندڙ هو، تنهن کي پڻ خان خداداد خان مارايو هو، جنهنڪري جهالاوان جي سرداري جي جاءِ خالي هئي. خان حرفت ڪري نوردين سان صلح جون ڳالهيون هلايون ۽ کيس جهالاوان جي مکيه سرداري جي آڇ ڪيائين ۽ قرآن پاڪ وچ ۾ آڻي، قسم کڻي پنهنجي وزير عطا محمد داروغي جي معرفت نوردين کي قلات اچڻ جي دعوت ڏنائين. سردار نوردين، خان تي اعتبار ڪري، سنه 1875ع ۾ قلات آيو. سندس پهچڻ کان ڪي ڏينهن پوءِ رابرٽ سئنڊمن به پنهنجي منصوبي سان قلات پهتو. سئنڊمن وڏو هوشيار ۽ حرفتي هو: هو خان قلات ۽ سردار نور دين جي معاملي کان واقف هو، اِن ڪري هن خان سان پنهنجي منهن هڪڙيون ڳالهيون ڪيون ۽ سردار نوردين کي پڻ چتاءُ ڏنائين ته خان جي نيت صاف نه آهي. انهيءَ ڳالهه کان سردار ملا محمد رئيساڻي به نوردين کي آگاه ڪيو، پر وزير داروغي عطامحمد جي خاطرين ۽ خان جي قسم تي اعتبار ڪري، سردار نوردين قلات ۾ رهي پيو.

رٿيل تجويز موجب، سئنڊمن جي قلات مان روانگي کان پوءِ خان خداداد خان کي پنهنجو منصوبو عمل ۾ آڻڻو هو. جڏهن سئنڊمن قلات ڇڏي هڪ منزل اڳتي وڃي ڪئمپ ڪئي، تڏهن خان خداداد خان، سردار نوردين کي وزير عطامحمد جي سرڪاري نشست گاه تي مٿي ’ميِري‘ (قلعي) ۾ گهرايو. داروغي عطامحمد کي به خداداد خان جي فريب جي خبر ڪانه هئي. سردار نوردين ۽ داروغو عطامحمد پنهنجن ساٿين سميت ويٺا هئا جو خان پنهنجي پلٽڻ کي حڪم ڏنو ته سردار نوردين کي گرفتار ڪريو ۽ جيڪڏهن مقابلو ڪري ته قتل ڪري ڇڏيوس. نوردين کي هاڻي خان جي دغا جو احساس ٿيو؛ گرفتاريءَ جي حالت ۾ کيس يقين هو ته سندس عاقبت به آخر سردار تاج محمد واري ٿيندي- جنهن کي گرفتار ڪري مارايو ويو هو- سو پنهنجن ساٿين کي هڪل ڪيائين ته مڙسيءَ سان مقابلو ڪري مرڻو آهي. پوءِ پاڻ ۽ داروغو عطامحمد جيئن ٻاهر نڪتا ته خان جي پلٽڻ حملو ڪيو. داروغو عطامحمد گولي لڳڻ سان زخمي ٿي وڃي ڪريو. سردار نوردين ۽ سندس ساٿي وڏي جوانمرديءَ سان وڙهيا، تان جو سردار نوردين، داروغي عطامحمد جو ڀاءُ محمد علي ۽ ٻيا ايڪهتر ساٿي انهيءَ ماڳ مڪان تي مقابلو ڪندي مارجي ويا. هي حادثو تاريخ 9- ذوالحج 1293هه (1876ع) تي ٿيو.[14] سردار نوردين مينگل جي شهادت کي وقت جي مشهور فارسي شاعر محمد تقي شاه تائب پنهنجي رزميه مثوني ”گلستان شهادت“ (جا هن 18- صفر 1296هه/ 1878ع تي لکي پوري ڪئي) ۾ ڳايو؛ ٻئي طرف ٻيلي جي مشهور شاعر ’نم‘ سنڌي ۾ بيت چيا، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

سردار نوردين جي قتل کان پوءِ، سمورن سردارن ۾ سخت انتشار پيدا ٿي پيو. رابرٽ سئنڊمن جيڪو اتي موجود هو، تنهن ڄام عالي خان ۽ ٻين سردارن کي مستونگ ۾ سڏائي ٺاري ڇڏيو. سئنڊمن، ڄام عالي خان جي تقاضا تي سندس والد ميرخان کي، جيڪو پوني ۾ نظربند هو، آزاد ڪرڻ واري ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڄام مير خان آزاد ٿي ڪراچي پهتو، جتي ڄام عالي خان ساڻس وڃي مليو.

ڄام مير خان سنه 1877ع ۾ ٻيلي ۾ پهتو ۽ حڪومت جو انتظام سنڀاليائين. پٽس ڄام عالي خان جنهن ايڏا مقابلا ڪيا ۽ پنهنجي والد جي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيو، تنهن کي خيال هو ته سندس والد باقي وقت گوشـﮧ نشيني ۾ گذاريندو ۽ حڪومت جون واڳون سندس حوالي ٿينديون، پر ائين نه ٿيو جنهنڪري پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ اقتدار لاءِ ڪشمڪش شروع ٿي وئي. ڄام عالي خان کي انهيءَ ڳالهه جو به ڊپ هو ته ڄام ميرخان پوني ۾ جيڪا شادي ڪئي هئي ۽ جنهن مان کيس ٽي پٽ هئا. غلام علي شاه، يعقوب خان ۽ ڪيچي خان- تن کي حڪومت ڏيئي ڇڏيندو. ڄام عالي خان ڏاڏي پوٽي مان  هو، انهيءَ ڪري ڄاموٽ ۽ ٻيا راڄ سندس طرف ٿيا. گونگا، اڱاريا ۽ گَدور ڄام ميرخان جي پاسي ٿيا. پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام عالي خان کي شڪست آئي ۽ قيد ٿيو. ڄام ميرخان کيس ڪجهه وقت پاڻ وٽ رکيو ۽ پوءِ کيس انگريز ايجنٽ گورنر جنرل جي حوالي ڪيو.

ڄام عالي خان نوجوان ۽ باهمت شخص هو. تقريباً ڏهن سالن (سنه 1878- 1888ع) تائين ڄام عالي خان انگريزن جي قيد ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. جنوري 1888ع ۾ ڄام ميرخان ثاني وفات ڪئي ۽ وصيت ڪيائين ته کانئس پوءِ سندس پٽ يعقوب خان گادي تي ويهي، پر ائين نه ٿي سگهيو، ۽ فيبروري 1888ع کان جنوري 1889ع تائين ملڪ جو ڪاروبار انگريزن جي هٿ ۾ رهيو.


[1] يعني مير براهم وڏيرو ذات ٻرو

[2] زهرو ۽ بيگ ٻئي مانڊڙا جو اولاد موجود آهي.

[3] راڄ پهت يعني راڄ وارا.

[4] نئن کرڙي آبادي وارو پاڻي.

[5] وندر ندي.

[6] ڪراڙو لڪ جيڪو کارڙيءَ اوڀر طرف پٻ جي قطار ۾ آهي.

[7] يعني پٻوڻي وارو لڪ.

[8] اهو مقام ڪوٽڙي شهر کان ٻه ميل اولهه طرف ڪوٽڙي- حيدرآباد واري شاهراهه لڳ ڏکڻ طرفان آهي. عزت خان ۽ ٻيا ملڪ پڻ هن مقام ۾ مدفون آهن.

[9] ڏسو شجرو ص 28

[10] اصل سند اُٿل جي وڏيري علي مراد ٻري وٽ محفوظ آهي.

[11] آخوند محمد صديق پنهنجي تاريخ ۾ سال 1208هه (94/1793ع) لکيو آهي سالِ تاريخ آن شـﮧ سرور دو صد يک هزار وهشت شمر

[12] ٻي روايت موجب بيبي الله ڏني خان خداداد خان جي نياڻي هئي ۽ بيبي کنجان جي پيٽان هئي.

[13] اسان جمادي الاول 1382 (7- آڪٽوبر 1962ع) تي ٻيلي شهر ۾ منزل ڪئي ۽ مسجد شريف کي ڏٺو جڏهن ان کي جڙئي هڪ سؤ سال گذري چڪا هئا.

[14] تفصيل لاءِ ڏسو فارسيءَ ۾ تاريخي يادداشت مرزا احمد علي، جنهن کي هيٿورام، تاريخ بلوچستان (ص ص 261ـــــــ 262) ۾ نقل ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org