سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :17

هي جي سڀ انهيءَ تان اُٿي اَبيٺا

ڏمرجي ڏاڍا ٿي موٽي مُچ ٿيا

چون:ڪثر ڪنهن کي ڪين ڏيون اسين ڪين اصلا.

––

شاهوڪ هليا سيل تي پنهنجي پڊ منجها

اچي پاس اُٿل جي واهڻين ويٺا

رڍون چارين ريل ۾ ڊپ نه ڪوئي ڊاء

تن تي دريساڻي دؤنس ڪري اچي پؤنس پيا

تن مارڻ لاءِ مڙني جي هلي هٿ هنيا

لنگهي ڪارڻ لڄ جي عثمان اُٿوڙيا [1]

پاڻ سڃاڻڻ پاڻ کي اي ڪم اصيلا

اڄ ڪريون ٿا ايتري صبح سڀئي سمجهندا

ٻيا شاهوڪ به سَتِيا تن وڏا وس ڪيا [2]

پر ٿورا گهڻين سامهان ڪهڙي جنگ ڪندا

تِئان پَهُون هڻي پڌريون اَحدي وٺي آيا

پتيون ڪري پاڻ ۾ ورهائي ويٺا.

اُتان اُٿانئي ان ڳالهه تان شاهوڪ سنڀوڙا [3]

تڏي هليا ٽيهَه ڄڻا ڇيڙ کڻي ڇُٽڪيا

ڪَهِي کانٽي ڪپ تي اويلا آيا [4]

تن آڌي رَات اچي ڪيو ڌَمڻاڻين تي دهڪاء [5]

تن کي ڊَگار، جيئند، اڙٻنگ علو سورهيه سمهان ٿيا

جنِبون ڍيرا جان ۾ تن کي مُٽڪا موڪ لڳا [6]

سي اُبيٺا ايمان سين، ٻيا چَٻُون تان نه چُريا [7]

ڊِهَ ۾ اُت ڊَگار تي ڪرماڻين ڪڙڪاء

هُنِي ماري ڇڏيو پر پُنسِ ڪين پَساه.

ٻيءَ مائي مان رهايو مِيمان ڪيا مزار

حاضر تنهن کي هٿ تان ڏنو چوريڙي چهڪاءُ

پر ڪُو ڪُو سڏڪنن سين ثابت ئي سوا

حسڻاڻي هُل ۾ آيو اُن ويرا

مُڙي مينهنُ ڪينڪي چؤرنگ پسي چاه

ٻئي ڪنڌيين ڪين ڪمايو جي حاضر اُت هئا[8]

مُک ڇپائي موش سي ٻِرن ۾ بيٺا

ناڪس نهارين نور جيئن ڪر کڻيو ڪوڙا

اوڏا نه آيا اڳ کي ٿي ڏٺائون ڏُورا

تڏهن عيساڻي اُٿيو سائنُون سهڄا [9]

سو علي ڪري آئيو سنڀاريائين شاه

ڪڍي کنو کپ مان وڌيو ويريين ڏانہ

تنهن مانجهي سندي منهن تي اوڏا ڪين آيا

سو جوان جنبين سين جهوريو ڏهڪائي ڏورا

مري شير شهيد ٿيو مرد تنهن ماڳا

ٻئي بي سورهيه ست ڪمايا بانڪي تنهن جي ڀاء

ٽي ڌڪ ٽڏي اُڇليا واحدني ات واه

تنهن احدي جي اُرهه ۾ مُٽڪا موڪ لڳا

وکون کنيائين وتريون انهان سرس سوا

هڻي مال مٿي ٿيا ڇڏي واٽ ويا.

چڱي چاڳلاڻي کي ساري سگهڙ ڳاءِ

سو گهوڙي چڙهي گهڙيو حُسڻ هيج منجها

ننڍو هئو نينگرو ڊپ نه ڪيائين ڊاء

ڏيوَڙاڻي ڏيهه ۾ البت هئا اوڏا

دانهيي دانهيو تن کي ڏني سڌ سماء

ته شاهوڪ ماري سائنو وٺي مال ويا

هي بي صبح جو ساڄا ٿيا ٻگهڻ نِهر ٻُرا

آئيا اوتارين تي اهڙي اُهڃاڻا

لانچي مڙيا لوڙ کي تان پانڊو ڪين پهتا

مرُ جَنين جي مُٺ ۾ سي مَڏي مچُ ڪندا [10]

––

تڏ مٺي ميڙ سنباهي ٻهڳڻ ٻُرين ڏانہ

تنهن چڱا مڙس چوڻ لاءِ عقل سين آندا

تن پيرا کانٽي پٺ ۾ کونهرَ تي کوڙيا

ٻه ٽي ڏينهن ٻيٺا هئا سڀ سمجهڻ لاءِ

ٻولائي ٻُرين سين ڪيا مردن ماراڪا

اسين اوهان ڏانهن آئيا سک سندي سببا

مِٺي ميڙيون منٿون ڪي حيلا هلايا

تان هي ڪتر مڃين ڪينڪي ڪنهن جي ڳالهه  نه ڪيا.

––

پوءِ تان انهي پڊ تي ٻٽي ڏينهن لڳا

پانڊهَ موٽيو پُٺتي ڪري تسلو تهاء

ٻيلي قلات پاڻ ۾ پوءِ اڙا اٽڪايا

گرز گُمبارا ريفلون توفنگ لايو تاء

توف، تپاچا، توتڙا، ڪرَنَهِن ڪيو ڪڙڪاء

مٿو ڏين مڏي کي اچي اڳ – سانڍيا

نومڙيا نه وڙهيا ننگ تي توڙان تنگ هئا

پڙ کان پٺيرا ٿيا ڇڏي هُل هڳاء

ڪيائون نه ڪتر جيتري ڪا مٿي ننگ نگاه

اي عذرو آهي ان تي مرسڻ سردارا

تڏ حاڪم اُٿيو هڪل سين ڪاوڙجي ڪستا [11]

رشوت ريب رياء ۾ اي پڻ آه گناه

ڦيري فتح خان تي رکيا ڀائرين بهتانا

ماري جياري مون ڌڻي سوئي ڪڍي ساه

سمجهي ڪجي سڀڪا توڙي تپاسا

مُلا منشي من ۾ مِتيون محرابا

لکڻ لغتون لوح تي ڪنهن کي ناه رضا

قلم قادر وس ۾ ڪري پاڻ قضاء

طعام ڦڪو لوڻ ري تنهن ۾ لاء نه ساء

بنا محبت مائٽي آهي ان مثلا

ٽڪو ٽارڻ لڄ جو اي عيب اشرافا.

––

مِٺو موٽي آيو دانہ دُري ڏانہ [12]

ساڻس ڪيائين سڀوئِي اچي حوالا

ته ڪڍون وير وچ مان ٿيون يڪدل يقينًا

تنهن سُول نه ڏنو سک جو پروڙي پاڻا

پانڊه موٽئو پوءِ تي تسلو ڪري تِئا

پوءِ ٻٻر مٺو ٻيل ٿي ڪُهيا قلات ڏانہ [13]

تن سين صالح موسو سنبهي هليو جوان هتان

سي قنبراڻي ڪوٽ ۾ سلام تي سهڙيا

تن خبرون ڏنيون خان کي ملڪ سنديو مهندا

سڀائي سرڪار کي ٿي مڙئي معلوما [14]

تنهن مِٺو ٻٻر مهت سين پرهايا پاڻا

اوڇيائين ان کي لنگيون لباتا

چوکو چوغو چيٽ جو مليو صالح کي سهجا

اميرين جا اتهين بندابست ٿيا

جَنِي وَجَہ جهڙا تن کي تيئن مليا

تڏ مياڻيء جو مذڪور ڪيو شاهوڪ شوق منجها

خوب خداداد خان تنهن کي لکي خط ڏنا

ته سڀائي سونماڻي جي وڃي ڪري نوابي ٺهراء

––

خط کڻي سي خان جا اُٿل منجهه آيا

ات مِٺي کي منع ڪئي دَريس ڌيان منجها:

ته مياڻي تي متان وڃين سمجهه ڪر صبرا

تڏو وجهو تتهين ٻُرا آهن ٻيٺا [15]

خلل اوهان تي خون جو توکي ماريندا

تنهن کي ڪا مت قيمتي عيسي آڇي سا [16]

ته مصحف ميڙيون منتون توڏانهن آڻيندا.

علي اصغر عقل سين چويس سيد سرت منجها [17]

ته عيسي ۽ دريس جي سمن وٽ سڀڪا [18]

آهي خوبي ان ڳالهه مان تحقيق توهي لاءِ

تان نظر مرد مٺي کي پيو پاڻ مٿا

ڪنهن جي مڃي ڪينڪي ڳڻي اي ڳالهاء

هيس دُرس دَريس سين منهن ملاقاتا

پوءِ جا ٿيندي پڌري سڀ سڻيجا سا

تان براهي ۽ مانڊڙا خاشا خوب کنيا

صالح جنگي خان سين پُرس پهيو پاڻا [19]

ٻٻر گاجي خان کي چاڙهيائين چٽا [20]

سنگت ساڻس شيخ جي هوئي درس ڌُرا [21]

هڪڙو عمل احمد زئي جو ٻئا کرا خط هوا [22]

ٻئو اچي تنهن کي آڌار ڏني موٽي محسن شاه [23]

ته خط توسين خان جا ڊپ مَ ڀانئج ڊاء

تڏ ڪيو ڪري تن کي ڪاهيائين قصدا

پر ساري همت سگهه جي هوري جي هلندا

اهکي وير ان کي اچي نه عُذُروا

ريتيون راڄ پٿَن جون سڃاڻن سنڌا

شاهوڪ نه ڪئي هئي صاحبي مياڻي جو مورا

تڏ ٻُرين ڄاموٽين ٻيل ٿي کِنوائي خللا [24]

نندي – پوٽا ننگ جي هوا کَڙِي اڳي کڻندا [25]

’صاحب‘ ’براهم‘ سوڀ ٿي بانڪا هوا بيهندا [26]

پاڙا پوشيدن جا سدائين سُهندا

پي پي پيالن جي هئي ’صاحب‘ وٽ سدا

ڪچهري ۾ قابل جي رُڻ جهُڻ رس وڏا

تنهن ڇڏيا سوالي سمگيو جي ٿي آس ڪريو آيا

سچا ٻول سَٻول گهڻو ملڪ مشهورا

ٻيلي لس ٻروچَ کي تنهن پانڊو جي پڇا

سارِي سنڌ قلات ۾ پيئي پچارا

تنهن سوڙهون سيچاڻي ڏنيون بحري بيانا

ڪلهو هڻي ڪونڪو ساڻِس ٻيو سيِاء

علي محمد اُجاري سَلا ساڱايا [27]

سَلو ساپُرسن جو سُونٺائين سَهجا

تنهن سختي آندي شيخ تي ديون دهشتا

صاحب تي سَرمنڊيو مڱيي کي مٿاء [28]

ڇڏي لالچ لب جي ننگ کڻن نهرا

ٻُرو کڻي ٻين جا موران مدارا

ڪُڙهي قاصد موڪليو ماڻهو مٺي ڏانہ

ڪري سعيو سر جو پوءِ ڪجئين وک وڌاء

رضا محمد رهاڻ ڪئي شيخ مڱيي مهندا [29]

ته ملي کي متان ڇڏين اُلڪو ڀانءِ اتان

سا شيخ سمجهي ڪينڪي هئي عجب ڳالهه اِها

سي منهن ڇنڊ مياڻي تي هاڪاري هليا [30]

هيڏانهن علي محمد اُڇاريا واسو وَجهاتا [31]

ته آڻي ڏيو اسان کي سڀ سُڌ سماء

’جانو‘ ’ڳاڱو‘ جَس سين هليا جوان هتان [32]

تن ويندي ڏٺا واٽ ۾ هي چارئي چست چٽا [33]

موسي ات معلوم ڪئي لنگهي لوڏ اها [34]

تنهن موٽي چيو مِٺي کي پروڙي پاڻا

ته تحقيق ڄاڃي تنهنجا ٿا اچن اسان ڏانہ

تان هي مرد مڙيائي ڪينڪي ڪيائون وک وڌاء

سي ڪري تانگهه تڏي تي اچي ٻُڌ ڇڏي بيٺا

ٻُرين ڄاموٽين ٻيل ٿي اتي کِنوائي خللا.

––

’ٻُرو‘ ’ڄاموٽ‘ ٻيل ٿِي آيا احدي اُٺائي [35]

علي محمد اڳيين جي ٿو پانڊه پت رهائي

سا سڀ ٿيندي سرهي، پانڊه جت پائي

صاحباڻي سورهه چڙهيو ’ٻاڙي‘ مان ٻهڪائي [36]

تنهن هاٿي وڃي هٿ ڪيو علي خان اٿانئي [37]

اهو ڪهِر شينهن ڪنراچ جو ڪنهن سين نه ڪنڌ نمائي

صديق پوٽو سوئڙو اجهو راڄين آهي

بار کڻي ڀائرين جا سرتي ساڱائي

پهريندي ’پشتاب‘ تي ويٺا جوان جُنبائي [38]

علي خان احدين سين ٿو ٻهڳڻ ٻولائي

ته جوانا سنبهو جنگ تي وٺون وير ورائي

تن موسي سندي نياڻ تي ڪي مصلحت موٽائي

اُتو ڄاموٽ ايئن احدين اُڇائي

’ته ٻُرا ڇڏي مٺو ماريون ايئن ته نه جڳائي‘ [39]

تڏهن ’سوڀو‘ سنبهي اُٿيو انهن تان اُٿانئي [40]

ٻهڳڻ ٻيليين سين هليو چؤرنگ چتائي

پر گل محمد گت جي پانڊه ڳالهه پڇائي [41]

تنهن کي ڄاموٽين چيو ورنہ ورائي:

’نه جا اوهان جي من ۾ اسان اوء آهي‘ [42]

تڏهن چاڪراڻي چيو گل محمد گجائي

بي مياري بانڪين واري ورندي تهر ورائي

الله تُهاراُٿي هليا سورهيه سر سنڀائي

سي پاسي مياڻي جي وڃي ويٺا وک ورائي

’اڪ پَٽيء‘ کان اٿيا ڳالهيون ڳالهائي [43]

’ڪي اچجو اڀرندي تان ڪي ريل کان رمائي‘ [44]

سڀئي صوبي ساڻ آئيا ڪنڌي تان ڪوسائي [45]

تن سنگر صديقياڻي ڇڏيو جاسوس جوڙائي [46]

ٻيو درياهياڻي ديرن مان منهن اچي مرڪائي [47]

ٻئي سڱر ٻيلي ٿي هليا همٿ پائي

ٻرو اچيو ٻيليين کي ٿو ستر سُڻائي

معلوم خبر مردين ڪيئي ٻيليين ٻڌائي

ته ڪي ستا، ڪي جاڳيا، پرس پاٿارون پائي

اول صوڀو اُٿيو قيصراڻي ڪڙڪائي [48]

تنهن جذبي مان جُنب پڇنڊيو هڪل ساڻ هلائي

تڏ حويلي ۾ هُل ٿيو ڪوڪ ڪڙڪو آهي

ڌو ڌو ڌوم ڌڪاء ڪيو ٺاٺا ٺيپ ٺڪائي

اول جنگي خان اُٿيو احدي تيغ اُٺائي [49]

سو هٿ کنيو هڪلون ڪريو ڏوکين ۾ ڏر پائي

راڻي ڄائو، سچ سمائو، راوت رڪ ڪمائي

بيزنجي کي بهادري جي آڏ وڏائي آهي

تنهن کي صوڀي سيني کان کُتي سرواهي سيف سڌائي

ميان داد ۽ ميان وسايو آيا عهد اُٺائي

پهري پيو پار تي ڪي ڪُڙهي قيصر- ڄائي

تنهن کي جنگ ۾ جنگي خان هنئي احدي تيغ اُٺائي

ٻهڳڻ جهلي ٻانهن ۾ موٽي ميان وسائي

مدارو مياڻي جو مرد مٿي تي ڀانئي

نندي پوٽو ننگ سين سلو ساڱائي

تنهن موندرا مَلايا ناناڻا نروائي

صوڀو (قيصراڻي) ٿو مرڪيو پاڻ مارائي

ٻنهي پُٺين ٻيڪرو، ڌر ڪا گهٽ نه آهي

جيڏين سرتين جوان ساريو پاڙي زور پڇائي

چاڪراڻي چوٽي۾ آيو گل محمد گڙهائي

تنهن کي ٻه هٿ ٻهڳڻ اڇليا بيزنجي بڇائي

جهليا ڀڙ بندوق ۾ سي ورندا واچائي

سو بانڪو بيزنجي کي ٿو چورنگ چار چکائي

هڻندين هٿين آئيا بيٺا پگهه پائي

سانن سڱ اڙايا بيٺا پڙ ۾ پَئُه ڦسائي

وڃي گهوٽ گهُت پيا ڳوڌا ڳراٺيون پائي

تنهن کي جوڙي جنگي خان رکي وانڪر ڇنگ ورائي

کوليو ڦوليو خبرون ٿو پانڊؤ تنهن کي پڇائي:

ڪير آهن، ڪِن منجهان ڏي تون سڄو سُڻائي؟

چئي آءٌ بيزنجو آهيان، تو هري حرف هلائي

ميان وسائي جي مَٽ کي وڌو لاکيڻي ليٽائي.

پوءِ دُري ڄائو، اڳتي آئو، صالح ست ڪمائي [50]

تنهن کي جَنو هَري جان محمد جي ٿي چهٽيو چڪ پائي

سو مور هڻي ٿي ماريو مانڊڙو مَرڪائي.

اچو الهيار کي ٿو جانو جاڳائي [51]

ستو هو سيج تي نينگرو نروائي

مانجهي پٽ مٺي جو: تنهن سُڌ نٿو سڻائي

معصوم ماري ڪونڪو پر قضا ڪم ڪرائي

ايهو ان راڄن تي حرف حسابي آهي

الهيار اندر ڪيو پاڻ کٽ هيٺان کسڪائي

هئس پُلاء مرد مٺي جا پيٽ ۾ موران تان ملهائي

ڪنجي- دار ڪين ڪمايو تو بازو ۾ بُس پائي

صديق ستپو ڪينڪي، ٿيو پٺيرو پک ساهي

سالو جو شاهوڪ جو موڳو منهن لڪائي

ڪوڙو وڙهيو ڪينڪي بيٺو ڪين ڀڙائي

ٻيهو ٻانڀڻن وچ ۾ ٿو پوٿيون پٽائي

ته ڪيئن ٿيندي هي ڳالهڙي ڏيو سمجهه سُڻائي

تن وانچي ڏنيس ورندي ته وچ وطن ڏي وک وڌائي.

رمدان آيو رمز ۾ صاحبنو سرت ساهي

تنهن کي لنگهي کتايو ٻه ڌڪ ٻولائي

موسي کي اُٿ مَٽڪا هنيا پري تان پُڇنڊائي

هيڪڙو لڳس وَجهاتو وات تي ٻيو اُرهه منجهه آهي

مڱڻهار مٺي جو ٿو اصالت اَڇائي

ڌڱ ڌڪين سو دهلڙيو لنگهو لوڏ ملهائي

صوڀو اچو سڏ ڪريو ٻُرو ٿو ٻڌائي

ته آءُ مٺا اُسري، اسان جو ڪم تو۾ آهي

سائيني عيساڻي جو وٺون وير ورائي

هي ڀي ڪيهر ڪر کڻي اُٿيو ڪرماڻي ڪُڏائي [52]

پر جنگي ٻٻر ٻانهن ۾ جهليو راهه رنڊائي

چون: مرجان وهامي راتڙي آڃان ڪاري ڪامُههَ آهي[53]

رات وِهامي ڏينهن ٿيو روز روشن آهي

آفتاب اظهار ٿيو ٿو خورشيد کِڙائي

ته مڱيي، ٻٻر گاجي خان کي ٿو علي خان آڻائي[54]

حاجي شيخ نه ملي ته سڀني کي سيبائي

تنهن ڳوڌي ڪري ڳالهيون جهليا پانڊه پرڀائي.

مٺي ماڻهوء موڪليو ورندو تيهر ورائي

آيو تئو تراڙ جو ٿو مردن کي موڪلائي

تان هي چَپُو چُريائي ڪينڪي ويٺا گهنڊ ورائي

ميار مير مٺي جي رکيائون سر تي سهسائي

هو احدي اُٿي آئيو بانڪو ڀَئو نه ڀائي

شاهوڪ اچيو شوق مان ٿو مرڪيو مارائي

جوان جنگي مَلُ جهانجهرو ڪرُ کي ڪٽُ نه لائي

جهليو جهلجي ڪينڪي جوسفاڻي جنگ آهي [55]

مٽجي مٺو اُٿيو بهادري ڀڙائي

کيڙو نه کنيو اُٿيو سِرَ جو سودو لاهي

هي سڀ سور ساهه سان احدي ائين ڀانئي.

سينگار ڪري سنڀيو ڏٺو ڏيهه سَڻائي

ٻولائي ٻُرين کي ٿو سُخن سُڻائي

اچي اوهان مان اُسري ڪو پير اسان ڏانہ پائي

’مٿو‘ ’مٺو‘ جو اوهان ڪيو سو حاضر هي آهي

سي ڪري هڪل هڻڻ جي وچن گهٽيء پاس گُسائي

سو اول جو آئيو چالاڪ چتائي

عيسي تِهَرَ ادب ڪيو ٿو مُلُون موٽائي

هُيس ملاقات مٺي ساڻ ٿو مرد ملاحظو ڀائي

اهڙين جهيڙيـــٖـن جهڳڙين مُلون ڪونه مارائي

پوءِ ٺهڪايو ٺونٺن تان ٿو چئني چکائي [56]

مير مُراڻي، ٿيو جنگ ساڻي، بندوق ڀڙ بڇاڻي

ابيٺو ايمان سين ساهڙ سَتُ ڪمائي

قادرني گونگي ڪست مان هنئي ڌڪار دُکائي [57]

تنهن جهليو ڪين جوان کي ويو گوليلو گهڪائي

خميساڻي کَهٽ سين چڙهيو شير چتائي

واه ورايو وڙهيو ڀڙ بندوق بڇاڻي

تڏهن ڳاڱي اتي ڳاه ڪري آيو بانز ڀَڙائي [58]

سو ان کي سامهون ٿيو بي ڌڙ ڀَئو نه ڀائي

چئي: قصد ڪيوءِ قلات مان وٺ مهماني مرڪائي

مٽ منهنجو آهين ڇڏ وهم وجودان لاهي

چئي: ڀلي ڪري آئين ڀامِ تون اها بات بتائي[59]

تنهن کي اول احدي پڇاڙي شاهوڪ شوق رکائي

هن بنڀڻ پوٽي ڀَرُ ڏيئي جهلي سپر ۾ سهسائي

پوءِ ڪريو مور مٺي تي ٿو مرد مٿي ۾ لائي

هڻندي هٿين آئيا بيٺا ڳوڌ ڳراٺيون پائي

تڏهن گل محمد گُڏَ جو چرم چُهٽائي [60]

پوءِ ڪهِر شينهن ڪري پيو مرد ميارون لائي

راءُ ڇڏيائون رڻ ۾ ڇڳيرو ڇٽِائي [61]

سوڀي ڳاڱي ماريو مٽ کي اِنهيءَ نيت نڀائي

هيڪلو گهڻيئي وڙهيو پير نه پوئتي پائي

توفنگ هڻن تنهن کي جوانا تان نه جڳائي

اڳي تا احدين جي نيت اها نه آهي

هاڻي هن هنڌيـــٖـن وڌائون ورائي

آيا پوءِ اُٿل ۾ مِٺو مارائي

هاڻي مولا ميرخان آڻيين واحد ربّ ورائي

پادشاه تنهن کي پٽ ڏئي والي تخت ورائي

گولا ٻانها، اوهي نه امانا، تازي تنگ ڇڪائي

مهمان خانا، سڀ سمانا، کاڄ خوشيان کارائي

چمن صفائي چؤدار مسجد مرد منڊائي

الله عالياڻين کي واحد ربّ وڌائي

نم شاعر قصو جوڙيو چڱو بيت بنائي

آءٌ پڻ عاصي آهيان مون تان مولو مهر مَ لاهي

دانا دُهرو دان ڏئين سچو شينهن سنڀائي

مڃيان محمّد مصطفيٰ آڳو اُمت آهي

ڪلمون پاڪ جڳائي، موچاري محمّد تي.

لااِلـٰـﮧ اِلاّ الله محمّد رسول الله.


[1] لڄ رکڻ خاطر تن کي عثمان لنگهي واپس موٽايو.

[2] سيتا= مقابلي لاءِ پڪا ٿي بيٺا

[3] اٿانئي= ڏمرجي

[4] کانٽو ڍورو جو اٿل جي اڀرندي طرفان آهي

[5] ڌمناڻي ٻرا تن جي ڳوٺ تي

[6] ٻي پڙهڻي: تن جنبون ڍيرا جان ۾ جهجها جوپ جهليا

[7] ٻيا گيدي مقابلي لاءِ اُٿيائي ڪين

[8] ڪنڌين= کانٽي جي ڪنڌي تي ٻيا رهندڙ

[9] سائنو (سائينڏنو) عيساڻي پيروز- پوٽو ٻرو

[10] ٻي پڙهڻي: مرد جن جي مٺ ۾ سي مڏي مچ ڪندا.

[11] ر: تڏهن حاڪم ٿي هليو ڪاوڙجي ڪستا.

[12] درو دريساڻي ٻرو.

[13] ٻٻر ۽ مٺو ٻئي دريس جا ڀاڻيج جيڪي مٺي شاهوڪ سان گڏجي قلات ويا.

[14] ر: سڀائي سرڪار کي ڪيائون مڙئي معلوما.

[15] يعني ٻرا ات گهر ڪيو ويٺا آهن.

[16] عيسو ٻرو ڊگاراڻي خليفن مان.

[17] سيد علي اصغر، ڪبيرشاه جي خاندان مان.

[18] ر: سمجهه وٺ سڀڪا.

[19] صالح مانڊڙو ۽ جنگي براهي.

[20]  ٻٻر ۽ گاجي خان ٻئي دريس جا ڀاڻيجا تن کي پاڻ سان گڏ کنيائين.

[21] يعني مڱيو شيخ (؟)

[22] هڪ احمد زئي يعني خان قلات جو رعب تاب ٻيو مٺي کي خان جي طرفان خط ۽ پروانا مليل.

[23] گدڙي جو سليماناڻي سيد

[24] ٻرن ۽ ڄاموٽن پاڻ ۾ ملي مٺي جي مقابلي جو پهه ڪيو

[25] کڙي کڻڻ= پٿري کڻي وڙهڻ جو قول ڪرڻ

[26] نندي- پوٽا براهماڻي ٻر، براهم ۽ سندس ڏاڏو صاحب

[27] علي محمد براهماڻي ٻرو جنهن وڏن جو نالو روشن ڪيو.

[28] اڳين جنگ جو ذڪر جنهن ۾ صاحب ٻرو مٿان حفاظت ڪري مڱيي شيخ کي جنگ جي ميدان مان سلامت ڪڍيو.

[29] رضا محمد ٻرو

[30] (4) منهن ڇنڊ= ڪاوڙ مان

[31] اڇاريا= اٿاريا- موڪليا؛ واسو= جاسوس

[32] جانو ٻرو ۽ ڳاڱو بڪڪ

[33] چارئي يعني: جانو، ڳاڱو ۽ سندن ٻه ٻيا ساٿي، تن کي مٺي ۽ سندس ساٿين ڏٺو.

[34] مٺي جو لنگهو موسو تنهن هنن مڙسن (جاسوسن) جي لوڏ صحيح ڪئي.

[35] يعني صاحب ٻرو ۽ علي خان صديقياڻي ڄاموٽ.

[36] صاحباڻي ٻرو. وندر کان اوڀر طرف واري اراضي.

[37] اٿانئي= جوش ڏياري؛ ٻيون پڙهڻيون: اٺائي، آڻائي.

[38] پشتاب= هڪ مڪان جتي وندر جو پاڻي.

[39] ٻرا چون ته مٺي سان جيڪي ٻرا گڏ آهن، تن کي نه مارينداسين. ڄاموٽ چئي ته مٺو ۽ سندس ساٿي ٻرا سڀ ماريو.

[40] صوڀو ٻرو ان ڳالهه تان ڪاوڙجي اُٿيو.

[41] گل محمد پٽ چاڪر جو ’کيرين- پوٽا‘ ٻرن جي پاڙي مان

[42] يعني ته ڀلي ٻرن کي نهماريو

[43] اڪ پٽي= هڪ ڍوري جو نالو.

[44] ريل= سمنڊ واري پاسي کان.

[45] صوڀو قيصر جو، ٻرو. ٻي پڙهڻي: سوڀ سان.

[46] سنگر صديقياڻي، کيرين- پوٽو ٻرو.

[47] درياهياڻي ٻرو کيرين- پوٽين مان.

[48] صوڀو پٽ قيصر جو براهماڻي ٻرو.

[49] جنگي خان براهي.

[50] صالح مانڊڙو.

[51] الهيار پٽ مٺي شاهوڪ جو، جيڪو ننڍو هو.

[52] ر: تڏهن ڪيهر شينهن ڪر کڻي ٿو شاهوڪ سڏائي.

[53] ڪامهه= اونداهي

[54] علي خان ڄاموٽ، مٺي جي انهن ٽنهي ساٿين کي پاڻ وٽ ڳالهين لاءِ سڏيو ۽ کين ترسائي ڇڏيو.

[55] يعني مٺو پٽ جوسف (يوسف) جو. ٻي پڙهڻي: ”جيسپاڻي جنگ آهي.“

[56] ٻي پڙهڻي: ’ٿو چڪين چکائي‘

[57] لاريون بندقون ٻه قسم: هڪڙيون ڌڪار، ٻيون ميرڪيون.

[58] ڳاڱو بڪڪ.

[59] ڀام= ڀائم= منهنجا ڀاءُ

[60] گل محمد خان پويان اچي مٺي کي ڌڪ هنيو

[61] ڇٽائڻ= شاديءَ وقت راڳين رسمين گهوٽ کي سينڱارڻ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org