سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :21

باب نائون

شيخن جو خاندان: شاعر درويش شيخ حمر ۽ شيخ بکر

لس ٻيلي جي شيخن جو هي خاندان ”ڪڙياڻي شيخن“ جي نالي سان مشهور آهي. سندن ڌرئون وڏو ڏاڏو شيخ ڪڙيو هو جو ڪرامت وارو هو. اڃا تائين مثل مشهور آهي ته ”شيخ ڪڙيو گهوڙي چڙهيو.“ شجري جي خانداني روايت جا شيخ حاجي جمن (پٽ شيخ محمد صديق پٽ شيخ ابراهيم (ننڍو) پٽ شيخ گنج بخش پٽ شيخ ابراهيم (وڏو) شاعر پٽ شيخ حمر) کان ملي تنهن موجب شيخ حمر جي پُري مٿي هن طرح آهي: شيخ حمر بن ابراهيم بن اُڀوڙو بن حمر بن ابراهيم بن لڌو بن علاؤالدين بن طالب بن بجار بن ساند بن عمر بن شيخ ڪڙيو (جو بغداد مان آيو ۽ شهر ٻيلي ۾ مدفون آهي) بن شيخ طالب بغدادي جو حضرت بادشاه پير جو مريد ۽ خليفو هو.

شيخ حاجي جمن چيو ته: اسان جو خاندان اصل قلات جي طرف جو رهندڙ هو. خان نصير خان هنن درويشن کي ڄڻ پنهنجي نياڻي جو وارث ڪري لس ٻيلي ڏانهن موڪليو. ا. هه. لس ٻيلي جي ڄام مير خان اول، خان نصير خان اعظم (1750- 1793ع) جي نياڻي بيبي سلطان خاتون سان شادي ڪئي هئي. انهيءَ جي معنيٰ ته هي شيخ سنه 1750ع بعد لس ٻيلي ۾ آيا. مگر اسان جي خيال ۾ شيخ گهراڻو هن کان گهڻو آڳاٽو اچي ٻيلي ۾ رهيو. ڇو ته خان نصير خان جي ڏينهن ۾ ته شيخ حمر لس ٻيلي جو مشهور شاعر ۽ درويش هو جنن جي ننڍپڻ جي حياتي توڙي زهد ۽ عبادت وارا ڏينهن لس ٻيلي ۾ گذريا. ممڪن آهي ته خان نصير خان ائين چيو هجي ته: لس ٻيلي ۾ اسان جي نياڻيءَ سان شيخ حمر درويش جي دعا شامل هوندي ۽ اهو درويش ئي ڄڻ سندس حمايتي ۽ وارث آهي. بهرحال لس ٻيلي ۾ شيخن جو ڪڙم قبيلو گهڻي وقت کان ’حمراڻي واري ريجا‘ (ٻيلي) ۾ رهندڙ هو. اهو ماڳ اُٿل شهر کان اٽڪل ساڍا ٽي ڪوهه کن الهدني طرف آهي.

شيخ حمر

هي شيخ اصل کان فقير ۽ درويش هئا مگر سندن وڏي شيخ ڪڙيي بعد، وري نالو شيخ حمر ڪڍيو. ميان ڪريمداد خبر ڪئي ته: حمر اڃا ننڍو ئي هو جو سندس پيءُ ابراهيم (وڏو) گذاري ويو. حمر هاڻي ڇورو ڇنو ٿي نپنو. سندس چاچي کيس سڱ ڏيڻ جي نه ڪئي ۽ چيائين ته: هاڻي، هن ڇوري کي جو ڪماچي (رباب) پيو وڄائي، تنهن کي پنهنجي لائق لڳي نياڻي بُوجاٽي جو سڱ ڏيان! ڀائنجي ٿو انهيءَ ويڻ حمر جي دل تي اثر ڪيو؛ هن قرآن شريف پڙهي پڄايو ۽ ٻي ڪجهه اکري تعليم به ورتائين. ان بعد اچي زهد ۽ عبادت ۾ شروع ٿيو تان جو وڃي حب درياءَ ۾ ڏها ۽ چاليها ڪڍيائين. ا. هه. شيخ ميان گنج بخش خبر ڏني ته: شيخ حمر، بدوڪ جي لڪ کان ڏکڻ اوڀر طرف، ڇپر جي بٺي، جا درياءَ (کاري) جي پاڻي اندر ۽ گَڊائي کان الهندي طرف آهي، اتي وڃي جُهد ڪَٽيا ۽ جيءَ کي جفا ڏيئي نفعا ورتائين. ا. هه. چون ٿا ته انهيءَ خلوت ۽ رياضت ۾ موليٰ جي مٿس مهرباني ٿي ۽ چئن يارن جي زيارت کيس نصيب ٿي، جيئن خود پاڻ چوي ٿو ته:

”نديءَ تي نيئي ڪا جا ڪيائون ڳالهڙي“ ۽ ٻيو ته:

مجلس محبوبن جي مون وٽ آڌيءَ رات اچي

منهنجو جيء جياريو، تن پرين پاٻوهـــٖـن

مونکي حمر هڏ نه وسريا، جاني گڏيام جي

ٻيو ڀيرو ٻاجهه پئي، من پاڻ پسائينِ سي

تن منجهه تني کي، گهڻو گهوري آهيان.

حاجي ميان سليمان موندري خبر ڪئي ته: شيخ حمر چاليهه ڏينهن جُهد ڪَٽڻ بعد جڏهن پاڻيءَ واري بٺيءَ کي ڇڏي ٻاهر نڪتو تڏهن اسان جو ڏاڏو کنگهار ساڻس رفيق ٿي، کارڙيءَ جي لڪ وٽان گڊن مان ٿيندٖي، کيس پنهنجو ڳوٺ پهچايو. ا. هه. چون ٿا ته شيخ حمر، پنهنجي نفس نمائڻ بعد موٽي اچي مخلوق جي فيض واسطي پنهنجي ڳوٺ ۾ رهيو جتي پنهنجي مڪتب ۾ ٻارڙن کي قرآن شريف پڙهائيندو هو. سندس پٽ شيخ ابراهيم ۽ ان جا ٻيا رفيق سڀ شيخ حمر جي مدرسي جا شاگرد هئا.

ٻيلي جي روايتن جي اهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ چيو ته: ”اسان جو والد شيخ ميان سائينداد چوندو هو ته شيخ ابراهيم ۽ ڪبيرشاه ٻارهين سنه جا هئا. ا. هه.“ انهيءَ جي تائيد هن مشهور روايت مان به ٿئي ٿي ته شيخ ابراهيم ۽ ڪبيرشاه جو ڄام ميرخان اول (1776- 1818ع) جي ڪچهريءَ ۾ مارڪو ۽ معاوضو ٿيو. ٻارهين سن ۽ ڄام ميرخان اول جي حڪمراني جي تطبيق مان هنن شاعرن جو مقابلو تقريباً 1776- 1781ع واري عرصي اندر قرار ڏيئي سگهجي ٿو. انهيءَ وقت شيخ ابراهيم ۽ ڪبيرشاه پخته مشق ۽ مشهور شاعر هئا. جيڪڏهن ان وقت شيخ ابراهيم جي عمر چاليهه- پنجيتاليهه سال کن هجي ته انهيءَ لحاظ سان سندس ولادت 1730ع ڌاري ٿي سگهي ٿي ۽ سندس شاگردي وارو زمانو 1740- 1750ع تائين ٿي سگهي ٿو. انهيءَ وقت شيخ ابراهيم جو والد شيخ حمر يقيني طور موٽيل وهي ۾ هوندو. شاه عبدالطيف 1752ع ۾ وفات ڪئي جنهن مان سمجهجي ٿو ته شيخ حمر، شاه عبدالطيف جو ننڍو همعصر هو.

شيخ حمر راهه جي پنڌ سان حج تي ويندي ’بِرڪاء‘ ۽ ’مترا‘ ۾ جَعبُان جي حد (يمن جي لڳ ڀڳ) ۾ وفات ڪئي. غالباً هي سندس ٻيو حج هو ۽ ان کان اڳ پنهنجي هڪ بيت ۾ دعا گهرندي چيو هئائين ته: ”جُڙيو آ جعبان ۾، حمر تنهنجو هنڌ.“ شيخ حمر جي وفات ٻارهين سن جي پوئين نصف ۾ ٿي. خان نصير خان اعظم جي نياڻيءَ جي شاديءَ واري روايت مان گمان نڪري ٿو ته شيخ حمر شايد 1750- 1776ع واري عرصي اندر وفات ڪئي.

جيتوڻيڪ شيخ حمر، شاه صاحب جو همعصر هو ۽ سندس بيتن مان ڀٽائي صاحب جي بيتن واري بوءِ اچي ٿي مگر تنهن هوندي به شيخ حمر جي شعر ۾ ڀٽائي صاحب جي نقالي نظر ڪانه ٿي اچي. شيخ حمر جو شعر به شاه صاحب جي شعر وانگر حقيقي رنگ ۾ رڱيل، تمثيلي طرز ۾ رچيل ۽ فصيح بليغ سنڌي ٻولي ۾ ورجايل آهي. مثلاً

جاڳڻ منجهان جس، ستي ساجن نه ملي

آٽـــٖـي اڇو نه ڪرين قلوبان تون ڪس

هتان ويا، حمر چئي، پٽ تنين جا پس

جڳ ۾ اني جس، جي ڏٖينِ اوجاڳو اکيين [1]

گمان غالب آهي ته شيخ حمر پنهنجي حياتي ۾ گهڻو ڪو شعر چيو هجي ۽ پاڻ پڙهيل هجڻ واري حالت ۾ ڪو وڏو رسالو پويان ڇڏيو هجي. سندس بيتن جي نون ۽ انوکن عنوانن مان سندس طبع جي رواني ۽ سندس شاعريءَ جي گهڻائيءَ جو دليل ملي ٿو، مگر سندس پٽ شيخ ابراهيم جي نئين رنگ ڍنگ جي شاعري لس ٻيلي ۾ ايترو ته مقبول پيئي جو ان شيخ حمر جي صاف صوفيانه شاعريءَ کي ڍڪي ڇڏيو. ويتر جو شيخ ابراهيم ۽ ڪبيرشاه اچي اٽڪيا سو ٻيلي جي سڀني اميرن توڙي سگهڙن، عام توڙي خاص جو ڌيان هنن جي مقابلي ڏانهن منتقل ٿي ويو: هن مناظري جي مقبوليت ڄڻ سندن ذهن تان ٻيلي جي اڳين شاعرن جو نالو ئي ميساري ڇڏيو انهيءَ ڪري ڀائنجي ٿو ته شيخ حمر جو ڪافي شعر سگهڙن جي سيني ۾ نه اچڻ سببان ضايع ٿي ويو.

لس ٻيلي جي سگهڙن مان شيخ سنگر سو شيخ ابراهيم جي بيتن سان گڏوگڏ شيخ حمر جا بيت به ڏيندو هو مگر اڄڪلهه [2] ٻيلي جي سگهڙن کي شيخ حمر جا بيت نسبتاً ٿورا ياد آهن. البته شيخ سائينداد جي ڪتاب ۾ شيخ حمر جا گهڻا ڪجهه بيت قلمبند ٿيل مليا جنهن مان ڀائنجي ٿو ته شيخن جي پنهنجي خاندان ۾ شيخ حمر جا بيت پشت بپشت هلندا آيا. بالڪل ممڪن آهي ته شيخ حمر پويان ڪو رسالو ڇڏيو هجي، مگر ڏينهن پئين وڃي ورق باقي بچيا جن مان ئي شايد شيخ سائينداد پنهنجي ڪتاب ۾ اهي بيت قلمبند ڪيا. انهن بيتن جو باهمي تسلسل ۽ سرن جي ترتيب ڏيکارين ٿا ته هي بيت ڪنهن رسالي جو جُز آهن. شيخ ميان گنج بخش، شيخ گهراڻي جي ٻئي هڪ شاعر شيخ بکر جو ذڪر ڪندي چيو ته: ”شيخ بکر جا به گهڻا بيت هڪ رسالي ۾ محفوظ هئا مگر اهو ڪتاب ضايع ٿي ويو.“ نه معلوم انهيءَ ڪتاب جي ضايع ٿيڻ سان شيخ حمر جو ڪيترو شعر ضايع ٿي ويو هوندو.

اسان شيخ حمر جا ڪجهه بيت شيخ سائينداد جي ڪتاب مان انتخاب ڪري سگهياسون ۽ ٻيا ڪي بيت مختلف رواين کان ٻڌاسون؛ بهرحال جو ذخيرو ملي سگهيو سو هيٺ پيش ڪجي ٿو ۽ اهو شيخ حمر جي شاعرانه خوبين کي پرکڻ لاءِ ڪافي آهي.[3]

نديءَ تي نيئي..........

1- نديءَ تي نيئي، ڪاجا ڪيائون ڳالهڙي

کڻي عين احسان جا، ٻوليائون ٻيهي

حمر چئي حبيب پرين منهنجا سرور سڀيئي

موکيل محبوبن جي آهيان اڳيئي

هيءَ جا پناري پيئي، سا گولي وجهجو گس تي.

2- زرخريد بندي، آهيان دائم ان در جي

آسري اصيلين جي آءٌ واديءَ پاس وندي

معلوم اٿيئي مان جا ڌڻي، ٻي ناهم من مندي

آهيان تن سندي، موکيل محبوبن جي.

3- مجلس محبوبن جي مون وٽ آڌيءَ رات اچي

مون جو جيءُ جياريو، تن پرين پاٻوهي

حمر هڏ نه وسريا، جاني گڏيام جي

سي ٻيو ٻاجهه پئي، من پاڻ پسائين سي

تن منجهه تنين کي، گهڻو گهوري آهيان.

من ملاقت سپرين

1- ميم ملاقت سڄڻين، جيم ملاقت جن

ميم ملاقت سڄڻين، وحدت وائي تن

تن جا ڀرون ڀئونر ورنا امل اکڙين

گهڙي هٺ حمر چئي، مونکي سندي طبع تن

آءٌ نه جوڳي سڄڻين، جتيءَ نه جوڙ سندن

نظر نماڻيءَ تي کلي مان کڻن

مان مون سين ڪن، ڪا صلح جي سپرين.

2- من ملاقت سپرين، آهن محب منهينجي من

راتو ڏينهار روح ۾ ٿا اچيو گهٽ گهڙن

اهل انهيءَ پار جي، ڇڏيا تان نه ڇن

سڪ سڄائين اڳري، آهي ويتر کان وڄن

اهڙو آب اکيين ۾ جنهور جئن جهرڪن

جو ٿر ڏيا جهپيا، ڪاجا پيرن ڪن[4]

صورت ڀريا سپرين ٿا منهن لڳيو مرڪن

موتي ڪونه مٽ ٿيو سندي ڏت ڏندن

پير پٽائين اڳرا جيئن تجلو ڪيو تارن

عجب جهڙيون آڱريون ٿو ٽمي نور نهن

سرهو ڳالهاءُ سڄڻين ٿا کٿوريءَ کلن

تن کي پريون پسڻ آئيون، ٿيون وَءَ پيو واجهن

حورون حيرت ۾ پيون پسي سونهن سندين

عجب انهيءَ ڳالهه جو ڪيو مجرو ملوڪن

عبوسان ئي اڳرو آهي ڀنڀو ڀير ڀرن

سنهي ليڪ سيني تان ٿي سونهي سپرين

ڌريو نڪ نراڙ ۾ ٿا چتونءَ چهنب چون

جا پيشاني پرين، تنهن ٻيو مڙوئي مات ڪيو.

3- من ملاقت سپرين، ڏيئي جهڙي ڏت

من سارين ماڳ تي جاني رهن جت

ڪانگل قريبن جا نيئي توڙ پهچايو تت

پيئي جن پرت، سي نينهن نباهي مليا.

4- صبوح وير سبحان جو پرين پسايوم

ماڻڪ محبوبن جو اندر روح رهيوم

تحفو تن جو تن ۾ لوڪان لڪايوم

سو گند جو سائينءَ جو سو قريبن سين ڪيوم

حمر حبيبن سين اچي پيچ پيوم

هٺان هول ويرم، دلگيري دفع ٿي.[5]

”قالو بليٰ“ قول

1- سج چنڊ پيدا ڪين هو، نڪو رنگ رباب [6]

نڪي تارا ڪتيون، نه ڪو ”قوس“ نه ”قاب“ [7]

نه ڪو ڪعبو قبلو، نڪو هو محراب

نه ڪو عرش عظيم هو، نڪو هو مهتاب

نه ڪو ڌر درياه هو، نڪا اڇل آب

”الست بربڪم“ پڇيو پرين جواب

تڏ حمر ايءَ حساب، من منهينجي مڃيو.

2- سج چنڊ پيدا ڪونه هو، نڪي چُکيون چار

نه ڪو معلوم مغرب هو، نه مشرق ساڻ مهار [8]

نڪا جوڙ جنوب جي، نڪا قطب ڪار

حمر چئي، حبيب پرين منهنجي ارواح ٿئڙي آر

تڏ دوساڻي ديدار، مون هو ”قالو بليٰ“ ڪهيو.

3- سج چنڊ پيدا ڪونه هو، نڪو دُر درياه

نه ڪي ڏونگر ڏنيون، نه ڪي چشمين چاه

نه ڪي وڻ وٽ هئا، نه ڪي رهبر راه

انهي هٺ حمر چئي، ڪئي ڳجهاندر ڳاه

من منهينجي ساه، تڏ ”قالو بليٰ“ ڪهيو.

4- سج چنڊ پيدا ڪونه هو، نڪا جوڙ جليل

نڪي مُؤڪل ماڳ تنهن، جاءِ نه جبرائيل

نڪي پکڻ، جن، ديوَ هئا، مَپُ نه ميڪائل

منهنجي هٺ حمر چئي، وريو سڏ سبيل [9]

ڏهڪي منجهان ڏيل مون ”قالو بليٰ“ ڪهيو.

5- سج نه ڪوئي چنڊ هو، هئي اونداهي اتول [10]

”الست بربڪم“ جت ڪيو ٻاجهيندڙ ٻول

لڳي داڳ ديَن ٿيو، رچي رنگ رتول

حمر حبيبن جو، مونکي اندر هٺ هول

”قابلو بليٰ“ قول، ٻڌم ٻاروتن ۾.

6- سج نه ڪوئي چنڊ هو، هئي اونداهي ايئن

نڪا ڇوه ڇمر جي، نڪي مينگهين مينهن

نڪي مندون موسمون، نڪي راتيون ڏينهن

نڪي عرش ڪرسي، نڪي طبق تيئن

حمر چئي حبيب سينءَ عهد ٻڌوسين ايئن

مان به توئي سينءِ، ٿي ”قالو بليٰ“ ڪهيو.

7- سج نه ڪو چنڊ هو، هوئي هونگ هڳاءَ

ارڙهن جڳ ائين گذريا اڳي آدم کانء

پرينڻي پرينءَ جي بنيو ايء بناءَ

ٻريو ڏيو ڏيهه ۾ شاه شاهن جو شاه

پيغمبر پيدا ٿيو نبي آخر زمانا

تنهن هتي هت، حمر چئي، داتا لڌو داءُ

نايو ڪنڌ قريب ڏي ٿو اڪيري ارواح

نرمل ڪر نگاه، احمد امت ڪارڻي.

ڪارونڀار ڪُن گهڻا

1- ڪارونڀار ڪُن گهڻا، تڙ ٿا تار سُڄن

وهي نِت نِڪونج ۾ نهه سؤ سٺ ندين

هميشـﮧ، حمر چئي، ڀَتـــٖـين ڀير ڀِرن [11]

تِتي تارو طالب ڪيترا واهُرَ واٽَڙيِن

اونهي اِن عميق جي ڪر نه لڌي ڪِن

محب جنِين جي مَنَ، سيئي سامونڊي ٿيا.

2- ڪارونڀار ڪُن گهڻا، تڙ مڙيئي تار

ڪنبان ٿو قلوب ۾ ڪوجهي ڪيم ڪار

پنج پڳهه، ٽيهه اوليون، ساڄا سڙهه سوار

مهندان تَسوُ توريا ڀئي لڳي بازار

حمر حبيبن جي سٽاڻي سرڪار

پرور وجهين پار، دنگي هن درياء مان.

سمر کڻو ساٿيا

1- سمر کڻج ساٿيا، راهه پروڙي رند

صحيح پوندوءِ ساڻيهه ڏي پانڌي توکي پنڌ

ٿر تنهنجي ٿورڙي جئن چُوي چڻڪي ڏند

هتان ڪوڙين لک ڪيترا ويا ڪانڌ نماڻي ڪنڌ

جڙيو آ ’جعبان‘ ۾ حمر تنهنجو هنڌ

جهل سينو جهل سپند، ته اڳيان امانو نه ٿئين.

2- سمر کڻي ساٿيا، سجهه ڪِ صباح لڏ

نينهن نڀائيو نماز سين پنجؤن گوڏا گڏ

پيين حب، حمر چوي، اوڍڻ ڇڏيائون اڏ

تني سندا سڏ، مون ڪينجهر ۾ ڪنين سُوا.

خاڪ منهنجو تڪيو

1- خاڪ منهنجو تڪيو، خاڪ منهنجو ٿان

دنيا بازي دم سين، جنهن کي بنا ناهه بٿاڻ

ويندئي ساهه سرير مان، نڪا صولت شان

قادر ڪوئي مَ ٿئي اُت حمر چئي حيران

موليٰ ماڳ مڪان، ميان محب ملاءِ مون.

2- خاڪ منهنجو تڪيو، بنـﮧ منهنجي ڀُون

ويندئي ساهه سرير مان، نڪو هان نه هون

حمر چئي هن پار جو، پنڌ پروڙيوسون

ته جيڪي لکيو لوح ۾ سو مٿي اُتي مون

جيڪي ڪندين تون، سا ٿيندياءِ ڪمائي قبر ۾.

3- خاڪ منهنجو تڪيو، خاڪ منهنجي جوءِ

ويندءِ ساهه سرير مان، حمر چئي هوءِ

پوندياءِ خبر خيال جي، وڃي روءِبروءِ

پاپ ميڙٖي تون پُوءِ، صباح سنبهندين ساڻيهه تي.

4- خاڪ منهنجو تڪيو، خاڪ ويندي کائي

هي چئن ڏينهن جو چٽڪو لابارو لائي

ڪلمـــٖـي جي قلوب ۾ رک اندر اڇائي

شال مٽائي مَ مران وحدت جي وائي

منهنجي هٺ حمر چئي سيباڻي سائي

لؤن منجهه ليلائي، پهچان شال پراڙ رکي.

5- خاڪ تنهنجو تڪيو خاڪ تنهنجو گهر

ڪن هالاڻو هير ڪيو، ڪي پانڌي هليا پر

نه سو جوت جباءِ ڪر، نه سو ٻانهين ٻر

ويندياءِ ساهه سرير مان ٿيندين مٽي مر

هت جو اڏيوءِ جهوپڙو، سو ڀورا ڀانءِ م گهر

ويلو اٿئي وچ ۾ چؤماسو ۽ چر

ساميانو ثمر، هتان کڻج حمر چئي.

6- خاڪ منهنجو تڪيو، مون مٽيءَ سين سڱ

ڪنان ٿو قلب ۾ ڪوجهو ڪيوم ڪم

پئي حرص حمر چئي واءِ وڃايم ڄم

اي چَهه چٽڪو چار ڏينهن دنيا آهي دم

تنهن منجهه اوپار ايترو جئن کڙي کنهنبي رڱ[12]

مهندان محشر ڏينهڙي جڳ ٿيندو جت جم

تت ڀلا ڪيج ڀرم، جئن اڳيان امانو نه ٿيان.

سر مارئي

1- سخن آڇ مَ سومرا، کـﮧ کنڊون ٻن کـــٖـيڻ

ساريو سانبيڙن کي نت نچويان نيڻ

حمر هت نه گهاريان، مونکي وڏا ڪيائون ويڻ

آءٌ تني جي ڀيڻ، اُست جني جو آذقو.

2- سخن آڇ مَ سومرا، هنڌ نه چڱا هي

مارو جي ملير جا سيڻ منهين جا سي

جا ڄائي ڄارين پاسئـــٖـي سا ڪوٺيين ڪوه ڪري

حمر هت نه گهاريان ڪئن سيڻ وساريان سي

جي ميون موڪل ڏي، ته وڃي پسان پنهوارين کي.

3- سخن آڇ مَ سومرا، عمر ڪر امن

مونکي مار مَ مينڌار، ڀيرٖي وجهه مَ ڀَن

قادر ڪنديم ڪڏهين منهنجو سرتين ساڻ سمن

حمر هت نه گهاريان مورَ نه مڃان من

پاڪ رکيجون پن، وڃي سرتين جي سٿ ملان.

4- سخن تنهنجو سومرا، اي ست- پيڙيا سردار

منان مور نه وسريا، ويڙهيچا وينجهار

رهن ريل ڪنڌي ۾، پَت ڀريا پنهوار

هنيون هت نه وندري مون مليران ڌار

وينديس ويڙيچن وار، وڃي سرتين جي سٿ ملان.

5- سخن آڇ مَ سومرا، مان ماڙيـــٖـين نه گهاريان

پل پل انهين پار ڏان نت نت نهاريان

جهانگي جي جهنگن جا سانبي سي ساريان

حميراڻي هنڌڙي هي پلئه ٿي پايان

آساتي آهيان، موڪل ڏينم ملير تي.

6- سخن آڇ مَ سومرا، ڏيهه وڻ ڏور ٿيام

ساريو سانبيڙن کي پهِي پڇڻ پيام

جي ڏينهن ڏُجاڻا لنگهئا سي واجهيندي ويام

حمر هت نه گهاريان، پانورَ پرين سندام

جي اَپَر اميدام، تـــٖـي ملان ماروئڙن کي.

7- سخن آڇ مَ سومرا، ڏيهه وڻ ٿيام ڏور

ساريو سانبيڙن کي، اُٿيان وير اشور

ماڻين ماڪ ملير جي مان- جيڏيون مانَ ضرور

حمر هت نه گهاريان، چت ڀڄي ٿيو چور

مون من ملڻ مارئين سو ماٺ نه ڪري مور

پرچي ڳالهه پروڙ، آن اپر اُڪنڊي آهيان.

8- سخن آڇ مَ سومرا، عمر اُڪنڊياس

اڏيا اباڻن جا پکا پانورَ پاس

حمر هت نه گهاريان، آءٌ ايرازٖي آندياس

لوئي هڏ نه لائيان سندي لال لباس[13]

زريون، زيور، ڪَچُوئا چاڳ نه اچن چاس

وطن آءٌ ويندياس، وڃي سرتين جي سٿ ملان.

9- سخن آڇ مَ سومرا، عمر مونکي اماڻ

مون جيڏيون ملير ۾ ڪرينِ رس رهاڻ

قادر مانَ لاهيندو مهني جي منهن ڪاڻ

حمر هت نه گهاريان سهي هت سهاڻ

وينديس ويڙ وٿاڻ، وڃي سرتين جي سٿ ملان.

مومل راڻو

1- جهڳمڳ جهروڪان، راڻيون رتولن ۾[14]

ڪئيسر ڀنين ڪپڙين ڪڪوريا ڪيڻان

اکيون ڪجل، منهن ماڻڪيون، ڀرون ڀونئر ڀريان

منجهان هيج حمر چئي پهي ڀڃڻ پيان

سرها سحر سندان، ٽلن ڪوثر ڪنڌيءَ تي [15]

2- ٽلن ڪوثر ڪنڌيءَ تي طوطڪي ترسن

منجهان هيج حمر چئي پانڌيڙو پڇن

وهن وڇاٽن تي مٿان چانـﮧ ڇٽن

الله آساتن، سائين سڄڻ ميلئين.

رامڪلي

1- حب هدايت هٺ ۾ ڪيائون وحدت وات

سانجڻ ساک وڄائين اٿي آڌيءَ رات[16]

سوپيو ٻڌن سندرا پور ڏيو پرڀات

پيئن هٺ، حمر چئي، تن منجهه طلب تات

جس انهيءَ جي جات، جي گر کي گڏيا ڪاپڙي

2- حب هدايت هٺ ۾، پڇي پوريائون

منجهان شهدت، شيخ چئي، رچي رڱيائون

ڏيو ڏيهه ڌڻيءَ جو مرسل مڃيائون

انهيءَ جون دانهون، ڪينجهر ۾ ڪالهه هيون.

3- حب هدايت هٺ ۾ منهنجا سامي سرت سڃاڻ

ڪر اوجارا ڪاپڙي ڪر مون وٽ هئا مزمان

آندا آديسين اهڃاڻ، گر کي گڏيا ڪاپڙي.

سامونڊي

1- ڪارونڀير ڪن گهڻا تڙ تار سڄن[17]

وهن نت نڪونج ۾ نؤ سٺ ندين

هميشـﮧ، حمر چئي، ٿا ڀتين ڀير ڀرن[18]

تني تارو طالب ڪيترا، وارو ونجهه وجهن

تان ڀي اونهي ڪن عميق جي ڪر نه لڌي ڪن

محب جنين جي من، سي سامونڊي ستڙ پيا.

2- ڪارونڀير ڪن گهڻا تڙ مڙيئي تار

ڪنبان ٿي قلوب ۾ ڪوجهي ڪيم ڪار

پنج پڳهه ٽيهه اوليون ساڄا سڙ سوار[19]

جتي تسو ترندا ڀئي لڳي بازار[20]

تتي حمر حبيبن جي آهي سٽاڻي سرڪار

پرور وجهي پار، دنگي هن درياه مان.

شيخ بکر

شيخ بکر وڏو جنهن جي نالي سان شيخن جو مقام مشهور ٿيو، حالانڪ شيخ حمر ۽ شيخ ابراهيم به ساڳئي مقام ۾ مدفون آهن. شيخ بکر درويش توڙي شاعر هو. شيخ گنج بخش چيو ته: ”شيخ بکر وڏي به گهڻو ئي شعر چيو. سندس ڪيترائي بيت ڪتاب ۾ هئا مگر اهو ڪتاب ضايع ٿي ويو.“ شيخ بکر جو هيٺيون بيت سندس اعليٰ شاعري جي ساک ڀري ٿو:

دم دم دوست دل ۾ ٿا مونکي اچن ڄم ڄم ڄمارا

ڪم ڪم ڪار قريب ڏانهن ديکيم دم دم ديدار

ڏٺيم نم نمندي نيشاني نور جي، ويم لهي وهم وم وبارا

وڻيم بوءِ بوءِ باس بکر چئي، ٿي نهاريم جوءِ جوءِ جبارا

وڄ وڄ ويس مٽائيا توڏي سڄ سڄ سڄندا سونهارا

پوءِ جن جا اهڙا ارواح اوجارا، تن جي ڏيندس جانب ساه جوت تي.

ٻئي بيت ۾ چوي ٿو ته:

ڪاري ڪٺ ڪميت تي، چست پرين چڙهندياس

ڪارا ڪپڙا قيمتي پڄي پيرهيندياس

سائو نيزو هٿ ڪري اتر ڏانهن ايندياس

دشمن تنهجي در جا سي آءٌ ڀالين سين ڀڃندياس [21]

ڏسيج آءٌ ڏيندياس، تنهنجي جانب ساه جوت تي.

هن بيت ۾ مقامي اعتقاد، رسم و رواج يا ڪنهن واقعي يا حادثي ڏانهن تمثيلي اشارو ڪيل ٿو ڀائنجي. شيخ بکر رزميه شعر به چيو آهي ۽ مينگل سردارن جي بهادريءَ تي بيت ٻڌائين جن جو ذڪر باب ٽئين (ص 106) ۾ ڪري چڪا آهيون. انهن بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ بکر سنه 1839ع ڌاري يا ان سال کان پوءِ ئي گذريو آهي. اڄ ڪلهه شيخ بکر جا بيت ٻيلي جي راوين وٽ به محفوظ نه رهيا آهن، انهيءَ ڪري سندس شعر جون ٻيون مختلف جنسون ملي نه سگهيون. فقط هيٺيان ٻه بيت سسئي جي سر جا راوين وٽان مليا ۽ پڻ شيخ سائينداد جي ڪتاب ۾ نظر آيا.

سسئي جو سڱ

1- نڪو سڱ سسئي کي، ٿيس امر الاهي

نڪو ڀاءُ برادر بکر چئي نه ڪنـﮧ ماڳ مائي [22]

هئي جنهن منڌ ڄائي، ڪيائين سوئي ڪانڌ ڪڇ ۾.

2- نڪو سڱ سسئي کي، امر ائين ٿيوس

سا آدم کان اڳ هئي پيڇو ڪٿ پيوس

نڪو ڀاءُ برادر بکر چئي نڪو ماءَ ماموس

هو پنهون پيءُ سندوس، پر ڪرم هڻي ڪانڌ ڪيو.


[1] ڀيٽيو ڀٽائي صاحب:

جاڳڻ منجهان جس، آهي الله جن کي

لاهي جو لطيف چئي مٿان قلب ڪس

ورنـﮧ ڪجاه وس، صبح ساڻ سيد چئي.

(سر ڏهر، داستان 3)

[2]  اها راءِ 1946ع جي آهي جڏهن پهريون ڀيرو شهر اٿل ۾ وڃي سگهڙن سان ملي هن ڪتاب جو مواد گڏ ڪيو ويو.

[3] مختلف فصل ۽ انهن جا عنوان اسان قائم ڪيا آهن.

ا. س: مان مئي سين ڪن، صلح جي سپرين. 2. ڇن= ٿين. سڄائين= سجائين= سج کان ئي. ويتر= اڃا به وڌيڪ.

[5] هنن بيتن جي هي ترتيب اسان جي طرفان آهي.

[6] ر: نڪو سوال جواب

[7] ”قوس نه قاب“ مان غالباً ”فڪان قاب قوسين او ادنيٰ“ ڏانهن اشارو آهي.

[8] ر: نڪا مغرب جي معلوم هئي، نڪا مشرق ساڻ مهاڙ

[9] ر: منهنجي هٺ حمر چئي، ڪيو سڏ سويل

[10] اصل. قول.

[11] ر: نه ڪنهن ڀيرن ڀرن.

[12] ر: جنهن ٿاهر ٿورڙي جئن کڙي کنهبي رڱ

[13] لائيان= لاهيان

[14] جهروڪان: ص= جروڪان

[15] سحر: ص. سهينر

[16] سانجڻ= سانجر= ساجهر

[17] س. ڪاروڀير (ڪذا)

[18] ر: هزارين حمر چئي- الخ

[19] س. ”ساڄا سڙهه سنڀار“

[20] تسو= ذرڙا. س. مهندان تسو توريبو ڀئي لڳي بازار. جتي تسو ترندا- الخ ۾ قرآن شريف جي آيت ”ومن يعمل مثقال ذرة خيرا يره ومن يعمل مثقال ذرة شرا يره“ ڏانهن اشارو.

[21] ص. دل جا.

[22] س. .... نڪا ماڳهه مائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org