سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :13

هن بيت ۾ شاعر جي اٺن جا پار يعني ته رنگ، پنڌ ۽ ٻيا اهڃاڻ ڏنا آهن سي بلڪل بلائتا ۽ پيرائتا آهن؛ مگر ڪبير شاه انهن اُٺن جي وصف اڃان به وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪري ٿو ته:

باري بلوچن جون، هيون ارڙهن ويهون اُٺن [1]

تن ڪاري ڪڪر ڏونگر تان اچي گس ٻڌو گونئرن [2]

تن اؤنرن، گؤنرن، لمن ليڙن،ڏاگهن ڏيرن، پوڙهن ٺوڙهن[3]

گهٽن گهيڙن، لاڙهن، چاڙهن، مون سان جيڏي ڪي جتن

جن جون ٻوچون پلاڻن سين، جماتون جتن

ڳاڙهي چندن ڪاٺ جون، ناڪيليون نڪن

اڇي ريشم پٽ جون مهارون مين

ٽنگن ڊگها، وڃن سگها، ڪـﮧ ۾ ڪين ڪڇن

ڪچيءَ نوڙيءَ ٻڌا، چوريءَ ويا، جن جا کُر نه کڙڪو ڪُن[4]

منزل مارڻ، پوءِ نهارڻ، اهو عيب اُٺن

چرن ڄاريون، وره ويچاريون، مدي نه پئي منجهن [5]

پڇن ٻهارا، سدا سونهارا، چيريا چپ چرن [6]

سين ڪڇن ڪين ڪبير شاه چئي، ٿا نرمن ننگ کڻن

اهي بغدي بلوچن، ڪنهن ڌاڙي خاطر ڌاريا.

ڪبير شاه جو هي تفصيل، وصف بياني جو اعليٰ نمونو آهي، مگر قافلي جي سنبت ۽ سعيي توڙي اُٺن جي سازن جو پيرائتو ۽ ذري پرزي بيان اڃان به شاعر ولي محمد رونجهي هيٺين بيت ۾ ڪيو آهي جو شاعرانه وصف جو ڄڻ بهترين نمونو آهي. ولي محمد شروع کان ئي ساٿ جي سنڀاهي جي ڳالهه ٿو کڻي ته:

 

واه ولي محمد واه، تنهنجي ڳالهه جي ڳڻپ ۽ بيان جي ملڪوڪت! پڇاڙيءَ واري سٽ ۾ ته ڳالهه جو سنگ وڍي ڇڏيائين ۽ سندس سٽ وري وري پڙهڻ جي لائق آهي ته:

”ٻيهر ٻاروچن، ڪنهن ڪل وسهنديس ڪينڪي.“

مطلب ته وصف ۽ بيان ۾ ٻيلي جي شاعر عام سنڌي شاعري جو بهترين نمونو پيش ڪيو آهي. مٿيان مثال ثابت ڪن ٿا ته عام جي شاعر کي زندگي جي هر ڀاڱي ۽ جزي جي خبر آهي ۽ ان جي بيان تي به کيس ملڪو آهي. ڇا جهنگ جهر جي گاهن کي، ڇا گهر ۾ زال جي هار سينگار ۽ ڳهن کي؛ ڇا اُٺن جي قافلن ۽ قطارن ۽ سندن سنجن کي، مطلب ته جنهن به هڪ جو کڻي ٿو داستان کولي ته گويا ۽ گفتار جا درياء واهي ٿو ڇڏي: نڪي سندس زبان ٿي هٻڪي ته نڪي سندس لفظات ٿي کٽي.

3- عشق

پنهنجي عشق جو احوال ۽ پنهنجي درد جو داستان ٻيلي جي شاعر به عام سنڌي شاعر وانگر، سنڌ جي مشهور عشقيه قصن ۽ افسانن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيو آهي. سندس بيتن جو عنوان کڻي ڪهڙو به هجي مگر گاهي به گاهي سندس معنائن ۽ محاورن ۾ عشق جي آڳ ۽ درد جا دونهان نظر ايندا.

هي ڳالهه عام مشهور آهي ته عشق جي ابتدا خوش طبعي ۽ خوشي ۽ انتها آهي ڏک ۽ درد: ابتدائي منزل مجاز جي آهي جنهن ۾ شاعر محبوب جي حسن ۽ صورت جي تعريف، مٿانئس ساهه جي قرباني، سندس سڪ، صحبت ۽ ساءَ جو ذڪر شعر ۾ ڪري ٿو؛ يا وري ساڻس حال جون ڳالهيون اوري ٿو ۽ شوخي، ڏنگائي، ڏاڍائي ۽ محبت جون ميارون، ڏک ڏوراپا پنهنجي شعر ۾ بيان ڪري ٿو؛ آخري منزل سوز ودرد جي آهي جنهن ۾ مجازي محبت پچي پختي ٿئي ٿي ۽ شاعر پنهنجي حقيقي سوز ۽ درد کي ڳائي ٿو. بهرحال مجاز ۽ درد عشقيه شاعري جا ٻه نمايان پهلو آهن.

محبت ۽ مجاز جا ڪي مثال پوين بابن ۾ بيان ٿي چڪا آهن، خصوصاً جتي اسان عام شاعري جي مشاعرن جو ذڪر ڪيو آهي (جيئن ته شاعر وريي، نوت بلوچ ۽ شيخ سائينداد جو مشاعرو). صورت مجاز ۾ هيٺين اُستاد شاعرن جي هي آلاپ ۽ آواز نهايت مٺا ۽ پيارا آهن- شيخ ابراهيم چوي ٿو ته:

اوچا عين عجيب جا طرحين طرحين جيئن تارا

جلوه جوت جواهر گهڻو نيڻن نظارا

مک موتي محبوب جا امل اکين اظهارا

طول طوطي بيني براهم چئي ڪيس ڀرون ڪارا

سيبن بهوت سرير ۾ تن جا تنوارا

خوب دندان دهن ۾ اڇا اڀارا

پئي پلپل پچارا، دوس پيهي در آئيو.

وري ڪبير شاه چئي ٿو ته:

موتيان موتيان وڌ منهنجا پرين ڇا هي جنهور جو جنسار

امل ماڻڪ ان تان ٻيا هيرا نيئي هار

ڇا هي جوڙ ڀلي جمرود جي ته ڪا عجيبن آچار!

ڇا هي وڻڪ وڄن جي دلبر جي ديدار

ڇا هي سج چنڊ تارا ڪتيون ساجن جي سينگار

ڇا هي ڪڻڪت ڪوئل ڪونج جي هن جي تاب تنوار

هاٿي هنج حيران ٿيا ڍرڪڻ سندي ڍار

ڪائو ڪچ ڪبير شاه چوي تنهن سين گڏجي ڪيم گذار

تون پُرج پارس پار، جنهن سان سيهو لڳي سون ٿئي.

مجازي معنيٰ ۾ اُستاد شاعرن جا وڌيڪ بيت ايندڙ بابن ۾ درج ٿيل آهن. هتي اسان ٻيلي جي آخري سگهڙ شيخ سائينداد جو بيت پيش ڪيون ٿا جو پڻ نهايت عجيب آهي. شيخ سائينداد چوي ٿو ته:

چست مٺا چئنچل پرين، چمن مٺا چؤڌار ميان

ماکيان مصريان مٺا ڀانئيان، ٻي سندين کل مٺي کينڪار ميان

مينا لڱ محبوب جا آهن وڌ اُڊرلهه کؤن اَپار ميان[8]

برق ڀي اُنهين ٿي ڏٺا، ساجن جا سينگار ميان

سسيهل پاڻ شرمائيا، پسي دلبر جو ديدار ميان

ڪوئل ڪپيهل لانت لڪائي، سڻي گويائي گفتار ميان

سي صورت سهڻا محب پرين، مورت مٺا موچار ميان

مٺا چشم چڪور جيئن، شال مون سين هونِ هيڪاندا هيڪار ميان

جي وسرنم ڪين وجود مان سي جانب ميڙ جبار ميان

ملنم صيقل ڌڻي سائينداد چئي ته نيڻن نمنم نار ميان

ٻيا جي هونِ هزار ميان، تان پڻ ڪونهي مٽ محبوب جو.

محبت ۽ مجاز جي چوٽ ۾ محبوب کي هر قرباني ڏيڻ جي آڇ شاعر احمد شاه هنن بيتن ۾ ڪئي آهي ته:

جانب منهنجي جيءَ ۾ جي توکي طمع آه

کڻ چاقو وڍ چم کي معافي تو مباح

سؤ وارين سر صدقي ڏيان ساجن توتان ساه

عجيب احمد شاه چئي ڪو نينهن جو ننگ نباه

اي سهڻا سڪ سندياه، مونکي ڪنهن پر وسري ڪينڪي.

––––––––

جانب منهنجي جيءَ ۾، جي قريب آهيوَ ڪم

ته ساه سسي صدقي ڏيان هن هيڻيءَ جو هڏ چم

سري ڪين سيد چئي مونکي دوست ري هت دم

عقل مت شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.

درحقيقت مجازي ناز ۽ نياز جي نُڪتن کان وڌيڪ ٻيلي جي شاعر سوز ۽ درد جي داستان کي ڳايو آهي. ايندڙ بابن ۾ شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاه جا سسئي جي سُر ۾ ڏنل بيت جنسي دردن جون دانهون ۽ قرب جون ڪيهون آهن: درد واري جي دل انهن دانهن ۽ ڪوڪن کي ٻڌندي ئي پاڻي پاڻي ٿي پوندي. ڪبير شاه جو هيٺيون بيت عشق ۽ درد جي اها دانهن آهي جا سنگدل کي ڳاري وجهندي ۽ مئل دل کي جياري ڇڏيندي:

تانسين موت م مار، جانسين پسان پنهنجي پرين کي

عزرائيل ازل جو تون وڃي وهيلو وار

نه ته ڪنديس ڪيهه ڪبير شاه چئي دانهن مٿي درٻار

ڏاتر لڳ ڏيکار، مونکي هيڪر هوت اکين سان.

شيخ ابراهيم جون درد مان دانهن پٺيان دانهون به دل ڏاريندڙ آهن ته:

ڪر دانهن پٺيءَ دانهون، جيانسين سڏ ويجهي سپرين

هوري هوت نه هلڻا، تون ڪر آهون اِلاهون

کڻج هٿ حبيب ڏي ٻرٻر ڪيو ٻانهون

بالا زير براهم چئي معلم مالاهون

تون ڪر لالڻ لاءِ لاهون، مان ٻڌي باروچو وري.

تحقيق عشق جو مرض ۽ نينهن جو ناسور، اندر جي ور ۽ جيري جي ڄر آهي. هي دل جو درد لادوا آهي جتي حڪيمن جي ڦڪين ءٌ ويڄن جي ٻڪين جي جاءِ ڪونهي. شيخ ابراهيم هن حقيقت جو اظهار ڪري ٿو ته:

منهنجي مرض ڪاڻ، وڏا ويڄن وس ڪيا

تان فرق ڦڪيءُ نه ٿيو حڪيماڻي هاڻ

[سور سڄڻ جي سڪ جو لهندو ساجڻ ساڻ:]

مادر هن مرض لاءِ وڃي آيل ڪوني آڻ

لڱي لوئي هٿڙا اچي پليندم پاڻ

تنهن گڏئي ساجن ساڻ، وڃي سور سنڌا ڪيو.

ڪبير شاه جو پاڻ درد جو ماريل هو تنهن جي تصديق به عجيب آهي ته:

سور مڙوئي سور، پر آهن باري سور بره جا

شب روز سڄڻ جي ساه جا اندر عشق انبور

نانگ ڪنان ڀي نيهن اڻانگو، قاتل کؤن به ڪلور

سڪڻ سوڙهي سيل پريان جي، پل پل مارن پور

سي قريب ڪبير شاه چئي ڪُندا محبتي مذڪور

جنهن جا درد اهڙي دستور، تنهن هٿ ٻڪي ٿئي هوت جي.

4- معما

معما، ڏٺ پروليءَ جو اعليٰ ۽ بهترين نمونو آهي. ڏٺ پرولي ۾ ڪنهن ڏٺل شيءَ کي سگهڙ اهڙي رمز سان پن رکي بيان ڪندو جو ٻڌندڙ ٻڌي حيران ٿيندو ۽ ان ڳالهه جي مطلب کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو. مثلاً سگهڙ الله بخش لغاري (ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقو سنجهورو) ڏٺو ته ٻير جي ٿڙ جي ٻيڙ ۾ ڪرڙ ڄايو بيٺو آهي. شايد ڪنهن پکي پڪا کائي  اچي ٻير جي پور ۾ وٺ لاٿي ۽ مينهن جي ڪرڙ ڄمي پيو. هن حقيقت کي هن سگهڙ اچي پنهنجي سمجهدار ساٿي ۽ سالڪ ميان حيدرخان لغاري جي آڏو بيان ڪيو ته: ”کنيو بيٺي آ ڪڇ تي پٽ پرائو، پر منجهانس ڄائو.“ حيدرخان ڳولي ڳڻي هن ڏٺ جي مراد ڪري ڏني. هنن سگهڙن جون اهڙيون صحبتون مشهور آهن.

هي مثال اسان انهيءَ لاءِ پيش ڪيو ته پڙهندڙ کي ڏٺ پرولي جي حقيقت معلوم ٿئي. جهڙي طرح ڏٺ پرولي جو بنياد ڪنهن ڏٺل شيءِ يا نظاري تي ٻڌل آهي: اهڙيءَ طرح معما جو مطلب ڪنهن ڏٺل حقيقت يا ويچار تي مبني آهي. فرق صرف هي آهي ته ڏٺ پرولي جو بيان سگهڙ خيال ۾ ۽ ٿورن ۽ سڌن سولن لفظن ۾ ادا ڪندو ۽ سالڪ انهيءَ جو جواب سڌو سنئون نالو وٺي نروار ڪندو. معما ۾ وڏي فن جي ضرورت آهي ڇو ته سگهڙ پنهنجي ڏٺ کي اڪثر نظم جي ڏاڳي ۾ پوئي مفصل طريقي سان بيان ڪندو ۽ سالڪ به انهيءَ جي مراد نظم ۾ سهڻي سڄي ڪري ڏيندو. انهيءَ ڪري معما، ڏٺ پرولي کان وڌيڪ ڏکي آهي جنهن ۾ خيال توڙي لفظن جي شاعري جي ضرورت آهي.

ٻيلي جي سگهڙ شاعرن معما جي فن کي اوج تي رسايو جنهن ۾ سندن خيال توڙي لفظن جي شاعري جو فن نهايت دلچسپ ۽ دلپذير آهي. اسين هتي معما جو هڪ ٻه مثال ڏيئي هن باب کي ختم ڪنداسون. چون ٿا ته: شيخ صديق نائب تحصيلدار شاعر نم ڏانهن هي معما چوائي موڪلي ته:

باهه مٽي جي ڀر مان سلو موريو سچ

ڳولي هيون ڳچ، ڪر ’نم‘ پرولي پڌري.

ڏٺ هي هئي ته ڪي ڪاريگر حقي جي ڪرئي جي مٿان ٻي ديوار جو ڍڪ رکندا آهن جنهن ۾ ڳڙکيون ڪري ڇڏيندا آهن انهيءَ لاءِ ته ڪرئي ۾ پاڻي ٿڌو رهي. اهڙي هڪ حقي جي ڳڙکي مان ڪو ٻج جو داڻو وڃي اندر پيو ۽ پاڻي ۾ مٽي جي سيلاب سبب ٻج ڦٽي پيو ۽ سلو اڀري سوراخ مان ٻاهر نڪري بيٺو. انهيءَ ڏٺ تي هي معما ٻڌي شاعر نم ڏانهن ڏياري موڪليائون؛ ان جي مراد هن سگهڙ ۽ سالڪ شاعر هن طرح ڪئي ته:

قابو قلعي ڪوٽ کي ڳڙکيون آهن ڳچ

آڻيو اوتين آب جو تنهن منجهه رمز چڱي سين رڇ

تت سلو ڪنهن سوراخ مان ثابت موريو سچ

عالم آڇين ان کي ڪوڙو ڪُجسو ڪچ[9]

پر حقو جنهن جي هٿ ۾ سو وٺي ويٺو وچ

سامون نم چئي نروار ڪي، تون عاقل اوري اچ

ٻيو مناري تي مچ، سو ٽوپيءَ تي ٽانڊو ٻري.

سگهڙ ڪريمڏني هيٺين معما سِٽي ته:

ڀُوڻندي بازار ۾ جان ديکيم ديدارو

تان گنبذ چڱي گت سين ڏٺم جڙيو جنسارو

پائجي پهمال ڪري تنهن منجهه نشو نروارو

سو چري نه چپٽي جيترو جي ثابت هوءِ سارو

جئن ڪارن کڻي قوت جي مــٖـيءُ مڇيءَ مارو

او پڻ آهي ان تي ٻيو مٿس منارو

ڪر ويهي ويچارو، ڏي ان جي ڪل ڪريمنو چئي.

هي معما ڪنهن ناس جي دٻلي تي ٻڌل آهي جا گنبذ جي مثال آهي ۽ مٿس چوٽيءَ تي ميربحر جي ڄار وانگر ٽنگن ٽنگن سان نقش کنيل آهي- انهيءَ ڏٺ کي ڏيندڙ سگهڙ سموهي عجب تدبير ۽ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. انهيءَ معما جي شاعر نم هن طرح انگ انگ ڪري مراد ڪئي ته:

ايها سونگي سنگين سڦري جڙي ٿي جنسار

وجهجي گهڻي وقوف سين تنهن منجهه ناس چڱي نروار

سا سينگهيي سرت سماهه ۾ ٿي ڪري پُر مغز موچار[10]

ٻي جا فهم چڱي سين ڦلڙي تنهن تي واڻي ڪنهن وينجهار

اهي پورا ڏيانءِ پار، ڪي اڃا نهاريانس نم چئي!

مٿين معمائن ۾ سالڪ سوچي سمجهي پهرئين ڌڪ سان مراد پوري ڪري ڏني؛ مگر معما جو هڪ ٻيو قسم آهي جنهن ۾ ڏٺ پوري طرح نروار ڪيل نه هوندي آهي ۽ ”المعني في بطن الشاعر“ جي مثال مطابق ڏٺ هڪ واقعي تي ٻڌل هوندي آهي جنهن جي خبر رڳو سگهڙ کي ئي هوندي آهي؛ انهيءَ حالت ۾ ڳوليندڙ سالڪ ڪوشش ڪري انهيءَ موقعي جي ماهيت معلوم ڪندو ۽ خيال ڪندو ته اهڙو واقعو ڪهڙين ڪهڙين حالتن هيٺ پيدا ٿي سگهي ٿو- سالڪ پوءِ انهن ممڪن حالتن مان هڪ بيان ڪندو: اها مراد پوري نه نڪتي ته ٻي حالت بيان ڪندو ۽ ٽي چوٿين- تان جو وڃي انهيءَ واقعي جي اصل خبر ڏيندو- آخري بند ۾ اصلي خبر بيان ڪيل هوندو آهي- باقي جي سالڪ جون پهريون مرادون پوريون نه هونديون آهن ته انهيءَ حالت ۾ سگهڙ وري وري پيو پنهنجي معما پيش ڪندو- انهيءَ جو هڪ مثال شيخ ابراهيم جي جوڙيل هيٺين معما آهي جا اسان سگهڙ سائينداد جي ڪتاب مان نقل ڪئي ۽ جنهن جي آخر ۾ بقلم سگهڙ سائينداد لکيل هو ته: ”چيل شيخ ابراهيم جي.“ هن معما جي پهرين ڪڙي يا معما جو مهڙ هي آهي ته:

”جا مڙوئي جنڊ، مونکي جيڏيون جنڊ نه وسري.“

يعني ته مونکي جنڊ وارو واقعو ياد آهي ۽ جيڏيون مونکي جنڊ وسري ئي نٿو. هاڻي ڳوليندڙ سالڪ کي سوچڻو آهي ته ڪهڙين حالتن ۾ جنڊ ياد اچي سگهي ٿو. شيخ ابراهيم معما ڏيندڙ سگهڙ به پاڻ آهي ته سالڪ ٿي ڳولي به پاڻ ٿو ۽ انوکين حالتن ۽ واقعن کي معما جي مهڙ جي مناسبت سان بيان ڪندو وڃي ٿو. سندس بيان ڪيل حالتون نهايت اوکيون ۽ انوکيون آهن؛ بهرحال پهرين پڌري آهي جنهن جو مکيه مطلب هي آهي ته بي سمر سسئي کي بکن ۽ ڏکن ۾ جنڊ ياد هوندو........ آخري سٽ ۾ مراد ثابت ڪيل آهي جنهن موجب اسر ويل جنڊ تي اُٿڻ وقت محبوب ۽ مشتاق هڪٻئي کي مليا.

معما ۽ مطلب

جاد مڙيئي جنڊ، مونکي جيڏيون جنڊ نه وسري

1- ڏيرن ڪارڻ ڏونگر ڏوري، ساڻس سمر نڪو سنڊ-

                        تڏهن جاد مڙيئي جنڊ- الخ

جاد مڙيئي جنڊ، مونکي جيڏيون جنڊ نه وسري

2- اطلس آڇي عمر مارئيءَ کاڄ کنڊون اوکنڊ

                        ان کي جاد مڙيئي جنڊ- الخ

جاد مڙيئي جنڊ، مونکي جيڏيون جنڊ نه وسري

[اهڙيءَ طرح هيٺيون هڪٻئي پٺيان مرادون ۽ وري وري معما پيش ڪرڻ]

3- ڦل وڌوئي فقير جو، مت ڪو لڳس منڊ.....؟

4- ميهار ڪارڻ سونهڻي مت ڪو گهمي ٻڌو هو گهنڊ...؟

5- ليليٰ ڪارڻ مجني مت ڪو ڏييان کنؤن هو ڏنڊ...؟

6- مومل، سومل، سهج، سليمت، ساڏنـﮧ، سالهان تن

                        جو پيءُ ڪو راجا نند........؟

7- مومل ڪارڻ مينڌرو ڏيندو هو راڻو روز سويل ته رند...؟

8- ڪري پئڙو هنج ۾ مت ڪو چوڏهينءَ ماه جو چنڊ...؟

...اهو جاد موکي آ جنڊ

وه وا جاد مونکي آ جنڊ

جيڏيون جنڊ نه وسري-

معما جو فن پيچيدو مگر نهايت دلچسپ آهي. مٿين مثال مان معلوم ٿيندو ته هي به هڪ خيالي شاعر جو اعليٰ نمونو آهي جنهن کي ٻيلي جي سگهڙن ۽ سالڪن اوج تي پهچايو. حقيقت ۾ هي فن نهايت دقيق آهي. اهل سنڌ به هن فن ۾ عجيب رنگ رچيا آهن.[11]

 

باب ستون

ٻيلي جي شاعري جا عنوان: جنگناما

 

ٻيلي جي شاعريءَ جو جوهر جنگنامو يا رزم گوئي آهي. ٻيلي جي شاعرن پنهنجي حاڪمن ۽ سردارن جا ٻين والين ۽ سردارن سان ڪيل جهيڙا جنگيون پنهنجي شعر ۾ بيان ڪيا آهن ۽ پنهنجي سردارن جي بهادري، همت ۽ مرادنگي جا ڳڻ ڳايا آهن. اهي شاعر لس ٻيلي جا ڄڻ مورخ هئا جن تاريخي واقعن کي پنهنجي سدا حيات شعر ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن سندن سڀ بيت محفوظ رهن ها ته اسان کي سنڌ خواه لس ٻيلي جي مڪاني تاريخ ۽ اندروني واقعات جي گهڻي قدر خبر پئجي سگهي ها.

جنگنامي ۾ لس ٻيلي جي شاعرن جو هم سخن مشهور مثنوي گو ايراني شاعر فردوسي ناهي؛ هن ميدان ۾ ٻيلي جي شاعرن جو رفيق عرب جو بدوي شاعر آهي. لس ٻيلي جي شاعرن جي جنگنامي ۾ عربي خيالات ۽ احساسات جو روح ڀريل آهي؛ ڪيتريون تشبيهون اهي ساڳيون آهن جي هن سلسلي جي عربي ادب ۾ ملن ٿيون. لس ٻيلي جي ڪنهن شاعر جو هيٺيون بيت سنڌي جنگنامي جو روح آهي:

کنو کيٽ سندون، آرڻ اُپت ان جي

جين منهن مصرئين ڪڍيا، فصل تير پڪون

اهڙوئي کيٽون، تنهن جي راه وراهن رڪ سين.

يعني ته مڙس جنگ جا جهونجهار آهن: تلوار انهن جي کيتي آهي جنهن جي پيدائش گدرن ۽ هنداڻن (ماڻهن جي مٿي) جو آرڻ آهي. جنهن وقت (جين) تلوارون (مصريون) مياڻن مان نڪرن ٿيون، تنهن وير (تير) سمجهو ته فصل (جنگ) پچي تيار ٿيو آهي ۽ لڻڻ (سرن وڍڻ) جي لائق آهي. جن جي اهڙي کيتي (کيٽون) آهي تنهن جي پاربٽئي به رڪ جي تلوار سان ٿيندي: يعني ته مٿير مرد انهيءَ کيٽ جي راه پاٽين ۽ ٽوين سان ڪين مئيندا پر تلوارن سان ورهائيندا ۽ دشمنن جون سسيون پنهنجين سونهرين سان لڻندا اُڇليندا ويندا. هن بيت جي تشبيـﮧ عراق جي مشهور گورنر حجاج بن يوسف جي خطبي واري آهي جنهن ۾ هن پنهنجو خطاب هن طرح شروع ڪيو هو ته: ”آءٌ ڏسان ٿو ته ڄڻ اوهان جا سِر پچي راس ٿيا آهن ۽ رڳو لڻڻ جي دير آهي.“

لس جي شاعرن چيو آهي ته: ”جنگيون، جهيڙا، جهڳڙا آهن الاهي اختيار“- پر اتفاق سان اچي ڪو معاملو مچي ته مردن جو شان انهيءَ ۾ آهي ته مڙس ٿي منهن ڏين. جنگيون جهيڙا جتي ڪٿي ٿيا پر ٻين علائقن ۾ اهڙا واقعا ٿورا ڪي ياد رهيا ۽ اڪثر وسري ويا. ان جي برعڪس لس جي شاعرن اهڙن واقعن مان گهڻن کي ڳايو ۽ ڪن ٿورن کي وساريو. اسان کي لس جي سڄاڻ سگهڙن وٽان هيٺين مشهور واقعن بابت شاعرن جا چيل شعر مليا: (1) ٻَڌٖي- ٻاڻي گهَٽ واري جنگ (2) ملڪ پاهڙخان جي اٿل واري جنگ (3) ڪيچ ۾ پهرين گهَٽ واري جنگ (4) سـٖـيرِي يا اؤنگر واري جنگ (5) ڪيچ ۾ ٻي تربت واري جنگ (6) شاه بلاول جي لَڪ واري جنگ (7) سردار نورالدين جي شهادت (8) مِٺي شاهوڪ جو مارجڻ (9) ٻيلي ۾ نار يا توب واري جنگ ۽ (10) ساروڻيءَ ۾ ڇُٽن ۽ ڄاموٽن جو مقابلو. انهن واقعن بابت مواد اسان کي اٿل جي وڏيري علي مراد ۽ سندس پٽ الله بخش جي ڪاغذن مان، منشي صالح محمد ٻُري جي قلمبند ٿيل ذخيري مان، محترم صالح محمد سمي جي موڪليل مواد مان ۽ ميان ڪريمداد ۽ صالح محمد مڱڻهار جهڙن سجاڳ راوين جي صدري روايتن ذريعي مليو، جنهن کي اسان ڪافي محنت سان سهيڙي سموهي انهن واقعن جي احوال سميت هيٺ ڏيون ٿا.

1- ’ٻَڌٖي- پاڻي‘ گهَٽ واري جنگ

قلات جو خان قمبر[12] ۽ جاڙو ٻُرو ٻئي ماسات هئا. جاڙي جا ماءُ ستڀائي ۽ خان جي امڙ ٻي ڀيڻون ۽ باديڻ ڀُوتاڻي جون ڌيئون هيون.جاڙو مڙس مٿڀرو هو. قلات ۾ خاندان وٽ ايندو ويندو هو. کيس هڪ تمام ڀلي گهوڙي هئي  جنهن جو نالو ’راڏي‘ هو. خان کي اها گهڙي وڻي وئي ۽ جاڙي کان ان جي گهر ڪيائين. جاڙي نه صرف انڪار ڪيو پر نهايت ئي رُکو جواب ڏنو ۽ بيپرواهي سان گهوڙي تي سوار ٿي چڙهي روانو ٿي ويو. خان جي اميرن وزيرن کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ۽ خان کي چيائون ته: ”هڪ ٿورڙي ڳالهه تان اڄ هي ماڻهو هت قلات ۾ حاڪم سان ايترو سامهون ٿي چڪو آهي ته سڀاڻي اڃان ڪجهه وڌيڪ ڪندو. انهيءَ تي خان قمبر لشڪر ڪري جاڙي تي چڙهائي ڪئي.

پٻ جبل جو ”ٻَڌو ٻاڻو“ گهَٽ (لڪ) تنهن وٽ جنگ لڳي. جاڙي جي ماءُ ستڀائي خود اچي جنگ جو مورچو جهليو، انهيءَ لاءِ ته من سندس ڀاڻيجو خان قمبر مڙي وڃي. پر ائين ڪونه ٿيو، ٻُرن مان سردار مير براهيم پٽ ڏيوڙي جو، جاڙو ۽ ٻيا سندن سڀ ساٿي سَتيا ۽ مڙس ٿي مقابلو ڪيائون ۽ ميدان ۾ وڙهندي سر ڏنائون.

’گهٽ واري جنگ‘ جي شروعات شاعر ڏونگريي فقير ٻُري ڪئي. ڏونگريو فقير ’ميراڻ- پوٽن‘ ٻُرن مان هو جو”ڍير واري مقام“ (اٿل لڳ اتر طرف) ۾ مدفون آهي. بيت کي اڳتي ڪري پوءِ شاعر صفر لنگهي کي چيائين ته هاڻي تون مڙسن کي ڳاءِ ۽ سڄو بيان پورو ڪر. صفر پنهنجن بيتن ۾ انهن سڀني سورهين کي ڳايو آهي جي هن گهٽ واري جنگ ۾ وڙهيا ۽ ماريا.

ساراهيان سچو ڌڻي فرمان ٿا ڦرن

کِوَڻ خراسان تي ڪيو وانڪو وڄڙين

اُٺو اوئينگ اوچتو جنهن جا پڙلا پَٻ پون [13]

’ٻَڌين ٻاڻين‘ وچ ۾ ڪيو گڙڪو گليلن [14]

ڪهِرَن قلعا بنديا، ٿا پراڻا ٻنڌن [15]

شينهن سڄو ڏينهن وڙهيا پَڙتو پاٿارُن [16]

ماء متار آسائتا اڄ نه اوتارن

سَرو پيتائون، سَنرا ٿيا، مرڻ ڪيائون من

لعل لَلا ماريا گڏئين گُگيرن

مور ماراڪـٖـي سونهڻان پتنگ پوري وَن

”ست- ڀائي“ ست ڪيو سا ويٺي پاراڻن

ڀانيائين ڀاڻيج تـٖـي اجهو اوجارن

تان قمبر ڪم نه آئيو ماسي ماساتن

لڳو ڪان قمبر کي کُتو الله جن [17]

شيخ مهدي، آهي عهدي، مدت مريدن

وڏو شيخ واهر اسان کي ٻيا پٿر پير ٿين

چار پير چوڏهن خانوادا پٺيء بروهين

پر پهريون مُهڙ مَٺايون بروهي ڄاڻن

خالق خطا نه ڪري آواز فقيرن

”ڏونگريو“ چوي ڏيهه ڌڻي الله عالمن

لائق ’لنگها!‘ چئو تون هاڻي گل وجهي گهوٽن[18]

––

سڄو ڏينهن، صفر چوي، جنگ جهلي جوانن

گهيڙُ وبراهم ڏيوڙٖي ڪيو مَهنداڙو ميرن [19]

مبندي کَٽِي رُڪ جي کاهوڙي خانن [20]

ترارين جي تارِ ڪئي ’ڀُڪَر‘ جـٖـي پوٽن [21]

عجب جيئن اڇا ڪيا ڦَڙڪا ڦَڙڪيرن

ڄاڃِي ڄام جاڙٖي سين ڳاڙيارا ڳاهجن [22]

آين بوءِ بٺي جي خماريا کِلن

ڪبوتر ڪونڊي تي پهسون ڪريو پون

تِڪون ڏنيون تن مان اچي اصيلن

ڪڙي ۽ قاتل مان وَٽون ٿا وٺن

سُهَجڻ تن جا سڦرا، ٿيون واڃاڻيون وهسن [23]

وڏا ديرا ويترا رهه تي راڄ رهن [24]

جتي گهڙيو براهم ڏيوَ ڙو مرجان مال وڃن

اهڙا وير واٽيــــٖـن تان چُريي تان نه چرن

سڀني ويهي سرسيون ڪيون، مرڻ ڪيائون من.

––

واڻيو مَرڪَن ماريون تنهن مرندي مان لڌو [25]

هندو پاسي دهدارن جي سر جو سودو ڪيو

گڊا جُڙي گُڏَ تي هئا جيِو، ڄارو کو [26]

مـٖـيهو سانُهه وندر جو وڏي گوڙ گڙيو

جان تُراڙي توريان تان ڪيڏانهن ڪونه چُريو

اُٽلَ اوڏاهين هئي جيڏانهن ڏيوڙو گهڙيو

ٻيهي لڪ مٿي تي موٿي‘ پاڻ مارايو

مري شير شهيد ٿيو تن نه ڏنو لڪين جو لاڳو

نرمل سورا نينڌ تي طوطا سڏائي ٿو

پيء ڏاڏي پاهنجو لڌائين ليهو

هوڏانهن قلندر ڪمي ڪانه ڪي اونچي سر آيو

قلندر ساري مصريون، منهنجي تڻ ٿيو تماشو.

––

قلاتيان ڪهي بيش آيا بروهي

دوڌ ڌمامين ڪيو نالان نيلِي ڳَئي

سهسين وڄيا سُوندڙا، اهڙي چهٽائي [27]

 برک براهم ڏيوڙو ڀڳين نا ڀائي [28]

 پاراڻين ڀاڻيجن سين ٿيو پيالي ڀائي

ماراڪي ۾ تهين جي سورهيه سوائي

حسڻائي هاس ڪري لُڏي لوڏ ڪئي [29]

––

’قلندر‘ ساري مِصري منهنجي اکين آب وهيو

ڳالهاء سڀ ڪنهن سَڳرَو جان مون چڪاسيو[30]

وک وڌي ماري جو ڀلي تنهن ڀَليو

سسي سندو پورهيو تنهن کٽي آهي کاڌو

اچڻ سوار ڪميت جو ’جاڙو‘ گهوٽ ٿيو

منهن نوراني نامِيو تراڙين تِڇيو [31]

هڻڻ وقت حُسڻاڻي نهرٖي ناڏ ڪيو

تنهن کٽ پٿراڻي پاهنجي مُهرو ملاهيو

مَدارو مَيَن جو ٿو کڻي خُدايو

ڏوران وڃي وريو آهي جاڙٖي تي ڀِريو

جوڳيءَ ڪري ڪپڙا لاکِي رنگ ڪيو

زهري ذوق تراڙ جو اڳيئي هُئو

سا چکيائين سرڪي وَڳي واگهه وڙهيو

موسيٰ ماراڪي ۾ توکي مِٺاڻي مليو

مٽ پاهنجو ماريائين ٻئي سين سامهون ٿيو

ڪلمون پاڪ پڙهيو، موچاري محمد تي.

 

2- ملڪ پهاڙ خان جي اُٿل ۾ جنگ

مٿي باب پهرئين هيٺ بيان ٿي چڪو آهي ته ٻيلي جو حاڪم ملڪ ابراهيم گونگو ملڪ پهاڙخان جو ڀاڻيجو هو. ملڪ ابراهيم کي جڏهن گونگن ماريو تڏهن عثمان گدور اچي ملڪ پهاڙ خان کي خبر ڏني ۽ هو ڪوهستان مان لشڪر وٺي چڙهيو. شهر اٿل لڳ سنه 1115هه/ 1703ع ۾ لڙائي لڳي جنهن ۾ ملڪ پهاڙ خان جي فتح ٿي.

انهيءَ جنگ جو احوال سگهڙ صفر مڱڻهار بيتن ۾ بيان ڪيو آهي جنهن مان هن واقعي بابت ڪي وڌيڪ تفصيل ملن ٿا: اول ته جڏهن ملڪ ابراهيم ماريو تڏهن غالباً مَسور قوم جي ڪنهن ماڻهو قاصد ٿي اچي ملڪ پهاڙ خان کي خبر ڏني. پوءِ پهاڙ خان وڏو لشڪر سنباهيو ۽ ’اٿل ڪوٽ‘ يعني شهر اٿل ۾ اچي منزل انداز ٿيو. اتي جي ٻُرا قوم ساڻس شامل ٿي. ٻئي طرف گونگا ۽ ٻيون قومون هيون، جن ۾ ڄاموٽن جو سردار ڄام ربنو پڻ شامل هو. جڏهن جنگ لڳي ۽ ميدان متو، تڏهن ملڪ پهاڙ خان دُريٖ نالي ٻُري کي ڄام ربني ڏانهن موڪليو، جو ڄام ربني کي ترارين جي تاءَ مان بچائي ڪڍي آيو. هن ساڳئي ڄام ربني جو پٽ ڄام عالي هو جنهن پوءِ ملڪ پهاڙ خان جي گهر واري مائي چاڳلي کي ٻيلي مان ڪڍيو ۽ پاڻ حڪمران ٿيو.

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سائين

پير مڃيان پادشاه، مدت ميرائين

ٻيلي پيران! ٻاجهه اوهان جي صفر منگي سائين

پٻ پيرين کي ٿيِئو سلامي ملهه مور سدا سائين [32]

سڀئي ڪم صاحب جا، آن تو ايِهين ڀائين [33]

سماڀي سڏ ڪري، سناسي کي ڪوٺيائين [34]

ته وڏو پٽ دينار جو، توکي آن تو ايهين ڀائين [35]

ته مَت مسَور کي نه لڳي، ڏاڍو ڏوهه ڏٺائين

ڊنو پانجي راڄ ڪنان ته متان هڻن ڌڪ وچائين [36]

پوءِ ٿي گڏيو پهڙخان کي، ايَ پڻ خاشي ڪيائين

سوار سردارين موڪليو آيو اتائين

آيو ڳاڱيارو ڳوٺ ۾ اچي دانهه وڌائين [37]

پهڙخان جون خبرون اچي دولُوء کي سوڌيون سڻايائين[38]

ته ماري مير ماڻي ٿيئو جُمون جَساڻي [39]

پوءِ چار ويهون چوڏهن ذاتيون کَرٖي کنيائين[40]

اچي اُٿل ڪوٽ ۾ ديرو ڏنائين.

––

ته اوسل ويل اُسهيا مانجهي مست ٻُرا

سي اجهو يارين اڳ هوا ته جهُوڙي جهَليندا

پُنا اچي پَهڙ کي ٻيلي ڌڱ دُرا [41]


[1] هي بيت سڄو سوڌو ڪنهن به راوي وٽان ڪونه مليو. هتي مختلف زبانين کي جمع ڪيو ويو آهي.

[2] اصل قافلي جو رستو ڪوٽڙي کان پوءِ ڪاري جبل جي ارهه وٽان لس ڏانهن ويندو هو. جيئن ته ڪبير شاه اصل ڪوٽڙي جو ويٺل هو، انهيءَ ڪري ڪيچين جي قافلي جو به اهو گس ساريائين.

[3] هي سٽ اندروني قافيي ۽ ڳالهه جي نفيساتي ڊيگهه سان گڏ بياني ڊيگهه جو هڪ انوکو مثال آهي.

[4] ر: ’نڪ ۾ نوڙي، وڃن چوري، کڙيءَ کڙڪو نه ڪن.‘ ٻي روايت ۾ ”چوري ڪتر اويا- الخ“

[5] ٻي روايت ۾ ’مدي نه پئي منجهن‘ جي بدلي ’محبت لايو من‘

[6] ”چپن چيرا، پڇن ٻهارا، آهن سونهارا، چڱي ريت سندين.“

[7] ٻيهي= ويهي

(1) اڊرلهه= کنوڻ- وڄ

[9] آڇين= آکين

[10] سماهه ۾= سماءَ ۾

[11] ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب: ”پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول“ مطبوعـﮧ سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع.

[12] مير احمد ۽ مير قمبر قلات جي خانن جا وڏا سورهين صدي عيسوي ۾ گهڻو اڳ ٿي گذريا جن جو اولاد ’احمد زئي‘ (قلات جا خان) ۽ قمبراڻي سڏجڻ لڳا. هيءُ قمبر غالباً مير قمبر جي اولاد مان پوءِ ٿيو. قلات جو حاڪم ڪونه هو پر غالباً قمبراڻين جو سردار هو

[13] اوئينگ= وڏو مينهن

[14] ٻڌو ٻاڻو= لڪ جبل جو

[15] ڪهرن= ڪيهر شينهن؛ پاراڻا ٻنڌن= اڙون ٿا ڪن.

[16] پاٿارن= پاٿروئن، سردارن.

[17] شاعر بدعا ٿو ڏئي: الله جي طرفان کيس ڪان لڳندو

[18] هيستائين بيت ڏونگريي فقير جو چيل آهي ۽ اُن بعد صفر لنگهي جا بيت آهن.

[19] گهيڙو= بهادر، ڌوپار؛ مهنداڙو= اڳواڻي ۽ سبقت.

[20] يعني رڪ جي راند (جنگ) کٽي؛ ٻي روايت پيندي وٽي رڪ جي‘

[21] ڀڪر پير جي پوٽن؛ ڀڪر پير‘ لاءِ مٿي ڏسو.

[22] ڳاڙيارا= آفيم ڳاريندڙ، مست.

[23] سهجڻ = ڳڻ ڳالهيون.

[24] ٻي روايت: وٽرا رهٽي راڄ رسن.

[25] اُٿل جا واڻيو.

[26] جڙي = ٺهي، جيو ۽ ڄاروکو گڊن جا نالا.

[27] ر: سهسين ويا سهندڙ.

[28] ر: برک براهم ڏيوڙي ڀڳي ناه ڀئيي.

[29] هاس ڪري = آس ڪري

[30] سڳرو = اڳرو

[31] تڇيو= ترڇيو، وڍيو

[32] اصل ائين. غالباً معنيٰ ته پٻ جبل جو وڏو ۽ سهڻو آهي سو پڻ پيرن کي سلامي آهي.

[33] آن تو ايهين ڀائين= آئون ائين ٿو ڀانيان.

[34] سماڀو ۽ سناسي ٻئي مسور قوم مان. هن سٽ کان اول يا هن کان پوءِ ڪي سٽون کٽل آهن.

[35] دينار گونگو جنهن جو وڏو پٽ ابراهم هو جنهن کي گونگن ماريو.

[36] اصل ائين.

[37] ڳاڱيارو= قاصد.

[38] پاهڙخان جون خبرون موٽي اچي دولوء کي ٻڌايائين. دولو شايد گونگو.

[39] جمون جساڻي به شايد گونگو.

[40] کري کنيائين= ٻهاري کنيائين يعني سنڀالي ساري کنيائين. پاهڙخان اهڙو وڏو لشڪر سنڀايو

[41]  ٻرا اچي پاهڙخان سان شامل ٿيا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org