اچي آڏاڻي تي جيئن ٻڌي ڪوري ٻول
تيئن پنهنجو روح گڏيائون رب سين ان جا
ڪڇن ڪين ڪچول
چشمن جي چپول، آءٌ به ان کان سکيس سپرين.
انهيءَ تي پڇندڙ وري سٽ ڦيرائي پيش ڪئي ته:
”چشمن جي چوري –تون ڪنهن کؤن سکئين سپرين؟“
شاعر نم وري به بديهي جواب ڏنو ته:
اُڻ تُڻ عجيبن جي جهجڻ ۽ جهوري
هڻي نينهن جو نڙو نم چوي جيئن ڪپڙ کي ڪوري
چشمن جي چوري، آءٌ به ان کان سکيس سپرين.
شعر نم جي وقت ۾ شاعريءَ جي عام ذوق جو مثال هن کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو
انهيءَ وقت نه فقط مردن مگر سگهر عورتن ۾ به
شاعريءَ جو مذاق موجود هو. سگهڙ راوي ڪريمداد وارن
جو سناسياڻي پاڙو، اصل سگهڙن جو گهر هو، هن قبيلي
جون سگهڙ ۽ سڄاڻ مايون شاعر نم سان صحبتي هيون. هڪ
دفعي هڪ نئن جون پاڻي اچي سناسياڻي پاڙي کي پائڻ
لڳو. ڪريمداد جي امڙ اچي شاعر ن سان حال اوريو
جنهن تي شاعر نم دعا گهري ۽ چيو ته:
ڀرجو بڻ ڇڏي، پاڻي ونءُ پري
خاوند کيٽ ڀري، ٿين سناسياڻي سنرا.
هنن ۾ مڻيا هئي. شاعر نم جي اکين ۾ ڪو ان وقت عارضو لڳل هو سو ميان ڪريمداد
جي ڀيڻ کي چيائين ته: مائي دعا ڪر ته منهنجو درد
دفع ٿئي. انهيءَ تي مائي دعا پنندي چيو ته: ”ٿيو
نور سائو نم جو ڪيائون ڪجل ڪارائي.“ ۽ وري چيائينس
ته:” امل هانئي اڳرا ٿيا ڇڏي رڻ جهڻ رتولن.“ هي ٻه
ڇوٽيون موزون سٽون ثابت ڪن ٿيون ته ان وقت شاعري
جو روح هر سيني ۾ ساري هو.
شاعر نم بعد به ٻيلي جي سگهڙن هن شاعرانه مناظري جي اسم کي جاري رکيو.
جيتوڻيڪ منجهائن ڪوبه شيخ ابراهيم يا شاعر نم
وانگر نالي چڙهيو ڪونه هو جو ڪو ٻيو اچي ساڻن
مدمقابل ٿئي مگر پنهنجو پاڻ ۾ هنن سگهڙن به واه جي
ڀيٽون ڪيون. سيد احمد شاه بيت چيو ته:
روءِ بروءِ رسڻ جي آئي هوت مَ وار
محب مٺا ڪر مارڪا پر اهائي پار
رک سچائي سيد چئي کڻي نيڻ نهار
دم نه ٿيءُ هڪ ڌار، هج مون سان گڏ منهنجا پرين.
انهيءَ بيت جي ڀران وري نوت نالي هڪ بلوچ بيت ڏنو ته:
روءِ بروءِ ڏک ڏمرجي مون کي ٻولي تان مَ ٻڌاءِ
پلڪ پيهل پانهجا کڻندي نين کلاءِ
گهونگهٽ گهور دل مان ڪٽ ڪڍي تون لاءِ
[1]
منهن سينو محبوب پرين آڻي اسان سين اٽڪاءِ
ايء پاري پرت پڄاءِ، ننگ جي نوت بلوچ چئي
[2]
انهيءَ جي ڀران وري سگهڙ شيخ سائينداد هي بيت ٻڌو ته:
روءِ بروءِ ڏک ڏمرجي مون کي ٻولي تان م ٻڌاءِ
ڪرنگا نين قريب تون کڻ دوس ٿئي دلجاءِ
عين اُدگن، مک ماه جيئن، اهڙي صورت سونهن سندياءِ
آءٌ اير عاجز آهيان تنهنجي دلبر ديکڻ لاءِ
وسرن ڪين وجود مان جي ڪامل قول ڪيا
تنهنجا چمن بهوت چڱا جيئن چيهه ڪري چمڪاءُ
دوست! سندءِ ديدار جي مون کي عجيب اڪنڊ آه
سنگين پرين! سائينداد چئي، توتان صدقي ساه
مٺي ماکي ساءِ، تنهنجي سونهن ڏسڻ سپرين.
انهن جي ڀران وري شاعر وريي گڊي بيت ٻڌو ته:
روءِ بروءِ رخ رمز رهاڻ سين مک گولي محب ٻڌاءِ
سوڙا دوست سنگين پرين آهي تن کي طلب سندياءِ
افضل مل انجام تي جي سچا سخن ڪياءِ
نازڪ ڪج ڪا نينهن جي جا منهنجي دوست ٿئي دلجاءِ
اي جا ڪياءِ وندر وريو چئي، سي ڀانيان ڀال سنداءِ
منهنجي عيد اکين کي آه، تنهنجي سونهن ڏسڻ سان سپرين.
هن ذوق شوق جي مسلسل ترقيءَ سبب هن آخري دور ۾ به مشاعرن ۽ مقابلن جو چرچو
عام ٿي ويو. شاعرن جي هن پوئين گروه جو وري ٻيو به
هڪ مشاعرو ٿيو جنهن جي روايت اسان تائين شيخ
سائينداد واري ڪتاب ذريعي پهتل آهي. هن مشاعري ۾
سگهڙ سائينداد جو وڏو هٿ ۽ حصو هو ۽ هن سگهڙ
پنهنجن ٻين عزيزن جي طرفان به پان ويهي بيت جوڙيا
جي ڏيکارين ٿا ته هن دور ۾ جيتوڻيڪ شاعرن جو تعداد
گهٽ ٿي چڪو هو ته به مشاعري جي وندر ورونهه کي ڪن
نالي وارن سگهڙن اڪيلي سر به پئي نڀاهيو. اصل ۾ هي
به بيت سيد احمد شاه جوڙيا هئا ته:
1- وڄون ٿيون ورڪن، ڏس عمر اسان جي ڏيهه تي
[3]
کڻي آندءِ کوه تان تنهن جي ڪوڪ ڪجِئين ڪاڪن[4]
مارئي ماندي جن ري سي ڪوٽن ڏي ڪرڪن
[5]
پنهواريون پيرن مان چونديو ٿيون چرڪن
هو جي ونگ ٻڌيو ورڪن، تن ويڙهيچن ويجهي ٿيان
[6]
2- اڄ پڻ بوند بحال، ڏس عمر اسان جي ڏيهه تي
هت دم ڌڻوليين ڌاران آءٌ ساعت ڀانيان سال
ڏينم رضا رخصت راڄيا جان چاريان ماروئڙن سين سال
آگو احمد شاه چئي شرف رکي منهنجو شال
هو جي محب مٺا متوال، ويڙهيچن ويجهي ٿيان.
هنن بيتن ڀران وريي گڊي بيت ٻڌو ته:
اڄ پڻ بوندون برسن مير، عمر اسان جي ڏيهه تي
[7]
ڌونئرا، چيمڪ، ڏٿ سڀوئي چونڊيا ويڙهيچن ولير
[8]
ڌئونرو، ڏهي، ڏٿ ڏيهه ۾ وٽ پنهوارن پنير
اوءِ ويڙهيچا وريو چئي، آهن سائو سرت سڌير
[9]
هو جي مارو پاس ملير، آءٌ تن ويرهيچن ويجهي ٿيان.
انهيءَ جي ڀران[10]
وري سگهڙ سائينداد ٽي بيت لاڳيتا پنهنجن ٽن پٽن
ميان غلام حسين، نظرمحمد ۽ خدا ڏني (عرف
عبدالحليم) جي نالن تي ٻڌا ته:
1- اڄ وڄون ٿيون ورسن، ڏس عمر اسان جي ڏيهه تي[11]
ڪر قيد نه ڪامل راڄيا نرمل نماڻين
هت پٽ پتيهر پارچا، هت لوهيون لال لڱن
[12]
هت آما ليما انب وڻ، هت کاٽونبا کاڄن
هت مٺايون ۽ مربا، هت پيرون جام پچن
هت ڪباب ڪليا، هت آڻيو ڏٿ ڏين
[13]
هت شربت شير شراب هي هت پنهور دود پين
آءٌ هت گهاريان گڏ غلام حسين چئي، عمر اباڻن
هوءِ جي ريلن پاس رهن، تن ويڙهيچن ويجهي ٿيان[14].
2- اڄ بوندون برسن مير، ڏس عمر اسان جي ڏيهه تي
هُت کين کاٽونبا خوشيءَ سين ۽ کليو پين کير
هت هوءِ واڳيون ورن سين سرهيون منجهه سرير
[15]
آءٌ هِت عمرڪوٽ ۾ هُت مارو منجهه ملير
ڪڍ بندياڻي بند مان بي ڏوهي بي تقصير
تنهن تان لاهه تون نيهر نظر محمد چئي ڪڙا قيد ڪبير[16]
هوءِ جي پين پاڪ پنير، تن ويڙهيچن ويجهي ٿيان.
3- چيهه چمڪ چوڌار، ڏس عمر اسان جي ڏيهه تي
[17]
برق بجليان بيحد ڪري مٿي ميگهه ملار
ڪين وهنديس ڪوٽ ۾ هڪ دم ڌڻوليين ڌار
ڏي موڪل مارن کي ملان سومرا سردار
وٺا مينهن ملڪ تي تيا گاهه چڱا گلزار
[18]
کينديس هُت کيت سين لال پڪا ليهار
[19]
تنهنجي کٽن مان خدا ڏنو چئي ٻجهن ڇا ٻڪرار
جي ريلين پاس ريڍار، تن ويڙهيچن ويجهي ٿيان.
جڏهن سگهڙ سائينداد اهي بيت ٻڌا تڏهن شيخ الله ڏني جي ڀاءُ مٺي هي بيت ڏنو
ته :
اڄ پڻ بوندون ڀر، ڏس عمر اسان جي ڏيهه تي
[20]
وڄون وڻسڻ آئيون ڪڻسن منجهه ڪڪر
[21]
ڌوڌو اسان جي ديس ۾ پڻ ڌڳين جا ڌمچر
[22]
وٺا مينهن ملڪ تي ڏس اٿي آڇ، عمر!
[23]
کُلو پاڻي خوشي مان پين هت پنهور
[24]
آءٌ مارن ملندياس مٺو چوي جيل به لهندم جر
[25]
هت سرتين جي سڳر، شال ويڙهيچن ويجهي ٿيان
[26].
انهيءَ ڀران وري شيخ الله ڏني بيت ٻڌو ته :
اڄ پڻ بوندون ڀير، ڏس عمر! اسان جي ڏيهه تي[27]
وڄون وٺيون وطن تي، هت ڪامل! وهندي ڪير
ڪڏهن قبوليون ڪينڪي جي ڏين سونن توري سير
عمر هت الله ڏنو چئي، مون کي آهي چڱي هٿن هير
سرتين گڏ سوير، شال ويڙهيچن ويجهي ٿيان.
شيخ ميان غلام حسين چيو ته: انهن بيتن جو اهڙو ته چرچو پئجي ويو جو اسان جي
والد ميان سائينداد وري ٻين عزيزن جي نالن تي
هيٺيان وڌيڪ بيت ٻڌا[28].
شيخ عمر جو سندس عزيز هو تنهن جي نالي تي بيت
جوڙيائين ته:
اڄ پڻ بوندن بات، ڏس عمر اسان جي ڏيهه تي
سي عمل ڪري اٿيون ڪيائون رمز ساري رات
[29]
بجلين وسي بس ڪئي پرهه ڦٽي پرڀات
سرهيون ٿيون سنگهاريون آهن ايها وائي وات
[30]
آڻيو گهر عمر چئي، ڏٿ ڏيوَن ٿيون ڏات
[31]
تن سرتين جي ساٿ، شال ويڙهيچن ويجهي ٿيان.
وري پنهنجي ڀائيٽي شيخ الياس جي نالي تي بيت جوڙيائين ته:
مارو ملڪ ملير ۾ ڪن لوهيون لال لڱن
[32]
پٽ پرهيون ڪينڪي اسيم کہ وجهون کنهنبن
[33]
توڻ توشو تن جو خوش ٿيو کير پين
[34]
ٻڪريون چاريون وجهون واڙيون گهمونسان گهٽين
[35]
ڳاڙها ڳاڱا، ڀاڱا، ٻيا آڻيون ڏار سندا ڌونئرن
[36]
ڏي تون رضا راڄيا، ڪڍج کان قيدن
ڪر عمر آجائي الياس چئي، ملان کي مارن
[37]
هت ثابت سنگهارن، شل ويڙهيچن ويجهي ٿيان.
وري پنهنجي پوٽي دوست محمد (غلام حسين) جي نالي تي بيت ٻڌائين ته:
اڄ پڻ وڄون وير ولهار، ڏس عمر اسان جي ڏيهه تي
کينديس آءٌ کيت سين لال پڪار ليهار
چونديو ڀاڱا، ڪريون ڀاڱا، ٻيا سندا ڏونئرن ڏار
ڏٿ ورهايون ڏوئيون سي ويڙهيچا وينجهار
[38]
پٽ پرهين ڪينڪي، ڪن کٿين منجهه خمار
[39]
سون برابر سومرا سڳڙا ٻڌن سنگهار
[40]
ديسين منجهه دوست محمد چئي گاه موريا گلزار
[41]
ڀري ساڻ ڀتار، آءٌ وڃي ويڙهيچن ويجهي ٿيان
[42]
هي مشاعرو خاص طرح شيخ خاندان جي شاعرن جي پوئين گروه جي ذوق ۽ طبع جو نتيجو
هو ۽ ثابت ڪري ٿو ته شيخن ۾ جيئن شاعري شروع ٿي
تيئن پشت به پشت آخر تائين هلندي آئي. هن شاعري جي
”مصرع طرح“ سيد احمد جا چيل بيت بنيا جو ڪبير شاه
جي ڪڙم جو آخري شاعر هو. اهڙي طرح آخري دور جي هن
شاعر وري شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاه جي ابتدائي
مناظري جي رسم کي برقرار رکيو.
شاعر جي منزل ۽ مرتبو ۽ سندس شعر جو معيار
شاعريءَ جي عام چرچي سبب شاعرن جي واکاڻ ٿيڻ لڳي ۽ ماڻهن ۾ شاعر جو مان
مرتبو به بلند ٿي ويو. شاعرن کي پنهنجي شهرت سان
گڏ عزت به حاصل ٿي. ويتر وقت جي حاڪمن جو شاعرن کي
نوازيو ته رعيت ۾ سندن عزت ۽ عظمت هيڪاري وڌي وئي.
عوام جي شاعرن ۾ اهڙو اعتقاد ٻڌجي ويو جو سندن
ويساه موجب جيئن ئي شاعرن جي زبان وهي تيئن ٿيو.
شيخ ابراهيم جو هيٺيون بيت ڄڻ عوام جي هن اعتقاد
جو آئينو هو ته:
سنهون ڀانءِ مَ سپ، آهي وه وسير وات ۾
[43]
شاعر، پير، فقير کان ڊاءُ گهرجي ڊپ
ان جو آدگو ايئن اچي وڃي، جيئن قلم تراشي ڪپ
[44]
هوءِ جي چورين چپ، ته چڪائين چانگن کي
[45]
انهن عام اعتقاد سبب شاعر کي عوام جي خاص پٺڀرائي حاصل هئي ۽ انهيءَ ڪري هن
بنا ڊپ سڀ ڪنهن کي چئي ڏنو. سگهڙ صالح محمد بيان
ڪيو ته: برفتن ۽ جوکين جو جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾
برفتن جي صفر نالي مڱڻهار جو کين جي تعريف ڪئي.
مون کانئس پڇيو ته: صفر برفتن جو مڱڻهار هو پوءِ
جو کين جي تعريف ڪيئن ڪيائين؟ انهيءَ تي صالح محمد
سمجهايو ته: ’شاعر جنهن جي جيتري هوندي اوتري
ڳائيندا ۽ سڀ ڪنهن کي سچ چئي ڏيندا.‘ شاعر نم ڪونه
قلات جي خان خداداد خان کي سڌو سنئون چيو هو ته:
سڻ نِين خداداد! نم چوي: ڳالهيون هٺ هڄن
[46]
پورو پاڇاين کي سانئر سچ چون
[47]
هڪڙو خان خوار ٿيئين رسي کان راڄن
ٻيو نظر نادانيءَ جو وڌئي ۾ وهمن
ٽيو ڪپوت ڀيري ڪچي ڪيئي، ساڻ سردارن
[48]
چوٿون تونگر تان محمد کي هٿان ڪهايوءِ ڪتن
[49]
لڄ نه پياءِ تن جي سندي نياڻين
انهيءَ ڪوجهي ڪم جو توتي حاڪم حرف رکن
ان اڻانگي ڳالهه تان وڃي شڪست کي راڄن
[50]
پاڇا، پاڇايون پنهنجون اهين ئي اونڌيون ڪن
تون تان حاڪم ملڪ جو آهئين سردار سڀن- الخ.
واقعي شاعر جي هيءَ وڏي جرات هئي جو حاڪم کي به سچ چئي ٿي ڏنائين. انهين
جرات ۽ صريح گوئي جو سبب هي هو ته شاعر جي پنهنجي
حاڪم وٽ توڙي پنهنجي ملڪ ۾ راڄ ڀاڱ ۾ عزت ۽
پٺڀرائي هئي. انهيءَ عظمت ۽ همت سبب لقب ”شاعر“ هڪ
نهايت مهانگو مرتبو هو جو هر ڪهه ومهه يا هر مدعي
کي نٿي ملي سگهيو. هر ابتدائي شعر چوندڙ جي شعور ۽
عقل جي عام جي آڏو پوري پرکا پئي ٿي. جڏهن سندس
شعور هر ڳالهه ڳت ۾ پورو پختو ثابت ٿي ٿيو ۽ سندس
شعر عوام ۾ مقبول ۽ مشهور ٿي ٿيو، تڏهن ئي کيس
”شاعر“ ٿي سڏيائون:
شاعر جو معيار نه صرف سندس شعر گوئي مگر سندس ذهني شعور ۽ عملي ڄاڻ بنجي
ويو. اهو فيصلو ڪنهن سگهڙ هن مثال ۾ ڪري ڦٽو ڪيو
ته:
”ننڍي وڏي ڳالهه جي جو نه سمجهي ٻٽ
شعر تنهن شاعر جا جهڙا گڏهه جا ٽٽ“
ننڍي وڏي ڳالهه جي ٻٽ ۽ پرک ٻيلي جي شاعرن لاءِ لازمي ۽ ضروري بنجي ويئي:
شاعر اهو ٿي قبوليائون جو باخبر هجي ۽ نه بيخبر.
دهقاني شاعري جو هي بلند معيار حقيقت ۾ ”شاعر نم“
جي عام صحبت ۽ عام اثر بعد قائم ٿيو. شاعر نم
پنهنجي خداداد ڏات سبب نه صرف شاعر هو مگر وڏو
سگهڙ به هو. سگهڙپائي جي ورڇ کيس سندس مڱڻهار
گهراڻي جي مليل هئي. انهيءَ ڪري هر پڇئي جو جواب
پئي ڏنائين ۽ هر اَڻ سُئي اڻ ڏٺي ڳالهه جي خبر پئي
ٻڌايائين. نم سگهڙ به هو ته شاعر به هو ۽ انهيءَ
ڪري سندس طبع، ذوق ۽ ذهن ۾ ”شاعري“ ۽ ”سگهڙپائي“
گڏوگڏ ساٿ ڏيئي وڃي چوٽي کي رسيون. شاعري ۽
سگهڙپائي جي هن غيرمعمولي ميلاپ سبب هن نظريي ۽
خيال جي هيڪاري وڌيڪ تائيد ٿي ته شاعر اهو آهي جو
باخبر هجي، سگهڙ هجي ۽ ننڍي وڏي ڳالهه جي حقيقت
سمجهي ۽ سمجهائي. شاعر لاءِ هي شرط نه صرف موزون
هو بلڪ نهايت اڻانگو ۽ مشڪل هو. مگر شاعر نم
پنهنجي خدائي ڏات سبب هن کي ايترو ته آسان ڪري
ڏيکاريو جو عام ماڻهن جو هن نظريي ۾ ويساه ٿي ويو.
صالح محمد خبر ڪئي ته سُنگر شيخ، حمراڻي شيخن مان هڪ بيت ڏيندڙ راوي هو جنهن
جي آڏو سنڌ جي ختنگ نالي هڪ ڀَٽ، هي سوالنامو آڻي
پيش ڪيو ته:
الله جي الک جو مونکي سنگر ڏي سماءُ
ته ڪٽي سيءَ سپجي، ڪٿي وهي واءُ
ڪيترا سير زمين جا، ڪيترا پاڻي پاءَ
طعام تنهان پوءِ کاءُ، اول ڏي مائت هن مذڪور جي.
شيخ سنگر هلي آيو ۽ شاعر نم وٽ ۽ اچي ٻڌايائينس ته ختنگ ڀٽ هيئن چوائي
موڪليو آهي جنهن جو جواب تون ڏي. شاعر جواب ڏنو
ته: ختنگ ڪوڙ ٿو وڍي ۽ ڳجهه ٿو ڳولي. ڳجهه جي وٽس
ڪهڙي خبر هوندي، کيس هي جواب چوائي موڪل ته:
الله جي الک جي، ختنگ! ناه خبر
اهي آهن واءُ سيءَ وجود جا، سندا هٺ هنر
تون ٿو ڳولين ڳالهيون ڳجهه جون، حرص رکيو هر هر
ناري ناري نم چوي، جي وڻ وڻ ڏئين ور
[51]
ته به ادا انهيءَ پنڌ کي ڪنڌي ناهي ڪر
پڙهي ڪنهن نه پڄائيا، ايءَ علم سڀ اکر
مون تو ڪنا سکر، مٿا هڻي موٽيا.
شاعر نم جو هي جواب، حقيقت ۾ لاجواب جو جواب هو. هن سوال جواب ۽ مناظري
لازمي طور عوام ۾ هي خيال پيدا ڪيو ته، شاعر اهو
جو هر ڳالهه جي ڄاڻ ۽ پرک رکي ۽ پڇئي جو جواب ڏئي.
اِهو نظريو ۽ خيال عام مشهور ٿي ويو جنهنڪري ڪنهن
به بي شعور کي شاعري جي دعويٰ ڪرڻ جي جرات ڪانه ٿي
ٿِي. سگهڙن ۽ عام جي انهيءَ تنقيد ۽ نڪته چينيءَ
کان سواءِ خود شاعرن جو گروه به پنهنجي فني معيار
۽ مرتبي جي حفاظت لاءِ هميشـﮧ هوشيار ۽ بيدار هو ۽
جيڪڏهن ڪو شاعر عام تنقيد کان وڌي اڳتي ٿي ٿيو ته
خود شاعرن سندس امتحان ٿي ورتو. مٿيان مقابلا ۽
مشاعرا حقيقت ۾ شاعرن هڪٻئي جي آزمائش لاءِ ڪيا ۽
نه صرف ورنهه ۽ وندر لاءِ. اسان هن آزمائش جو اڃان
به هڪ وڌيڪ چٽو دليل پيش ڪريون ٿا. ٻيلي جي شاعرن
جي ٽئين دور ۾، جو نم جي شاگردن سان شروع ٿيو،
مڱيو براديو پخته مشق شاعر هو ۽ ازانسواءِ شاعر نم
جو شاگرد به هو. مڱيي جو هڪ همعصر شاعر وريو گڊو
پيدا ٿيو ۽ بيت چوڻ لڳو. مڱيي هن نئين شاعر کي
يڪدم آزمايو ۽ سندس امتحان لاءِ هي سوالنامو
موڪليائين ته:
وڏي ڳال وريا ڪين پڇان ٿو، ٽول پڇانءِ ٿو ٽي
ڪيترا فرض فرقان ۾، ڪيترا ڪلما لکيا ڪي
ڪيترا نالا نازل نبيءَ تي جبرئيل آندا جي
سي سلي ثابت ڏي، ته سچي سانئر آهيين.
وريي انهيءَ جي ورندي ڏني ته:
موٽائي مڱيي کي ڪو نيئي نياپو ڏي
ته تو جو مسلو موڪليو ڳجهي ڳال ڳري[52]
چوڏهن سجدا فرقان ۾ ٿو صاحب فرمائي
ساڍيون ڇهه ويهون فرضين جون، سُويون لوڪ سڄي
اکر ٽيهه ان ۾ ٿو رازق رکائي
الف، ميم، عين ايهي ٽول وڏا آهين ٽي
ٽي سَئه سٺ ڪلمي جي عربيءَ ۾ آهي
چوويهه هزار مرتبين مولي مَلڪ موڪليو ٿي
سو سڀي شفيع ڄام کي ٿو سُڌيون سڻائي
نوري نالا نبيين، جبرئيل آندا جي
توريت، زبور، انجيل، فرقان، صحيح ڪتاب سي
ظاهر ٿيا زمين تي، ساڻ امر الله جي
شريعت، طريقت، حقيقت، معرفت ثابت ڪلما سي
ٻي آهي چوٿين اُڀ تي رکي صندوق سٽائي
عصا، انگشتري آنو اُن ۾، موتي مرجان ڪي
اَڀ، گڀ، ڪڙه، قلم، تنهن جي خبر خالق کي
سڪونت ساه پساه جي، ڪنجي قادر کي
ٻئي جو ناهي وس وريو چئي، ڪو هلي هوند ڏسي
آهي ادا ڳال اتي، ڪي پڇان تنهنجو پيچرو.
معلوم ٿئي ٿو ته مڱيي جو سوالنامو شايد وڏو هو جنهن جو وريي مفصل جواب ڏنو
آهي. سوالنامي جي نوعيت ثابت ڪري ٿي ته شاعرن لاءِ
ننڍي وڏي ڳالهه جي پرک پروڙ لازمي هئي. انهيءَ
سمجهه ۽ شعور، انهيءَ ڄاڻ ۽ پروڙ کان سواءِ سندن
شاعري بلڪل بيڪار هئي. وريو هن پرکا ۾ پورو نڪتو
جنهنڪري پنهنجي همعصر شاعرن جي ڳاڻيٽي ۽ شمار ۾
آيو.
ٻيلي جي شاعرن جي فني ايجاد
ٻيلي جي استاد شاعرن، عام شاعريءَ جي هنر ۽ فن ۾ خاطر خواه اضافو ڪيو. هنن
پنهنجي طبع جي روانگي ۽ عام شاعري لاءِ نوان وزن
نروار ڪيا ۽ پنهنجي زبانداني جي زور تي نوان نوان
قافيا آزمايا. ازانسواءِ اندروني قافين جي وارو
وار سان بيتن جي سٽن ۾ هڪ خاص لچڪ ۽ ڊيگهه پيدا
ڪيائون ۽ انهن ۾ سُر تار ۽ وزني ڍار جو هڪ عجيب
رنگ ڀريائون. انهن نزاڪتن سان هنن عام شاعريءَ تان
ورهين جي ڪٽ لاهي ان کي نئين سر اُجاريو ۽ ان کي
رسمي ۽ روايتي سطح تان بلند ڪري ترقيءَ جي منزل تي
رسايو.
|