(الف) نوان وزن: انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته عام
شاعريءَ کي پنهنجا انوکا وزن ۽ ماپا آهن، مگر عام
شاعريءَ جا جملي وزن ڳولي ڳڻي نروار ڪرڻ بذات خود
هڪ تحقيقي مسئلو آهي جنهن جي صفائي اسان آئنده جي
اديبن تي ڇڏيون ٿا. هتي صرف هيترو سمجهڻ ڪافي
ٿيندو ته عام سنڌي شاعريءَ جو اوائلي ۽ بنيادي وزن
ڄڻ هيٺين سٽ ۾ سمايل آهي جا اڪثر عام شاعرن جي
بيتن جي بسم الله آهي ته:
ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار
ثنا جي هن سٽ کي مختلف شاعرن ٿوري مٽ سٽ سان
استعمال ڪيو آهي. مثلاً:
– ساراهيان سچو ڌڻي، جو آگو عليما.
– ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جي جوڙ جڳاءِ.
– ساراهيان سچو ڌڻي، جو عالمن الله.
– ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار.
هن وقت اسان جو مقصد هن بنيادي سٽ جي وڍٽُڪ يا
ارڪاني ۽ افاعيلي ڪڇ وهٽ ناهي؛ مگر اسان هن سٽ جي
انهيءَ بنيادي وزن ڏانهن ڌيان ڇڪايون ٿا جنهن کي
عام شاعرن اختيار ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪلام جو قالب
بنايو آهي.[1]
هن سلسلي ۾ غور طلب نُڪتو هي آهي ته، عام شاعريءَ
جو قالب، عروضي شاعري جي قالب کان مختلف آهي:
عروضي شاعري جو قالب وزني آهي، عام شاعري جو قالب
اندازي آهي؛ عروضي شاعري جو زون خاص لفظي تڪ تور
موجب مقرر ڪيل آهي، عام شاعري جو وزن اُچار ۽ آواز
جي تخميني ڪڇ وهٽ جو نتيجو آهي، جنهنڪري منجهس
لفظي ڪمي بيشي جي ڪافي گنجائش آهي، مثلاً عام
شاعري جي ستاء مطابق اندازو لڳائيندي اسين
چونداسون ته ڪبير شاه جي بيت، ”پنهنجا ساريم
سومرا، هو جي پهرن پٽ پنهوار–الخ“ جو بنيادي وزن
”ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب ستار“ تي ٻڌل آهي،
حالانڪ لفظي تڪ تور جي لحاظ سان هنن ٻن سٽن ۾ وڏو
فرق آهي.
بنيادي وزن جي هن مختصر وضاحت بعد اسان ٻيلي جي
استاد شاعرن جا اهي شعر نقل ڪريون ٿا جي مٿئين عام
”بنيادي وزن“ کان مختلف وزنن تي ورڇيل آهن. شيخ
ابراهيم جو پنهنجي محبوب جي تعريف ۾ هيٺيون سينگار
جو بيت[2]
’بنيادي وزن‘ کان، سٽن جي آخر ۾ ٻاهر وڌي وڃي ٿو:
اوچا عين عجيب جا طرحين طرحين جيئن تارا
جلوو جوت جواهر گهڻو، نيڻن نظارا
مک موتي محبوب جا، امل اکين اظهارا
طول طوطي بيني براهم چئي، ڪيس ڀرون ڪارا[3]
خوب دندان دهن ۾، اڇا اپارا[4]
سين بهوت سربر ۾، تن جا تنوارا[5]
پئي پلپل پچارا، دوس پيهي در آئيو.[6]
شيخ ابراهيم جي هن گهڙيل پيچري تي، شيخ بکر قدم
رکي ٿو ۽ هن نئين وزن کي نئون رنگ ڏئي ٿو ته:
دم دم دست دل ۾، ٿا مونکي اچن ڄم ڄم ڄمارا
ڪم ڪم ڪار قريب ڏنهن، ديکيم دم دم ديدارا
ڏٺيم نم نمندي نيشاني نور جي، ويم لهي وهم وم
وبارا
وڻيم بوءِ بوءِ باس بکر چئي، نهاريم جوءِ جوءِ
جبارا
وڄ وڄ ويس مٽائيا، توڙي سڄ سڄ سڄندا سونهارا
پوءِ جن جا اهڙا ارواح اوتارا، تن جي ڏيندس جانب
ساه جوت تي
ٻيلي جي شاعرن مان ڪبير شاه ڊگهي وزن جو موجد ۽
باني هو. سندس طبع جي زوردار رواني لاءِ ”بنيادي
وزن“ نهايت تنگ هو. انهيءَ ڪري هن استاد شاعر اڳتي
وک وڌائي ۽ هڪ نئون وزني گُر اختيار ڪري، چار گُر
هڪ سٽ ۾ بيهاري، هڪ نئون ڊگهو ڍاردار وزن ايجاد
ڪيو، مثلاً:
آڳ اُجهامي ڪين قطر ٿي ٻاروچل جا ٻاري هئي
روز ڏيهاڻي ڏيرن کي منهنجوپاندپلئه زر زاري هئي
آڌيءَ ڌاري اُٺ اُڌميائون واڳ وٺي ور وراري هئي
ڪاڪَل پييم ڪانه وڃڻ جي ناتي هوت آءٌ هوشياري هئي
هي نئين ايجاد حقيقت ۾ شاعر جي فطري طبعي رواني جو
نتيجو هئي ۽ نه ڪنهن خاص عقلي گهڙ ڀڃ- جو. هي نئون
سرائتو وزن، توڙي هي نيئن مٺي طرز ٻئي نهايت مقبول
پيا ۽ سنڌ خواه ٻيلي جي ڪيترن شاعرن هن وزن تي طبع
آزمائي ڪئي جيئن اسان اڳي بيان ڪري آيا آهيون.
ڪبير شاه، ٻئي طرف وري ”اندروني قافين جي وارو
وار“ جو بنياد وڌو. اندروني قافيا شعر ۾ اڳ به هئا
مگر ڪبير شاه انهن کي وڌايو ويجهايو ۽ عام شاعريءَ
۾ هن نئين سٽا کي نروار ڪيو- مثلاً:
ڌڻ سو ڌارڻ، چٽ پٽ چارڻ، پهون پڪارڻ، جهڻ جهڳارڻ،
تنهنجا سرت سنگهار
ڀرين اويون، پاڻيءَ پويون، ڏوران ڍويون، تن جا پرس
پنهوار
ڪنڌن ڪهاڙيون، ڳنن ڳاڙهيون، وڍين ٽاريون، وجهن
واڙيون، ويل چڱي ولهار- الخ
پهرين ۽ ٽي سٽ ۾ قافيي جو تڪرار چار دفعا ۽ ٻيءَ ۾
ٽي دفعا ظاهر ڪري ٿو ته شاعر هن نئين ايجاد ۾ ڪا
علقي گهڙ ڀڃ ڪانه ڪئي مگر هي نئون نمونو صرف سندس
طبع جي رواني جي ڪم وبيش ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ
فطرتاً پيدا ٿيو. هن نئين رمز ۽ نئين طرز ٻين
شاعرن کي به پاڻ ڏانهن ڇڪيو؛ جيئن ته ٻيلي ۾ آخري
دؤر جي شاعرن مان شيخ سائينداد (پنهنجي پٽ غلام
حسين جي نالي) بيت ٻڌو ته:
عمر اباڻا، ساريم ڀاڻا، پٽ ٿاڻا، اوءِ ٽڪاڻا، جت
وير ولوڙيم ويهي
کهه سک سيرا، هڏن هيرا، چنيون چيرا، پاند پکن ۾
پيهي
اڏن فيهون، طنبن جيهون، هت ڏاڏاڻا ڏيهي
ڦڻهه سنگ سٽي، سڱر ڪٽي، سمر ڪن سيئي
جن جي آڏ عمر ايهي، تن جي گڏ هت سام غلام حسين
چئي.
مطلب ته اندروني قافيي جي رمز ۽ ڪبير شاه جا
محاورا نهايت مقبول پيا ۽ سنڌ ٻيلي مشهور ٿي ويا.
سنڌ جي هڪ لائق شاعر ’فقير‘ هيٺين بيت ۾ ڪبير شاه
جي خيالات خواه اندروني قافيي جي طرز کي قبول ڪيو
آهي ته:
سانگي منهنجا سنمک سهڻا، ٿا پٽ مٿي پهرن
هٿ ڪهاڙيون، ڳنن ڳاڙهيون، ويڙن ۾ وڙڪن
ڇوڙن ڇيلا، اٿن سويلا، تڙ مٿي تڙڪن
ڇنن ڏؤنرا، پين ڌؤنرا، ساڳ مٿي سرچن
اڏن چؤنرا، ٿورا ئي ٿورا، منهن ماروئڙن
ڪرڙ ڪڪوريا، ڪنڊا موريا، ڦوڳ ڦلاريا، جهليا گل به
گولاڙن
باه ڏيان تنهنجن بنگلن کي، کايان خريب کٽن
طول وهاڻا توشڪ تنهنجا، مورهن مون نه وڻن
ٽلين ٽڻڪو، ڀؤنرن ڀڻڪو، کيل ٻڌا کرڪن
سي هنڌ ساريان سومرا جهوپا جهانگيڙن
کڙن کٿيريون، اُٿن سويريون، ماٽين تي مرڪن
ڌڻ ڌاريون، ولر واريون، گهٽيا پاس گهرن
وٺا مينهن ملير تي، ٿيون ٽوه وليون ٽهڪن
فضل ڪج فقير چئي، مٿي ماڙيچن
پوءِ اُتي وڃي تن، گڏجي گوندر لاهيان.
ڪبير شاه جي هنن انوکين ساٽائن جا ڪم ازڪم ٻه
اثرائتا نتيجا نڪتا: (الف) ڊگهو وزن وجود ۾ آيو ۽
(ب) ساڳئي بيت ۾ ڊگهين ۽ ڇوٽين سٽن کي جائز سمجهيو
ويو. هنن ٻن نتيجن ڪري عام فطري شاعري کي هڪ ته
طبع جي رواني لاءِ ڊگهي وزن جو ڪشادو ميدان ملي
ويو ۽ ٻيو ته ساڳئي بيت ۾ موقعي به موقعي پنهنجي
اندر جي فوري اڌمي کي ڊگهي ڇوٽي سٽ ۾ سمائڻ جو
اختيار ۽ آزادي ملي. شيخ ابراهيم جي هيٺين بيت ۾
هن ڊگهي وزن جو هڪ انوکو نمونو نروار ڪيل آهي. هن
وزن جي لوڏ ۽ ڍار خاص دلچسپ آهي. شيخ ابراهيم
سسئيءَ جي سُر ۾ چوي ٿو ته:
جيئن هوتن سان مان پريت لڳي تيئن لئون ڪنهين جي
لاڳي ٿي
نومئون عينان، ليل فراقي، جار پرين لئي، جاڳي ٿي
طعام نه طلبي، کيڻ خوشيءَ مان تامن وهي ڪيئن واڳي
ٿي[7]
ڪين وهي هت مطلقون موران، نينهن هنيو دل داڳي ٿي[8]
رند پريان جي، ريهان ڪيهان، ساٿ پڇيو راه ساڳي ٿي
براهم چوي، بره بيچاريون، وحدت واريون، جن جو محب
موهيو من ماڳي ٿي
ڪانڌ قراريون، محبت ماريون، تن جي عشق صلابت آڳي
ٿي
تنهنجي تاري تاڳي ٿي، جنهن جي جاري ڪيل جهان سين
[9]
هڪ طرف هي ڊگهو وزن وجود ۾ آيو ته ٻئي طرف وري
بلڪل ڇوٽي وزن ۾ به ٻيلي جي شاعرن طبع آزمائي ڪئي.
شاعر نم پنهنجي محبوب جي صفت هن ننڍي ۽ جلد وزن ۾
ڪئي ته:
عجيب پرين پيارا
چڱا عبن عجيبن
مون من موهيو معشوق
چيلهه چيتو جيئن چلن
چڱا هٿ حبيبن
ٻولڻ چتونءَ جي چانگار
نڪ ته سُونهي منجهه نراڙ
جوڙيا واڍولا وينجهار
ڪرايون ته مور ڪنڌ
کٽولي کي مٿي هنڌ
بيهي دم ڏيکو ديدار
اجهو تنهنجو آهي آر
خوب کنج ٿا کڻن
ڀريو پير ٿا پڇن
هٿؤن مير محمد من
جي ٿا ڪلمو ڪهن |
جاني جيءَ جيارا
پرين کٿوريءَ کلن
هلڻ حال جيئن هنجن
ڪرايون ته ڪنگوءَ ون
ننهن ته رتا آڱرين
سا تان هيجئون پائي هار
تنهن ۾ ڦلي فهمدار
جهومڪ سونهن سين جهالار
ڀيريو وانگي بازو بند
پالير وانگي ڪنڌا پنڌ
پريان جو پسجي پار
سدا ذؤقي هوندو يار
مون کي وجودئون وڻن
[10]
ميراثي تون سندو تن
آڳہ سندو اُمتين
هوندا سي ايمان سين. |
پنهنجي سڄڻ جي صفت ۾ شاعر عام فهم مگر نهايت
سهڻيون ۽ دلچسپ تشبيهون استعمال ڪيون آهن. هنجن
جيئن هلڻ، چيتي جيئن سنهي چيلهه، ڪنگور جي گرين يا
مور جي ڪنڌ جهڙيون ڪرايون، چتونءَ جي جيئن ٻولڻ،
پالِير يا پاريهل وانگي قدم قدم تي رکي ٽلڻ، نهايت
پياريون تشبيهون آهن. هن ننڍي وزن جي تڪڙي ڍار به
دلچسپ آهي ۽ شاعر نم گويا هي نئون پيچرو گهڙي ثابت
ڪري ڏيکاريو آهي ته هن طرز بيان ۾ به شاعر دلچسپ
معنائون پيدا ڪري سگهي ٿو. شاعر نم ٻيو به هڪ عجيب
نُڪتو نروار ڪيو: يعني ته ”بنيادي وزن“ جي سٽ ۾
لفظ ”سچو“ تي شد ڏيئي، پڙهڻي جي ٿوري ڦيرڦارسان
نئون وزن ايجاد ڪيو جو ڄڻ عروضي شاعري جي بحر رجز
(مستفعلن) ۽ بحر رمل (فاعلاتن) جو ميلاپ آهي. شاعر
نم ڄام مير خان جي مدح ۾ چوي ٿو ته:
ساراهجي سچو ڌڻي صاحب سٻاجهو رب ستار
مير خان جو مان ٿيو راضي ٿيو رازق جبار
خورده سال وبخت زاده نيڪ نيت نامدار - الخ.
مطلب ته هنن شاعرن اسلوب بيان ۾ نون ميدانن سر ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندي نوان نوان وزن ايجاد ڪيا.
(ب) نوان قافيا: نون وزنن سان ٻيلي جي شاعرن
پنهنجي بيتن لاءِ بلڪل نوان ۽ انوکا قافيا پڻ ڳولي
ڪڍيا. هن ميدان ۾ سندن ڪاميابي جو سبب سندن لساني
مهارت هو، هي شاعر ٻوليءَ جا استاد هئا انهيءَ ڪري
هم وزن ۽ هم جنس لفظن جي وٽن کوٽ بلڪل ڪانه هئي.
سندن پهريون خيال جنهن به سٽ جي سانچي ۾ سمائجي ٿي
ويو ته انهيءَ سٽ جي آخري لفظ کي قافيو قرار ڏيئي
ٻيا قافيا ملائي وڃي ٿي بيت سڄو ڪيائون. قافيي
مٽائڻ خاطر پنهنجو خيال توڙي بيان ڪڏهن به ڪين ٿي
مٽايائون. هو هر انوکي ۽ اڻانگي لفظ تي ڪيئي فصيح
بليغ قافيا ٻڌي ٿي سگهيا. هن اعليٰ لياقت جو
بهترين مثال ڪبيرشاه جي شعر ۾ سر سسئي تي ڏنل فصل
۾ موجود آهي، جنهن ۾ هن استاد شاعر هر سنهي ٿلهي،
ڏنگي ڏوڙي لفظ کي قافيو قرار ڏيئي فصيح ترين بيت
ٻڌا آهن. اسان شيخ ابراهيم جو بيت اڳي نقل ڪري آيا
آهيون جنهن ۾ لاڳي، واڳي، ڌاڳي وغيره جهڙا عجيب
قافيا ڪم آندل آهن. ڪبير شاه ۽ شيخ ابراهيم ته
چوٽيءَ جا شاعر هئا مگر ٻيلي جي ٻئي هر ننڍي وڏي
شاعر لاءِ به انوکن قافين تي بيت ٻڌڻ ڪا مشڪل
ڳالهه ڪانه هئي. مثلاً: موسيٰ ڪنڀار نوريءَ جي سُر
۾ هي بيت ٻڌو ته:
نينهن نوازي نورئين، سهج سگهي سٽ مؤن
ترها تريون تار وجهيو، ٿي مچ ماري مٽ مؤن
پليون پلا، پل کڻيو ٿي وراهي وٽ مؤن
ائين سونهن سمانگر سندري ٿي جهڙپ هڻي جهٽ مؤن
ائين ريجهايائين راءِ کي، ناز ڪري نٽ مؤن
هن ڀي آڻي عشق آڏائيا پال طنبو پٽ مؤن
موتي ماڻڪ مندلاوا، هئا خوب جڙيا کٽ مؤن
تنهن تي ڪنجهائي ڪنڀار چوي، ٻي ڪانه هئي ڪٽ مؤن
جڏهن گهُور گهڙياس گهٽ مؤن، تڏهن کڻي چاڙهيائين
چؤڏول ۾.
ظاهر آهي ته هن انوکي قافيي تي ايڏو ڊگهو، فصيح ۽
اثرائتو بيت ٻڌڻ هڪ اعليٰ شاعريءَ جو نمونو آهي.
انوکن قافين تي ٻيلي جي شاعرن ٻيا وڌيڪ بيت ڪتاب ۾
جابجا موجود آهن، مٿيون بيت يڪمشت نمونو نروار
ڪافي ٿيندو.
(ج) اداءِ بيان جا مختلف عنوان: سنڌ جي شاعرن
پنهنجن صوفيانه ۽ فلسفيانه خيالات جي ادا ڪرڻ لاءِ
مختلف نمونا اختيار ڪيا آهن. شاعرن جي سرتاج شاه
عبداللطيف متعدد طريقن ۽ تجويزن سان پنهنجي
شاعرانه خيالات کي ظاهر ڪيو آهي، جن جي تفصيل جي
هن موقعي تي جاءِ ڪانهي. شاه جو هڪ مشهور
طريقو”تڪرار“ آهي يعني ته سٽ اٺ لاڳيتا بيت ساڳئي
منڍ سان
شروع ڪرڻ يا ساڳئي وراڻي سان پورا ڪرڻ؛ انهن
عنوانن ۽ وراڻين ۾ به شاه جي شاعرانه طبع جدا جدا
لفظن ۽ جدا جدا معنائن کي جدا جدا سانچن ۾ سموهيو
آهي تان جو سندس خيال ۽ فڪر جي گهَرائي ڄڻ ”الف
لام ميم“جي قرآني عنوان کان اثر پذير ٿي، ”زمر
زخرف“ جي ترڪيب کي بيتن جو منڍ بنايو آهي. سنڌ جي
عام شاعرن مان ڪن ”الف- ب، تي- الخ“ يعني ته ٽيهه
اکري تي، يا پهرين، ٻي، ٽي- الخ، مهيني جي ٽيهن
راتين تي بيت ٻڌا آهن. ڪن وري سوال جواب جو طريقو
اختيار ڪيو آهي، ٻيلي جي شاعرن انهن عام طريقن کان
سواءِ پنهنجون ڪي خاص واٽون پڻ گهڙيون آهن. ٻيلي
جي پهرين شاعر شيخ حمر سُرمارئيءَ ۾ ”سُخن اچيم
سومرا“ کي تڪراري عنوان بنايو آهي ۽ ان بعد شيخ
بکر سُرسسئي ۾ ”نڪو سڱ سسئي کي - الخ“ منڍ چيو
آهي. شيخ حمر ٻيو هڪ قسم جو اکري عنوان به پيدا
ڪيو آهي جنهن ۾ هن هڪ ٻن اکرن جي اچاري مناسبت تي
الفاظ آڻي سٽ سڄي ڪئي آهي؛ ممڪن آهي ته اهي اکر
معنوي به هجن، مثلاً شيخ حمر چوي ٿو ته:
ميم ملاقت سڄڻين جيم ملاقت جن
ميم ملاقت سپرين وحدت وائي تن – الخ
وري ٻئي بيت ۾ چوي ٿو ته:
ميم ملاقت سپرين ڏئي جهڙي ڏت
من ساري ماڳ تي جاني رهن جت – الخ
سنڌ جي شاعرن هفتي جي ڏينهن کي شايد ورلي منڍ ڪري
چونڊيو آهي مگر ٻيلي جي شاعرن انهن کي عام طور
بيتن جو عنوان بنايو آهي. شيخ ابراهيم ئي سندس
هيٺين بيت ۾ شايد هن ترڪيب جي شروعات ڪئي آهي:
ڇنڇر ساريم سپرين ايندم شال آچار
پير پڇان ٿي پرين لاءِ سڳوري سومار
[11]
اڱاري ايندا پرين دلبر دوس دوار
[12]
اربع آساتي اک ڦري نيڻن نت نهار
[13]
خوش من ڏينهن خميس جي براهم بيقرار
ٿيون گهر گهر کيرون کيرون چار، جڏهن جمعي جانب
آئيا.
هن بعد شاعر نم هن بيت جي ڀران مسلسل بيت ٻڌا،
مثلاً:
ڇنڇر ساريم آچر شل ايندام – الخ
ڇنڇر ساريم سپرين آچر ايندام شال – الخ
وري شاعر صدقي چيو ته:
ڇنڇر ساريم سپرين جن جا آچر اوس ٿين
[14]
سومار ڏينه صدقي چئي منهنجي پرهيو پاڻ پرين
اڱاري آسون ٿيون، اربع مان اچن
ٿيو خاصو ڏينهن خميس جو ڪي مجلس ملوڪن
گهر گهر کيرون ڇن، منهنجا جمعي جانب آئيا.
شيخ ابراهيم مارئي جي سُر ۾ مهيني جي تاريخن کي
عنوان بنايو آهي ۽ هر هڪ تاريخ تي جدا جدا بيت به
ٻڌا آهن ته وري مڙني کي گڏوگڏ هڪ بيت ۾ به آندو
اٿس. مثلاً:
اَوَليءَ اُڪ ٿياس، مارئي مارو سارئا
[15]
ٻيءَ ماه ٻاٻاڻن لاءِ، لڙي لڙڪ پياس
ٽيءَ ماه ٽڪاڻن سين، سي ئي سنڀرياس
چوٿينءَ ماه چوڏول ۾، وس نه ڪنهن وهندياس
پنجينءَ پنهوارن ڏانهن ڪوڪون هت ڪندياس
ڇهين ڇوڙي ڇيلڙا، وٽ ويڙهيچن ويندياس
ستين پڻ سڱالڙين ڏانهن موڪل مير ڏنياس
اٺين آسون پنيون لهي وهم وياس
نوئين نهاري ڏينهڙي نہ سين نيڻ ٺرياس
پکا پسندياس، آءٌ ڏهين ڏاڏاڻن جا.
مارئي جي سُر ۾ ڪبير شاه ”جيئن هن... تيئن هُن“
واري طرز بيان کي مسلسل ۽ اثرائتي انداز ۾ استعمال
ڪيو ۽ سندس هي اسلوب ۽ طريقو عام مشهور ٿي ويو.
سنڌ جي شاعرن جو ٻيلي جي شاعرن تي
اثر
تحقيق ڀٽائي صاحب سنڌ توڙي ٻيلي جي شاعرن جو سرتاج
۽ اُستاد آهي. شاه جي شاعرانه سخا ۽ لٽ مان سنڌي
ٻولي جي هر شاعر هر هنڌ ورڇ ورتي آهي. سنڌ جي
الهندن جبلن البته سنڌ ۽ ٻيلي جي وچ ۾ ماڻهن جي
آمدرفت کي مشڪل بنايو مگر شاه صاحب جا بيت درياءَ
مٿان ٽپندا، نين تان ڪڏندا، جبل لتاڙيندا وڃي پار
پيا ۽ لس ٻيلي ۾ به شاه صاحب جي بيتن جو اهوئي
چرچو ۽ ذوق جاري رهيو جهڙو سنڌ ۾ ٿيو. اسان لس
ٻيلي ۾ هر سگهڙ ۽ سمجهو واتان ڀٽائيءَ جا بيت ٻڌا.
غور بعد معلوم ٿئي ٿو ته ٻيلي ڏانهن ويندي شاه
بلاول جو تڪيو شاه جي شعر جو هڪ پهريون ۽ اهم اڏو
۽ اجهو ٿي رهيو آهي جتي گهڻي مدت کان شعر جي رهاڻ
۽ سلوڪ وارا وقت بوقت سنڌ جي طرفان ايندا رهيا
آهن. بنده راقم کي ٻيلي ۾ معلوم ٿيو ته هن وقت به
شاه بلاول تي ڪو هڪ سالڪ رهي ٿو جو شاه جي شعر جو
وڏو واقف ۽ وينجهار آهي. شاه بلاول جو تڪيو سنڌ ۽
ٻيلي جي عرفات آهي جتي شاه جي شعر ۽ ٻيل جي دردمند
دلين جو مدت کان ميڙائو ٿيو، انهيءَ اثر جي جهلڪ
اسان کي ٻيلي جي پهرين شاعر شيخ حمر (شاه جو
همعصر؟) جي بيتن ۾ واضح طور نظر اچي ٿي. شيخ
ابراهيم جي بيتن جو رخ به ساڳيو آهي. انهن شاعرن
جي بيتن جي رنگ توڙي بوءِ جو سرچشمو يقيني طور
ڀٽائي صاحب جا بيت آهن.
شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاه جي بيتن ۾ به شاه جو اثر
ظاهر نظر اچي ٿو. سُر بروي سنڌيءَ ۾ شاه چيو آهي
ته:
ناز منجهارا نڪري جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ
ڀونءِ پڻ بسم الله چئي راه چمي ٿي رند
مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ، ساجن سڀنئان سهڻو.
هيٺ باب اٺين ۾ شيخ ابراهيم ۽ ڪبيرشاه جا هڪٻئي
ڀران بيت ڏنا ويا آهن جن مان شيخ ابراهيم جي هڪ
بيت جو شروع ۽ آخر هن طرح آهي ته:
ناز منجهارا نڪري جڏهين پرن پنڌ پيو
... ... ...
مون کي سوڳنڌ سائينءَ جو، ته منهنجو ساجن سڀنئان
سهڻو.
انهيءَ جا ڀران جو ڪبير شاه جو بيت آهي تنهن جي
پڇاڙي ۾ هوبهو شاه جي سٽ تضمين ڪيل آهي:
’مون کي سائينءَ جو سوڳنڌ، ته منهنجو ساجن سڀنئان
سهڻو‘
شاه جي رسالي ۾ ”سپن“ (سنها ڀانءِ م سپ، سڪا جن
پيٽ) ۽ ”ويڄن“ جا بيت آهن جن جو تتبع شيخ ابراهيم
۽ ڪبير شاه پنهنجي بيتن ۾ ڪيو آهي[16].
اهڙيءَ طرح ٻيلي جي شاعر سيد احمد شاه به شاه جو
تتبع ڪيو آهي. سربروي سنڌي ۾ شاه چوي ٿو ته:
جانب منهنجي جيءَ ۾ تنهنجي طمع پوءِ
وٺ ڪاتي، وڍ انگڙا، ادب ڪر مَ ڪوءِ
ڀانيان ڀال سندوءِ، جي ساجن! سنئون نهارين
باب تيرهين ۾ احمد شاه جا بيت جي ”دوست“ جي عنوان
هيٺ ڏناويا آهن تن مان ٻن جون شروع واريون سٽون هن
طرح آهن ته:
جانب منهنجي جيء ۾ توکي طمع آهه – الخ
---
جانب منهنجي جيء ۾ جي قريب آهيوَ ڪم – الخ.
---
ٻيلي جي سگهڙ شاعر نم، شاه جي هڪ بي بها تشبيهي
خيال جو پنهنجي ڪلام ۾ تتبع ڪيو آهي. شاه صاحب سُر
بروو سنڌي ۾ چوي ٿو ته:
اڄ پڻ انگيم انگ، هٿان حبيبن جي
جا پر سؤٽي سنگ، سا پر ٿي سورن سين
---
اڄ پڻ جڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو
سکن اچي ڏکن کي، محڪم ڏني موڙ
جا پر کٽيءَ کوڙ، سا پر سورن ساڻ ٿي.
ٻنهي بيتن ۾ آخري تشبيهون بلڪل عام فهم مگر نهايت
پياريون آهن. انهيءَ ساڳي خيال کي شاعر نم مختلف
سهڻين ۽ انوکين تشبيهن سان ورجايو آهي. نم چوي ٿو
ته:
1-وريم ورق وصال جا، مون ڏنهن اٿي ويا ارما
لعلڻ خوب لنگهائيا پاڻ لکي پروان
وڌايون وصال جون چڱا باب بيان
جا پر ڪپهه ساڻ ڪمان، سا پر سورن ساڻ ٿئي.
2-وريم ورق وصال جا ٿيون مديون مڙيئي معاف
ارواح آرو جيڏهن آيم سو اشراف
تنهنجي نينهن منجهارا نم چوي، ڪيو صحبت من صراف
جيئن سنگ سٽي ٿئي صاف، تيئن سا پرسورن ساڻ ٿئي.
3-وريم ورق وصال جا، قادر جوڙيا ڪم
مليا سي مهرون ٿيون، گيا گوندر غم
جا پر ڌوٻي ڌم، سا پر سورن ساڻ ٿئي.
4-وريم ورق وصال جا، منهنجو يار آيو ياور
اچڻ ساڻ عجيب جي، کامي هليو کر
جا ڪٽ سهي ڪاڳر، شل سا پر سورن ساڻ ٿئي.
شاعر نم وڏو باخبر سگهڙ هو جنهن کي ٻيلي توڙي سنڌ
جي مشهور سگهڙن توڙي شاعرن جي حال حقيقت توڙي گُر
هنر جي پوري واقفيت هئي. شاعر نم ۽ سگهڙ شاعر حمل
خان لغاري همعصر هئا. حمل خان جي نَون نُڪتن ۽ مٺن
گفتن جو انهيءَ وقت سنڌ ۾ چرچو هو ۽ شايد حمل خان
جا سرائڪي زبان ۾ چيدا چيل ٻول، ٻيلي ۾ به وڃي
پهتا. شام نم جو ته ڌنڌو ئي هو نئين ڳالهه ٻڌڻ،
سمجهڻ ۽ انهي جو جواب ڏيڻ. گفتي جي انداز توڙي
شاعرانه بندش مان صاف ظاهر آهي ته هيٺيون سرائڪي
سنڌي ريخته ۾ شاعر نم جو بيت، حمل خان جي تتبع ۾
چيل آهي: شاعر نم چوي ٿو:
دوس اساڏا دلبر دل دا جنهن ڏنهن سڪ سچائي- عجب
اِهائي
ترنگ تليهر واسينگ وانگر ورقئون ويڙهه وڏائي- عجب
اِهائي
هار سينگار اتاهين سرخي، جوڙ چڱي جوڙائي- عجب
اِهائي
ابرو بِدَ ڪڪول (ڪذا) قريبان مرگان تير عطائي- عجب
اِهائي
ڪرنگها نين ڪجل دي ڪاني سرمان چشم صفائي- عجب
اِهائي
گوش گلابي گل بنيا ات جنهور جوڙ نه آئي- عجب
اِهائي
چاتر ڪچين ڦٽوڪيو، تنهن منجهه رهي نه ڪاڪت ڪائي-
عجب اِهائي
تنهن نائي نيف نياز نوَت سين جلوه جوت جهپائي- عجب
اِهائي
پان چٻائي لال لبان تون سهڻا نقش سياهي- عجب
اِهائي
ڪؤنش قدم دي زينت زريان بيحد خوب بنائي- عجب
اِهائي
تنهن هنج هلڻ حيران ڪيا اُت ڪنجل لوڏ لڪائي- عجب
اِهائي
ديکي دڇن دهنئون دهليا ڏُوڏر ڏت نه سائي- عجب
اِهائي
شمس قمر ٻئي شرمايا پسي لائق جي لالائي- عجب
اِهائي
نجم ستاره برک بيهي ويو سسئي سونهن سسائي- عجب
اِهائي
پهر نيازي پيهه سندو تنهن روءِ ڇڏي روشنائي- عجب
اِهائي
سونهن سگهه سرسي ساجن ۾، سا رازق پاڻ رکائي- عجب
اِهائي
جهڙس ڪونهي جڳ ۾ ٻيو ڪو خاوند قسم خدائي- عجب
اِهائي
ميمؤن نون نوازيو نافع، مڱي مهر مداحي- يارو مڱي
مهر مداحي.[17]
شيخ حمر، شيخ ابراهيم ۽ شاعر نم خاص ٻيلي جا هئا
مگر ڪبيرشاه اصل ۾ سنڌ جو شاعر هو. سنڌ ۾ ڄائو ۽
سنڌ ۾ جوان ٿيو ۽ سندس شاعري سنڌ ۾ ئي اهڙي ته
بلند معيار کي پهچي چڪي هئي جو هو همت ساري هتان
هليو ٻيلي ۾ شيخ ابراهيم جو مقابلو ڪرڻ. ڪبيرشاه
جڏهن وڃي ٻيلو وسايو ته سندس شاعري جو اثر به ٻيلي
۾ عام ٿي ويو. جيڪڏهن چئجي ته ڪبير شاه کي ٻيلي
بلڪل پنهنجو ڪري ڇڏيو ۽ ڪبير شاه خاص ٻيلي جو شاعر
هو ته انهيءَ حالت ۾ به ڪبيرشاه جو استاد، سنڌ جو
سر بلند سگهڙ ۽ ماهر شاعر جلال کٽي هو جنهن وٽان
ئي فصاحت ۽ رواني جوهر ڪبير شاه جي شاعرانه طبع کي
ورثي ۾ آيو. سنڌ جو سگهڙ ڪبيرشاه جڏهن ٻيلي ۾ آيو
تڏهن ٻيلي جي شاعري کي به عروج ۽ فروغ نصيب ٿيو.
انهيءَ ڳالهه جو لس ٻيلي جي هر سگهڙ کي احساس ۽
اعتراف آهي ۽ ٻي معنيٰ ۾، اهو سنڌ جو ٻيلي جي
شاعري تي هڪ احسان آهي.
|